ڪتاب جو نالو | سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون (جلد II) |
---|---|
ليکڪ | خان محمد جروار |
سنڌيڪار / ترتيب | خان محمد جروار |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-9098-02-4 |
قيمت | 250 روپيا |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | (608) PDF E-Pub |
انگ اکر | 29 October 2019 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 17034 ڀيرا پڙهيو ويو |
نوٽ: ”مهراڻ“ ١٩٧٩ع جي ٻئي شماري ۾ ”سنڌي ٻوليءَ جو مزاج: سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ اُبتي ٻوليءَ جي دعويٰ جي عنوان سان هڪ مضمون ڇپيو، جنهن ۾ ڪن ڪهاڻيڪارن جي اهڙن جملن جي سٽاءُ تي اعتراض ڪيو ويو جيڪي فاعل + مفعول + فعل، واري نحوي قانون جي ڀڃڪڙي ڪري لکيا ٿا وڃن ۽ ٻوليءَ جي سٽاءَ جي مقصدن (انتخاب، ترتيب، فعل جو لاڳاپو ۽ جهيلار) جي پابنديءَ جي ضرورت تي بحث ڪري اهو ثابت ڪيو ويو ته، ”اُٿيو آهيان ننڊ مان“ جهڙا جملا غير فطري ۽ غلط آهن، . (1) اهڙن جملن کي ڪهاڻيڪارن جي ”ٻوليءَ جي سائنس جي علم کان واقف نه هئڻ ۽ سندن سنڌي زبان جي جملن جي سٽاءُ ۽ نحو جي قانون کان اڻڄاڻ هجڻ جو وڏي ۾ وڏو ثبوت“ (2) چيو ويو. فاضل مصنف جو خيال هو ته اهڙي ”اُبتي ٻولي“ لکڻ مان لکندڙن جي مراد ”شايد جملن ۾ لفظن کي بنا ڪنهن اصول جي، سواءِ ڪنهن معنيٰ ۽ مفهوم سمجهڻ جي، ڦيرائي ڪڏهن جملي جي منڍ ۾، ڪڏهن وچ ۾ ته ڪڏهن جملي جي آخر ۾ رکڻ آهي.“ (3) انهيءَ مضمون پڙهڻ سان ائين معلوم ٿيو ته ڪن ڪهاڻيڪارن پنهنجن افسانن ۾ ”اٿيو آهيان ننڊ مان“ جهڙا جملا لکيا. پڙهندڙن ڏٺو ته هنن جملن ۾ فاعل ته پنهنجيءَ جاءِ تي آهي ڪونه. انهيءَ وچ ۾ الائي ڪهڙي خيال سان هندوستان جي گني سامتاڻيءَ اهڙيءَ ٻوليءَ کي ”ابتي ٻولي“ ڪوٺيو. (4) معلوم ٿو ٿئي ته پوءِ انهيءَ معاملي تي گهڻن سطحن تي بحث شروع ٿي ويو ته انهيءَ کي ”ابتي ٻولي“ چئجي يا نه، انهيءَ کي ”نئون تجربو“ چئجي يا نه، انهيءَ کي صحيح ٻولي ۽ فطري ٻولي، ڪري مڃجي يا نه؟ لائق ليکڪ خود انهيءَ خيال جو ٿو ڏسجي ته اهڙيءَ ٻولي کي نڪي اُبتو سمجهڻ گهرجي، نڪي نئون تجربو؛ انهيءَ ڪري جو اهڙي ٻولي ته ”سنڌي ٻوليءَ سان گڏوگڏ پيئي هلي، پوءِ اها نئين ايجاد ڪيئن ٿي.“ (5) ائين سمجهڻ ۽ چوڻ جي باوجود انهيءَ مقالي ۾ اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي ته اهڙا جملا غلط ۽ غير فطري آهن. زير نظر مضمون ۾ اول ٻوليءَ جي ڳالهائيندڙن ۽ گرامر جي ڄاڻن جو جيڪو اختلاف هلندو اچي، ان جو مختصر جائزو ورتو ويندو؛ ان کان پوءِ ڳالهايل ۽ لکيل ٻوليءَ جي مختلف لهجن هئڻ ۽ انهن جي مختلف گرامري (نحوي ۽ صرفي) تقاضائن جي فرق کي واضح ڪري جهيلار ۽ لفظي ترتيب جي معيارن تي انگريزي، (اردو) فارسي ۽ سنڌي ٻولين کي به کنيو ويندو، جنهن مان پڌرو ٿيندو ته نه رڳو هڪ ئي لفظي ترتيب ۾ جهيلار جو مرڪز جملي ۾ جاءِ مٽائي سگهي ٿو پر ڪڏهن ڪڏهن جهيلار جو مرڪز (Focus of intonation) ۽ جملي جو موضوع (Theme) هڪُ ٿي سگهن ٿا، جن جي ڪري دنيا جي مڙني ٻولين ويندي انگريزي زبان ۾ به ضرورت جي لحاظ کان ”فاعل- فعل- مفعول“ يا ”فاعل- مفعول- فعل“ جي ”لفظي ترتيب“ کان گريز ٿي سگهي ٿو ؛ حالانڪه اها ٻولي لفظي ترتيب جي گهڻو پابند آهي ۽ اهو ته سنڌي ٻوليءَ جي تصريفي (Inflectional) ٻولي هئڻ ڪري ان کي لفظي ترتيب جي پابنديءَ جو اُهو لاچار ڪونهي، جيڪو انگريزيءَ کي آهي ۽ هنن ٻنهي معيارن جي مناسبت سان اهو ثابت ڪيو ويندو ته نه رڳو سنڌيءَ ۾ ”اُٿيو آهيان ننڊ مان“ جهڙا جملا صحيح ۽ فطري جملا آهن، پر خود انگريزيءَ ۾ به اهڙا جملا ٻڌڻ ۽ پڙهڻ ۾ ايندا، جن کي گرامر جا ڄاڻو صحيح ٿا مڃين ته: (6) 1. Leave him I couldn’t 2. His face I’m not fond of… 3. John his name is. * * * ٻوليءَ جي صحت جو مسئلو ۽ ان ۾ گرامر جي ڄاڻوءَ جي ذميداري ٻوليءَ جي لفظي ۽ نحوي صورتن ۽ انهن جي صحت متعلق گهڻي وقت کان ٻه رويا هلندا اچن. هڪڙو رويو آهي مَسهُنِ (نه سهندڙن) جو، جنهن کي فريز ”رسمي نقطئه نظر“ (7) ڪري سڏيو آهي. هيءُ نظريو ٻوليءَ جي ڪتابن، نحو ۽ صرف جي ڪتابن، تعليمي امتحانن ۽ ماپن جي ڪتابن اخبارن ۽ رسالن جي ايڊيٽوريلن ۾ وقت ۽ ”بي“ وقت ظاهر ٿيندو رهيو آهي. هن نظريي مطابق ٻوليءَ جي صحت جو نه رڳو هڪ حتمي معيار ٿئي ٿو، جيئن رياضي ۽ حسابن جو هوندو آهي، پر ان جا ڪي اڻٽر، پڪا ۽ پختا قاعدا ۽ قانون ٿين ٿا. (جن جي سُڌ رڳو گرامر جي ڄاڻن ۽ لسانيات جي ماهرن کي هوندي آهي!) جن کي ٽوڙڻ ڪنهن به قيمت تي روا ناهي. ان جي ابتڙ ٻيو نظريو آهي ”علمي نقطئه نظر“ وارو (8). هيءَ نظريو ٻوليءَ جي علم جي ڄاڻن جي گهڻن ڪتابن ۾ ايندو رهيو آهي ۽ هر زماني ۾ هر هنڌ هر ٻوليءَ ڳالهائڻ وارن جي گهڻائي هن نظريي جي پوئلڳن جي هوندي آهي. هنن جو خيال آهي ته لکيل گرامر اول مُئل ٻولين بابت لکيا ويا ۽ ڳالهايل ٻوليءَ بدران لکيل ٻوليءَ جو اڀياس ڪن ٿا. هنن جو خيال آهي ته جيڪا ٻولي عوام ۾ مروج ۽ مستعمل آهي اُهائي صحيح ٻولي آهي. ان ۾ جيڪي ڦيرا فرق يا تنوع ڏسڻ ۾ اچن ٿا تن کي غلطيون نه پر فرق، اختلاف يا آراڌايون (variations) چئبو . ۽ سندن نقطئه نظر جي لحاظ کان گرامر جي ڄاڻوءَ جو اهو ڪم ناهي ته رستي ويندي ڳالهائيندڙن جي ڄڀ پڪڙيندو وتي، پر سندن ڪم آهي ته مستعمل ٻوليءَ جو مطالعو ڪري، ان مطابق گرامر جو نظريو ٺاهي، جيڪڏهن ٻولي ڳالهائيندڙ ۽ گرامر ۾ ڪو اختلاف ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته اُهو ڳالهائيندڙ جي گهٽتائي يا غلطي ظآهر نٿو ڪري، پر گرامر جي گهٽتائي (inadequacy) ظاهر ٿو ڪري. اُن ڪري جو ٻوليءَ جو جيڪو به نظريو ٺاهبو ان لاءِ ضروري ٿيندو ته ٻوليءَ جي تخليقي عمل کي سمجهي ؛ جيئن نوم چامسڪي ٿو چوي: “This property of being innovative and stimulus- free is what I refer to by the term “creative aspect of language use….” Any theory of Language must come to grips with this fundamental property of language use….”(9) يورپ ۾ سترهين صديءَ ۾ شروع ڪيل هن لسانياتي نظريي کي هر زماني ۾ ٻيهر جيئرو ڪندي نوم چامسڪي چوي ٿو ته: ”ٻوليءَ جو سڀ کان اهم پهلو اهو آهي ته اُها محرڪ کان آزاد (Stimulus- free) آهي ۽ ان ۾ نواڻ واري تخليقي قوت (Creative capacity) آهي، يعني اسان اهڙا جملا لکندا ۽ ڳالهائيندا آهيون جي اڳ ڪڏهن به نه لکياسون نه پڙهياسون نه ٻڌاسون. مثلاً هزارين ڪتاب عشق ۽ محبت جي ڳالهين تي لکيل آهن، پر ڪڏهن به ائين ڪو نه ڏسبو ته اهي ساڳيا جملا جيڪي نٿوءَ لکيا سو خيرو به لکي، يا انهن جي بناوٽ ۽ مضمون ساڳيو هجي. انهيءَ کي چامسڪي ”ٻوليءَ جو تخليقي پهلو“ ٿو ڪوٺي. ۽ چوي ٿو ته ٻوليءَ جو جيڪو به نظريو هاڻي ٺهندو ان لاءِ اهو ضروري ٿيندو ته ٻوليءَ جي ان پهلوءَ کي نظر ۾ رکي. ان لاءِ پهريون لازمي قدم اهو ٿيندو ته لسانيات جو ماهر ڳالهه سمجهي ته هڪ ٻوليءَ جو هر ڳالهائيندڙ هڪ تخليقي گرامر (Generative grammar) پنهنجي ذهن ۾ ٺاهي ٿو- قاعدن جو هڪ اهڙو نظام جنهن کي نَوَن جملن ٺاهڻ لاءِ نَون، اڻ ٻڌل، اڻ سُئل ۽ اڻ- ڪيل ترڪيبن ۽ ميلاپن ۾ استعمال ڪيو ويندو ۽ ٻڌڻ وارو جڏهن اهڙا نوان جملا ٻڌندو ته انهن کي معنوي لباس ڍڪائڻ جي صلاحيت رکندو. “A necessary but not sufficient step to wards dealing with this problem is to recognize that the native speaker of a language has internalized a “generative grammar” – a system of rules that can be used in new and untried combinations to form new sentences and to assign semantic interpretations to new sentences.” (10) جيڪي ڳالهيون انهيءَ گرامر جي طريقي سان اسين واضح نه ڪري سگهياسون ته ڳالهائيندڙ تي ڏوهه ڏيڻ بدران سمجهنداسين ته اڃا ڪي ڳالهيون آهن، جيڪي اسان جي ڄاڻ ۽ علم کان ٻاهر آهن. هڪ عالم جي ڪوشش اِها رهندي ته انهن ڳالهين کي ڳولهي هٿ ڪري، جن جي کيس اڃا ڄاڻ ڪانهي. “The limitation of generative grammar are the limitations of our knowledge.”(11) جنريٽو- ٽرنسفرميشنل گرامر جو هيءُ نظريو تقريباً ٽيهن سالن کان لسانيات جي سڀني شعبن تي اثرانداز آهي ۽ جيئن اڄڪلهه طبعيات جي ڳالهه آئنسٽائن جي نالي وٺڻ کان سواءِ اڻپوري رهندي، تيئن هن زماني ۾ لسانيات جي ڳالهه ’نوم چامسڪي‘ جي نالي وٺڻ کان سواءِ ڪا نه ٿيندي. هن نَوَن نظرين جي اثر هيٺ ويندي انگلستان جا انگريز به، جيڪي پراڻين ڳالهين کي چهٽلن مان مشهور آهن، انهيءَ خيال جا ٿي بيٺا آهن ته جيڪي ماڻهو هڪ ٻوليءَ جا اصل ڳالهائيندڙ آهن، انهن جي ٻوليءَ ۾ ”غلط ۽ صحيح، جهڙي ڪا شيءَ ڪا نه هوندي آهي. (12) وِلڪنز ته چوي ٿو ته ”جنهن گرامر ۾ لسانيات جي ماهر کي دلچسپي رکڻ کپي اهو ڳالهايل ٻوليءَ جو گرامر هئڻ کپي ۽ نه لکيل ٻوليءَ جو. “ هو شڪايت ڪري ٿو ته ”گهڻا ماڻهو ڳالهايل ٻوليءَ کي ماڳهين اڻ- گرامري ٻولي سمجهندا آهن.“ (13) اهڙا ماڻهو جيڪي ڳالهايل ٻوليءَ کي غير گرامري ٻولي (غلط ۽ غير فطري) سمجهن ٿا سي اڄڪلهه گهڻو ڪري لسانيات جي علم کان ٻاهر جا ماڻهو آهن، پر اڳئين زماني ۾ خود گرامر لکڻ وارا ماڻهو اهڙا خيال رکندا هئا، ۽ اڄ ڳالهايل ٻوليءَ جي خلاف هيءُ جيڪو زهر پکڙيل ٿو ڏسڻ ۾ اچي سو اهڙن اڳين عالمن جو پکڙيل آهي. چارلز ڪارپينٽر فريز (Charles Carpenter fries) اهڙن رسمي نقطئه نظر رکڻ وارن عالمن جون ڪي تمام دلچسپ ڳالهيون پنهنجي ڪتاب ۾ ڄاڻايون آهن. ”ڊيٽرئائٽ فري پريس“ اخبار جي ١٩٢٨ع جي هڪ ايڊيٽوريل جو حوالو ڏنو اٿس، جو هڪ پروفيسر جي انهيءَ ”ڇڙواڳيءَ“ واري تجويز جي خلاف لکيو ويو ته aren’t جو مخفف ain’t جيڪو سڀني ڳالهائيندڙن ان وقت ڳالهائڻ ۾ استعمال ڪيو ٿي، تنهن کي غلط نه چئجي. اخبار لکيو: ”......... هن ملڪ (آمريڪا) ۾ گهڻي مقدار ۾ ردي انگريزي ٻڌڻ ۾ اچي ٿي. ان جو علاج گرامر جي قاعدن تي نظرثاني ڪرڻ ۾ نه، پر انهن قاعدن کي وڌيڪ سخت هوشياريءَ سا اسڪولن ۾ نافذ ڪرڻ ۾ آهي........ گرامر جي قانونن ۽ رسمي استعمال خلاف (انهيءَ پروفيسر وارو) هيءُ اعتراض هن زماني ۾ چؤڏس پکڙيل لاقانونيت جي انهيءَ نامراد لاڙي جو هڪڙو ٻيو اظهار آهي........ شاگردن کي سيکاريو وڃي ته صحيح ڳالهائڻ شائستگيءَ جو ثبوت آهي ۽ اهو صحيح ڳالهائي سگهڻ لاءِ کين انهن قاعدن قانونن تي دسترس هئڻ کپي، جيڪي ٻوليءَ جي استعمال سان لاڳو آهن.......“ (14) ڊبليو. ڊبليو. جارٽرز ١٩٢٤ع ۾ لکيو: ”گرامر ڪن قاعدن ۽ وصفن جي سلسلي سان واسطو رکي ٿو..... جيئن ته ........