سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون (جلد II)

ڪتاب جو نالو سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون (جلد II)
ليکڪ خان محمد جروار
سنڌيڪار / ترتيب خان محمد جروار
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-02-4
قيمت 250    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (608) PDF  E-Pub
انگ اکر

29 October 2019    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     17043   ڀيرا پڙهيو ويو

”ضميري پڇاڙي ۽ صحيح سنڌي ٻولي“ مقالي جو لسانياتي اڀياس: ڊاڪٽر غلام علي الانا


- ڪنهن به ٻوليءَ جو وياڪرڻ، ان ٻوليءَ جي آوازن، صوتين، صرفين، لفظن، فقرن ۽ جملن ۾ ڪم آندل آوازن، صوتين، صرفين ۽ نحوي بناوتن ۾ استعمال ٿيل آوازن جي بيهڪ، صوتين جي استعمال، صرفين ۽ لفظن جي سٽاء، ترتيب ، انتخاب ۽ جهيلار (Intonation) جي وصف، اصولن ۽ قاعدن ۽ قانونن کي چئبو آهي؛ پر هر زماني ۾ ماهرن طرفان وقت بوقت، انهن وصفن ۾ سڌارا ۽ واڌارا ٿيندا پئي رهيا آهن. علم اللسان جي ميدان ۾ پنڊت پاڻينيءَ (٤٠٠ ق-م) جو نالو سڀ کان پهرين ملي ٿو، جنهن علم اللسان جا اصول مقرر ڪيا ۽ ”ڀاشا“ (تڪس شلا واري خطي ۾ رائج ٻولي) لاءِ صوتي ۽ صوتياتي قانون ٺاهيا. هن سلسلي ۾ پنڊت پاڻينيءَ کانپوءِ محقق البيرونيءَ ڪن وياڪرڻين جا نالا ڏنا آهن، جن ۾ چندر، پنگل، پتنجلي، جيادتيند و امن جا نالا اهم سمجهيا وڃن ٿا. اهڙيءَ طرح محقق البيرونيءَ واديءِ سنڌ ۾ پنهنجي قيام دوران (١٠١٧ع -١٠٣١ع) رائج زبان/ زبانن جي ويا ڪرڻ، لسانياتي، علمي ۽ ادبي خوبين جو ذڪر پڻ ڪيو آهي. اُن لاءِ ”ڪتاب الهند“ ڪتاب جو مطالعو ڪرڻ ضروري آهي. انهن حوالن کان پوءِ ائين چئي سگهجي ٿو ته ڪنهن به ٻولي ءَ جي وياڪرڻ جي مقرر شده اصولن ۽ قانونن جي باري ۾ ڇنڊڇاڻ ڪرڻ ۽ لسانياتي جائزو وٺڻ کان آسان ڪم نه آهي. اُن ۽ اهڙي جائزي لاءِ تجزيو ڪندڙ اول ته اُن زبان جي لسانياتي اصولن ۽ علم اللسان ۾ چڱي ڄاڻ رکندو هجي؛ سو ته هو اهل زبان کڻي نه هجي ته به ان زبان ۾ هر طرح سان مهارت رکندو هجي، يعني ان زبان جي آوازن، صوتين، صوتيات، صوفيات، علم صرف، علم نحو ۽ علم معانيءَ جي موضوعن ۽ مطالعي تي دسترس رکندو هجي. زير بحث مقالو ”ضميري پڇاڙي ۽ صحيح سنڌي ٻولي“ محترم محبت ٻرڙي جي محنت، مطالعي ۽ سنڌي زبان جي ڄاڻ ۽ اُن سان ”محبت“ جو هڪ وڏو ثبوت آهي. واقعي هيءُ هڪ ڏکيو موضوع آهي. هن موضوع تي ايتري قدر وضاحت سان لکڻ مان ظاهر ٿو ٿئي ته جناب محبت ٻرڙي کي سنڌي وياڪرڻ ۽ سنڌي لسانيات تي ڪجهه قدر دسترس حاصل آهي. ههڙي بهترين ۽ پُر مغز مقالي لکڻ تي آءٌ محترم محبت ٻرڙي کي دل جي گهراين مان مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. هيءُ مقالو ”توضيحي لسانيات“ (Descriptive Linguistics) جي روشنيءَ ۾ لکيل آهي. بهتر ٿيندو ته سنڌي زبان ۽ علم اللسان سان دلچسپي رکندڙ دوست، هن مقالي جو ڀرپور جائزو وٺن ۽ هن موضوع تي وڌيڪ لکن. ٢- ٻرڙي صاحب علم اللسان جي ميدان ۾ خصوصا سنڌي وياڪرڻ جي ضميري پڇاڙين واري باب جي حوالي سان نئون بحث ڇيڙي هن موضوع تي راءِ ڏيڻ جي آڇ ڪئي آهي؛ جيتوڻيڪ ”ضميري پڇاڙيون“ ڪو نئون موضوع نه آهي. هن موضوع تي هن کان اڳ ڊاڪٽر ٽرومپ، جارج اسٽئڪ، مسٽر واٿن، ديوان ڍولي مل، سرگريئرسن، مرزا قليچ بيگ، ڪاڪي ڀيرومل،، محمد صديق مسافر، ڊاڪٽر لڇمڻ خوبچنداڻي، ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، محترم واحد بخش شيخ، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، پروفيسر محمد فاضل شيخ کانسواءِ مون به پنهنجن ڇپيل ڪتابن – هر هڪ: ”سنڌي ٻوليءَ جو بُڻ بنياد“، ”سنڌي معلم“، ”سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس“ ۽ اڻڇپيل ڪتاب، ”سنڌي لنگئافون،“ ۾ تفصيل سان گهڻو ئي ڪجهه لکيو آهي، انهن سڀني ڪتابن ۾ ”ضميري پڇاڙين، ۽ متصل ضميرن“ تي، مثالن ۽ دليلن سان ڪافي ڪجهه لکيو ويو آهي. ٣- ٻرڙي صاحب پنهنجي مقالي جي شروعات جنهن جملي سان ڪئي آهي، اهو جملو هي آهي: ”اسين توهان وٽ شام جو ٺيڪ ڇهين وڳي پهچنداسون“. ان کانپوءِ ٻرڙو صاحب لکي ٿو: ”جيئن ئي مون اهو جملو ڳالهايو، منهنجي ذهن ۾ هڪ خيال آيو: ڇا، مون اهو جملو سنڌي ٻوليءَ جي وياڪرڻ جي اصولن ۽ قاعدن پٽاندر صحيح ڳالهايو؟“ اهو ئي سوال هو، جنهن ٻرڙي صاحب کي هيڏي ڊگهي مضمون لکڻ لاءِ مجبور ڪيو، تفصيل ۾ وڃڻ کان اڳ آءُ ايترو ضرور عرض ڪندس ته ٻرڙي صاحب هر طرح سان پڙهندڙن تي ذهني طور حاوي ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ سندس هيءَ راءِ ملاحظه فرمايو: ”ان ڪري اها راءِ رکان ٿو ته هڪ جملي ۾ ٻه ڀيرا ساڳيو ضمير فاعل طور آڻڻ جو سبب نه ته ڪو وياڪرڻي اصول آهي ۽ نه وري ڪا جملي ۾ شعوري طرح شدت پيدا ڪرڻ جي ڪوشش. اها هڪ چُڪ آهي جيڪا اڻڄاڻائيءَ ۽ بي ڌيانيءَ سبب، يا غفلت جي ڪري سنڌي ٻوليءَ ۾ پيدا ڪئي ويئي آهي.