سڀني شاگردن ۽ استادن مان پنجانوي سيڪڙو اهڙن گهرن ۽ محلن مان اچن ٿا جتي غير صحيح (غلط) انگريزي ڳالهائي وڃي ٿي. (ان ڪري) منجهانئن گهٽ وڌ هر هڪ جي مٿان اِها مشڪل ذميواري اچي ٿي ته هو انهن خراب عادتن کي پنهنجي وس ۾ آڻي بدلائين جيڪي هنن پنهنجي زندگيءَ جي اوائل واري زماني ۾ اسڪول ۾ اچي ٻولي ۽ گرامر سکڻ کان اڳ، پرايون هيون. (15). هڪ پنگتيءَ جا پنجانوي سيڪڙو ماڻهو جيڪا ٻولي ڳالهائين سان چئجي ردي، پنج سيڪڙو ماڻهو جيڪا ٻولي ڳالهائين سا ئي شانائتي (Prestigious). ٻولي ۽ اهو ٿيو انصاف! اهڙي سوچ وارا ماڻهو اڳي به هئا، هينئر به آهن، پر انهيءَ رسمي نقطه نظر کانسواءِ علمي نقطه نظر اڳين ڏينهن ۾ به هو. گهڻائي ساڃاهه وارا ماڻهو هن نقطه نظر سان متفق هئا (پنجانوي سيڪڙو؟) جن جو خيال هو ته گرامر جي ڄاڻوءَ جو ڪم اهو آهي ته پنهنجي پنگتيءَ ۾ ڳالهايل ٻوليءَ جو مطالعو ڪري ۽ ان جي تشريح ۽ توصيف (describe) ڪري؛ سندس ڪم اِهو نه هو ته ڏنڊو کڻي ايندي ويندي تي صحيح ٻولي ڳالهائڻ جا قاعدا ۽ قانون لاڳو (prescribe) ڪندو وتي. اڻويهين صديءَ جي آخري چوٿائيءَ ۾ هينري سويٽ هڪ گرامر جو ڪتاب لکيو، جنهن ۾ گرامر جي ڪارج ۽ صحيح ٻوليءَ بابت لکيائين: ”جن اصطلاحن (ڪلمن) کي اڻ-گرامري ٿا چون، تن جي اصلاح لاءِ گرامر کي استعمال ڪرڻ بابت سوچيندي اها ڳالهه ڌيان ۾ رکڻ گهرجي ته گرامر جي قاعدن جي، ڪن حقيقتن جي بيان (description) کان وڌيڪ ڪا اهميت ڪانهي. هڪ ٻوليءَ جي عام استعمال ۾ جيڪو (فقرو يا ترڪيب) مروج آهي سو بلڪل انهيءَ ئي سبب جي ڪري، گرامر جي نقطه نظر کان صحيح چئبو (جو اُهو زبان ۾ مروج آهي).“ (16) اُٽوييسپرسين 1909ع ۾ پنهنجو گرامر جو ڪتاب لکيو، جنهن ۾ هن چيو ته: ٻوليءَ جي فرقن ۽ ڦيرين گهيرين، اختلافن يا آراڌاين کي غلط چوڻ بدران هو ان عمل کي هڪ جيئري ٻوليءَ جي ترقي پذير هئڻ جو ثبوت ٿو سمجهي ته گرامر کي سخت تعصبي قانونن جو مرصع ڏيکارڻ بدران (جن جي ڪري ڪن ڳالهين کي صحيح چئجي ڪن کي بلڪل غلط) هو ڪوشش ڪري اهو ثابت ڪرڻ چاهي ٿو ته ٻولي لڳاتار لاهين چاڙهين ۽ ڦيرين گهيرين هيٺ وڌي ويجهي رهي آهي ۽ ڏيکارڻ چاهي ٿو ته ڪيئن گرامر ماضيءَ تي بنياد رکي آئيندي جي لاءِ واٽ سنئين ٿو ڪري، گرامر هڪ اهڙي شيءِ آهي جا سدائين هڪ جهڙي، اڻ بدلجندڙ ۽ ڪامل ناهي، پر ترقي پذير ۽ تڪميل پذير آهي. هڪ لفظ ۾ کڻي چئجي ته انسانيت پسند (ماڻهپي وارو) آهي.“ (17) 1925ع ۾ گراٽن ۽ گري ”اسان جي (جيئري) ٻولي“ جهڙي نالي وارو هڪ ڪتاب لنڊن مان ڇپرايو، جنهن ۾ هنن هڪ پنگتيءَ ۾ ڳالهايل ۽ لکيل ٻوليءَ کي گرامر جو هڪ حصو سمجهي، گرامر کي ان جي توضيح لاءِ استعمال ڪرڻ جي سفارش ڪندي لکيو: ”ڪنهن ٻوليءَ جو گرامر انهن قاعدن جي پٽي يا فهرست ڪانهي جيڪي علمي ماهرن وٽان ڳالهائيندڙن مٿان مڙهيا ويا هجن؛ پر (گرامر) ڳالهائجندڙ ۽ لکجندڙ ٻوليءَ جي اصل نوادرات جو هڪ علمي دستاويز آهي، جيڪڏهن هڪ پنگتيءَ ڪنهن ٻوليءَ جون ڪي مختلف صورتون عادتاً استعمال ڪري ٿي ته اُهي صورتون ان پنگتيءَ جي ٻوليءَ جي گرامر جو هڪ حصو آهن.“ (18) انهيءَ ساڳئيءَ زماني ۾ آڪسفرڊ مان ايڇ.، سي وائلڊ جي ڪتاب ”انگريزي گرامر“ ۾ ابتدائي سبق، جهڙي نالي سان ڇپيو، جنهن ۾ مصنف چوي ٿو: ”گرامر جو ڪتاب اها ڪوشش نٿو ڪري ته ماڻهن کي سيکاري ته کين ڪيئن ڳالهائڻ کپي. پر ان جي ابتڙ-سواءِ انهيءَ جي جو اها ڪا بنهه ردي يا ڪا تمام پراڻي تصنيف هجي- فقط ايترو ٻڌائي ٿو ته ان تصنيف لکڻ وقت اتي جا ماڻهو ڪا ٻولي واقعتاً ڪيئن ٿا ڳالهائين.“ “A Grammar book does not attempt to teach people how they ought to speak, but on the contrary, unless it is a very bad or a very old work, it merely states how, as a matter of fact, certain people do speak at the time at which it is written.” (19). لکيل ٻولي ۽ ڳالهايل ٻوليءَ جي لهجن جا الڳ گرامر پنهنجي دل جي ڳالهه ٻئي تائين پهچائڻ ۾ لکيل ٻوليءَ کي ڪي مشڪلاتون آڏو اچن ٿيون، جيڪي ڳالهايل ٻوليءَ کي آڏو ڪونهن ۽ ان جي ابتڙ لکيل ٻوليءَ کي وري ڪي سهوليتون به حاصل آهن، جيڪي ڳالهايل ٻوليءَ کي ميسر ڪونهن. لکيل ٻوليءَ جو جملو جيڪڏهن وڏو يا ڏکيو هوندو ته ورائي ڏسي سگهبو، ڳالهايل ٻول سمجهه ۾ آيو ته وه واهه، ويو ته ڇُٽو، لکيل ٻوليءَ جو حوالو اصل لفظن ۾ ڏئي سگهبو، ڳالهايل ٻوليءَ تي ڪنهن کي جهلڻ ڏکيو ٿيندو. سائنس ۽ قانون جا منجهائيندڙ جملا رڳو لکي سگهبا يا پڙهي سگهبا، ڳالهائي گهٽ سگهبا. لکيل ٻوليءَ کي وري بيهڪ جون نشانيون آهن، پئراگرافن ۽ بابن ۾ ورهايل حصا آهن، جيڪي ڳالهه سمجهڻ ۾ مدد ڏيندا، تجزئي ڪرڻ ۾ آساني پيدا ڪندا. ٻئي پاسي ڏسجي ٿو ته ڳالهايل ٻوليءَ کي جهيلار آهي، ٽون آهي، آواز جي لاهي چاڙهي آهي، لفظن تي سندن اهميت ۽ ڪارج آهر زور آهي، ڳالهائڻ وقت منهن جا تاثرات آهن، هٿن پيرن، نڪ، اک، بلڪه سڄي بت جي ڀائيواري آهي. معنيٰ ادا ڪرڻ ۾، اک جو رابطو آهي، جنهن سان اڳلي جي تاثرات جي خبر پئي پوي. ان سارو ڳالهائيندڙ پنهنجو آواز گهٽائي ۽ وڌائي ٿو، لفظ ۽ جملا ورجائي ٿو، ضرورت وقت ڳالهه سڄي ورجائي ڪري ٿو، جيستائين پڪ ٿئيس ته اڳلو ڳالهه سمجهي ويو آهي، هاڻي اِهي سڀئي ڳالهيون لکت ۾ ڪٿان اينديون؟ لکت ۾ ته اها به خبر ڪانه پوندي ته مون اهو جملو چوندي ڪهڙي لفظ کي جملي جي اطلاع جو مرڪز بنايو، جيڪو جملو هونئن آءُ ڪنهن دوست کي اک ڀڃي، ڀوڳ ڪري چوان ها، انهيءَ جي هاڻي لکت مان ڪيئن خبر پئي ته مون ڀوڳئون چئي يا ساڀيئون. انهيءَ بي سرو سامانيءَ يا اپاهجپڻي جي ڪري، اسان کي لکت ۾ فطري ٻوليءَ کي ڇڏي غير فطري (20) انداز ۾، جملن جي ساخت اهڙي نموني ڪرڻي ٿي پوي ته وقت ۽ فاصلي جي دوريءَ جي باوجود پڙهندڙ کي اسان جي ٻولي سمجهه ۾ اچي وڃي ۽ ڪنهن مونجهاري جي گنجائش نه رهي. انهيءَ لحاظ کان لکيل ٻوليءَ جو گرامر الڳ ٿيندو ۽ ڳالهايل ٻوليءَ سان آهي، ان ڪري گرامر يا گرامر جا ٽڪرا جيڪي هو ٺاهيندو سي ڳالهايل ٻوليءَ جا گرامر هئڻ کپن ۽ نه لکيل ٻوليءَ جا گرامر، گهڻا ماڻهو اهڙي فرق يا تنوع (variable) کي ماڳهين گرامر مڃڻ لاءِ ئي تيار نه هوندا. درحقيقت هو اڪثر ڳالهايل ٻوليءَ لاءِ گريميٽيڪل، (گرامر جي لحاظ کان صحيح) جو لفظ استعمال ئي نه ڪندا آهن؛ پر اهڙي ٻوليءَ کي لازمي طرح اڻ -گرامري (Ungrammatical) چوندا آهن.“ (21) ٻي ڳالهه ته جيئن هڪ ٻوليءَ جون جاگرافيائي آراڌايون آهن (22). تيئن ڪي آراڌايون سماجي نقطه نظر سان، ڪي ڌنڌن ڪرتن جي حساب سان، ڪي وري گفتگو جي انداز يا طرز جي لحاظ کان ٿين ٿيون. سماجي آراڌين جو تعين ڳالهائيندڙن جي زندگيءَ جي معيار، علمي لياقت، عمر، جنس انهن مانڪهڙو ڳالهائيندڙ ۽ ڪهڙو مخاطب آهي. ان لحاظ کان ٿينديون. هنن سماجي (سوشل ڊاياليڪٽس يا سوشيوليڪٽس) (23) کانسواءِ، ڌنڌي، ڌاڙي ڪرت، پروفيشن جي لحاظ کان الڳ الڳ آراڌايون ٿينديون، جن کي ريجسٽرز (24) چئبو. هاڻي ڪو اُوچي درجي وارو ماڻهو، ڪو نيچي درجي وارو ماڻهو، ڪو لکيل پڙهيل، ڪو ڄٽ ڄاموٽ، ڪو پوڙهو پڪو، بردبار، ماٺيڻو ساڃهه وارو، ڪو وات ڳاڙهو واڇ-گودو اڻاسو، بي-پتو، جهڙا ماڻهو تهڙا ٻول. اِهي سڀ ماڻهو روزمره جي گفتار ۾ ”فاعل-مفعول-فعل“ جو تُراڙو ذهن ۾ رکي ڳالهائيندا؟ ٻول جي رنگارنگي تنوع (variations) جي فهرستن ۾ هڪڙي فهرست ايندي طرزن (styles) جي، جنهن مان خبر پوندي ته ڳالهائيندڙ ڪهڙي موقعي تي ڪهڙن ماڻهن سان ڪيئن ٿو ڳالهائي، هڪڙو ماڻهو جو باٽني، بايالاجي يا قانون جو ڪو ڪتاب پيو لکي، جنهن ۾ جذبات خواهشات، محبت نفرت، خوف خوشيءَ جهڙو ڪو جذبو ڪونهي؛ ٺوس ڳالهيون آهن، غير جذباتي سرد منجمد، الفاظ آهن. اهو ساڳيو ماڻهو وري ڪلاس ۾ ليڪچر پيو ڏئي، ماڻهن جي آڏو انسان جي حيثيت سان هڪ فاصلي تان، ڪنهن کي ويجهو نه اچي، نه پاڻ هيٺ ٿئي، نه ڪنهن ٻئي کي هيٺ ڪري؛ مودبانه يا تڪليف واري (فارمل انداز ۾ ڳالهه ڪري وڃي ڪلاس مان ٻاهرنڪتو، اهو ساڳيو ماڻهو وري دڪان تي، رستي تي، گهر ۾ فطري انداز ۾ پيو ڳالهه ٻولهه ڪري، جنهن ۾ ادب ۽ اخلاق، لحاظ ۽ مروت به رکڻي آهي. ٽيڙي ٽيڳڙ به ڪانهي ڪرڻي، ماڻهن جهڙو ماڻهو ٿي ڳالهائڻو آهي، رسمي طريقي سان (نارمل) ٿي ڳالهائڻو آهي يا دوستن احبابن جي ڪچهريءَ ۾ ٿورو کلي، تڪلف تعارف جو خول لاهي، بي حجاب ٿي انفارمل انداز ۾ ڳالهائي ٿو. اڃا به ويجهو پنهنجي گهرن دوستن سان ڳالهائي ٿو. زال سان يا ٻارن سان، جتي گهڻي گهرائپ ويجهڙائپ (فيميليرٽي)آهي.. (25) هنن سڀني موقعي ۽ طرزن جي لاءِ پنهنجي پنهنجي نوعيت جي لفظن جي گهرج ٿيندي، پنهنجي پنهنجي نوعيت جون نحوي ترڪيبون يا لفظي ترتيبون (ورڊ آرڊرز) استعمال ٿيندا. لکيل پڙهيل ماڻهو، علمي لياقت وارو، نوڪريءَ وارو مجبور آهي ته اهڙي ٻولي ڳالهائي جا سندس اسڪول ماستر کيس ٻڌائي ته صحيح آهي ۽ عزت واري (شانائتي) آهي. اهڙي ٻوليءَ ڳالهائڻ جو کٽيو کائي ڏٺو اٿس. سندس نوڪريءَ ۽ سندس ترقيءَ جو ڪڏهن ڪڏهن انهيءَ تي مدار هوندو آهي ته هُو ڪيئن ڳالهائي ٿو ۽ ڪيئن لکي ٿو. پنهنجي زندگيءَ جي جنهن مقام تي آهي، اُتي بيهي هو نٿو چاهي ته اهڙي ٻولي ڳالهائي جنهن تان ماڻهو مٿس کلن يا ٽوڪون ڪن، يا ماڳهين نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏين. اڃان به جيڪڏهن اهو ماڻهو لسانيات جو ماهر آهي، اديب يا شاعر آهي ته جهڙا نظريا رکندو هوندو جهڙو ادب پڙهندو ۽ لکندو هوندو، پنهنجي رزمره جي ٻولي به اهڙي نهج تي آڻي رکندو. هاڻي جيڪڏهن هڪڙو ماڻهو سائنسي يا علمي ڪتاب لکندو ته اهو ويچاري لکندو ته متان خيال کي لفظن ۾ آڻيندي ڪا ڪوتاهي رهجي وڃي، انهيءَ جي مقابلي ۾ اڻپڙهيل يا گهٽ پڙهيل ماڻهو آهي، جنهن جي طرز جو دائرو (رينج) گهري کان چڙهي بي حجاب تائين (فيميلير کان انفارمل تائين) پورو ٿيندو، جنهن فاعل-فعل ۽ فاعل ۽ مفعول جي پابندين کي نه ڪڏهن مڃيو، نه ان جي پابنديءَ مان ڪڏهن پراپت پرايائين، نڪي آسرو اٿس ته جي لسانيات جي ماهر جو چيو مڃيم ته ڪو پگهار ۾ واڌارو ٿيندو، سو جتان وڻندس اُتان پيو ايندو. جتان وڻندس اتان پيو ويندو، پر سندس اها ٻولي فطري ٻولي هوندي، ڪنهن اسڪول ماستر جي پکيڙيل تعصبي تنظيمي پابنديءَ کان آزاد هوندي. اها ته ٿي دنيا جي ڪنهن به ٻوليءَ جي ڳالهه. اسان جي سنڌي ٻوليءَ جي وري خصوصيت اها آهي جو نج پاڪ ۽ سٺي ٻولي آهي ئي ٻهراڙيءَ جي اڻپڙهيل ماڻهن وٽ. ان کانپوءِ هڪڙو ڪهاڻيڪار يا ناول لکڻ وارو آهي، (جنهن جي ٻوليءَ هيءُ سڄو جهڳڙو پيدا ڪيو آهي-) ان ڪهاڻيڪار کي حق آهي ته جڏهن لسانيات جي ماهر کي ڳالهائيندي ڏيکاري ته ”فاعل-فعل ۽ فاعل –مفعول“ جو ان کي پابند ڏيکاري، جڏهن عام ماڻهوءَ کي ڳالهائيندي ڏيکاري ته ان جي فطري ٻوليءَ جي عڪاسي ڪري. جيڪڏهن ڀاڳناڙيءَ کان سنڌ ۾ تازي آيل ڪنهن ماڻهوءَ جي ڳالهه ڪري ته لکندڙ کي حق آهي ته ”منهنجو پنج ڍڳي مري ويو“ جهڙا جملا به لکي، جيڪي مادري زبان واري جو داخلي تخليقي گرامر ڪڏهن به تخليق نه ڪندو. جهيلار جو لفظي ترتيب سان لاڳاپو: ”اٿيو آهيان ننڊ مان، جهڙن جملن کي غير فطري يا غلط جملا انهيءَ ڪري سڏيو ويو آهي جو اُنهن جي لکڻ مهل يا اُنهن جملن ۾ لفظن جي بيهڪ ۾ تبديل ڪرڻ وقت جهيلار جو اصل خيال ئي نه رکيو ويو آهي. بلڪه ڪهاڻيڪارن کي اهو وهم ۽ گمان ۾ به نه هو ته ڪنهن گفتار ۾ جهيلار جو هجڻ اشد ضروري آهي.“ (26). اول ته اها ڳالهه واضح ڪرڻ تمام ضوري آهي ته اسان جو انهيءَ ڳالهه تي ڪو تڪرار ڪونهي ته ”ڪنهن گفتار ۾ جهيلار جو هجڻ اشد ضروري آهي. ڪڏهن ڪنهن اهڙيءَ ماڻهوءَ کي ڪا سنڌي ٻوليءَ جي شيءِ پڙهڻ لاءِ ڏيو جيڪو اُهي لفظ ته پڙهي وڃي پر انهن جو مطلب نه سمجهندو هجي، جنهن کي اها خبر نه هجي ته هنن هنن لفظن مان فعل ڪهڙو، فاعل ڪهڙو ۽ مفعول ڪهڙو؛ ڪهڙي موڊ ۾ ڪهڙي قسم جي ڳالهه چيل آهي. يا سنڌي رسم الخط ۾ ڪنهن انگريزي نه ڄاڻندڙ سنڌيءَ کي پنج ست انگريزيءَ جا جملا لکي ڏيو ته اوهان کي پڙهي ٻڌائي. اوهان کي اُنهيءَ جهيلار جي اهميت جي خبر پوندي. جيڪا لکندڙ جي ذهن ۾ لکڻ وقت هئي ۽ پڙهندڙ جي ذهن ۾ پڙهڻ وقت اچي ٿي. ان جهيلار جي لباس کانسواءِ جيڪو اسان پاڻ جملن کي پهرايون ٿا جملا بي معنيٰ آهن. ڪڏهن اوهان ويچاريو آهي ته ڪو ڪتاب يا ڪا اخبار زور سان پڙهندي اوهان هڪڙي جملي کي هڪ جهيلار ۾ ادا ڪندي ڪندي موٽ ٿا کائو ۽ هڪ خاص جڳهه تي ٻيءَ جهيلار سان جملي کي کڻي اچي پورو ڪريو ٿا، سو ڇو؟ انهيءَ ڪري جو پڙهڻ وقت اوهان جي ذهن وارو ڪمپيوٽر اڳ ڪٿي ڪندو ٿو اچي ته جملي جو ايندڙ حصو ڪهڙو هوندو. اها اڳڪٿي گهڻو ڪري صحيح بيهي ٿي ۽ ماڻهو صحيح ٽون سان، صحيح جهيلار سان پڙهندو وڃي ٿو، پر ڪٿي ڪٿي لکندڙ ڪا اهڙي ترڪيب استعمال ڪريو ٿو وڃي جا اوهان جي اڳڪٿي ڪندڙ ڪمپيوٽر جي ويچار کان مختلف ٿيو پوي. اوهان فورن پوئتي هٽو ٿا. پٺتي وارو گيئر مٽائي ۽ ڳالهه کي اتان کڻو ٿا، جتان اوهان کان غلطي ٿي هئي. مطلب ته جهيلار ٻوليءَ جو اٽُوٽ حصو آهي. جيئن آوازن کانسواءِ ڳالهايل ٻولي، ٻولي نٿي ٿي سگهي، تيئن جهيلار کانسواءِ ٻوليءَ جو تصور نٿو ڪري سگهجي، جيتوڻيڪ دنيا ۾ هيتري علمي ترقيءَ کان پوءِ به اهڙو ڪو رسم الخط اڃا ايجاد نه ٿيو آهي، جنهن جي مدد سان لکندڙ جي موڊ، زون، ٽون ۽ جهيلار کي پڙهڻ وارو بلڪل اهڙي انداز سان پڙهي سگهي جهڙي انداز سان لکڻ واري لکيو. اهو خيال صحيح ناهي ته لکندڙ لکڻ وقت ”جهيلار جو اصول“ خيال ۾ نٿو رکي. ائين ڪرڻ هن لاءِ ممڪن ئي ڪونهي. ائين برابر آهي ته ڊينيئل جونز جي ڪتاب ۾ جيڪي اُصول ڄاڻايل آهن سي دنيا جي هر ڪنهن لکندڙ ۽ ڳالهائيندڙ ڪو نه پڙهيا هوندا، پر انهن کي پڙهڻ ۽ ڄاڻڻ جي ڪا اهڙي ضرورت به ڪانه اٿن. بهرحال جيڪو به ماڻهو ڪو جملو لکي ٿو سو ائين چئجي ته لکندڙ جيڪو جملو لکي ٿو سو لفظن ۽ ترتيب جي صورت ۾ جهيلار سان گڏ ذهن ۾ اچي ٿو. الفاظ جڏهن ذهن ۾ پيدا ٿين ٿا ته جملي جي ترتيب ۽ معنوي ۽ صوتياتي دخل کانسواءِ پيدا نٿا ٿين. لکندڙ هر جملو اندر ۾ ورجائي ٿو، اُن جي موسيقي، آهنگ، جهيلار سندس ذهن ۾ اچن ٿا. پوءِ ڪڏهن ائين به ٿئي ٿو ته جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي ڪا علمي ڳالهه لکڻي آهي يا ڪنهن ڌارئين ماڻهوءَ کي ڪا ڳالهه مودبانه انداز ۾ چوڻي آهي ته اڳ لکيل جملي جي موسيقي، آهنگ، ۽ جهيلار کي پرکڻ لاءِ هر لفظ کي وري وري ورجائي ٿو ۽ لفظن کي ڪاٽي ڇاٽي، اڳتي پوئتي ڪري ٿو ۽ پنهنجي اندر جي ڪنن کان راءِ وٺي ٿو ته جيئن جملو ڪنن کي ٻاڙو نه لڳندو هجي، تان جو جملي جي ساخت ۽ بيهڪ جي موسيقيءَ مان سندس اندر جا ڪن راضي ٿا ٿين ۽ ڳالهه کي اڳتي وڌائي ٿو. ان کانسواءِ جيئن زندهه رهڻ، ساهه کڻڻ، هلڻ ڦرڻ جي عملن کان اڳ اسان جي لاءِ اهو ضروري ناهي ته طبي، علم ۽ علم بدن ۾ جيڪا ترقي ٿي آهي ان جي ڄاڻ رکون، يا بدن ۾ موجود عضون جي ڪارڪردگيءَ جي واقفيت رکون. ڦڦڙن جي ساخت، انهن جي ڪم جي طريقي کان واقف ٿيون يا مُشڪن جي بناوٽ ۽ رت جي ٺهڻ ۽ سڙڻ جي عملن جي سُڌ رکون، تيئن اسان لاءِ اهو به ضروري ناهي ته ڳالهائڻ يا لکڻ کان الڳ صوتيات جو علم ڄاڻون يا جهيلار جا اُصول ڊينيئل جونز جي ڪتاب مان پڙهي ياد ڪريون.، اسان جي نامياري ليکڪ جو اهو قول جهيلار جي عالمن تي ٺٺولي آهي ته ”بلڪه ڪهاڻيڪار کي اهو وهم ۽ گمان ۾ به نه هو ته ڪنهن گفتار ۾ جهيلار جو هجڻ اشد ضروري آهي.“ (ص 138). صوتيات، جهيلار، گرامر ۽ لسانيات ته ڊاڪٽرن، ماهرن ۽ ڏاهن ماڻهن جي ذهانت ۽ قابليت جا اوزار آهن، انهن جي ڄاڻن جي اُن عام ماڻهوءَ کي ڪهڙي ضرورت آهي جيڪو اُها فطري ٻولي ڳالهائي ٿو، جيڪا پنهنجي چؤگرد ٻڌي ٿو ۽ ذهن جي خداداد لياقت innate quality کي استعمال ڪري سکي ٿو. ڪنهن گرامر جي ڪتاب کي پڙهي ڪو نه ٿو سکي، جنهن کيس ڪيو آهي، اهو ئي کيس بيان جي صلاحيت به ٿو ڏئي. خَلَقَ الاِنسان، عَلَمَھ البَيَانَ* (الرحمٰن 3-4) زير بحث مضمون جي جهيلار وارو حصو، جيڪو مهراڻ 2/1979ع جي صفحي 136 تي هيٺان کان اٺين سِٽَ کان شروع ٿي آخر تائين پهچي ٿو، علمي وڏائيءَ ۽ لاچاريءَ جو عجب مرصع آهي. انهيءَ ڪري جو هن کان اڳ اهو ٻڌايل قاعدو ته ”جملي جي بيهڪ ۾ پهريائين هميشه فاعل جاءِ وٺي بيهندو، پوءِ مفعول ۽ ان کانپوءِ فعل“ جهيلار جي هن بحث تي پهچي پاڻ ئي ٽُٽي ٽڪرا ٿي پيو. ليکڪ صاحب جي چوڻ مطابق ”انهيءَ ڪري هر تحرير ۽ تقرير ۾ جملي جي ترتيب، عبارت ۽ اسلوب جو انداز، جهيلار ۾ تبديل ۽ ڦير ڦار آڻڻ سان، ڦيرائي سگهبو آهي. جهيلار ۾ تبديلي آڻڻ سان جملي ۾ لفظن جي ترتيب ۾ به تبديلي ايندي ته اصل معنيٰ ۾ به فرق ايندو.“ ان هوندي به ضد اهو ئي ته اهي ڪهاڻيڪار آهن، جيڪي جاهل آهن، جهيلار جي علم کان بي خبر آهن ۽ ”فاعل ۽ مفعول“ جي اصول کي ٽوڙي ”نئين نسل کي گمراهه“ ڪري رهيا آهن. انگريزي ٻوليءَ جي جهيلار جا ڪي نمونا ۽ انهن جا اصول: هن بحث ۾ اول ته اهو ياد رکڻ گهرجي ته جيتوڻيڪ گرامر جا ڪي آفاقي پهلو آهن جي ٻولين ۾ هڪجهڙا هوندا آهن (27) ان جي باوجود هيءُ بحث انگريزي ٻوليءَ جي جهيلار متعلق آهي. سنڌي جهيلار متعلق جيڪو ٿورو گهڻو ڪم ٿيل آهي. (28) اهو اسان جي هن بحث ۾ ايڏو مفيد ڪونهي. ان لاءِ جيستائين ڪو ڄاڻو ماڻهو سنڌيءَ ٻوليءَ جي جهيلار جا نمونا گڏ ڪري، انهن جا اصول مرتب ڪري ڪو نظريو به ٺاهي ۽ وڌيڪ تحقيق تي ان کي ٻيا ماڻهو نه پرکين، تيستائين هنن ڳالهين جا خيالي نتيجا کڻي انهن تي نظريا ٻڌڻ اجايو آهي. ان کانسواءِ لسانيات جي ڄاڻوءَ جي لاءِ اهو تمام ضروري آهي ته جنهن ڪتاب کي (مثلاً ڊينيئل جونز جي) هو سَنَدَ بنائي ماڻهن کي ”فاعل-فعل“ ۽ ”فاعل-مفعول“ جي ترتيب جو قانون ڏئي ٿو ۽ ان سان لڳندڙ جهيلار سان ڳالهائڻ تي مجبور ڪري رهيو آهي، ان کي چڱي طرح سمجهي ۽ ان کان اڳ ۽ پوءِ جي ٿيل تحقيق تي به نظر رکي، جيڪي ڳالهيون هڪڙي علم جي دائري ۾ به هجن يا جيڪي ڳالهيون هڪڙي علم مان ثابت نه ٿينديون هجن سي هروڀرو ان علم سان لاڳو ڪري ان علم جي ساک نه وڃائي. انگريزي ٻوليءَ جا جهيلار جا جيڪي نمونا آهن سي ٿُلهي ليکي هيئن آهن: (1) چڙهندڙ (اڀرندڙ، مٿي ويندڙ) ٽون (rising intonation) جنهن ۾ جملي جي آخر ۾ آواز مٿي وڃي پورو ٿيندو، ائين لڳندو ڄڻ ڪا شيءِ هوا ۾ اٽڪي پئي.، ڳالهه ڪندي، جيئن، ماڻهو ائين اوچتو، چپ ڪري بيهي رهي جو ٻڌڻ وارو چوي ته ”پوءِ!“ هن مان ڳالهائڻ واري جي مراد اها هوندي آهي ته ڏيکاري ته ڳالهه اڃان توڙ تائين نه پهتي آهي. هيءُ طريقو ڳڻپ ۾ آخري انگ تي پهچڻ کان اڳ، اڳين انگن اچارڻ وقت به استعمال ڪبو آهي. 1- چار(....)، پنج(....)، ڇهه(....)، ست(......)......... جهيلار جو هيءُ انداز تڏهن به استعمال ڪبو آهي جڏهن جملي جو باقي رهيل فقرو (Clause) اڃان اچڻو هوندو آهي. 2- جڏهن آءٌ ڪراچيءَ ويس.(.....) تڏهن..... يا جڏهن ”ها- يا –نه“ واري سوال جي جواب جي طلب هوندي آهي: 3- احمد ڪراچيءَ ويو(......)؟ (2) لهندڙ يا ڪرندڙ ٽون (Falling intonation)، هيءَ جهيلار اهڙن جملن ۾ ٿيندي آهي جن مان خبر پوندي ته (1) ڳالهه پوري ٿي (2) سڀني بيانيه جملن ۽ اطلاعيه سوالن (29) لاءِ هيءُ جهيلار استعمال ٿئي-(3) هڪ لفظي جواب، توڙي لفظ، نالا يا اکر جيڪي هيڪلا اُچاريا وڃن سي هن جهيلار سان ادا ٿيندا: 1. مون ڪتابُ خريد ڪيو. (......) 2. تون سڀاڻي ڪيڏانهن ويندين؟(......) 3. هُوسڙي. (......) 4. هي ڪهڙو اکر آهي؟ 5. في. (......) اِهي ٻه مکيه جهيلار جا نمونا آهن. ٻيا چار نمونا جيڪي عام رواجي گفتگوءِ ۾ استعمال ٿين ٿا، انهن ٻن جي ملاوٽ سان ٺهندا آهن. (3) ڪِري-اڀرندڙ (Fall-rise intonation) شڪ شبهي واري فقري لاءِ. (4) اُڀري –ڪرندڙ (rise-fall intonation) سچي يا طنزيه گرمجوشي، حيرت يا صدمي ظاهر ڪرڻ لاءِ. (5) هموار يا هڪ ساريکو (level intonation) ورلي استعمال ٿئي. اڳتي جيڪا ڳالهه اچڻي آهي، ان جي توقع ۾، ان جي اڳڪٿي ڪندي ته ايندڙ لفظ جوٽون به انهيءَ ئي سطح تي هوندو. (6) ڪرندڙ واڌو اڀرندڙ (fall-plus –rise) هن جي هڪڙي فقري ۾ ٻه جهيلار جا مرڪزي (tonenucle) هوندا آهن، هن سان ڳالهائيندڙ ٻٽو تضاد ادا ڪندو آهي. هاڻي، ڪي وڏا جملا ٿين ڪي ننڍا، ڪي ٻن چئن فقرن وارا جملا ٿين، ڪي ماڳهين هڪ لفظ وارا، جنهن جملي ۾ جيترا فقرا هوندا جهيلار جا مرڪز به اوترائي هوندا؛ ڄڻ هڪ ئي جملي ۾ ٻه يا ٻن کان وڌيڪ، ويندي چار يا پنج جهيلاري يونٽ به ٿي ويندا. هر يونٽ ڄڻ جهيلار جو هڪ مڪمل نمونو هوندو. ”هڪ-لفظي“ جملن جي جهيلار به مڪمل جهيلار هوندي. هڪڙي ڳالهه جيڪا هن بحث مان ثابت نٿي ٿئي سا اها ته جهيلار تيستائين ”جهيلار“ ڪانه سڏبي جيستائين ان ۾ ”فاعل-فعل“ يا ”فاعل-مفعول-فعل“ واري ترتيب نه هجي، البته هڪ ڳالهه هلندي هلندي چوندا هلون ته هي جهيلارون ”عام گفتگوءِ جي معمولي جملن“ لاءِ استعمال ٿينديون. هنن ۾ جهيلار جو مرڪز (focus of tone) ”عموماً“ جملي جي آخري کليل لفظ (اسم، فعل، صفت يا ظرف) تي پوندو آهي. ”عموماً“ بند لفظ آرٽيڪل، ضمير، جر، جملو، ندا تي زور نه پوندو آهي. جملي ۾ اطلاع جو مرڪز ۽ اطلاع جا يونٽ (focus and units of Information) انگريزي يا ٻي ڪا به ٻولي هڪ ڳالهايل پيغام کي اطلاع جي حصن يا ٽڪرن (يونٽن units ) ۾ ورهائي ٿي ۽ اها ورهاست ڳالهائڻ وقت جهيلار مان ظاهر ٿيندي آهي. هنن مان جهيلار جو هر يونٽ هڪ اطلاعي يونٽ جي نمائندگي ڪندو آهي، ۽ اُها جاءِ جتي زور جو مرڪز ٿيندو، سا اطلاع جو مرڪز هوندي آهي. هڪ جملي ۾، جيئن اڳي، چيوسين، گهٽ ۾ گهٽ هڪ ٽون يونٽ هوندو، پر جيڪڏهن جملي جي شروع ۾ ڪو ظرف وارو فقرو هوندو، ڪو ٽنبيل ڪلمو، يا ندائي اسم هوندو ته ان فقري يا ڪلمي يا لفظ وارو حصو به هڪ الڳ ٽون يونٽ ٺاهيندو. (1) گذريل سال، اسان موڪلون مريءَ ۾ گذاريون. (ٻه ٽون يونٽ) (2) جپاني، جن جي محنت ملڪان ملڪ مشهور آهي، صعنت ۽ حرفت ۾ دنيا کي ماريو بيٺا آهن. (ٻه ٽون يونٽ) (3) احمد، تون هلندين (ٻه ٽون يونٽ) پڇڙيءَ وارو مرڪز ۽ تقابلي مرڪز (end-focus and contrastive focus) انگريزيءَ ٻوليءَ ۾ جهيلار جي ٽون جو مرڪز عام طرح جملي جي آخري کليل ڪلاس جي لفظ (31) (اسم. فعل، صفت ۽ ظرف) جي زور ڏنل حصي تي پوندو آهي، عام طرح واريءَ اهڙي جهيلار کي پُڇڙي واري جهيلار (end focus intonation) چئبو آهي. جيئن، جيڪڏهن چئجي: 1. Dylan Thomas was born in Swan sea. 1. (”ڊلن ٿامس سوانسيءَ ۾ ڄائو.) ته انگريزي جملي جي آخري لفظ ”سوانسي“ جي پهرئين پد ”سوان“ تي زور پوندو، اهو ڄڻ عام طرح اطلاع جو مرڪز ٿيندو ۽ اهو ئي جهيلار جو مرڪز. پر جڏهن ڪو خاص مقصد ادا ڪرڻو هوندو آهي ته کليل ڪلاس جي آخري لفظ بدران جملي ۾ ٻيو ڪو به لفظ پوءِ ڀلي کليل ڪلاس جو هجي يا بند ڪلاس جو، اطلاع جو مرڪز ٿي سگهندو آهي ۽ انهيءَ ڪري جهيلار جي نيوڪئلس به ان تي ئي ڪرندي آهي. اهڙي مرڪز کي تقابلي مرڪز (contrastive focus) چئبو. مٿئين ”ڊلن ٿامس سوانسيءَ ۾ ڄائو“ واري مثال ۾ ڏٺوسين ته عام بياني جملي ۾ ”سوانسيءَ“ جي ”سوان“ پد تي زور پيو، پر جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ اها ڳالهه چڱيءَ طرح نه ٻڌي، ۽ پڇڻو پويس ته ”سوانسيءَ ۾ ڪير ڄائو؟