“ (ص ٢٤١) ٤- ٻرڙي صاحب پڙهندڙن تي حاوي ٿيڻ لاءِ سنڌي وياڪرڻ جي ماهرن طرفان مقرر ڪيل فني صورتن (Terms) جهڙوڪ: ”واحد“، ”جمع“، ”مونث“ ۽ ”مذڪر“ جي بدران پنهنجا گهڙيل لفظ جهڙوڪ: ”هيڪل“، ”گهڻ“، ”نار“ ۽ ”نر“ ڪم آندا آهن. ٻرڙي صاحب ڪهڙن سببن جي ڪري ”واحد ۽ جمع“، ”مونث ۽ مذڪر“ لفظن کي پسند نه ڪيو، جڏهن ته هن وقت تائين ڇپيل سڀني وياڪرڻن ۾ اهي ئي لفظ (واحد ۽ جمع، مذڪر ۽ مونث) ڪم آندل آهن، جيڪي صدين کان رائج آهن. هن قسم جي تبديليءَ لاءِ ٻرڙي صاحب کي کپندو هو ته سنڌي ماڻهن وٽ اول پنهنجي علمي ۽ تحقيقي حيثيت قبول ڪرائي ها ۽ پوءِ سنڌ جي ناميارن ودوانن متفقه طور مقرر ڪيل فني لفظ ڦيرائي ها ۽ پنهنجا گهڙيل لفظ استعمال ڪري ها. ٽين ڳالهه جيڪا ٻرڙي صاحب کي ”پاڻ پڏائيندڙ شخص ثابت ٿي ڪري، اها سندس هن پئرا مان ثابت ٿئي ٿي: ”فطري هو ته سنڌي ٻوليءَ جي ليکڪن ۽ خاص طرح عالمن جي لکت ڏانهن ڌيان ڏيان. ڀروسو ڪريو يا نه، اها حقيقت آهي ته هڪ ٻن عالمن جي لکڻين کانسواءِ ٻن سون کان وڌيڪ نثر توڙي نظم لکندڙ چوٽيءَ جي ليکڪن جي لکڻين ۾ اها ساڳي چُڪ ٿوريءَ ڦير گهير سان هزارين ڀيرا ورجائيندي نظر آئي، جيڪا مٿي ڏنل منهنجي جملي ۾ موجود آهي.“ (ص ١٩٢) ٥- ٻرڙي صاحب پنهنجي مقالي جو ٿلهه ”پڇاڙيءَ“ جي وصف سان ٻڌو آهي. ”پڇاڙي“ ڇا آهي جو عنوان ڏيندي، ٻرڙو صاحب لکي ٿو: ”دنيا جي ڪيترن ئي ٻولين ۾ سنڌيءَ ۾ به، ڪي آواز يا اکر اهڙا آهن، جيڪي (بظاهر) ڪا به معنيٰ نٿا رکن ۽ گهڻي ڀاڱي مقرر آهي، جيڪي ڪنهن به مقرر لفظ جي اڳيان، پٺيان يا اُن جي وچ ۾ جڏهن رکجن ٿا، تڏهن مخصوص معنيٰ ظاهر ڪن ٿا. اهڙو اکر يا آواز، يا اهڙا اکر يا آواز ، جيڪي ڪنهن لفظ جي اڳيان مُنڍ ۾ اچي ڪانه ڪا مقرر معنيٰ ظاهر ڪن، انهن کي اڳياڙي چئجي ٿو. مثال طور ”ٻيٽ“ جي آڏو ”اُپ“ اڳياڙي اچي ”اُپٻيٽ“ ۽ ”جاڳ“ جي آڏو ”سُ“ اڳياڙي اچي ”سجاڳ“ ٺاهي ٿي.“ (ص ١٩٢) اڳتي وڌڻ کان اڳ اهو مناسب ٿو سمجهان ته پڙهندڙن جي خدمت ۾ ”آواز“ ۽ ”اکر“ جي باري ۾ ڪجهه عرض ڪريان. ”آواز“ ۽ ”اکر“ جي وصف ۽ ڪارج ۾ وڏو فرق آهي. اهڙيءَ طرح ”اکر“ ۽ ”آواز“ ساڳي ڳالهه ڪانهي. ”آواز“ ٻوليءَ جو هڪ اهو جُز آهي، جيڪو ڳالهائيندڙن، ڳالهائڻ جي عضون جي مدد سان، ڪنهن مخرج وٽ اچاري ٿو. صوتيات ۾ ”آواز“ وڏي حيثيت ٿو رکي. ٻوليءَ جا لفظ آوازن جي وسيلي جُڙن ٿا. اُن لاءِ ”علم صوتيات“ جا اصول ۽ قانون به آهن. هن ڏس ۾ ”سنڌي صوتيات“ ڪتاب ۽ پروفيسر جتوئيءَ جو ڪتاب ”علم اللسان“ ۽ سنڌي زبان، پڙهڻ گهرجن. ان لحاظ کان آواز/آوازن جو علم صوت/ صوتيات (Phonetics) جي لحاظ کان وياڪرڻي ڪارج مڃيل آهي، جڏهن ته اکر/اکرن جون ڪو به وياڪرڻي ڪارج ڪونهي. ”اکر“ ٻوليءَ جي ڪنهن به آواز جي لکيل صورت کي چئبو آهي. مثال طور ”ب“ “m” “b” ۽ .......... ڌارڌار ٻولين جي ساڳئي آواز لاءِ مقرر ڪيل اکر (Grapheme) آهن. اهي اکر ”ب“ آواز جو لکيل روپ ظاهر ڪن ٿا (ڏسو ڪتاب ”سنڌي صورتخطي“، چوٿون ڇاپو ١٩٩٣ع ص ١٤). اهو روپ انگريزي، هندي، مرهٽي، بنگالي، گجراتي ۽ سنڌيءَ ۾ ڌار ڌار آهي، پر انهن جو آواز لڳ ڀڳ ساڳيو آهي. لسانيات جي ماهرن، ان ڪري آواز (Sound)، صوتيه (Phoneme)، صرفيه (Morpheme) ۽ اکر (Grapheme) لاءِ ڌار ڌار نشان مقرر ڪيا آهن: مثال طور؛ ”س“ اکر آهي، ۽ /س/ صوتيه آهي (س) آواز آهي ۽ (س) صرفيه آهي. محقق البيروني صورتخطيءَ جي باري ۾ لکي ٿو: ”ڳالهائڻ واري ٻولي (Tongue) ڳالهائيندڙ جي خيالن کي ٻڌندڙن تائين پهچائڻ جو هڪ وسيلو آهي. انهي عمل (ڳالهائڻ) کي ٿوري عرصي لاءِ جٽاءُ رهندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو صدري علم (سيني بسيني ياد ڪرڻ وارو طريقو) ۽ تاريخي واقعا، وقت گذرڻ سان پنهنجي اصلي اهميت وڃائي ويهن ٿا، ان ڪري انسان ذات اهم واقعن ۽ علمي ڳالهين کي محفوظ رکڻ لاءِ لکڻ جو فن ايجاد ڪيو“ (١)• ٻرڙي صاحب اڳياڙيءَ ۽ پڇاڙيءَ کانسواءِ ”وچياڙي“ جي وصف بيان ڪندي لکي ٿو: ”اهڙو اکر يا آواز يا اهڙا اکر يا آواز جيڪي ڪنهن لفظ جي وچ ۾ اچي ڪانه ڪا يا مقرر معنيٰ ظاهر ڪن، انهن کي (وچياڙي) چئجي ٿو. مثال طور : ”مرڻ“، ”کرڻ“، ”ٺرڻ“ ۽ اهڙن ٻين ڪيترن ئي لفظن جي پهرئين اکر کان پوءِ ”آ“ آڻڻ سان واريسر ”مارڻ“، ”کارڻ“ ۽ ”ٺارڻ“ وغيره ٺهن ٿا“ (ص-١٩٢). ٻُرڙي صاحب جي اطلاع لاءِ عرض آهي ته ”مارڻ“، ”کارڻ“ ۽ ”ٺارڻ“ وغيره لفظن جي وچ ۾ جيڪا ”آ“ صرفيه، ڪم آندي ويئي آهي، اُن کي وچياڙي نه چئبو، پر ”مرڻ“، مان جوڙيل ”مارڻ“ لفظ ۾ جيڪا تبديلي آئي آهي، اُن کي لسانيات ۾ صرفيائي تبديلي (morphemic change) چئبو آهي. اهڙيءَ تبديليءَ کي اندروني تبديلي (internal change) چئبو آهي (١).• اهڙيءَ تبديليءَ لاءِ ماهرن دليلن سان وضاحت ڪئي آهي ۽ قانون مقرر ڪيا آهن. انهن قانونن موجب ”مرڻ“ فعل لازميءَ جي ڌاتوءَ مان، فعل متعدي ”مارڻ“ جي ڌاتوءَ جوڙڻ لاءِ فعل لازميءَ جي ڌاتوءَ ۾ اندروني تبديلي (Internal change) آندي ويندي آهي؛ مثال طور: فعل لازمي فعل متعدي آيل تبديلي مَرُ مار اَ< آ سَڙ ساڙ ” ” لَهه لاهه ” ” ڊَهه ڊاهه ” ” انهيءَ ڪري اهو سمجهڻ غلط آهي ته ”مرڻ“ ۽ ”مارڻ“ فعلن ۾ ”اَ“ جو بدلجي ”آ“ ٿيڻ واري حالت ۾ ”آ“ صوتيه کي ”وچياڙي“ چئبو. سنڌي ٻوليءَ ۾ وچياڙيءَ جا مثال هن مقالي ۾ اڳتي ڏنا ويا آهن. سنڌي ٻوليءَ ۾ اڳياڙين جي سلسلي ۾ مرزا قليچ بيگ (٢) ۽ ڪاڪي ڀيرو مل (٣( پڻ گهڻي تفصيل سان لکيو آهي. ڪاڪو ڀيرومل ”ٻرڻ“ فعل کي فعل لازمي ٿو بيان ڪري ۽ ”ٻارڻ“ کي فعل متعدي؛ يعني ته ڪاڪي ڀيرومل جي راءِ موجب ”ٻرڻ“ ۽ ”ٻارڻ“ جي وچ ۾ جيڪا تبديلي ٿي آهي، اُن کي وچياڙي نٿو چئي سگهجي.ڪاڪو ڀيرومل پنهنجي ڪتاب ”وڏو سنڌي وياڪرڻ“ ۾ لکي ٿو: ڪيترن ئي لازمي فعلن جي ڌاتوءَ مان فعل متعدي، هيٺينءَ ريت ٺهيا آهن(1):• لازمي متعدي تبديلي لازمي متعدي تبديلي ٻرڻ ٻارڻ اَ < آ ترڻ تارڻ اَ < آ ٽرڻ ٽارڻ = آ ڊهڻ ڊاهڻ = آ رڙهڻ ريڙهڻ اِ < اي ڦرڻ ڦيرڻ اِ < اي مُڙڻ موڙڻ اُ < او ڀُرڻ ڀورڻ اُ < او وچياڙين جي سلسلي ۾ محترم واحد بخش شيخ پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جو صرف ونحو“ (2) ۾ لکي ٿو: ”فارسيءَ وانگر سنڌيءَ ۾ ڪن حالتن ۾ ٻه اسم يا ٻه مصدر، ”و“ حرف سان معطوف ٿيندا آهن ۽ ڪڏهن ”و“ جي بدران ”ا“ (الف) به عطف جو ڪم ڏيندو آهي ۽ اهڙن اسمن کي ”اسم مرڪب“ چئبو آهي. اهڙيءَ حالت ۾ فعل جو اتفاق پوئين اسم سان ٿيندو آهي. ڪي مثال هيٺ ڏجن ٿا: رات و ڏينهن خريد و فروخت رات و رات بود و باش سوز و گداز صنعت و حرفت مُکا ميلو شيخ صاحب جي هنن مثالن ۾ ”و“ ۽ ”آ“ وچياڙيون آهن. اهڙيءَ طرح ”سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس“ ڪتاب ۾ هيٺ موجب عرض ڪيو ويو آهي(١):• ”اڳياڙين، پڇاڙين (۽ وچياڙين) کي لسانيات ۾ ’جوڙ‘ (Affixes) چئبو آهي، جن کي سندن ڪارج جي لحاظ کان اڳياڙيون يعني جيڪي واسطيدار ڌاتن جي مُنڍ ۾ مِلايون وينديون؛ جن سان اُهي ٺهڪي اينديون آهن؛ پڇاڙيون جيڪي انهن ڌاتن جي پويان ملايون وينديون آهن، جن سان اُهي ٺهڪي اينديون آهن ۽ وچياڙيون جيڪي ٻن لفظن جي وچ ۾ ملايون وينديون آهن، پويون قسم يعني وچياڙيون سنڌيءَ ۾ آيل اُڌارن ورتل لفظن سان گهڻي قدر ملن ٿيون؛ جيئن : آمدورفت، گفت وشنيد وغيره ۾ ”و“ وچياڙي. سنڌي صرفيات (علم صرف) جي جائزي مان معلوم ٿو ٿئي ته آوازن، انهن جي ميلن يا جوڙن ۽ انهن جي علم لاءِ ڪي قانون ۽ اصول مقرر ٿيل آهن. اهڙيءَ طرح اڳياڙين ۽ پڇاڙين جي ميلاپ ۽ ڪارج لاءِ به ڪي قانون ۽ اصول ضرور آهن، جن جو اڃا اڀياس ڪيو ئي نه ويو آهي. هر ٻولي جي سڄي ڍانچي ۾ لفظن جا ڌار ڌار گروهه هوندا آهن، جن مان ڪنهن هڪ گروهه سان فقط ڪي اڳياڙيون ته ڪنهن ٻئي گروهه سان ٻيون پڇاڙيون ملنديون آهن، پر انهن گروهن سان هر اڳياڙي يا پڇاڙي ڪانه ملندي آهي، يعني ڪي اڳياڙيون ۽ پڇاڙيون لفظن جي ڪن گروهن سان ئي ملڻ لاءِ پابند هونديون آهن ۽ ٻين گروهن سان انهن جو ميلاپ ممڪن نه هوندو آهي. صوتين جي ورهاست ۽ گروهبنديءَ وانگر، صرفيه به ٻوليءَ جي وياڪرڻي سٽاءُ موجب مختلف گروهن ۾ ورهايل هونديون آهن(٢). صرفين جي اهڙي عمل ۽ ڪارج لاءِ هر زبان ۾ قانون ۽ اصول مقرر ٿيل هوندا آهن(٣). ”سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس“ ڪتاب ۾ اڳياڙين، پڇاڙين ۽ وچياڙين جي باري ۾ صفحي ٤٣ کان ٥٦ تائين تفصيل سان بحث ڪيو ويو آهي (1)• اهو سڄو بحث علم جي حوالي سان ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ نون لفظن ٺاهڻ جون واٽون ۽ اصول پڻ سمجهايا ويا آهن. مذڪوره ڪتاب ۾ هن سلسلي ۾ عرض ڪيل آهي ته: ”سنڌي ٻوليءَ جي اڳياڙين ۽ پڇاڙين کي، خود مختيار صورتن (Free forms) جي اڳيان پويان ملائي، نوان لفظ ٺاهبا آهن“ (2) ”سڌي ٻوليءَ جو اڀياس“ ڪتاب ۾ اڳتي بيان ڪيو ويو آهي ته: ”سنڌي ٻوليءَ ۾ فارسي ۽ عربي زبانن مان ورتل (اڌارن) لفظن ۾ ”و“ ۽ ”ب“ وچياڙيءَ طور ڪم ايندو آهي، مثلا: لفظ وچياڙي روبرو ب آمد و رفت و نشست و بر خواست و زن و دختر و وقت بوقت ب (3).• ٧. ٻرڙو صاحب صفحي نمبر 193 تي ضميري پڇاڙيءَ جي وصف بيان ڪندي لکي ٿو: ”اهڙو اکر يا آواز يا اهڙا اکر يا آواز، جيڪي ڪنهن لفظ جي آخر ۾ اچي ڪانه ڪا يا مقرر معنيٰ ظاهر ڪن،پر اُهو اکر يا آواز هڪ ضمير جي به نمائندگي ڪري يا اُن جي مٽ هجي ته اهڙي اکر يا آواز کي ضميري پڇاڙي چئجي ٿو؛ مثال طور: پسندا، ويهندا، گهمندا، ڳالهائيندا ۽ اهڙن ٻين ڪيترن ئي لفظن جي پٺيان- ”اسي“، (يا –اسون) ملائجي ٿو ته واريسر، ڏسنداسي، (ڏسنداسون)،”ويهنداسي“ (ويهنداسون)، ”گهمنداسي (گهمنداسون) ، ”ڳالهائينداسي“، (ڳالهائينداسون) جهڙا ٺهيل لفظ فعل سان گڏ هڪ ضمير جو به ڏس ڏين ٿا ۽ اهو ضمير آهي ”اسان“ يا ”اسين“. هنن لفظن ۾ -”اسي“ يا (اسون) هڪ ضميري پڇاڙي آهي“ (ص 193) ٻرڙي صاحب طرفان ڏنل هن وصف ۾ اول ته اکر يا آواز جي بدران فقط ”آواز“ لفظ ڪم آڻڻ گهرجي. ان کان پوءِ هن وصف ۾ هيٺيون واڌارو ڪرڻ ضروري آهي: ضميري پڇاڙيون جملي ۾ فعل سان گڏجي فاعل سان، فعل جي زمان، عدد ۽ جنس مطابق ڦرن (گردان ڪن) ٿيون. مثال طور – ”سي/سين“ (سُون) ضميري پڇاڙيون فعل سان گڏجي، فعل جو زمان ماضي ۽ زمان مستقبل ۾ ڦيرو (گردان) ڏيکارين ٿيون. زمان حال جي ڪنهن به قسم سان سي /سين (سون) ضميري پڇاڙيون هرگز نٿيون ملائجن، پر اُن (زمان حال) جي صورت ۾ -”آن“ -، -”اُون“- ”اين“- ، ”او“- ۽ -”انَ“ – پڇاڙيون ملايون وينديون آهن، جيئن اڳتي ڏنل مثالن مان معلوم ڪري سگهبو. ان ڪري ضميري پڇاڙين جي باري ۾ ڪابه راءِ تڪڙ ڪري ڏيڻ نه گهرجي. ٻُرڙي صاحب، ضميري پڇاڙين کانسواءِ ضميري وچياڙين جو به ذڪر ڪيو آهي ۽ صفحي 193 تي لکي ٿو: ”هن مهل تائين ”ضميري پڇاڙي“ ۽ ”ضميري اڳياڙي“ تي (شايد) نه لکيو ويو آهي. ”لکيو مانءِ“ (مون تو ڏانهن لکيو) ۾ بظاهر ٻه ضميري پڇاڙيون آهن، پر قاعدي موجب انهن مان آخريءَ کي ”ضميري پڇاڙي“، ۽ اُن کان اڳواريءَ کي ”ضميري وچاڙي“ سڏڻ گهرجي.