“ ته ان کي جواب ڏيڻ لاءِ چئبو. (2) Dylan Thomas was (born in Swansea) (ڊلن ٿامس ”سوانسيءَ ۾ ڄائو هو“) اهڙيءَ طرح ٿامس جي ”ٿام“ تي زور پيو. (”بارن اِن سوانسي“ کي ڏنگين ۾ رکڻ جو مطلب آهي ته چوڻ واري کي اختيار آهي ته انهيءَ فقري کي حدف ڪري يا چوي). پر فرض ڪيو ته ڪنهن ٻڌندڙ اها ڳالهه صحيح نه ٻڌي، ڄمڻ جي بدران ڀانيائين ته ڊلن ٿامَس سوانسيءَ ۾ پرڻيو هو. پڪ ڪرڻ لاءِ پڇيائين ”ڇا ڊلن ٿامس سوانسيءَ ۾ پرڻيو هو؟“ ڳالهه ٻڌائيندڙ، سواليءَ جي تصحيح ڪندي چوندو: (3) No, he was BORN in Swansea. (نه، هو سوانسيءَ ۾ ڄائو هو. ”زور جا ٻه مرڪز ٿيا“ نو ۽ بارن) عام طرح اسم ۽ ان جي صفت مان اسم تي زور ايندو؛ ”ڊلن ٿامس” واري فقري ۾ ڊلن ڄڻ ٿامس جي توصيف ٿو ڪري (ڪهڙو”ٿامس“؟ ڊلن ڄڻ ٿامس جي توصيف ٿو ڪري (ڪهڙو ”ٿامس“ ؟ڊلن). ان ڪري عام ڳالهايل جملي ۾ ”ڊلن“ تي زور ڪو نه ايندو، پر جيڪڏهن ڳالهه ٻڌندڙ کي پڪ نه بيٺي ته ايڊورڊ ٿامس جي ڳالهه پئي هلي يا ڊلن ٿامس جي؛ ۽ پڇڻو پويس ته ”ڇا ايڊورڊ ٿامس سوانسيءَ ۾ ڄائو هو؟“ ته ان جي تصحيح لاءِ چئبو: (4) No, Dyln Thomas (was born in Swansea) (نه ڊلن ٿامس ”سوانسيءَ ۾ ڄائو هو“) اهڙيءَ طرح لفظن ۽ فقرن تان ته مرڪزي زور بدلجي ٿو، پر ويندي هڪ لفظ جي پدن تائين اها ويڙهه هلي ٿي. (ڏسو ڪُورِڪِ ص 939) ۽ مرڪز بدلجڻ جو هڪڙو سبب ”نئين اطلاع“ کي اهميت ڏيڻ به آهي. موضوع جو جهيلار جي مرڪز تي اثر: جهيلار جي مرڪز (focus of intonation) کانسواءِ جملي جو ٻيو هڪ اهم جزو آهي موضوع (theme) جو، جنهن جي باري ۾ سڄو جملو چيل هجي، ظرف وارن لفظن يا فقري کي ڇڏي، جملي جي منڍ ۾ جيڪو به لفظ يا فقرو ايندو هجي، اهو ٿيو موضوع. هيءُ فاعل به ٿي سگهي ٿو. انگريزيءَ ۾ سوال جو آپريٽر do, did, does يا موڊل) ٿي سگهي ٿو. سواليه لفظ (ڪير، ڇا، ڪٿي، ڪيڏانهن وغيره) ٿي سگهي ٿو، يا خود فعل ٿي سگهي ٿو. مرڪز ۽ موضوع جملي جا ٻه مکيه جزا آهن. موضوع هميشه جملي جي شروع ۾ ٿو اچي ۽ مرڪز، جيئن اڳي ڏٺوسين، آهي ته ريچڪائي پر عمومن جملي جي آخر ۾ ايندو آهي. موضوع ڄڻ ڳالهه کڻي ٿو، مرڪز ان کي توڙ تائين پڄائي ٿو. جيئن ته موضوع جملي جي مُنڍَ ۾ ٿو اچي، ان کي اطلاع جو گهڻو بار کڻڻو پوندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن، جيئن مٿي چوٿين جملي ۾ ڏٺوسين، ائين به ٿيندو آهي جو جملي جو مرڪز به اهو ئي هوندو آهي، جيڪو ان جو موضوع هوندو آهي. (4) Dylan Thomas was born in Swansea. يا جي ڪنهن کان پڇجي ته اهو رسالو ڪنهن ڏنئي، ته چوندو: (5) Bill (gave it to me). (بل ”اهو مون کي ڏنو“: موضوع به بل، ٽون جو مرڪز به بل) هونئن عام حالت ۾ ”بل گيو اِٽ ٽو مي“ واري جملي ۾ زور جو مرڪز ”گيو“ تي پوي ها. هنن جملن ۾ ته ڊلن ۽ بل هونئن به عام طرح جملي جي منڍ ۾ اچن ها، هينئر به منڍ ۾ آهن، پر ڪڏهن ڪڏهن ائين ٿيندو آهي جو جملي جي مُنڍ ۾ جملي جو اهڙو ڪو لفظ آڻي رکبو آهي. جيڪو هونئن عمومن منڍ ۾ نه هوندو آهي، جملي جي ڪنهن ٻئي حصي ۾ هوندو آهي. هن طريقي کي ”موضوع کي منڍ ۾ آڻڻ“ (Thematic fronting) يا چٽيل (چٽو ڪيل) موضوع (marked theme) چئبو آهي. ههڙيءَ طرح جملي جي منڍ ۾ آندل جملي جا جُز اسلوب ۽ اثر ۾ مختلف هوندا آهن. جيئن ڪُورِڪ ۽ سندس ساٿي چون ٿا: ”ڳالهايل ٻوليءَ ۾، ائين اڪثر ٿيندو آهي ته جملي جي ڪنهن جُزي کي جملي جي مُنڍَ ۾ آڻي ان تي زور جي نيوڪليس وڌي ويندي آهي. ۽ اهڙي طرح اُهو جزو موضوع ۽ اطلاع، ٻنهي طريقن سان چٽو ٿيندو آهي.“ (32) “In formal speech, it is quite common for an element to be fronted with nuclear stress, and thus to be “marked” (or given special emphasis) both thematically and informationally.” (32) 1. انهيءَ حساب سان ڪڏهن فاعل جو وڌاءُ فاعل جي جاءِ تي اچو ويهي: (33) .a.JOE his NAME is.1 اڀرندڙ ڪرندڙ 1.الف: جو نالو آهيس. عام طرح چئجي ها، ”هز نيم از جو“ ۽ ”نيم“ تي زور پوي ها. 1. b.An utter FOOL I felt TOO. ڪرندڙ ڪرندڙ 1. ب: صفا احمق مون ڀانيو (پاڻ کي). عام طرح چئجي ها ”آءِ فليٽ ائن اَٽَر فول“ ۽ فول تي زور پوي ها. 2. ڪڏهن مفعول جو وڌاءُ فاعل جي جاءِ تي اچو ويهي: 2.a.Relaxation you call it! عام طرح ”يو ڪال اٽ رليگزيشن!“ چئجي ها. 3. ڪڏهن مفعول اچو فاعل جي جاءِ تي ويهو رهي: 3. a. Really good Cocktails they made at that hotel. واهه جا پيالا ٿي ٺاهيائون انهيءَ هوٽل ۾. (هونئن عام طرح چئجي ها: ”دي ميڊ ريئلي گڊ ڪاڪٽيلز ائٽ دئٽ هوٽل) هن طريقي جي توضيح ڪندي ڪُورِڪ ۽ سندس ساٿي لکن ٿا ته: ائين ٿو معلوم ٿئي ڄڻ موضوع وارو جزو پهريون ٻولُ آهي جيڪو ڳالهائيندڙ جي ذهن ۾ اچي ٿو ۽ جملي جا باقي ٽڪرا پوءِ ويچاريل جي حيثيت سان ڄڻ ان ۾ پوءِ وڌائجن ٿا.“ (34). “It is as if the thematic element is the first thing that strikes the speaker, and the rest is added as after thought.” (34). زير بحث مضمون جو فاضل مصنف لکي ٿو: ”هن ڏس ۾ اسان جا نفاذ ۽ اُبتي ٻوليءَ وارا اديب ڪنهن انگريزي يا فرانسيسي ڪهاڻيڪار جا مثال يا ڪو مثال دليل طور ڏئي سگهندا، جن ۾ ٻوليءَ جي اصولن کي ڦيرايو ويو هجي.“ (35) ٻوليءَ جا اُهي اصول ڪهڙا آهن، تنهن لاءِ فاضل مصنف لکي ٿو: ”سنڌي ٻوليءَ جي عام نحوي سٽاءُ موجب ڪنهن به جملي ۾ پهرين فاعل پنهنجي جاءِ وٺي بيهندو آهي ۽ ان کان پوءِ مفعول ايندو آهي ۽ آخر ۾ فعل روزمره: گفتار واري ٻوليءَ جو هر جملو انهن اصولن ۽ قانونن جو پابند هوندو آهي.“ (36) ٻوليءَ جي اصولن کي ڦيرائڻ جي ته اسين ڳالهه ڪونه ٿا ڪريون، پر هي مٿيان جملا ۽ هيٺ ڄاڻايل ٻيا مثال ڪنهن ڪهاڻيڪار جي افساني يا ناول تان نه، پر عصر حاضر جي معتبر لسانيات جي ماهرن جي لکيل ان گرامر تان ورتل آهن، جيڪو اڄ لسانيات جي دنيا ۾ مستند مڃيو وڃي ٿو. ڪُورِڪ ۽ سندس همڪارَ (37) پنهنجي هن گرامر ۾ موضوع (جملي جي شروع وارو جزو) جي جاءِ تي ايندڙ اهڙن لفظن جا گهڻا مثال ڏنا آهن(38)، جيڪي عام گرامر ۾ هوند جملي جي ڪنهن ٻئي حصي ۾ اچن. ڳالهايل ٻوليءَ جا ڪي مثال مٿي ڏٺاسين. انهن کان سواءِ خطيبانه (rhetorical) ٻولي ۽ لکيل ٻوليءَ جا به اهڙا مثال ڏنا اٿن. 1. خطيبانه ٻوليءَ ۾ جاءِ مٽايل موضوع جا مثال: 1. His FACE I’m not FOND of……… هن جملي ۾ حرف جر آف (of) جو واڌارو (هز فيس His FACE موضوع جي حيثيت سان استعمال ٿيو آهي. هن ۾ فيس ڪرندڙ جهيلار سان چئجي ٿو ۽ فانڊ لفظ ڪِرِي اُڀرندڙ ٽون سان ڳالهائبو. سنڌيءَ ۾ چئجي ”سندس ٻُوٿ جو آءٌ گهورو ناهيان.“ عام طرح هوند هيءُ جملو چئجي ها: آءٌ سندس ٻوٿ جو گهورو ناهيان. (I am not fond of his face) 2. but his CHARActer I DesPISE. ”پر سندس لڇڻ آءٌ ڌڪاريان ٿو.“ جملي جي هن حصي ۾ CHARA ۽ PISE وارن پدن تي زور آيو ۽ اُهي ٻئي ڪرندڙ ٽون سان اُچاريا ويا. هن جملي ۾ اتهامي مفعول (ڊائريڪٽ آبجيڪٽ) موضوع جي جاءِ تي استعمال ٿيو آهي. هونئن هوند عام طرح چئجي ها. -but I despise his character: پر آءٌ سندس لڇڻ ڌڪاريان ٿو. 3. RICH I may be (but…..) (هموار) “I may be rich(but…..)” (سکيو کڻي آءٌ هجان......) (هن جملي ۾ فاعل جو وڌاءُ، نئين معنيٰ ۾، موضوع جي حيثيت سان هونئن عام طرح چئجي ها: 4. LEAVE him I COULDn’t…….. ڪرندڙ (ڪري اڀرندڙ) (ڇڏي (ته) کيس (آئون) نٿي سگهيس.......) پريڊيڪيشن جو فعل موضوع جي حيثيت سان، هونئن عام طرح هوند چئجي ها: (I couldn’t leave him) (but atleast I could make his life a misery: I have promised to do it) 5. So ‘do it I SHALL. هونئن عام طرح چئجي ها: (And I shall do it) 2. لکيل علمي ٻوليءَ ۾ جاءِ مٽايل موضوع جا مثال: 1. Most of these problems a computer could take in its stride. هونئن عام طرح چئجي ها: (A computer could take most of these problems in its stride.) 2. This later topic we bave examined in chapter 3, and need not reconsider. هونئن عام طرح چئجي ها: (We have examined this later topic in….) 3. to this list may be added ten further items of importance. هونئن چئجي ها: (One may add ten further items of importance to this list, Ten further items noy be added to this list…..) هن بحث مان ٻه ڳالهيون ثابت ٿيون: 1. ساڳي لفظي ترتيب واري جملي ۾ جهيلار جو مرڪز جاءِ مٽائي سگهي ٿو. ڄڻ ته جهيلار لفظي ترتيب جي پابند ناهي. 2. ڪنهن خاص مقصد ادا ڪرڻ لاءِ جملي جي منڍ ۾ جملي جو ڪو اهڙو حصو آڻي رکي سگهجي ٿو، جيڪو عام طرح مُنڍ ۾ نه ايندو آهي. ”موضوع کي منڍ ۾ آڻڻ“ (thematic fronting) واري انهيءَ طريقي سان جملي جي لفظي ترتيب لازمي طرح بدلبي آهي ۽ اهڙيءَ طرح ٻوليءَ جي فطري نظام ۾ ڪو ڪهرام ڪونهي مچندو. 4. ٻولين ۾ لفظي ترتيب جي گهرج: فاضل مصنف پنهنجي زير بحث مضمون ۾ ٻوليءَ کي هڪ اهڙو قدرتي نظام ڪري ڏيکاريو آهي، جنهن جي ڪنهن به قانون جي ڀڃڪڙي ٿي ته ”ڪهرام مچي ويندو“ ۽ ڊاڪٽر صاحب جن جي لکت مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته ٻوليءَ جي انهيءَ نظام جا اهي قانون جن جي استعمال سان ٻولي ٺهي ٿي، اُهي لسانيات جي ماهرن کي معلوم آهن. مثلاً ”فاعل-فعل“ يا ”فاعل-مفعول“ جي سٽاءُ جا اُهي سَت قانون جن ۾ فاعل هميشه جملي جي مُنڍَ ۾ ايندو. فاعل جو وڌاءُ جي هوندو ته اُهو ان کان اڳيان ايندو. فعل هميشه جملي جي پڇاڙيءَ ۾ ايندو، وغيره وغيره (39) مصنف صاحب جن لکن ٿا: ”روزمره گفتار واري ٻوليءَ جو هر جملو انهن اصولن ۽ قانونن جو پابند هوندو آهي.“ انهيءَ ڪري چون ٿا ته: ”آهي ڪاتب جو قلم هي“ غلط آهي ۽ ”هي ڪاتب جو قلم آهي، صحيح آهي.“ (40). اڳتي چون ٿا ته انهن اصولن جي پابندي سٽاءَ جي چئن مقصدن (انتخاب، ترتيب، فعل جو لاڳاپو ۽ جهيلار) جي لاءِ ضروري آهي. ان ڪري ”اٿيو آهيان ننڊ مان“ جهڙن جملن کي لفظي ترتيب ۽ جهيلار جي اصولن تي پرکي غلط ثابت ڪيو ويو آهي. اسان مٿي ڏٺو ته جهيلار لفظي ترتيب جي پابند ناهي. هاڻي ڏسنداسين ته ٻولين ۾ لفظي ترتيب جي ڪهڙي ضرورت آهي ۽ سنڌيءَ ٻوليءَ تي اهڙي ضرورت جو ڪيتري قدر اطلاق ٿئي ٿو: 4.1 گرامري تصورات: (41) ڪنهن به جملي ٺاهڻ سان ڪابه ٻولي ڪي نحوي (گرامري) تصورات ادا ڪري ٿي، جن مان هڪڙن کي لازمي يا اڻٽر تصورات چئي سگهجي ٿو ۽ ٻين کي ثانوي، جيڪڏهن هِڪَ رِڇَ ۽ هڪ ماڻهوءَ جي ڳالهه ڪبي ۽ اهو ڏيکارڻو هوندو ته هِڪَ ٻئي کي ماريو ته اهو لازمي ٿيندو ته ڏيکارجي ته ڪهڙي مارڻ جو عمل ڪيو ۽ ڪهڙو ان عمل جو شڪار ٿيو. دنيا جون سڀئي ٻوليون اهو لاڳاپو، جنهن کي فريز ”نام-نهاد فاعل-مفعول لاڳاپو، (42) ٿو ڪوٺي. ادا ڪن ٿيون. ٻئي پاسي مارڻ جو عمل ڪهڙي وقت ٿيو (زمان ۽ ٽينس)، يڪدم (جهٽ ۾) ٿيو يا ان عمل ۾ وقت لڳو (آسپيڪٽ (43). رڇ هڪڙو هو، ٻه هئا يا گهڻا هئا (عدد)، ۽ ڳالهه ڪندڙ اها ڳالهه پاڻ ٿيندي ڏٺي يا ڪنين سُئي پيو ٻڌائي، اهي سڀئي ڳالهيون ثانوي نحوي (گرامري) تصورات ۾ اچي وڃن ٿيون. انهن مان ڪيتريون ڳالهيون ڪيترين ٻولين ۾ ٻڌائڻ ضروري آهن، ڪيترين ٻولين ۾ غير ضروري آهن. هنن نحوي تصورن جي اظهار لاءِ مختلف ٻولين جي گرامرن وٽ ٽي مختلف وسيلا يا اوزار (devices) آهن. لفظي ترتيب (word order) وارو وسيلو انهن مان هڪڙو آهي، پر جيئن اڳتي واضح ٿيندو، ٻين سڀني وسيلن کان ڪمزور ۽ محدود وسيلو اهو آهي، انهيءَ مقصد کي ادا ڪرڻ لا ٻيا جيڪي ٻه وسيلا ٻولين وٽ آهن تن مان ”ڪارجي لفظ“ (function words) هڪڙو آهي ۽ لفظي صورتون يا تصريفون (inflections) ٻيو آهي. هنن ٽن وسيلن جي ورهاست هيئن آهي: جيڪا ٻولي تصريفن جي ذريعي ”فاعل-مفعول“ جو لاڳاپو ادا ڪري سگهي ٿي، ان جي اختيار ۾ ڪارجي لفظن ۽ لفظي ترتيب جا وسيلا به آهن: (جيئن سنڌي)، جيڪا ٻولي تصريفن وسيلي ته اهو لاڳاپو ادا نٿي ڪري سگهي، پر ”ڪارجي لفظن“ ذريعي اهو ڪم سرانجام ڏئي سگهي ٿي، تنهن وٽ لفظي ترتيب جو اختيار به هوندو آهي(جيئن اردو) ۽ جيڪا ٻولي تصريفن ۽ ڪارجي لفظن ٻنهي ذريعن کان محروم آهي، سا انهيءَ لاڳاپي جي اظهار لاءِ سڄو دارومدار لفظي ترتيب تي ٿي رکي. (جيئن انگريزي) مثلاً سنڌي ٻولي جيڪا رِڇَ ۽ رِڇُ ۾ آخري حرڪتن وارين تصريفن سان فعالي حالت ۽ اتهامي مفعول (accusative) حالت جو اظهار ڪري ٿي، ان لاءِ اهو به ممڪن آهي ته لفظي ترتيب ۽ ڪارجي لفظن جي مدد سان (يا انهن جي مدد کانسواءِ) ”فاعل-مفعول“ جي لاڳاپي جو اظهار ڪري، هن ٻوليءَ وٽ ڄڻ ٽئي هٿيار ٿيا، سخت پابندي رڳو تصريفن جي ڪرڻي اٿس، باقي ٻئي وسيلا سندس اختيار ۾ آهن. سندس غلام آهن، سندس حڪم جا بندا آهن: 1. رڇ ماڻهو ماريو(.......) (فاعل رڇ، مفعول ماڻهو) 2. ماڻهوءَ رڇُ ماريو، (.......) (فاعل ماڻهو، مفعول رڇ) 3. رِڇُ ماڻهوءَ ماريو. (.......) (مفعول رڇ فاعل ماڻهو) 4. رِڇَ ماڻهوءَ کي ماريو. (.......) (فاعل رڇ، مفعول ماڻهو+ڪارجي لفظ ”کي“) 5. ماڻهوءَ کي رِڇَ ماريو(.......) (مفعول ماڻهو، ڪارجي لفظ کي، فاعل رڇ) 6. رڇ کي ماڻهوءَ ماريو. (.......) (مفعول رڇ+ کي، فاعل) 7. ماڻهوءَ رِڇَ کي ماريو. (.......) (فاعل ماڻهو، مفعول رڇ+ کي). سنڌي ٻوليءَ جي مقابلي ۾ وري اردو ٻولي آهي، جيڪا لازمي نحوي يا گرامري تصورن جو اظهار تصريفن سان نٿي ڪري سگهي، ان ڪري ان جو دارومدار ڪارجي لفظن جي استعمال ۽ لفظي ترتيب تي آهي، پر جيئن ته درجي بنديءَ ۾ ڪارجي لفظن وارو وسيلو لفظي ترتيب واري وسيلي کان وڌيڪ سگهارو ۽ وسعت وارو آهي، ان ڪري لفظي ترتيب جي هٿيار کي پنهنجو زيردست، پنهنجي حڪم جو بندو، پنهنجو غلام ڪري استعمال ڪري؛ اردوءَ ۾ ڪار جي لفظن جي موجود هئڻ ڪري لفظي ترتيب کي حاڪميت حاصل ڪانهي؛ فاعل-مفعول جي جاءِ بدلائڻ جي آزادي آهي: 1. ريچهه ني آدمي کو مارا. (فاعل + ڪار جي لفظ ”ني“ + مفعول+ ڪارجي لفظ ”کو“) 2. آدمي کو ريچهه ني مارا. (مفعول + کو، فاعل + ني) 3. ريچهه کو آدمي ني مارا. (مفعول + ڪار جي لفظ ”کو“ + فاعل+ ڪارجي لفظ ”ني) 4. آدمي ني ريچهه کو مارا. (فاعل+ ني، مفعول+ کو) بهرحال اردو ٻوليءَ ۾ هيئن ڪونه چئي سگهبو جيئن سنڌيءَ ۾ چئبو آهي: (غلط جملي لاءِ لسانياتي لکڻين ۾ ستاري جو نشان ڏبو آهي). *1. ريچهه آدمي مارا. (رَڇ ماڻهو ماريو يا رِڇُ ماڻهوءَ ماريو) *2. آ دمي ريچهه مارا. (ماڻهوءَ رِڇُ ماريو يا ماڻهو رِڇَ ماريو) هنن ٻنهي ٻولين جي مقابلي ۾ انگريزي ٻولي وري اهڙي آهي، جو منجهس اهو لاڳاپو نڪي ”فاعل-مفعول“ وارين تصريفن سان ادا ٿي سگهي ٿو، نڪي ”ڪار جي لفظن“ سان، اُن ڪري انگريزيءَ کي مڪمل طور لفظي ترتيب تي ڀاڙڻو ٿو پوي. انگريزيءَ ۾ عام طرح فاعل جملي جي شروع ۾ ايندو. ان کانپوءِ فعل ۽ ان کان پوءِ مفعول. (خاص حالتن ۾ انهيءَ ترتيب جي پابنديءَ کي ٽوڙي به سگهبو، جيئن جهيلار جي بحث ۾ واضح ڪيو ويو) هاڻ، انگريزيءَ ۾ رڇ ۽ ماڻهوءَ جي اِها ڳالهه صرف هڪ طريقي سان ٿي سگهي ٿي. معروف فعل جيڪو اڳيان آيو سو ٿيو ماريندڙ، جيڪو آخر ۾ سو ٿيو مئل (جيڪو اڳي سو تڳي). ماڻهوءَ رِڇُ ماريو.1. The man killed the bear. رِڇَ ماڻهو ماريو. 2. The bear killed the man. هن زماني جي انگريزيءَ ۾ ڪا تصريف ڪانهي جيڪا ”بيئر“ ۽ ”مئن“ جي جاءِ مٽائڻ کانپوءِ به سندن اصلي ”فاعل-مفعول“ وارو لاڳاپو قائم رکي؛ ڪو ”ڪار جي لفظ“ ڪونهي جو اهو ڪم سرانجام ڏئي. انگريزيءَ وٽ هڪڙو ئي وسيلو آهي، هڪڙو ئي هٿيار آهي، لفظي ترتيب جو. (ذهن ۾ اها ڳالهه رکجي ته هت passive جي ڳالهه ڪانه پئي هلي.) انهيءَ ڪري انگريزيءَ لاءِ لازمي آهي ته انهيءَ هڪڙي وسيلي جي چڱي طرح پابندي ڪري. هاڻ اسان ڏٺو ته: ڪارجي لفظ ۽ لفظي ترتيب مان. 1. سنڌيءَ ۾ تصريف جو هٿيار آهي، جنهن جي ڪري کيس ڪارجي لفظن ۽ لفظي ترتيب تي اختيار آهي، جڏهن جيئن وڻيس تڏهن انهن کي تيئن استعمال ڪري؛ پر انهن کانسواءِ به ڪم هلائي سگهي ٿي. 2. اردوءَ ۾ تصريف ڪانهي. ڪارجي لفظن هئڻ ڪري کيس اختيار آهي ته لفظي ترتيب جي هٿيار کي جيئن وڻيس تيئن استعمال ڪري؛ 3. انگريزيءَ وٽ رڳو لفظي ترتيب آهي، ان ڪري اها مجبور آهي ته ان جو چڱيءَ طرح پابنديءَ سان استعمال ڪري. انهيءَ ڳالهه جي اهميت کي سمجهڻ لاءِ ڪي مثال ٿا وٺون. مثال ۾ تصريف پرڳڻي جو حاڪم آهي ”ڪارجي لفظ“ ضلعي جو حاڪم آهي ۽ ”لفظي ترتيب“ تعلقي تي اختيار رکي ٿي. اڃان به ٻيو مثال وٺون ته تصريف بندوق آهي، جيڪا گولي، تکي اوزار ۽ ڏنڊي ٽنهي لاءِ ڪم اچي ٿي؛ ”ڪارجي لفظ“ ڪهاڙي آهي جا تکي اوزار ۽ ڏنڊي ٻنهي جو ڪم ڏئي ٿي، ۽ لفظي ترتيب ڏنڊي وانگيان آهي جيڪا رڳو ڏنڊي جو ڪم ڏيندي. اڃان به وڌيڪ مثال ڏجي ته تصريف سج وانگي آهي، جنهن جي اڳيان چنڊ تارا بيٺا هجن ته به ڄڻ ته ڪونهن. ”ڪارجي لفظ“ چنڊ وانگي آهي، جنهن جي آڏو تارن جي روشني جهڙي آهي، تهڙي ناهي، ”لفظي ترتيب“ تارن وانگي آهي، جيڪي اونداهيءَ رات ۾ واٽهڙوءَ کي واٽ ڏسڻ ۾ هڪڙو ڪردار ادا ڪن ٿا. هاڻي ڪير آهي جو پرڳڻي جي حاڪميت ڦٽي ڪري. ڪير تعليم جو حاڪم ٿيڻ پسند ڪندو؛ڪير آهي جو سج کي هٿان ڏئي تارن جو سودو ڪندو؛ ڪير آهي جو جهيڙي وقت بندوق اڇلي سئونٽو وٺڻ پسند ڪندو. اهو سودو ته سراسر ٽوٽي وارو چئبو، جنهن ۾ لسانيات جو ماهر ڳالهائيندڙ کي صلاح ڏيندو هجي ته تصريفن وارو پنهنجو قيمتي وسيلو اڇلي، ڊينيئل جونز سان نينهن نڀائڻ خاطر، لفظي ترتيب جو وسيلو کڻي قابو جهلي. هاڻي سنڌيءَ کي جيڪي حاصل آهي، سو اردوءَ کي ڪونهي(41)،. جيڪي اردوءَ کي حاصل آهي سو انگريزيءَ وٽ ڪونهي. هتي ياد رکڻ وارو هڪڙو نقطو اِهو آهي ته هنن ٽن وسيلن جي هڪ درجي بندي آهي ۽ انهن مان جيترو مٿئين درجي وارو وسيلو ڪنهن زبان کي حاصل آهي ته ”اها هيٺين درجن جي وسيلن کان بي نياز آهي، اُهي وسيلا سندس ”ڪمي“ مددگار آهن، جن کي پنهنجي پسند تي استعمال ڪندي. اردوءَ ۾ ڏٺوسين ته فاعل مفعول جو لاڳاپو تصريفن سان ادا نٿو ٿئي ۽ انگريزيءَ ۾ ڏٺوسين ته اهو لاڳاپو نڪي تصريفن سان ادا ٿو ٿئي، نڪي ڪارجي لفظن سان. هن زماني جي انگريزيءَ ۾ ڏٺوسين ته رڳو هڪ طريقو ممڪن آهي، جنهن سان ”فاعل-فعل“ جو لاڳاپو ادا ڪري سگهجي. اهو آهي “لفظي ترتيب“ وارو. اهو لاڳاپو ڏٺوسين ته لازمي گرامري تصور وارو لاڳاپو آهي. انگريزيءَ ۾ جيڪي ٻه چار تصريفون وڃي رهيون آهن، اهي ثانوي گرامري تصورن جي ادائيگيءَ جي لاءِ استعمال ٿين ٿيون- جيئن عدد جمع واري ايس (s)، ٽئي شخص واحد جي فعل تي ايس، ماضي جي ed فعل جي پويان، يا پارٽيسيپل جي ing – فعل. 4.2 جڏهن پراڻي انگريزي تصريفن واري ٻولي هئي. انگريزيءَ ٻوليءَ جي تاريخ تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته ڪو اهڙو ڏينهن خدا جو هن ٻوليءَ جي تاريخ ۾ به هو، جڏهن منجهس لازمي توڙي ثانوي (گرامري) تصورات تصريفن سان ادا ٿيندا هئا، جيئن اڄ سنڌيءَ ۾ ٿين ٿا. ڳالهايل ٻولي ۽ لکيل ٻوليءَ جي انهيءَ تاريخي ڇڪتاڻ ۾ انگريزي آهستي آهستي تصريفي ٻولين جي قطار ماڻ پاڻ کي ڪڍندي ويئي ۽ پاڻ کي لفظي ترتيب جي پابند ٻولين جي قطار ۾ آڻيندي وئي ۽ اڄ مڪمل طرح لازمي تصورن کي رڳو ثانوي تصورن ادا ڪرڻ لاءِ رکيو ويٺي آهي. پراڻي انگريزيءَ (Old English) ۾ تقريباً سڀئي گرامري لاڳاپا- لازمي توڙي ثانوي- تصريفن سان ادا ٿي سگهيا ٿي ۽ تقريبن سڀئي تصريفن سان ادا ٿيندا هئا. ڪي لاڳاپا ”ڪارجي لفظن“ (“to” وغيره سان ادا ٿيندا هئا. پر ڪو به لاڳاپو لفظي ترتيب تي ٻڌل ڪو نه هو؛ جيئن فريز ٿيو چوي: “In old English practically all the grammatical relationships to which the language gave attention could be expressed by inflections and nearly all were so expressed, Some were expressed by function words, but none, so for as I know, actually depended upon word order for expression.”