ساڳيءَ طرح ”لکانءِ ٿو“، ”لکينم ٿو“ ۾ اصولن ”ٻه-ٻه ضمير“ ظاهر ڪندڙ آواز آهن، جيڪي مڪمل فعل جي وچ ۾ آيا آهن، تنهن ڪري ٻنهي کي ضميري ”وچاڙي“ سڏڻ گهرجي، يعني ”لکان ٿو“ ۾ ٻه ٻه ضميري وچاڙيون آهن ته ”لکينم ٿو“ ۾ به “(ص 193). حقيقت ۾ ٻرڙي صاحب ضمير متصل کي ضميري وچياڙي ڪري سمجهيو آهي نه ته ضميري وچياڙيءَ نالي ڪنهن به ضميري نشانيءَ جو ڪنهن به ماهر هن قت تائين ذڪر نه ڪيو آهي. دراصل ٻرڙي صاحب جي مٿينءَ دعوا (ضميري اڳياڙيون) لاءِ هيٺين مثالن جو تقابلي اڀياس ڪرڻ ضروري آهي: 1 2 3 مان لکان ٿو مان توکي لکان ٿو (مان) لکانءِ ٿو. تون لکين ٿو. تون مون کي/ مون ڏانهن لکين ٿو (تون) لکينم ٿو. ٽئين نمبر خاني ۾ ڏنل جملن جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ سان اهو نقطو واضح ٿئي ٿو ته ”لکانءِ“ فعلي صورت کي ٻن حصن /ڀاڱن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. اُهي ڀاڱا /جُزا آهن: لکانءِ: لکان+ ءِ لکينم: لکين + م انهن جزن مان پهرئين جزي ”لکان“ يا ”لکين“ کي وڌيڪ ٻن ڀاڱن/ صورتن ۾ ورهائي سگهجي ٿو: فعل جو ڌاتو + ضميري پڇاڙي لک -آن لک - اين ”لکان ٿو/لکون ٿا، مثالن ۾ ”ٿو“ يا ”ٿا“، ”ٿي“ يا ”ٿيون“ زمان حال جي ڦيري لاءِ ڪم آندل نشانيون آهن: مثال طور: لکان ٿو/لکان ٿي لکون ٿا/لکون ٿيون لکين ٿو/لکين ٿي لکون ٿا/لکو ٿيون لکي ٿو/لکي ٿي لکن ٿا/لکن ٿيون هاڻ جڏهن ”لکانءِ“ فعلي صورت جو اڀياس ٿو ڪجي تڏهن معلوم ٿو ٿئي ته ”لکانءِ“ فعلي صورت ۾ ”ءِ“ ضمير متڪلم واحد جي نشاني /علامت آهي، جيڪا ”لکانءِ“ فعلي صورت ۾ ”متصل ضمير“ طور ڪم آئي آهي، ان ڪري ”ءِ“ متصل ضمير کي ڪنهن به صورت ۾ ضميري وچياڙي طور قبول ڪري نٿو سگهجي. سنڌي، سرائيڪي، گجراتي، هندڪو توڙي ٻين اهڙين زبانن ۾ متصل ضميرن جو ڪارج بلڪل واضح آهي، ان ڪري ضميري پڇاڙيون ۽ متصل ضميرن کي گڏي ڇڏڻ يا هڪ ڪري سمجهڻ مناسب فيصلو يا راءِ ڪانهي. مثال طور: ”آيس“ ۽ ”پٽس“ صورتن ۾ ”-س“ جو ڪارج ساڳيو نه آهي. ”آيس“ ۾ ”-س“ ضميري پڇاڙي آهي، جڏهن ته پٽس ۾ ”-س“ ضمير متصل طور ڪم آيو آهي. اهڙيءَ طرح هنن صورتن ۾ به ڏسو: ”آيم“ ۽ ”چاچم“ ”آيم“ فعل ۾ ”-م“ ضميري پڇاڙيءَ طور ڪم آئي آهي، جڏهن ته ”چاچم“ لفظ ۾ ”م“ ضمير متصل آهي. اهو به ياد رکڻ گهرجي ته –آن-، اُون-، اين،-او، اي، - اَن-، سين/سي، -سون، ۽ -آ وغيره ضميري پڇاڙيون، فقط فعل سان ملائي سگهبيون آهن پر اهڙيون صورتون ڪنهن به اسم، حرف جر سان هرگز ملائي نه سگهبيون، جڏهن ته متصل ضمير، فعل، اسم يا حرف جر سان به ملائي سگهجن ٿا؛ مثال طور: ”لکانس ٿو“، ”لکانءِ ٿو“، ”لکانوَ ٿو“، ”لکينم ٿو“، ”لکيومانس“، ”لکيوسانس“، ”لکيم“، ”کيم“، ”وٽم“، ”اٿم“، ”اٿس“، ”اٿن“، ”اَٿس“، ”اَٿن“، ”سندم“، ”ڪڻن“، ”ڪڻس“ ۽ ”کيس“ وغيره صورتن ۾ ”ء“، ”م“، ”س“ ۽ ”ن“ وغيره سڀ صورتون ضمير متصل آهن، لحاظه ”لکانءِ ٿو“ ۽ ”لکينم ٿو“ ۽ اهڙين ٻين فعلي صورتن ۾ ”ء“ يا ”م“ کي ضميري وچياڙيون هرگز چئي نٿو سگهجي. 8. مون مٿي عرض ڪيو آهي ته ضميري پڇاڙيون فعل سان شامل ٿي فعل جي زمان، فاعل جي عدد، جنس جي ڦيري دوران، فاعل جي باري ۾ وضاحت ڪن ٿيون. اها ساڳي ڳالهه ٻرڙي صاحب به سندس مقالي ۾ صفحي 197 تي ڪئي آهي. هو لکي ٿو: ”فعل جي ڌاتوءَ سان ”اون“ پڇاڙي ڳنڍجڻ جي ڪري منجهس اهو گڻ پيدا ٿي پيو آهي جو ”اسان/اسين“ جيڪو ضمير متڪلم آهي) جي موجودگي ڏيکاري سگهجي“. پر ٻرڙي صاحب ساڳئي صفحي (197) تي جيڪا ٻي عجيب دعويٰ ڪئي آهي، اهڙي دعويٰ هن کان اڳ ڪنهن به وياڪرڻيءَ ڪانه ڪئي آهي. مثال طور ٻُرڙو صاحب لکي ٿو: ” ”اسان“ ٿي سگهي ٿو ته ٻن جزن ”آس ۽ آن (اس+آن)“ جو ٺهيل هجي. ”اس“ /هي/هيءَ/اِهو/هوءَ/هِن/هُن/ جي بدران ڪم اچي ٿو“ (ص 197). ٻُرڙي صاحب ”اسان“ لفظ جي اها صرفيائي ”ڀڃ گهڙ“ الله ڄاڻي ڪهڙي وياڪرڻيءَ جي تجزيي جي آڌار تي ڪئي آهي. دراصل آءُ/مان، اسين/اسان، تون، توهين/اوهين/اوهان/، هي/هيءَ، هُو/هوءَ، اِهي/ اُهي سڀ مفرد لفظ يا مفرد صورتون آهن، جيڪي پنهنجي سِر ڌاتو يا بنيادي لفظ آهن ۽ علم صرف جي لحاظ کان آزاد صورتون (Free forms) آهن. اهي آزاد صورتون نه ڪنهن ٻيءَ/صورت/ ٻين صورتن مان صادر ٿيل آهن ۽ نه وري ڪنهن ٻئي ڌاتوءَ مان ڦُٽي نڪتل آهن. علم صرف جي قانون موجب ڪنهن به مفرد لفظ يا آزاد صورت کي هڪ کان وڌيڪ آزاد جزن (صورتن) ۾ ڀڃي نٿو سگهجي