(45) سنڌيءَ جي فاعل ۽ مفعول جو تعلق اڄ به تصريفن (انفليڪشنز) سان ادا ٿئي ٿو: 1. ماڻهوءَ پاڻي لوڙهيو(= ماڻهوءَ ٻنيءَ کي ڏيڻ لاءِ پاڻي ورايو) 2. ماڻهو پاڻيءَ لوڙهيو(= ماڻهو پاڻيءَ ۾ ٻڏي مري لڙهي، وهي ويو) پهرين جملي ۾ ماڻهوءَ جي /ءَ/ ۽ ٻئي جملي ۾ پاڻيءَ جي /ءَ/ فاعلي تصريف آهي. اهڙي طرح پراڻيءَ انگريزي ۾ به فاعل، غير صريح مفعول ۽ اتهامي مفعول (نامِينِٽوِ، ڊيٽوِ ۽ اَڪيوزٽو) لاءِ الڳ الڳ تصريفون هيون. مفعول اتهامي يا صريح (accusative object) جملي ۾ ڪابه جاءِ والاري سگهيو ٿي. ان جملي ۾ لفظن جي ترتيب جو جملي جي معنيٰ تي ڪو به اثر ڪو نه ٿي ٿيو. نحوي لاڳاپو ساڳيو ئي رهيو. مفعول اتهامي ڀلي ڪهڙيءَ به جاءِ تي هجي. مٿي رڇَ ۽ ماڻهوءَ جي جهيڙي واري ڳالهه جيڪا ڪئي سون، پراڻيءَ انگريزيءَ ۾ ان کي هنن چئن نمونن سان لکي ۽ ڳالهائي سگهبو هو. (انگريزيءَ جي اڄڪلهه واري حرف تعريف (ڊيفِنِٽِ آرٽيڪل) دَ، دي (the) وانگي ان زماني ۾ مختلف حرف تعريف هوندا هئا جيڪي حالت (case) جي اعتبار سان تصرف ٿيل (inflected) هوندا هئا. مثلا Se. فاعلي حالت لاءِ ڪتب آڻبو هو ۽ thone مفعولي اتهامي (ڊائرڪٽ آبجيڪٽ يا اَڪيوزِٽِوِ) حالت لاءِ ۽ “sloh” جي معنيٰ ٿي ”هنيو يا ماريو“ ، جنهن مان هاڻوڪي انگريزي ۾ slay, slew ٿا چَوَن.) جملي جي لفظي ترتيب جي لحاظ کان هي چار ئي صورتون ممڪن هيون: () 1. ماڻهوءَ رِڇَ ڪُٺو 1. Se mann thone beran sloh (The man the bear slew.) 2. رِڇُ ماڻهوءَ ڪُٺو 2. Thone beran Se mann sloh. (The man the bear slew.) 3. رِڇُ ڪُٺو ماڻهوءَ 3. Thone beran sloh se mann. (The bear slew the man.) 4. ڪُٺو ماڻهوءَ رِڇُ 4. Sloh se mann thone beran.) (Slew the man the bear.) هنن چئن لفظي ترتيبن منجهان ڪا هڪڙي لفظي ترتيب به اهڙي ڪانهي جنهن کي اڄڪلهه واري انگريزيءَ جي لفظي ترتيب مطابق صحيح چئجي؛ حالانڪه پراڻيءَ انگريزيءَ ۾ اهي چارئي صحيح هيون ۽ هڪڙي ئي معنيٰ ٿي ڏنائون ته ”ماڻهوءَ رِڇُ ڪٺو“. 2. چارلز فريز انهيءَ ساڳئي نقطي تي 1000ع ۾ ايلفرڪ (Aelfric) جي واعظي خطبن ۾ مفعول اتهاميءَ جي مثالن کي ڳڻي اهو معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته ڪيترا ڀيرا فعل کان اڳ ۽ ڪيترا ڀيرا پوءِ استعمال ٿيو آهي. کيس معلوم ٿيو ته مفعول اتهامي ان وقت ٽيونجاهه سيڪڙو فعل کان اڳ استعمال ٿيو هو ۽ ستيتاليهه سيڪڙو فعل کانپوءِ. مفعول+ فعل جا ڪي مثال: 1. “and Crist to helle gewende and thone deofol gewylde. (and Christ to hell went and the devil overcame). (۽ حضرت عيسيٰ دوزخ ڏانهن ويو ۽ شيلطان (کي) مَاتِ ڪيائين) 2. aelc mann…….the….thone otherne hyrwde…..” (each man… who….the other despised……) (هر ماڻهو جنهن ٻئي (کي) ڌڪاريو) 3. and butan se AEL mihtiga God tha dagas Gescyr. (and but (unless)the Almighty God those days shorten. 1000ع کان 1400ع ڌاري تائين مفعول اتهامي پنهنجي صورت ڦيرائيندو گهيرائيندو رهيو. اهڙيءَ طرح نيٺ فعل کانپوءِ واري هن جي جاءِ وڃي پڪي ٿي بيٺي. جيئن لفظي ترتيب ٿانيڪي ٿيندي ويئي، تيئن تصريفون به منجهانئس نڪرنديون ٿي ويون. ٽيبل: مفعول اتهامي جي جاءِ فعل کان اڳ ۽ پوءِ: (47) Direct Object 1000ع 1200ع 1300ع 1400ع 1500ع اتهامي مفعول فعل کان اڳ %5205 % 5307 % 40 % 1403 % 1087 (مفعول+ فعل) اتهامي مفعول فعل کانپوءِ % 4705 % 4603 % 60 % 8507 % 98013 (فعل+ مفعول) هن بحث مان اِهو ثابت ڪرڻ مقصود هو ته انگريزي ٻولي جنهن نموني سان اڄڪلهه نام نهاد فاعل-فعل-مفعول جي لفظي ترتيب (word order) کي مضبوطيءَ سان چهٽي پئي آهي اِهو ان ڪري جو هُن پنهنجي اوسر دوران تصريفن کي ٻوليءَ مان ڪڍي ڇڏيو ۽ ان جي جاءِ فا عل –مفعول جي لاڳاپي کي ادا ڪرڻ لاءِ لفظي ترتيب تي سڄو بار وڌو. هاڻي هي پهريان ٻه جملا مختلف گرامري لاڳاپا ٿا رکن ۽ پويان ٻه انهيءَ لحاظ کان غلط آهن ته انگريزي ڳالهائيندڙ ماڻهو ائين ڪو نه چوندو: (ماڻهوءَ رڇُ ماريو). 1. The man killed the bear. (رِڇَ ماڻهو ماريو) . 2. The bear killed the man. 3. * Killed the man the bear. 4. * The man the bear killed. ڳالهايل سنڌي ڪتابي سنڌي جملا انگريزيءَ ۾ ترجمو 1. پٽيائينمِ 1. هن مون کي پٽيو. 1. He cursed me. 2. لکيو مانس 2. مون هن کي لکيو. 2. I wrote him. 3. مارينديئن 3. تون هنن کي مارينديئن 3. You (singular female) will kill (beat) them. انهيءَ ۾ ڪهڙي عبرت جي ڳالهه آهي ته تصريفون سنڌيءَ جي فعل کي لڳن ٿيون ۽ فعل جي اصلي صورت انهيءَ ننڍڙي جملي جي اڳياڙيءَ ۾ آهي، انهيءَ ڪري جو معنيٰ جو مرڪز هميشه فعل ئي رهيو آهي ۽ انهيءَ ڪري verb(ورب) جي معني ئي آهي ”اهو لفظ، (The word)، انهيءَ ڪري جيڪڏهن اسان جا ڪهاڻيڪار فعل کان جملي کي شروع ٿا ڪن ته ڪا اربع خطا ڪانه ٿي. اِها بلڪل فطري ٻولي آهي جيڪا هو استعمال ڪن ٿا، جو فعل ۾ خود فاعل موجود آهي: اٿيو آهيان. اٿي آهيان، اٿيا آهيون، اٿيو آهي، اٿندو، اٿنداسون؛ جي معنيٰ ٿي آءٌ اٿيو آهيان، آءٌ اٿي آهيان، اسين اٿيا آهيون، هو اٿيو آهي، هو اٿندو، اسين اٿنداسين. 4.3 سنڌي ٻوليءَ کي لفظي ترتيب جي پابندي جو لاچار ڪونهي. جنهن لاچار جي ڪري انگريزي ۽ جهڙس ٻين ٻولين کي هن وقت لفظي ترتيب تي ڀاڙڻو پوي ٿو اُهو لاچار سنڌيءَ کي ڪونهي؛ انهيءَ ڪري جو لازمي گرامري (فاعل-مفعول) سنڌيءَ ۾ هميشه وانگي اڄ به تصريفن جي وسيلي ادا ٿين ٿا. جيئن اڳي چيو ويو، هيٺيان جملا نج سنڌي ٻوليءَ جا آهن، جيڪي زندگيءَ جي مختلف صورتن ۽ واقعن جي مناسبت سان ماڻهن جي واتان ٻڌڻ ۾ ايندا؛ جيڪڏهن گراميرين اهڙا جملا اڳي ناهن ٻڌا ته اهو ٻوليءَ جو ڏوهه ڪونهي، سندس زندگيءَ جي تجربن جو قصور آهي: الف رِڇَ فائل، ماڻهو مفعول (ب) ماڻهو فاعل، رِڇُ مفعول تصريف سان ڪارجي لفظ سان تصريفن سان ڪارجي لفظ سان 1. رِڇَ ماڻهو ڦٽيو. 5. (رِڇَ ماڻهوءَ کي ڦٽيو)1. رِڇُ ماڻهوءَ ڦٽيو. 5. (رڇ کي ماڻهوءَ ڦٽيو) 2. ماڻهو رِڇَ ڦٽيو. 6. (ماڻهوءَ کي رِڇَ ڦٽيو)2. ماڻهوءَ رِڇُ ڦٽيو. 6. (ماڻهوءءَ رڇ کي ڦٽيو) 3. ڦٽيون رِڇَ ماڻهو. 7. (ڦٽيو رڇَ ماڻهوءَ کي)3. ڦٽيو رِڇُ ماڻهو. 7. (ڦٽيو رڇ کي ماڻهوءَ) 4. ڦٽيو ماڻهو رِڇَ. 8. (ڦٽيو ماڻهوءَ کي رڇَ)4. ڦٽيو ماڻهوءَ رِڇُ. 8. (ڦٽيو ماڻهوءَ رڇ کي) (الف) وارن مثالن ۾ جن ۾ رڇُ فاعل (ڦٽڻ وارو ڪم ڪرڻ وارو) آهي تن اٺن ئي مثالن ۾ رِڇَ جي ڇ تي زبر ٿي اچي، پر مفعول جي آخر-آواز جي ورهاست تصريف واري صورت ۾ ”ماڻهو“ جو آخري آواز/اُو/ٿو ٿئي ۽ ڪارجي لفظ جي صورت ۾ ”ماڻهوءَ“ ۾ /اُوءَ/ جو آواز ٿو ٿئي. ٻئي پاسي (ب) ۾ وري جڏهن ماڻهو ڪم ڪندڙ ٿو ٿئي ته رِڇَ تي ان ڪم جو اثر ٿو ٿئي، ته فاعل ”ماڻهوءَ“، آخري آواز سڀني صورتن ۾ /اوءَ/ ٿو ٿئي ۽ تصريفن وارن چئن مثالن ۾ مفعول رِڇَ جي ڇي تي پيش /ڇُ/ ۽ ڪارجي لفظن سان گڏ استعمال ٿيندڙ مفعول رِڇَ جي ڇي تي زبر /ڇَ/ ٿي ٿئي. ڏٺو ته ڪيئن ڪارجي لفظن جي استعمال سان مفعول جون اهي حرڪتون بدلجي ويون، جيڪي دراصل اسمن جون حالتون ٿيون ٻڌائين. اُردوءَ وانگر جيڪڏهن اِهي حرڪتون سنڌيءَ مان به نڪري وڃن، جيئن گهڻن شهرين جي ٻوليءَ مان نڪرنديون ٿيون وڃن، ته پوءِ اسان جي لسانيات جي ماهرن جي دل جي اها مراد به جلد ئي پوري ٿي ويندي ۽ سنڌيءَ کي به ”فاعل-مفعول-فعل“ جي لفظي ترتيب جو پابند غلام ٿي رهڻو پوندو. مٿين جملن ۾ فاعل، مفعول ۽ فعل جيڪا جاءِ مٽائين ٿا، انهن مان هر هڪ جو الڳ مقصد ٿو ٿئي؛ ۽ ڪنهن لفظ جو جملي جي مُنڍ ۾ اچي جملي جو موضوع بنجڻ ڪو خاص مقصد ٿو رکي ۽ انهن مان ڪهڙو جملو ڪهڙي وقت استعمال ٿيندو ان جو دارومدار ڳالهه-ٻولهه جي متن (context) ۽ طرز گفتگوءَ تي آهي- جيئن جهيلار واري بحث دوران واضح ٿيو. رهيو سوال ته هنن جملن ۾ ڪهڙو جملو گهڻائيءَ ۾ استعمال ٿئي ٿو، ان لاءِ چئجي ته سنڌيءَ جي مختلف ساختن جي ڪثرت استعمال (frequency of usge) معلوم ڪرڻ لاءِ اڃان ڪو عملي مطالعو ڪونهي ڪيو ويو، پر لکت جي ٻوليءَ کي ڏسڻ مان معلوم ٿيو ته هن خاص حالت ۾ جتي فاعل به اسم هجي ۽ مفعول به اسم هجي، پهريون ۽ ٻيو استعمال هڪڙي پاسي ۽ پنجون ۽ ڇهون استعمال ٻئي پاسي ڪثرت استعمال ۾ نظر ايندا، پر فاعل ۽ مفعول، يا اُنهن مان ڪو هڪ جڏهن جڏهن ضمير جي صورت ۾ ادا ڪرڻو پوندو ته استعمال جي ڪثريت (frequency) ۾ فرق ٿيندو. 2. جيڪڏهن رِڇَ اسم کي، جيڪو هڪڙي پاسي (الف ۾) فائل ۽ ٻئي پاسي (ب ۾) مفعول آهي، ضمير جي صورت ۾ ادا ڪرڻو پوندو ته هيٺيان جملا ٺاهي سگهبا. انهن مان ڪي وڌيڪ استعمال ۾ ايندا، ڪي گهٽ، پر انهن مان ڪو به جملو اهڙو ٻڌڻ ۾ ڪو نه ايندو جنهن جي نالي چئي سگهجي ته هيءُ جملو ڳالهايل ٻوليءَ ۾ ٻڌڻ ۾ ڪو نه ايندو. 2. الف: جنهن ۾ رڇ فاعل هجي (12 ممڪن جملا) فاعل لاءِ ضمير جي الڳ حيثيت قائم ضمير جي ادائيگي فعل ۾ تعريف سان ڪارجي لفظ کانسواءِ ڪارجي لفظ سان ڪارجي لفظ کانسواءِ ڪارجي لفظ سان 1. هُن ماڻهو ڦٽيو. 5. (هُن ماڻهوءَ کي ڦٽيو)9. ماڻهو ڦٽيائين. 11.ماڻهوءَ کي ڦٽيائين 2. ماڻهو هُن ڦٽيو. 6. (ماڻهوءَ کي هُن ڦٽيو)9. ماڻهوءَ ڦٽيائين 11.ماڻهوءَ کي ڦٽيائين. 3. ڦٽيو هُن ماڻهو. 7. (ڦٽيو هُن ماڻهوءَ کي)10. ڦٽيائين ماڻهو. 12.ڦٽيائين ماڻهوءَ کي 4. ڦٽيو ماڻهو هُن. 8 (ڦٽيو ماڻهوءَ کي هن)10. ڦٽيائين ماڻهو. 12.ڦٽيائين ماڻهوءَ کي 2. ب جنهن ۾ (رِڇُ) مفعول (14 ممڪن جملا) مفعول لاءِ ضمير جي الڳ حيثيت قائم ضمير جي ادائگي تصريف سان ڪارجي لفظ کانسواءِ ڪارجي لفظ سان ڪارجي لفظ کانسواءِ ڪارجي لفظ سان 1. اهو ماڻهوءَ ڦٽيو 5. انهيءَ کي ماڻهوءَ ڦٽيو.9. ماڻهوءُ ڦٽيُسِ 11. کيس ماڻهوءَ ڦٽيو 2. ماڻهوءَ اهو ڦٽيو. 6. ماڻهوءَ انهيءَ کي ڦٽيو.9 ماڻهوءَ ڦَٽِيُسِ. 11. ماڻهوءَ کيس ڦٽيو. 3. ڦٽيو اهو ماڻهو. 7 ڦٽيو انهيءَ کي ماڻهوءَ10. ڦَٽِيُسِ ماڻهو. 12. ڦٽيو کيس ماڻهوءَ. 4. ڦٽيو ماڻهوءَ اهو. 8. ڦٽيو ماڻهوءَ انهيءَ کي.10. ڦٽيُسِ ماڻهوءَ 12. ڦٽيو ماڻهوءَ کيس. 3. جيڪڏهن رِڇُ اسم کي اسم رکي. ”ماڻهو“ اسم کي ضمير ۾ ادا ڪرڻو پوي ته هيٺيان جملا ٺاهي سگهبا. هنن مان به ڪي وڌيڪ ٻڌڻ ۾ ايندا ۽ ڪي گهٽ. 3. الف: جنهن ۾ رڇ فاعل هجي : (12 ممڪن جملا) ضمير جي الڳ حيثيت قائم ضمير جي ادائيگي فعل ۾ تصريف سان ڪارجي لفظ کانسواءِ ڪارجي لفظ سان ڪارجي لفظ کانسواءِ ڪارجي لفظ سان 1. رِڇَ هُو ڦٽيو. 5. رڃ هن کي ڦٽيو. 9. رِڇَ ڦٽيُسِ. 11. رڇَ کيس ڦٽيو. 2. هُو رڇَ ڦٽيو. 6. هن کي رڇ ڦٽيو. 9. رِڇَ ڦٽِيُسِ. 11. رڇَ کيس ڦٽيو 3. ڦٽيو رڇَ هو. 7. ڦٽيو رڇَ هن کي. 10. ڦٽِيُسِ رِڇَ. 12. ڦٽيو رڇ کيس. 4. ڦٽيو هو رِڇَ. 8. ڦٽيو هن کي رِڇَ. 10. ڦٽيُسِ رِڇَ. 12. ڦٽيو کيس رِڇَ. 2. ب: جنهن ۾ رڇ مفعول هجي (12 ممڪن جملا) 1- ضمير جي الڳ حيثيت قائم 2- ضمير جي ادائگي تصريفن سان ڪارجي لفظ کانسواءِ ڪارجي لفظ سان ڪارجي لفظ کانسواءِ ڪارجي لفظ سان 1. رِڇُ هُنَ ڦٽيو. 5. رِڇَ کي هُن ڦٽيو. 9.رِڇُ ڦٽيائين. 11. رڇَ کي ڦٽيائين 2. هُن رڇُ ڦٽيو. 6. هُن رڇ کي ڦٽيو. 9. رِڇُ ڦٽيائين. 11. رڇَ کي ڦٽيائين. 3. ڦٽيو رڇُ هن. 7. ڦٽيو رڇِ کي هُن 10. ڦٽيائين رڇ. 12. ڦٽيائين رِڇَ کي 4. ڦٽيو هُنَ رِڇُ 8. ڦٽيو هُن رِڇَ کي. 10. ڦٽيائين رِڇ. 12. ڦٽيائين رڇَ کي. 4. هاڻي جيڪڏهن رڇ اسم ۽ ماڻهو اسم ٻنهي کي ضميرن ۾ ادا ڪرڻو پوي ته: 4. الف : جنهن ۾ رڇ فاعل هو: (11 ممڪن جملا) 1- ضميرن جي الڳ حيثيت قائم 2- ضميرن جي ادائيگي تصريفن سان ڪارجي لفظن کانسواءِ ڪارجي لفظن سان ڪارجي لفظن کانسواءِ ڪارجي لفظن سان 1. هِن هو ڦٽيو. 5. هن هُن کي ڦٽيو. 9. ڦٽيائينس. 10 کيس ڦٽيائين. 2. هُو هِن ڦٽيو. 6. هُن کي هِن ڦٽيو. 9. ڦٽيائينس. 10 . کيس ڦٽيائين. 3. ڦٽيو هِنَ هُو. 7. ڦٽيو هِن هُن کي 9 ڦٽيائينس. 11 ڦٽيائين کيس. 4. ڦٽيو هُو هِنَ. 8. ڦٽيو هُن کي هِن 9. ڦٽيائينس. 11. ڦٽيائين کيس. 4- ب: جنهن ۾ رڇ مفعول هو: (11 ممڪن جملا) (ساڳئي مٿئين انداز ۾ جملا ٺهندا، پر جيڪڏهن عدد، جنس يا شخص مختلف هوندا ته وڌيڪ بامعنيٰ فرق ظاهر ٿيندا) اهڙيءَ طرح سنڌيءَ ۾ هڪ قسم جي لاڳاپي، ساڳئي زمان، ساڳين عددن، ساڳين جنسن سان حساب لڳائبو ته جتي سنڌيءَ ۾ 88 صورتون ممڪن آهن، اتي اردوءَ ۾ صرف 12 صورتون ممڪن آهن ۽ انگريزيءَ ۾ 5 صورتون ممڪن آهن. اهو ڪرشمو تصريفن ۽ ڪارجي لفظن جو آهي. (نسبت ٺهي 88: : جي) هتي ڏٺوسين ته جڏهن ڪنهن فاعل يا مفعول لاءِ ضمير استعمال ٿي رهيو هجي ته سنڌيءَ ۾ ان ضمير کي جملي ۾ قائم رکڻ بدران، گهڻو ڪري ڪيرائي ڇڏبو آهي-انهيءَ ڪري جو ضميري پڇاڙي اڳئي فعل ۾ موجود آهي. اُن جي مقابلي ۾ انگريزيءَ ۾ ڏسندو ته اهو ضمير وارو فاعل رڳو هڪ صورت، امريءَ ۾ ڪري ٿو، جڏهن ”تون هيئن ڪر“ ۾ ”يو“ (You) جي استعمال جي ضرورت نٿي رهي. ٻيءَ ڪنهن به حالت ۾ ڪهڙو به ضمير ورلي ڪيرائي سگهبو. جن جملن تي ڊاڪٽر الانا صاحب اعتراض ڪيو آهي، انهن مان هڪُ آهي: ”اٿيو آهيان ننڊ مان....“ ڊاڪٽر الانا صاحب جن چون ٿا ته هن جملي ۾ فاعل مُنڍَ ۾ هئڻ کپي ها، پوءِ مفعول ۽ ان کانپوءِ فعل، ”ننڊ مان“ جو فقرو فاعل به ڪونهي ته مفعول به ڪونهي، اهو جري فقرو (prepositional phrase) آهي. ان ڪري ”ننڊ مان“ کي جيڪڏهن جملي جي اڳيان آڻبو ته به ڊاڪٽر الانا صاحب وارو اعتراض رهندو ته جملي ۾ فاعل پنهنجيءَ جاءِ تي ته ٺهيو، مرڳو آهي ئي ڪونه: ”ننڊ مان اٿيو آهيان“ اڃا به فاعل ڄڻ ته جملي جي شروع ۾ ڪونهي. اهو تڏهن ”صحيح ٿئي ها، جڏهن چئون ها“ آءٌ ننڊ مان اٿيو آهيان يا آءٌ اٿيو آهيان ننڊ مان“. جيڪڏهن اسان جي ٻولي انگريزيءَ جهڙي ٻولي هجي ها، تاريخ جي ساڳين حادثن مان گذري اڄ تصريفن کان وانجهي، لُنڊي يا ٻُٽي ٿيل هجي ها ته پوءِ اسان لاءِ ”شايد“ اهڙي ڳالهه لازم ٿئي ها، جنهن ۾ ”اٿيو آهيان“ کان اڳ ”آءٌ“ لکڻ ضروري ٿي پوي ها. پر سنڌيءَ جو جيڪو فعل آهي ان ۾ فاعل جي تصريف هميشه آهي. ڪڏهن ڪڏهن منجهس مفعول به آهي ۽ ان هڪ تصريف مان زمان، فاعل ۽ مفعول جي شخصيت (person)، جنس ۽ عدد ۽ حالت سڀ ڄاڻايل هوندا آهن. سنڌيءَ ۾ هيئن چوڻ صحيح آهي. 1. ماريو سونسِ. (اسان هُن کي ماريو). 2. ڌڪُ هڻنديِسانءِ. (آءُ (مونث) توکي ڌڪ هڻنديس). 3. ڇڏائيندو سانِ. (آءُ هنن کي ڇڏائيندس). هنن جملن ۾ جيئن ته فاعل فعل جو هڪ تصريفي حصو آهي ان ڪري ”اسان“، ”آءُ“، ”مون“ کي الڳ فاعل جي صورت ۾ لکڻ جي ضرورت ڪانه رهي ۽ نتيجا حذف ڪيا ويا. هاڻي جملي ۾ جڏهن فاعل جي الڳ حيثيت ئي ڪانهي ۽ (گهڻو ڪري مفعول جي به الڳ حيثيت ڪانه رهي) ته پوءِ اهو ڪيئن چئي سگهبو ته روزمره گفتار جي ٻوليءَ جي هر جملي ۾ پهريائين فاعل پنهنجي جاءِ وٺي بيهندو، پوءِ مفعول ۽ آخر ۾ فعل ايندو. اهڙي قسم جا جملا جيڪي ڊاڪٽر الانا صاحب جي ”فاعل-فعل“ يا ”فاعل-مفعول“ واري قاعدي جي ڀڃڪڙي ڪري لکيا ٿا وڃن، نه رڳو شاهه جي ڪلام يا عام ڳالهايل ٻوليءَ ۾ ملندا، پر چڱن لکيل پڙهيل ماڻهن جي لکڻين ۾ به ملي سگهندا. انهن جملن ۾ ائين نٿو ٿئي جيئن ڊاڪٽر صاحب چاهي ٿو ته: ”عام سنڌي ٻوليءَ جي سٽاءُ موجب ڪنهن به جملي ۾ پهرين فاعل پنهنجيءَ جاءِ وٺي بيهندو آهي ۽ ان کانپوءِ مفعول ايندو ۽ آخر ۾ فعل ايندو آهي.“ (49) اچو ته هنن جملن ۾ ڏسون ته فاعل پنهنجي جاءِ ڪهڙي هنڌ وٺي بيٺو آهي: 1. ”ڪنهن خادم جي هٿان چوائي موڪليائين ته ڀلائي ڪري ڪو پاڻيءَ جو ڪوزو مون کي ڏياري موڪليو“ (50). (يعني: هُنَ ڪنهن خادم هٿان چوائي موڪليو ته اوهان ڀلائي ڪري.....) 2. ”جنهن خاندان سان دوستي ٿيس ته وري ڪانه ٽوڙيائين.“ (51). (يعني: هن جي دوستي جنهن خاندان سان ٿي ته هُن وري اها دوستي ڪانه ٽوڙي) هنن ٻنهي جملن ۾ ڏسو ته ڊاڪٽر صاحب جي مرضيءَ جي خلاف فاعل پنهنجا مورچاڇڏي ڪيئن وڃي فعل جي گهر ۾ لڪا آهن. 3. ”ساري عمر مرحوم جي اها حالت رهي.“ (52) (مرحوم جي اها حالت ساري عمررهي). 4. ”اٺهتر ميل جي ڊسچارج وٺڻ جي اختياري مون کي هئي.) هنن ٻن جملن کي ڏسي فيصلو ڪريو ته فاعل ڪهڙا آهن ۽ ڪٿي ڇا ويٺا ڪن؟ وري هي چار جملا پڙهي هر هڪ ۾ ڏسو ته فقير فاعل آهي يا مفعول ۽ پنهنجي مورچي ۾ ويٺو آهي يا پرائي ۾: 5. ”فقير کي ٽي تهجد ڪرڻ گهرجن.“ (54) 6. ”فقير کي ٽي مانيون ڏنيون سين.“ (اسان ٽي مانيون فقير کي ڏنيون) 7. فقير کي ٽي تهجد ڪندي ڏٺم. (مون فقير کي ڏٺو، فقير ٽي تهجد ڪيا.) 8. فقير ٽي تهجد ڪيا. خود ڊاڪٽر الانا صاحب معياري ۽ لاڙي اُچارن بابت لکيو آهي، جن ۾ فاعل حذف ٿيل آهي ۽ جملو فعل کان شروع ٿئي ٿو يا فاعل حذف آهي ۽ جملو مفعول کان شروع ٿئي ٿو. (55). 9. ڏسين ٿو= آءُ تو کي ڏسان ٿو. (ڏِسئين ٿو) 10. ڏسين ٿو= تون ڏسين ٿو. 11. ڏسني ٿو (يا ڏِسَنِي ٿو) = هو توکي ڏسي ٿو. 12. گهر اڏرايو مانس = (مون هن کان گهر اڏارايو). اهڙيون ترڪيبون فارسي ۽ عربي ٻولين ۾ به آهن، جن ۾ جدا فاعل حذب ٿيل آهي. فاعل جو اظهار رڳو تصريف سان ٿئي ٿو، جيڪا فعل کي لڳل هوندي آهي، ان ڪري عمومن مفعول سان جملو شروع ٿيندو آهي: 1. حيلت آن ساخت اٽڪل اها ڪيائين ته ڪيئن هٽي که چون گريزد (يعني هن اها اٽڪل ڪئي ته ڪيئن ڀڄي) طبيبي ازسامانيا راصلت نيکوداد، ويج هڪڙي سامانين جي کي صلو (بدلو) ٺاهوڪو ڏنائين پنج هزار تومان، پنج هزار تومان ومراورا دست گرفت ۽ انهيءَ جو هٿ ورتائين. و عهد کرد ۽ ٺاهه ڪيائين.... (پوءِ گهوڙي تان ڪري بيماريءَ جو منهن ڪيائين) وبھ پرسش امير آمد.“ (56) ۽ پڇا لاءِ امير آيو. فاعل- مفعول جا پوئلڳ هوند لکن ها: ”هُن اٽڪل اها ڪئي ته هو/پاڻ ڪيئن هٽي. هن سامانين جي هڪڙي ويڄ کي ٺاهوڪو بدلو ڏنو، پنج هزار تومان- ۽ هن سندس هٿ ورتو ۽ هُن ساڻس، معاهدو/ ٺاهه ڪيو.....۽ امير سندس پڇا لاءِ آيو.....“ 2.” بادشاهي راشنيدم بادشاهه کي ٻڌم (مون هڪ بادشاهه جي نالي ٻڌو ته هن هڪ قيديءَ جي مارڻ جو حڪم ڪيو) ”بکشتن اسيري اشارت کرد“ (57) (ته) مارڻ لاءِ قيدي جي حڪم ڪيائين 3. برد مرد ! حالت چطوره ! (عزرائيل پَرئي مڙس کي چيو) ”پريا مڙس حال ڪهڙا اٿئي؟“ يعني تنهنجا حال ڪهڙا آهن. اک بازهم ميخواهي جي اڃا به چاهين (جيڪڏهن تون اڃا به چاهين زندهه بماني (ته جيئرو رهين) ”حرفي ندارم“ (ڪو) اعتراض ڪونهيم (ته مون کي ڪو اعتراض ڪونهي) (پرئي مڙس چيو: ) ”اگر مرا قبض روح نگني جي منهنجو ساهه نه وٺندين. شکايت را بخدا ميکنم“ (ته ميا خدا وٽ پڄائيندس“ عزرائيل هم فوري جانش را گرفت عزرائيل به جهٽ ساهه کي ورتو وراحتش کرد. (58) ۽ سُکيس ڪيائين (۽ سکيو ڪيائينس) (85.1) 4. ”ابن خانه را مجبور شديم بخريم...... يک خانه رفتيم بخريم بھ صد و چهل هزار تومان ولي حيف کھ يکروز زور تر خريدنش.“ (59) (هن گهر کي مجبور ٿياسون (ته) وٺون........ هڪ گهر وياسون (ته) وٺون-هڪ سئو چاليهه هزار تومان ۾- پر افسوس جو هڪ ڏينهن اڳواٽ خريد ڪري ويَسِ). ڪتابي انداز ۾ لکبو: ”اسين مجبور ٿياسون ته اهو گهر وٺون..... اسين هڪ گَهرُ هڪ سئو چاليهه هزار تومان ۾ وٺڻ وياسون پر افسوس جو ڪي ماڻهو هڪُ ڏينهن اڳ اُهو گهرُ وٺي ويا.“ 5. تَتُ: هن سڄي بحث ۾ اول ڏٺوسين ته لسانيات جي ماهرن جي ذميداريءَ جون ڪي حدون آهن ۽ ڳالهائيندڙن جاهل ۽ لسانيات جي علم کي اڻڄاڻ سمجهي اهڙا قاعدا قانون مٿن نه مڙهڻ کپن، جيڪي ڌارين ٻولين جي پراڻي زماني جي لکندڙن پنهنجي علمي ڪم مايگيءَ جي زمانيءَ ۾ ٺاهيا هئا. لسانيات جي ماهر جو هينئر فرض آهي ته ڳالهايل ٻوليءَجو مطالعو ڪري، پنهنجي گرامر جو نظريو ان جي مناسبت سان ٺاهي، ۽ ڏٺوسين ته جهيلار جي لحاظ کان ساڳي لفظي ترتيب ۽ اطلاع جا مرڪز الڳ الڳ ٿي سگهن ٿا ۽ انهن جي لحاظ کان جهيلار جا مرڪز به بدلجي سگهندا ۽ وري اطلاع جو مرڪز ڪڏهن ڪڏهن جملي جي اول ۾ اچي موضوع به بنجي سگهندو آهي، جيڪو هونئن عمومن جملي جو موضوع نه هوندو آهي. ان لحاظ کان نه رڳو سنڌي، پر خود انگريزي ۽ ٻين ٻولين ۾ به مقصد ادا ڪرڻ لاءِ اهڙي لفظ يا فقري کي جملي جي منڍ ۾ آڻبو آهي، جيڪو هونئن جملي جي ڪنهن ٻئي حصي ۾ ايندو آهي، آخر ۾ ڏٺوسين ته ٻولين کي لازمي نحوي يا گرامري لاڳاپن جي اظهار جا جيڪي وسيلا حاصل آهن(تصريفون، ڪارجي لفظ ۽ لفظي ترتيب) تن مان سنڌيءَ ٻوليءَ کي تصريفي ٻولي هئڻ ڪري، حرڪت جي جيڪا آزادي حاصل آهي سا اردو ۽ انگريزيءَ کي حاصل نه آهي ۽ تصريفي ٻولي هئڻ ڪري ئي سنڌي ٻولي فاعل-مفعول-فعل جي لفظي ترتيب جي پابند نه آهي. انهيءَ لحاظ کان ائين چوڻ غلط ٿيندو ته ”روزمره گفتار واري ٻوليءَ جو هر جملو انهن اصولن ۽ قانونن جو پابند هوندو آهي.“ ۽ ڪهاڻيڪارن جي متعلق ائين چوڻ ته انهن ”جهيلار جو اصل خيال ئي نه رکيو آهي“، يا سندن ”وهم ۽ گمان ۾ به نه هو ته ڪنهن گفتار ۾ جهيلار جو هئڻ اشد ضروري آهي“، غير لسانياتي ۽ غير علمي آهي. اهڙيءَ طرح لسانيات جي علم کي عام ماڻهوءَ جي پهچ ۽ سمجهه کان مٿڀرو ”ڪارو علم“ ظاهر ڪري بلومفيلڊ ۽ ڊينيئل جونز (60) جي طلسمي نالن جي هٿيار سان نوجوانن کي هيسائي، کين لسانيات جي علم کان خائف ۽ متنفر ڪرڻ جي برابر ٿيندو. حوالا ۽ تشريحون (1) ڊاڪٽر غلام علي الانا: ”سنڌي ٻوليءَ جو مزاج: سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ ابتي ٻوليءَ جي دعويٰ “، مهراڻ 1979ع شمارو 2، ص 125. (2) ساڳيو حوالو : ص 131 (3) ساڳيو حوالو: ص 133 (4) ساڳيو حوالو: ص 138 (5) ساڳيو حوالو: ص 138 (5.1) ساڳيو حوالو: ص 125، 138، 139. (6) Randolph Quirk, Sidney Greenbaum, Geoffrey Leech, Jan Suartvik: A Grammar of Contemporary Endglish. Seminar Press (H.B.J. Longman), London, 1972, p.946. (7) Conventional point of view—in Charles Carpenter Fries: Ameeican English Grammar, Appleton Century Croft, New York 1940, p.4. (8) Scientific point of view- in Fries, above p.4. (9) Noam Chomsky:”Linguistic Theory” in Mark Lester, Readings in Applied Transformational Grammar, Holt, Rinehart & Winston, Inc. (1973,2nd ed.) p.40-41. (10)NaomChomsky, above,p.41. (11) Noam Chomsky, above, p. 41. (12) D.A.Wilkins: Linguistics in Language Teaching, The Massaahusetts Institute of Technology, Cambridge, Mass 1972,p.2. (13) Wilkins, above, p.10. (14) Detroit “Free Pres”, Dec.9, 1928 as cited in Fries, above, p.2. (15) W.W. Charters: Teaching the Common Branches, Macmillan, New York. 1924,pp.96.98. (16)Henry Sweet: New English Grammar, Vol I (Oxford, 1891). (17) Otto Jespersen: A Modern English