ڇو ته مفرد/ابتدائي لفظ معنيٰ آزاد صورت. ڪنهن به مفرد لفظ يا آزاد صورت کي هڪ کان وڌيڪ جزن ۾ ورهائڻ ممڪن نه آهي. ڪنهن به لفظ کي ٻن يا ٻن کان وڌيڪ جزن يا صورتن ۾و رهائڻ وارو اصول ڪنهن مرتب لفظ (Complex word) يا مرڪب لفظ (compound word) سان لڳائي سگهجي ٿو. مفرد لفظ بنيادي يا ابتدائي لفظ آهي، جڏهن ته مرتب ۽ مرڪب لفظ ثانوي لفظ آهي، جيڪي ٻين ابتدائي يا آزاد لفظن يا صورتن مان ساڻن ڪن پر وَس صورتن (Bound forms) يعني اڳياڙين يا پڇاڙين يا وچياڙين- جي ملائڻ سان جڙن ٿا. هن سلسلي ۾ سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس، ڪتاب ۾ لسانيات جي ماهرن جي راين جي مدد سان تفصيلي بحث ڪيو ويو آهي (1)؛• تنهن ڪري اهو چوڻ هر لحاظ کان صحيح نه آهي ته اسين/اسان لفظ ٻن جزن تي مشتمل آهي. در حقيقت ”اسان“ مفرد لفظ آهي، جيڪو ڪن به ٻن جزن ۾ تقسيم نٿو ڪري سگهجي. اهڙيءَ طرح اهو به صحيح نه آهي ته ”لکان“ ”پڙهان“ ۽ ”ڏسان“ وغيره فعلي صورتن ۾ ڪم آيل پڇاڙي –”آن“، ”مان“ صورت مان، ”م“ ڪيرائي ٺاهي ويئي آهي (ڏسو ٻُرڙي صاحب جي مقالي جو صفحو 197). سڀيئي وياڪرڻي هن راءِ جا آهن ته – ”آن“ ضميري پڇاڙي آهي جيڪا فاعل ضمير متڪلم جي صورت ۾، فعل جي ڌاتوءَ سان، زمان مضارع جي ڦيري/گردان لاءِ ملائي ويندي آهي. اهڙيءَ طرح ٻيون ضميري پڇاڙيون هي آهن: جملو ضمير خالص/فاعل فعل ضميري پڇاڙي اسين/اسان وڃون ٿا متڪلم جم اسين/اسان وڃون - اُون تون وڃين ٿو حاضر واحد تون وڃين - اين 1 2 3 4 توهين/اوهين وڃو ٿا حاضر جمع توهين/اوهين وڃو - او هُو/هُوءَ وڃي ٿو/ٿي غائب واحد هُو/هيءَ وڃي - اي هُو/اُهي وڃن ٿا غائب جمع هُو/اُهي وڃن - آن ساڳيءَ طرح ٻرڙي صاحب جي هيءَ دعويٰ به قبول ڪري نٿي سگهجي ته: ” ”اسين“ ٿي سگهي ٿو ته ٻن جزن ”آس“ ۽ ”اين“ (اس+اين) جو ٺهيل هجي“ (ص 197). جيئن مٿي عرض ڪيو ويو آهي ته ”اسين“ مفرد لفظ آهي، جنهن جا هڪ کان وڌيڪ جزا ڪنهن به صورت ۾ ٿي نه ٿا سگهن. 9. ٻرڙي صاحب 199 ۽ 200 صفحن تي ضمير غائب جا مثال ڏيندي فرمايو آهي ته: خط لکن ٿا/ لکن ٿيون مضمون پڙهن ٿا/ پڙهن ٿيون نظارو ڏسن ٿا/ ڏسن ٿيون هنن ٽنهي (۽ اهڙين ٻين) جملن ۾ اڳيان فاعل ڄاڻايل ناهي. پر ڇا، اوهان فاعل نه سڃاتو؟ فاعل هي/هو/اِهي/اُهي آهي. فعل جي ڌاتوءَ سان ”آن“ پڇاڙي ڳنڍجڻ جي ڪري منجهس اهو گڻ پيدا ٿي پيو آهي جو اهي /.. .. – (جيڪو ضمير غائب آهي) جي موجودگي ڏيکاري سگهي.“ اڳتي لکي ٿو: ”-ان“ مٽ آهي، ”هي/هو/اِهي/اُهي“ جو، ۽ ”-ان“، سنڌي ٻوليءَ ۾ هيڪل (واحد) کي گهڻ (جمع) ڪرڻ جو ڪم به ڪندو آهي (وڻن،ٻوٽن، جانورن، آسمانن، گلن، ميون....) (اِنَ، -اِنَن ۽ - اُن، - انُن ۽ (جن ۾ اسين ”هه“ ملائي، ”اِنهن“ ۽ ”اُنهن“ چئون ٿا) پڻ انهن جو چٽو مثال آهي“ (ڏسو ص 200). حقيقت ۾ هي مثال ڏيئي ٻرڙي صاحب، سنڌي وياڪرڻ جي اصولن کي ته پاڻ وڌيڪ منجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ڇو ته: ”خط لکن ٿا“، ”مضمون پڙهن ٿا“ ۽ ”نظارو ڏسن ٿا“ وغيره مثالن ۾ فعل جي ڌاتوءَ سان ملايل ضميري پڇاڙي- ”اُن“ (لکن = لک+ان) جو سنڌي وياڪرڻ ۾ اهو ساڳيو ڪارج نه آهي، جيڪو ”وڻن، گلن ۽ ٻوٽن“ وغيره اسمن جي عددجمع صورت ٺاهڻ لاءِ ”-اَن“ عددي پڇاڙيءَ جو آهي. وڻن، ٻوٽن، جانورن، آسمانن، گلن“ وغيره لفظن ۾ ”-اَن“ فاعل جي ڦيري دوران حالت تفيري ڏيکارڻ لاءِ فاعل جي عدد جمع ۾ هجڻ جي علامت آهي. مثال طور: حالت فاعلي واحد جمع وَڻُ وَڻَ ٻوٽو ٻوٽا جانورُ جانوَرَ گُلُ گُلَ پر، ”وڻ، جانورَ، گُلُ، ٻوٽا“ ۽ اهڙن ٻين اسمن جو فاعل جي صورت ۾ هجڻ جي حالت ۾، حالت فاعلي ۽ حالت تغيري / عام حالت (Oblique case) ۾ ڦيرو (declension) ملاحظه فرمايو ۽ اوهان کي معلوم ٿيندو ته وڻ اسم جو حالت فاعلي ۽ عدد جمع ۾ ڦيرو؛ ۽ ”وڻن“ اسم جو حالت تفيري، عدد جمع ۾ ڦيري جو اڀياس ٻرڙي صاحب جي دعويٰ کي غلط ثابت ڪندو مثال طور: حالت فاعلي حالت تفيري/عام حالت ڇوڪرا پڙهن ٿا ڇوڪرن پڙهيو وڻَ سهڻا لڳن ٿا وڻن کي سهڻو بناءِ/بنايو جانور پاڻي پيئن ٿا جانور کي پاڻي پيئار گل وڏا ٿي ويا آهن گلن جو باغ وڏو آهي ٻوٽا پوک ٻوٽن ۾ بهاري اچي ويئي آهي هنن مثالن جي اڀياس مان ظاهر ٿو ٿئي ته حالت تفيريءَ هيٺ ڏنل مثالن ۾ فاعل جي صورت جهڙوڪ: ڇوڪرن، وڻن، جانورن، گلن ۽ ٻوٽن ۾ ڪم آندل پڇاڙي ”-آن“ ضميري پڇاڙي نه آهي،پر اها پڇاڙي فاعل جي عدد جمع ۽ حالت تفيري (Oblique case) جي ڦيري جي صورت ۾، فاعل طور ڪم آندل اسم جي عدد واحد کي عدد جمع جي صورت ۾ ڏيکارڻ لاءِ اسم (فاعل) سان ملائي ويئي آهي، جيڪا ساڳئي اسم جي جنس مذڪر، عدد واحد ۽ حالت تفيري لاءِ ”اي“ هوندي آهي، پر جنس مونث عدد واحد لاءِ ”ايءَ“ هوندي آهي؛ مثال طور: زمان حال زمان ماضي واحد جمع واحد جمع ڇوڪرو لکي ٿو ڇوڪرا لکن ٿا ڇوڪري لکيو ڇوڪرن لکيو ڇوڪري لکي ٿي ڇوڪريون لکن ٿيون ڇوڪريءَ لکيو ڇوڪرين لکيو هنن مثالن جي مطالعي مان ثابت ٿو ٿئي ته فاعل جي حالت تفيريءَ جي صورت ۾، فاعل جي پويان عدد واحد مذڪر لاءِ ”اي“ علامت/ نشاني ۽ عدد واحد جنس