Grammar, Heidelberg, 1909, I Preface. (18) Grattan and Gurrey Our Living Language: Thomas Nelson and Sons, London 1925,p.25. (19) H.C.Wyld: Elementary Lessons in English Grammar: Oxford, 1925,p.12. (20) وِلڪنز، مٿي ڄاڻايل ڪتاب ۾ جوشوا فشمن پنهنجي ڪتاب ۾ الڳ الڳ طرح لکيل ٻوليءَ کي غير فطري ۽ ڳالهايل ٻولي جي ڀيٽ ۾ ثانوي حيثيت واري ٿا چون. اڄڪلهه جي لسانيات جي ڄاڻن جو گهڻي ڀاڱي اهو نظريو آهي، ولڪنز چوي ٿو(ص 7) : For the linguist Speech is the primary manifestation of Language, and writing in both secondary to it and dependent on it.” ۽ جوشوا فشمن توضيحي لسانيات جي توصيف ڪندي لکي ٿو: Its (Descriptive Linguistics) emphasis is definitely on spoken language, the assumption being that written language is both derivative and different from natural Language or speech.” Joshua Fishman: Advances in the Sociology of Language, Vol I, Monton, 1971,p.372. (21) Wilkins, cited above, p. 10. (22) ڏسو: ڊاڪٽر غلام علي الانا: سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، ڄام شورو، 1979ع. (23) Social dialects or sociolects. (24) Registers “Variety according to use”- M.A.K. Holliday, August Macintosh, Poter Strevns: The Linguistic Seiences and Language Teaching Longman, London, 1964, Chapter 4, The users and uses of Language.” (25) Frozen, formal, consultative, casual, intimate, styles.stlyle is one of the four usage – scales of native English”, the other three scales being age, breadth, responsibility; in Martin Joos: The Five Clocks, A Harbinger book, Harcourt, brace & World, Ine, New York, 1967 (first Editon 1961); p.11 disting; description in subsequent III, IV & V chapters p. 19-67. Quirk and others call these five styles rigid, formal, normal, informal and familiar. (26) غلام علي الانا: مهراڻ 2/1979ع حوالو اڳ ڏنل: ص 138. (27) دنيا جي ٻولين جي آفاقي پهلوئن بابت لسانيات جي متعلق اڄڪلهه جي هر ڪنهن ڪتاب ۾ جامع يا مفصل احوال هوندو. خاص طرح ڏسو: a. Roman Jakobson: Child Language, Aphasia, and Phonological Universals, Mouton, The Hague, 1968; b. Emmon Bach & Robert Harms (ed): Universals in Linguistic Theory, H.R.W. New York, 1968. (28) جان جارج بورڊي، 1958ع ۾ يونيورسٽي آف ٽيڪساز (آسٽن) مان ”توصيحي سنڌي صوتيات“ نالي ٿيسز لکي پي. ايڇ. ڊي ڪئي. (A Descriptive Sindhi Phonology)؛ لڇمڻ مولچند خوبچنداڻي 1963ع ۾ پينسلوانيا يونيورسٽيءَ مان پي. ايڇ. ڊي ڪئي، سندس ٿيسز جو نالو ”هندوستاني سنڌيءَ جو هنديءَ کان متاثر ٿيڻ“ (Acculturation of Indian Sindhi to Hindi). انهن کانسواءِ يمونا (يمنا) ڪاچرو ۽ احمد صديقي هندي، اردوءَ متعلق يونيورسٽي آف الينوائز ۾ ٽرنسفرميشنل-جنريٽو گرامر جي نوعيت تي ڪجهه ڪم ڪري چڪا آهن، جنهن ۾ هندي ۽ اردوءَ جي جهيلار جو ترجمو به ٿيل آهي. هيءُ ڳالهه هتي انهيءَ ڪري ڄاڻايم ته جيئن پڙهندڙن کي خبر هجي ته دنيا ۾ ٻين هنڌن تي گهڻو ڪجهه ٿي رهيو آهي، جنهن جي اسان کي سُڌ رکڻ گهرجي. (29) جيڪي به سوال ڪير، ڪنهن، ڪيڏانهن، ڪٿي، ڪيئن وغيره جهڙن لفظن سان شروع ٿا ٿين (جيڪي انگريزي ۾ WH سان شروع ٿيندڙ لفظن سان ٿيندا آهن) تن کي ”انفرميشن“ (اطلاعاتي) سوال چئبو آهي، ڇو جو انهن جي جواب ۾ ڪو اطلاع ڏيڻو پوندو آهي. اهڙا سوال ها – يا –نه وارو جواب نه گهرندا آهن. انهن جي مقابلي ۾ جيڪي سوال انگريزيءَ جي موڊلز يا آگزلري فعلن يا Do, did وغيره جهڙن لفظن سان شروع ٿا ٿين، تن جو جواب هميشه ”ها“ يا ”نه“ ۾ هوندو آهي؛ ان ڪري انهن کي ها-يا-نه سوال چئبو آهي، اطلاع طلب سوالن جي جهيلار جو نمونو ڪرندڙ ٿيندو؛ ها يا نه سوالن جي جهيلار جو نمونو اٿندڙ يا اڀرندڙ ٿيندو. (30) هيءُ سڄو بحث ڪُورِڪ ۽ سندس همڪارن جي ڪتاب (مٿي، نمبر ڇهون) جي چوڏهين باب ۾ ڏنل آهي. (31) کليل ۽ بند ڪلاسن جو بحث مٿي ڄاڻايل ڪُورِڪ ۽ سندس همڪارن جي ڪتاب (حاشيو نمبر ڇهون ۾ 44 صفحي کان شروع ٿو ٿئي. کليل ڪلاس ۾ رسمي گرامر جا اسم، فعل، صفت ۽ ظرف اچي وڃن ٿا. هنن کي کليل انهيءَ ڪري ٿو سڏجي جو هن ڪلاس جا لفظ نوان نوان پيا ٺهن ۽ هڪ جملي ۾ انهن لفظن مان استعمال ڪيل ڪنهن لفظ جي اڳيان پويان ٻيا لفظ وڌائي سگهجن ٿا. جملي ۾ جتي ”ماڻهو“ لکيل هوندو ان کي ڦيرائي ”سٺو پوڙهو ٿڪل ماڻهو“ ڪري سگهجي ٿو ”اڄ“ کي ڦيرائي ”اڄ صبح جوساڍي ستين بجي“ ڪري سگهجي ٿو، پر بنا ڪلاس وارن لفظن جهڙا نڪي ڪي نوان لفظ ٿا ٺهن، نڪي جملي ۾ آيل انهن لفظن مان ڪنهن کي ٻيا لفظ اڳيان پويان ڏئي وڌائي سگهجي ٿو. انهيءَ گرامر جا حرف تعريف (انگريزيءَ جي آرٽيڪل the, a, an ضمير اشارو ضمير، حرف جر، حرف جملو ۽ حرف ندا هن ڪلاس ۾ اچي وڃن ٿا. (32) ڪُورڪ ۽ سندس همڪارن وارو ڪتاب (حاشيو ڇهون) ص : 945 (33) ساڳيو حوالو: ص 945. (34) ساڳيو حوالو: ص 946. (35) غلام علي الانا: مهراڻ 2/1979ع حوالو ڏنل: ص 138 (36) ساڳيو حوالو: ص 134. 135 (37) ڪُورڪ ۽ همڪار (حاشيو ڇهون) : ”مرڪز، موضوع ۽ زور جي بحث بابت چوڏهون بابت سمورو ڪارائتو آهي (ص 935 کان 972 تائين؛ جهيلار لاءِ اپنڊڪس (ضمن) II ڏسو. (ص 1032 کان 1052 تائين Stress, Rhythm & Intonation جي نالي سان سمورو ڪارائتو آهي. گرامر جي ٻين مڙني پهلوئن کي جديد لسانيات جي نقطه نظر سان ڏسڻ لاءِ هيءُ سڄو ڪتاب مفيد آهي. هن ضخيم ۽ مهانگي ڪتاب جو هڪ جامع اختصار به لانگمن وارن University Grammar of English جي نالي سان ڇاپيو آهي، جنهن ۾ اصل وارن سڀني بحثن جو مختصر احاطو ٿيل آهي. (38) ڪورڪ ۽ همڪار: ص 945 کان 950 تائين. (39) غلام علي الانا: حوالو اڳ ڏنل: ص 135. (40) ساڳيو حوالو 135. (41) “Grammatical Ideas” –as in Fries Chapter X. حاشيو ستون (42) فريز مٿيون حوالو (حاشيون ستون) : ص 248 (43) thnse جنهن کي زمان چئجي ٿو، گذريل هلندڙ يا ايندڙ وقت ڏيکاري ٿو. Aspect زمان ۾ ٿيل ڪم جي نوعيت يا انداز جي وضاحت ڪري ٿو ته اهو ڪم لڳاتار (استمراري) (continuous) نوعيت جو هو، يا غير اسمتراري: مطابق (perfective) هو يا غير مطلق. ڏسو ڪُورڪ ۽ ٻيا ص 90 ۽ اڳتي. (44) اردو ۽ سنڌي ٻوليون جيئن هڪ ٻئي تي اثر انداز ٿي رهيون آهن تيئن سنڌيءَ مان فاعل ۽ مفعول کي پڌري ڪرڻ واري تصريفي حرڪت جيڪا رِڇَ ۽ رِڇُ جي زبر ۽ پيش ۾ موجود آهي، سا شهري ڳالهائيندڙن جي ٻوليءَ مان نڪرندي ٿي وڃي؛ ۽ سنڌي، اصل نسل، جي واتان اهڙا جملا ٻڌڻ ۾ اچن ٿا ”ڇوڪر انب کاڌو“، يا ”سليم هُن سان گڏ ويو“حالانڪه سنڌي ڳالهائيندڙ ”ڇوڪرَ“ جي ”ري“ تي زبر، انبَ جي ”بي“ تي پيش، ”سليم“ جي”ميم“ تي پيش، هُنَ جي ”نون“ تي زبر ۽ گَڏُ جي ”ڏي“ تي پيش ڏيندو. (نٿو ڏئي ته سنڌي ناهي) پر سنڌيءَ ۽غير سنڌيءَ جي سنڌو ائين وڃي ٽُٽندو. ٻئي طرف ڏسجي پيو ته سنڌ ۾ رهي اردو به پنهنجي اصل صورت کان گهڻو ڦري ويئي آهي. انهيءَ جو احوال وري اهڙي ڪنهن هندوستاني مهمان کان پڇجي، جيڪو هتي جي مائٽن سان پهريون دفعوملڻ آيو هجي. فاعل- مفعول واري تصريف جي سلسلي ۾ ، اوهان، ڪڏهن ڪڏهن ”بس مين ٻيٺهه کر جانا“ جهڙا جملا ٻڌندو، جنهن ۾ بس جي سين تي حرڪت اچي ويئي آهي. (45) فريز جي ڄاڻايل ڪتاب (مٿي، حاشيو ستون) جو ڏهون باب (The uses of word order) سڄو هن بحث لاءِ ڪارائتو آهي. (46) فريز ص : 251. (47) فريز ص : 252. (48) پراڻي انگريز جي تصريف، انهيءَ زماني ۾ رڳو آرٽيڪل تي پوندي هئي. سنڌي ۾ اهي تصريفون خود اسم ۽ فعل تي نٿيون پون. جيئن ته فعل به تصريف ٿيل هوندو آهي، جڏهن فاعل يا مفعول ضمير هوندو آهي ته ان کي استعمال ڪرڻ لاءِ حذف ڪرڻ اختياري هوندو آهي. هو انب نٿو کائي= انب نٿو کائي. هُنن هِن کي ماريو= ماريائونس ڇوڪرن هن کي ڪُٽيو= ڇوڪرن ڪُٽيسِ. (49) غلام علي الانا: حوالو ڏنل: ص 134. (50) ”رسالئه ڪريمي“ قليچ بيگ : ص 76. (51) پير علي محمد راشدي: ”اهي ڏينهن اُهي شينهن“ (جلد پهريون) سنڌي ادبي بورڊ، ٻيو ڇاپو 1974ع ص 591. (52) راشدي: ساڳيو حوالو ص 428. (53) محمد صادق ميمڻ: ”تان ڪي ڏونگر ڏوريان“ مهراڻ 2/1979ع –ص 91. (54) رسالا ڪريمي: ص 84 (55) ڊاڪٽر غلام علي الانا: ”سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد“ زيب ادبي مرڪز حيدرآباد، 1974ع، ص 101 آخري مثال ص 89. (56) گزيدهء تاريخ بيهقي از ابوالفضل محمد بن حسين بيهقي، شرکت سهامي کتابهاي حبيبي، تهران 1348هه (شمسي) ص 159، سامانين جي وزير ابوالمظفر برغشيءَ جي ڳالهه پئي هلي، جنهن جڏهن ڏٺو ته ساماني اميرن جو راڄ پوين پساهن ۾ آهي ته رٿ ڪيائين ته ڪيئن آهستي آهستي امير جي نوڪريءَ مان نڪري به وڃي ۽ مٿس ميار به نه اچي. (57) گلستان سعدي. (58) عروسک سنگ صبور قصه هاي ايراني، جلد سوم: سيد ابوالقاسم انجوي شيرازي، امير ڪبير تهران 1354 هه، ص 8 ”پير مرد و عزرائيل“ پوڙهو مرڻ کان نٽائيندو ٿو رهي ۽ عزرائيل کي هر سال ڏٽو ڏيو واپس ڪيو ڇڏي. نيٺ هڪڙي سان پُورُ پِيُس ته هاڻي مرڻ گهرجي، سو خدا کي چيائين ته ”هن سال آءُ تيار آهيان” عزرائيل اچي جيڪو اڃا به پوڙهي کي مهلت ڏيڻ لاءِ تيار آهي، پر پوڙهو چئي ٿو ته هن سال جي مارڻ ۾ گيسر ڪيئي ته توتي دانهين ويندس رب وٽ. (58.1) ميارءَ، ساهُسِ ۽ سُکِيُسِ جهڙا لفظ ڄاڻي واڻي ترجمي کي نباهڻ لاءِ ٺاهيا ويا آهن. اهڙيون ترڪيبون جيڪي فارسيءَ ۾ ڏسو ته اڃا به آهن، سنڌيءَ مان نڪرنديون وڃن. (59) ايرج پزشکزاد: ”ننگ بي پولي“ در طنز آوران امروز ايران: تاليف بيزن اسدي پور و عمران صلاحي، انتشارات مرواريد، تهران 2536 (شهنشاهي!) ص 33. (60) ڊينئل جونز جو مشهور ڪتاب An Outline of English Phonetics جيڪو 1918ع ۾ لکيو ويو ۽ بلومفيلڊ جو ڪتاب Language جيڪو 1933ع ۾ ڇپيو، لسانيات جي بحث ۾ هن وقت رڳو تاريخي حيثيت رکن ٿا. جونز جو ڪتاب هاڻي گمپسن سڌاري ٻيهر ڇپرايو آهي ۽ جونز ۽ گمپسن ٻنهي جي نالي ڀائيواري سان ۽ بلو مفيلڊ جو ڪتاب پنهنجي وقت ۾ وڏي انقلابي حيثيت رکندو هو، پر خود بلومفيلڊ جي شاگردن پوسٽ بلو مفيلڊين ”اسٽرڪچرلزم“ وارو انقلاب آندو، جنهن جو اثر 1950ع واري ڏهاڪي جي اڳين سالن تائين رهيو. گذريل ويهن سالن کان ٽرنسفرميشنل-جنريٽو جي نظريي جو راڄ هلي رهيو آهي، جنهن ۾ ڪيتريون ڳالهيون نيون ٿي پراڻيون ٿي ويون آهن. يورپ ۽ آمريڪا جي يونيورسٽين ۾ هينئر جيڪو لسانيات تي بحث هلي رهيو آهي، سو اڃان ڪنهن ٻئي انقلاب ڏانهن اکيون کڻي نهاري رهيو آهي، بلومفيلڊ ۽ ڊينيئل جونز هاڻي سقراط، افلاطون ۽ دانتي وانگي لسانيات جي ميوزيم (عجائب گهر) ۾ سينگار ۽ تاريخي حوالي جو ڪم ڏيندا آهن. (مهراڻ 3-4/1998ع)