مونث لاءِ ”ايءَ“ علامت/نشاني يا پڇاڙي ملائي ويندي آهي. اهڙيءَ طرح فاعل جي تفيري حالت جي صورت ۾ عدد جمع مذڪر لاءِ ”اَن“ عدد پڇاڙي ۽ عدد جمع مونث لاءِ –يَن عددي پڇاڙي ملائي ويندي آهي. انِ اڀياس جي آڌار تي اهو چئي سگهجي ٿو ته: ”لکن“، ”پڙهن“، ۽ ”ڏسن“ وغيره فعلي صورتن ۾ ”-اَن“ پڇاڙيءَ جو ڪارج ۽ ”وڻن، ”ٻوٽن“، ”جانورن“، ”آسمانن“ ۽ ”گلن“ وغيره لفظن ۾ -”اَن“ جو ڪارج هرگز ۽ هرگز ساڳيو نه آهي بلڪه ائين چئبو ته اهي. ساڳئي ڪارج واريون پڇاڙيون نه آهن. جناب ٻرڙي صاحب صفحي 200 تي جيڪا دعويٰ ڪئي آهي اها به يڪطرفي ڄاڻ تي مدار رکي ٿي. اُن لاءِ لهجن جي وياڪرڻي ۽ لسانياتي مطالعي جي ضرورت آهي. هو لکي ٿو: ”اِنَ، اِنَن، اُنَ، اُنن (جن ۾ اسين ”هه“ ملائي ”اِنهن“ ۽ ”اُنهن“ چئون ٿا) پڻ اُن جو چٽو مثال آهي“. دراصل ”انِ، انِن، اُنن“ سان ”هه“ ملائڻ يا نه ملائڻ جو واسطو سنڌي ٻوليءَ جي لهجن جي وياڪرڻي اڀياس تي مدار رکي ٿو. سنڌي ٻوليءَ جي لهجن جي لسانياتي اڀياس مان پتو پوي ٿو ته سنڌي ٻوليءَ جي لاڙي، ڪڇي، لاسي ۽ ٿري لهجن ۾ وسرگ (aspirated) آوازن يا آوازن ۾ وسرگائيءَ جو استعمال نه هجڻ جي برابر آهي. انهن لهجن ۾ ”ڌوڪڻن“ ” گُهڻن آوازن“ سان، وسرگائي جو استعمال اڻلڀ آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ ”جهه“، ”گهه“ ۽ ”نهه“، اکر جي لکت ۾ ”هه“ وسرگائيءَ جي علامتي آهي، جڏهن ته ”ڀ، ٿ، ڦ، ٺ، ڌ، ڍ ۽ ڇ“ اکر وسرگ آوازن جون لکيل صورتون آهن ۽ وسرگ آوازن جي لکيل صورت لاءِ مقرر ٿيل اکرن ۾ زائد نقطا ڏيئي، وسرگ آوازن جو مقصد ظاهر ڪيو ويو آهي. مٿي ڄاڻايل لهجن ۾ وسرگائيءَ جو استعمال بلڪل ڪونهي، ان ڪري لاڙ، ڪڇ، لس ٻيلي ۽ ٿر جا ماڻهو، هِن، هُن، هُوءَ ۽ هيءَ، جي بدران ”انِ، اُنَ، او، اُوءَ، اِي، ۽ ايءَ، اچارين؛ البت سنڌي ٻوليءَ جي معياري لهجي ۾ ”اُن“ (حالت تفيريءَ جي صورت) جو استعمال به عام ملي ٿو. هي مثال ملاحظه فرمايو: معياري لهجو لاڙي/ڪڇي/لاسي/ٿري لهجا حالت فاعلي حالت تفيري حالت فاعلي حالت تفيري هيءِ، هُو، هُوءَ، اِهو، اُهو هن، هُن، اِنَ، اُنَ ايءَ، اُو، اُوءَ، اِيو اِن، اُنُ، اِنن، اُنن هو، اِهي، اُهي هنن، اِنهن، اُنهن اُئو، او، ايي، اوءِ انهن ضميرن جا حالت فاعلي ۽ حالت تفيريءَ ۾ پڻ ڦيرا ملاحظه فرمايو: معياري لهجو حالت فاعلي حالت تفيري هو اچي ٿو/ هُوءَ اچي ٿي هُن/ اُن کي آڻ اُو اچي ٿو اُوءَ اچي ٿي اُنَ کي آڻ حالت فاعلي حالت تفيري معياري لهجو لاڙي لهجو معياري لهجو لاڙي لهجو هُو اچي ٿو اُو اچي ٿو هُن کي آڻ اُن کي آڻ هُوءَ اچي ٿي اُوءَ اچي ٿي هُن/اُنَ کي آڻ اُنَ کي آڻ اُهي /اِهي اچن ٿا اوءِ اچن ٿا هُنن/اُنهن کي آڻ اُنن/اُني کي آڻ اُهي/اِهي اچن ٿيون/ اوءِ اچن ٿيون. 10. اهڙيءَ طرح اهو به ثابت ٿيو ته ٻرڙي صاحب جي هن راءِ ۾ ڏنل هي مثال به توجهه طلب آهي، جنهن ۾ چيو اٿس: ”اهڙي طرح اسان وٽ ’وٽن‘، ’سندن‘، ’کين‘، ’کانئن‘، ’ڏانهن‘، ’مٿن‘، ’هيٺائن‘، ’منجهن‘، جهڙا ڪيترائي لفظ آهن، جن جي پڇاڙي ”ان“، هي/هو/اِهي/اُهي جي نشاندهي ڪري ٿي ”(ص 200). ٻرڙي صاحب جي هيءَ راءِ تهائين غلط فهمي پيدا ڪندي ڇاڪاڻ ته انهن مثالن ۾ ڪم آندل پڇاڙي ”-ن“، ضمير متصل آهي ۽ نه ڪَ ضميري پڇاڙي، جيڪا مٿي حالت فاعلي يا حالت تفيريءَ هيٺ بيان ڪئي ويئي آهي. مثال طور وٽن = انهن وٽ، سندن= انهن جو، کين= انهن کي، منجهن= انهن ۾ کانئن= انهن کي لفظن ۾ ”ن“ ضمير متصل آهي ۽ ”وڻن“، ”ٻوٽن“، ”جانورن“ وغيره لفظن ۾ آيل علامت ”اَن“ ”۽” وٽن، سندن، وغيره لفظن ۾ ڪم آيل علامت ”ن“ جي وياڪرڻي مفهوم ۽ ڪارج ۾ وڏو فرق آهي. ٻرڙي صاحب صفحي 238 تي جيڪا وضاحت ڪئي آهي سا منهنجي هن دعويٰ کي صحيح ثابت ڪري ٿي. هُو لکي ٿو: ”فعلن کان ڌار، هتي ڪجهه لفظ ڏجن ٿا، انهن جي معنيٰ تي ڌيان ڏيو ۽ ڏسو ته ”اس“ ضميري پڇاڙي ڪهڙي ضمير جي بدران ڪم اچي ٿي: وٽس (هن وٽ) سندس (هن جو) کيس (هن کي) کانئس (هن کان) ڏانهس (هن ڏانهن) مٿس، مٿانئس (هن مٿان، هن جي مٿان) ماڻس، ماڻهس (هن جي ماءُ) پڻهس (هن جي پيءَ) وغيره انهيءَ بنياد تي، پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته- ”س“ پڇاڙي، ”هن“ جي بدران ڪم اچي ٿي“ (ص 238). ٻرڙي صاحب جي هن وضاحت کانپوءِ اهو چئي سگهجي ٿو ته سندس سوچ ۾ تضاد آهي ۽ هُو پنهنجي مذڪوره مقالي ۾ هڪ موضوع کي برقرار رکي نه سگهيو آهي. قابل ليکڪ پنهنجي مقالي ۾ صفحي 1. 2 تي ”لکان ٿو“، ”لکان ٿي“، ”لکين ٿو“ ۽ ”لکين ٿي“ فعلن جا مثال ڏيئي لکي ٿو ته: ”فعل جي هر صورت ۾ هڪ مقرر ضمير لڪل آهي، اهو ضمير، ”ضميري پڇاڙيءَ“ جي صورت ۾ موجود آهي. اها ضميري پڇاڙي (يعني ضمير) فاعل جو ڪم ڪري ٿي ۽ ٺيڪ اُن ڪري پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته هن زمان جي حوالي سان اسان کي جيڪو فعلي ڦيرو پڙهايو وڃي ٿو(1 – الف جو حوالو) اُن ۾ حقيقتا ساڳيو فاعل ٻه ڀيرا موجود آهي، ڇا، اُن کي وياڪرڻ جي درست سکيا سڏي سگهجي ٿو؟“ (ص 1. 2) سنڌي زبان جي هر شاگرد کي اها ڄاڻ آهي ته فاعل جي ڦيري لاءِ فعل جي پڇاڙيءَ ۾، فاعل جي مناسبت سان جيڪا پڇاڙي ملائي ويندي آهي، اُن کي وياڪرڻ ۾ ضميري پڇاڙي چئبو آهي. اها ٻوليءَ جي وياڪرڻي ضرورت آهي ڇو ته جملي ۾ فعل جي اها ساخت ٻوليءَ جي فطري تظيم مطابق جڙندي آهي ۽ ڳالهائيندڙ لاشعوري طور فعل جي سٽاءُ مطابق ڳالهائيندو ويندو آهي. ٻوليءَ جو اهو سٽاءُ، پهرين جڙيو ۽ وياڪرڻي اصول/قانون پوءِ ٺاهيا ويا، تنهن ڪري فطرتي طور جڙيل سٽاءُ ۾ تبديلي آڻڻ جو اختيار ڪنهن کي به ڪونهي. فعل سان، فاعل جي مناسبت موجب ڌار ڌار زمانن مطابق، عدد، جنس ۽ حالت جي ڦيري لاءِ ڳالهائيندڙ، مناسب ۽ واسطيدار ضميري پڇاڙيون خود بخود ملائيندو ويندو آهي. ماهرن فقط اهو ڪم ڪيو جو اهڙن فعلن جي وياڪرڻي سٽاءُ جو اڀياس ڪري ان موجب قانون ٺاهيائون. انهن جي ٺاهيل قانونن ۾، توضيحي لسانيات جي روشنيءَ ۾ وضاحتي واڌارا ته آندا ويا آهن پر هن وقت تائين دنيا جي ڪنهن به وياڪرڻيءَ انهن قانونن ۽ قاعدن کي غلط قرار نه ڏنو آهي. هن سلسلي ۾ مرزا قليچ بيگ لکي ٿو: ”ٻولي گرامر تي تعلق نٿي رکي، پر گرامر جو ٻوليءَ تي تعلق ٿو رهي ۽ انهيءَ مان ئي ٿو ٺهي. تنهن ڪري جي، ڪا ٻولي سُڌرندي ته انهيءَ جو علم يا انهيءَ جي ڪتابي علميت به سڌري ٿي- جيئن علميت ٻوليءَ تي منحصر آهي، تيئن ٻولي وري ڳالهائيندڙ تي منحصر آهي“ (1)• مرزا صاحب ٻئي هنڌ لکي ٿو: ”اهو علم جنهن کي انگريزيءَ ۾ گرامر، عربي ۽ فارسي ۾ صرف وَنحو، سنسڪرت ۾ وياڪرڻ ۽ هنديءَ ۾ بياڪرڻ ٿا چون، سو ڪنهن به ٻوليءَ جي صحيح ۽ پوريءَ طرح ڳالهائڻ ۽ لکڻ جو هنر آهي،انهيءَ مان ائين سمجهڻ گهرجي ته ٻولي اڳيئي ڳالهائڻ ۾ اچي ٿي، گرامر يا صرف و نحو انهيءَ تان ۽ انهيءَ کانپوءِ ٿو ٺهي، جنهن ۾ اُن ٻوليءَ جي صحيح ڳالهائڻ يا لکڻ جا قاعدا ۽ قانون ڏيڻ ۾ ٿا اچن، جي آزمودي، استعمال، رواج، دستور ۽ اصطلاح تي ٻڌل آهن ۽ ٻوليءَ جي مدعا پوري ٿي، جيڪي انهيءَ طرح ڳالهائجي ٿو، سو گرامر جي قاعدي موجب برابر آهي يا غلط آهي سو منحصر سمجهائڻ جي رستي تي، يعني انهيءَ هنڌ جي ماڻهن جي ڳالهائڻ جي عام رواج يا دستور موجب، جنهن کي اصطلاح چئجي ٿو“ (2) ٻرڙي صاحب صفحي 5. 2 تي ”لکان ٿو“، ”لکان ٿي“، ”لکون ٿا“، ”لکون ٿيون“، ”لکين ٿو“، ”لکين ٿي“، فعلن جي ڦيري جا مثال ڏيئي لکيو آهي ته: ”هن ڦيري مان جيڪڏهن شامل ضميري پڇاڙي ڪڍي ڇڏجي ۽ فاعل طور ڌار ضمير آندو وڃي ته ڦيري جي حقيقي ۽ اصولي صورت هن طرح بيهدي: مان لکٿو – مان لکٿي – اسان لکٿا – اسان لکٿيون. تون لکٿو- تون لکٿي- توهان لکٿا- توهان لکٿيون. هي لکٿو- هي لکٿي- هي/اهي لکٿا- هي/اهي لکٿيون. سنڌي زبان جا شاگرد ۽ ڳالهائيندڙ اهو ڄاڻن ٿا ته ”مان لکٿو، مان لکٿي“ وغيره جملن ۾ ”لکٿو“ ۽ ”لکٿي“ وغيره صورتن کي ڪنهن به حالت ۾ فعل قبول ڪري نٿو سگهجي، جيستائين ڪه فعل جي ڌاتوءَ، ”لکُ“ جي پويان، فاعل سان مناسبت رکندڙ ضميري پڇاڙيون ملايون نه وينديون، ان ڪري ”مان لکٿو“، ”مان لکٿي“ وغيره کي فعل جا ڦيرا قبول نٿو ڪري سگهجي. سنڌي ٻوليءَ جو ڪوبه ڳالهائيندڙ ٻرڙي صاحب جي هن راءِ کي قبول نه ڪندو. صفحي 6. 2 تي ٻرڙي صاحب جيڪي مثال ڏنا آهن، تن جي هُو وضاحت هنن لفظن ۾ ٿو ڪري: ”زمان حال ۾ ڪرڻ جي فعل جي حوالي سان ”ٻه“ ضميري پڇاڙيون به ڪم اچن ٿيون، ۽ عام جام اچن ٿيون، انهن مان ڪجهه جو ٿورو ذڪر ڪجي ٿو (ٻٽي ضميري پڇاڙيءَ جي گڻن ۽ اُن جي ڪري ٻوليءَ جي ڏات تي ڳالهائبو). فعل/مذڪر بناوت فعل/مونث لکانءِ ٿو = (لک+آن+ ءِ) = (مان) تو ڏانهن لکان ٿو. لکانوَ ٿو= لک+ آن – وَ ) = (مان) توهان ڏانهن لکان ٿو. وغيره ٻرڙي صاحب ”ڪرڻ“ جي بدران لکڻ فعل جا مثال ڏنا آهن. ممڪن آهي ته اها ڇاپي جي چڪ هجي. ”لکان ٿو “ فعل ۾ ”ءِ“ کي ٻرڙو صاحب صفحي 193 تي ضميري وچياڙيءَ جي مثال طور پيش ڪري چڪو آهي. ”ٻٽن ضميرن“ جي استعمال جي سلسلي ۾ مرزا قليچ بيگ ۽ ڪاڪي ڀيرومل به گهڻو ئي لکيو آهي. شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ، پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ويا ڪرڻ“ ۾ فعلن جون پڇاڙيون جي عنوان هيٺ فرمائي ٿو: حالت فاعلي ڏيکاريندڙ پڇاڙيون: ضمير واحد جمع متڪلم -س سين (سون) حاضر - اين وء غائب - - پڙهيس معنيٰ آءٌ پڙهيس، پڙهندس معنيٰ آءُ پڙهندس. اهي پڇاڙيون سدائين فاعل جي معنيٰ ڏيکارين ٿيون. عام حالت (اسم مفعول زمان ماضي) ضمير واحد جمع متڪلم - م -اون، -سين (سون) حاضر - ءِ ؤ غائب - س - نِ ٻٽين پڇاڙين سان فعل: ماريائين معنيٰ هن ماريو ”هُن“ فاعل ماريائينم معنيٰ هن مون کي ماريو ”مون“ مفول اهڙيءَ طرح هڪ ئي فعل ۾ ٻه پڇاڙيون گڏي، فاعل توڙي مفعول جي معنيٰ ظاهر ڪبي آهي(1). •اهي مثال ڏيڻ کانپوءِ صفحي 55 تي مرزا صاحب لکي ٿو: ”مطلب ته عام قاعدو هي آهي ته فاعل جي معنيٰ ظاهر ڪرڻ لاءِ پڇاڙين نمبر 2 مان جيڪا پڇاڙي کپندي هجي، سا فعل جي پٺيان گڏي، پوءِ مفعول جي معنيٰ ظاهر ڪرڻ لاءِ پڇاڙين نمبر 2 مان، جيڪا پڇاڙين کپندي هجي سان اُن جي پٺيان گڏڻ گهرجي“(2)• ٻٽين پڇاڙين سان فعل جي عنوان هيٺ ڪاڪو ڀيرومل پنهنجي ڪتاب (وڏو سنڌي وياڪرڻ) ۾ صفحي نمبر 141 تي لکي ٿو: ”ماريائين“ – معنيٰ ”هن ماريو“، پر ڪنهن کي؟ ”ماريائينس“ معنيٰ هُن، هُن کي ماريو. اهڙيءَ طرح هڪڙي ئي فعل ۾ ٻه پڇاڙيون گڏي فاعل توڙي مفعول جي معنيٰ ظاهر ڪبي آهي. هيءَ سنڌيءَ جي هڪ وڏي خوبي چئبي جو هڪڙي ئي لفظ مان جملي جو مطلب نڪري ٿو(1)• اهڙيءَ طرح هن ڪتاب (وڏو سنڌي وياڪرڻ) ۾ 142، 143، 144 ۽ 157 – 158 صفحن تي هن ڏس ۾ وڌيڪ مثال ڏيئي ڪاڪي ڀيرومل وضاحتي بحث ڪيو آهي. ”هن ڏس ۾ ٻيا مثال هي به آهن: ٻٽا ضمير متصل: سنڌي زبان ۾ ٻٽا/دُهرا ضمير متصل به ڪم ايندا آهن، مثال طور: ڪتاب ڏنم: ڪتاب ڏنو مانءِ ڪتاب ڏنومانوَ ڪتاب ڏنومانس ڪتاب ڏنوماننِ آيس/آيم آيومانس آيومانءِ/آيوسانءِ خط خط لکيوسونءِ خط لکيوسونوَ خط لکيوسوننِ ڪتاب ڏيکاريم ڪتاب ڏيکاريومانءِ ڪتاب ڏيکاريومانوَ ڪتاب ڏيکاريوسونو هنن مثالن ۾ ٻه ٻه ضمير متصل ڪم آندا ويا آهن؛ مثال طور: فعل ضمير متصل 1 ضمير متصل 2 ڏنو مانءِ: ڏنو = ڏنم -م ءِ آيوسانوَ آيو-آيس، آيوس -س وَ ضميري پڇاڙين وارو سلسلو جاري رکندي ٻرڙي صاحب صفحي 28 تي زمان ماضيءَ جي عنوان هيٺ جيڪي مثال ڏنا آهن، اُهي هي آهن: ”اسان/توهان/هن/هنن چٺو لکيو. اسان/توهان/هن/هنن چٺا لکيا. اسان/توهان/هنن/هن/هنن چٺي لکي. اسان/توهان/هن/هنن چٺيون لکيون. انهن مثالن ڏيڻ کانپوءِ هُو لکي ٿو: ”ڌيان ڏئي سوچيو ته فاعل طور ضمير ڪهڙو به هجي، ضمير جي هر صورت سان، هر هڪ فعل جون چار صورتون، گڏجي، ٺهڪي ۽ درست نموني اچن ٿيون، ائين ڇو؟ اهو ان ڪري ٿئي ٿو جو زمان ماضيءَ ۾ فعلي صيغي جو سڌو واسطو فاعل سان نه، مفعول سان رهي ٿو. مفعول جيڪڏهن هيڪل نر آهي ته – لکبو، پڙهيو، ڏٺو هيڪل نار آهي ته – لکي، پڙهي، ڏٺي. گهڻ نر آهي ته – لکيا، پڙهيا، ڏٺا. گهڻ نار آهي ته – لکيون، پڙهيون، ڏٺيون“. ٻرڙي صاحب بلڪل صحيح فرمايو آهي ته ”لکيو“، پڙهيو ۽ ڏٺو متعدي فعل آهن پر جيڪڏهن فعل لازمي هوندو ته پوءِ فعل جو گردان هرگز ساڳيو نه رهندو، پر اُن صورت ۾ فرق ايندو؛ جيئن: مذڪر مونث واحد جمع واحد جمع مان ڊوڙيس اسين ڊورياسين/سون مان ڊوڙيس اسين ڊوريوسين تون ڊوڙين توهين ڊوڙيا تون ڊوڙئين توهين ڊوڙيون هُو ڊوڙيو اُهي ڊوڙيا هوءَ ڊوڙي اُهي ڊوڙيون هنن ۽ لازمي فعلن جي اهڙي ٻين مثالن ۾ زمان ماضيءَ ۾، فاعل جو ڦيرو ساڳيو (لکيو، پڙهيو ۽ ڏٺو) نه رهندو. اهو نقطو به توجهه طلب آهي ته فعل لازميءَ جي صورت ۾ فاعل جي شڪل ساڳي ٿي رهي، جڏهن ته فعل جي متعدي صورت ۾ فاعل طور ڪم ايندڙ ضميرن جي صورت/شڪل ۾ تبديلي ٿي اچي: مثال طور: ضمير فعل لازمي فعل متعدي متڪلم واحد مان ڊوڙيس/مان ڊوڙيس مون خط لکيو متڪلم جمع اسين ڊوڙياسين/ڊوڙيونسين اسان خط لکيو حاضر واحد تون ڊوڙين/ڊوڙئين تو خط لکيو حاضر جمع توهين ڊوڙيا/توهين ڊوڙيون توهان خط لکيو غائب واحد هو ڊوڙيو/هوءَ ڊوڙي هُن خط لکيو غائب جمع اُهي ڊوڙيا/اُهي ڊوڙيون هنن/اُنهن خط لکيو. ٻنهي فعلن جي گردانن جي تقابلي مطالعي مان ثابت ٿو ٿئي ته زمان ماضيءَ سان، فعل متعديءَ جي گردان دوران، فاعل طور ڪم ايندڙ ضمير جي شڪل ۾ تبديلي ٿي اچي ، (مان) < مون، اسين< اسان، تون< تو، توهين< توهان، هُو < هن، اُهي< اُنهن، ۽ فعل جي شڪل عدد ۽ جنس ۾ ساڳي ٿي رهي ۽ فعل سان ڪابه ضميري پڇاڙي نٿي ملائجي، جڏهن ته زمان ماضيءَ سان ڦيري جي وقت، فعل لازميءَ جي صورت ۾، فاعل طور ڪم ايندڙ ضمير جي شڪل ساڳي (مان، اسين، تون، توهين، هُو، هوءَ، اُهي) ٿي رهي پر فعل سان ضميري پڇاڙيون ضرور ملائجن ٿيون، جيئن: مان ڊوڙيس ”- س“ ضميري پڇاڙي اسين ڊوڙياسين/سون - ”-سين“، /سون ضميري پڇاڙي تون ڊوڙين/ڊوڙئين -اين/ايئين ضميري پڇاڙي توهين ڊوڙيا/ڊوڙيون - يا/يون ضميري پڇاڙي هُو ڊوڙيو/هُوءَ ڊوڙي - يو/اي ضميري پڇاڙي اُهي ڊوڙيا/ڊوڙيون -يا/ يون ضميري پڇاڙي حاصل مطلب ته فعل متعديءَ جي صورت ۾، زمان ماضيءَ لاءِ فاعل جي شڪل ۾ اهڙي تبديلي، سنڌي ٻوليءَ جي وياڪرڻي اصولن پٽاندر ٿئي ٿي. انهن ۽ اهڙن اصولن جي باري ۾ ڇنڊڇاڻ ڪرڻ جي هن مقالي ۾ ڪابه ضرورت ڪانهي، ڇاڪاڻ ته اهي مقرر ٿيل اصول آهن، پر ٻرڙي صاحب جي هيءَ دعويٰ ته: ”تون“ جي ڀيٽ ۾ ”تو“ ڪجهه هنڌن تي ڏاڍو ٺهي ٿو“ (ص 21).• دراصل مقرر ٿيل اصولن کي نه مڃڻ جو حق ڪنهن کي به نه آهي. هر ماهر اهو چيو آهي ته هر متعدي فعل سان، زمان ماضيءَ جي صورت ۾ ”تون“ ضمير، جڏهن فاعل ڪم آڻبو ته اهو (تون) بدلجي ”تو“ ٿيندو، تنهن ڪري ائين چوڻ ته: ”تون“ جي ڀيٽ ۾ ”تو“ ڪجهه هنڌن تي تي ڏاڍو ٺهي ٿو (ٻرڙو ص. 21)، وياڪرڻي اصولن کي نه مڃڻ ۽ پنهنجي هوڏ تي هلڻ سمجهبو. ساڳيءَ طرح هيءَ دعويٰ ڪرڻ ته: ”هي/هو/هُو/ اِها/اُها جي بدران /هِنَ/هُن/اِنَ/اُن وڌيڪ ٺهي ٿو“ (ص. 21) وياڪرڻي قانونن کي نه مڃڻ يا انهن کي مڃڻ کان انڪار ڪرڻ جي برابر آهي. 11. فعل لازميءَ جي مثالن ۾ ڪم آندل ضميري پڇاڙين، جهڙوڪ: ڊوڙيس/ڊوڙيم آيس/آيم ويس/ويم ۽ اهڙن ٻين مثالن جي ڌاتوءَ سان ملايل ضميري پڇاڙيون ”س ۽ م“، سنڌي وياڪرڻ جي شاگردن جو ڌيان ڇڪائين ٿيون. هن سلسلي ۾ صفحي 21 تي ٻرڙي صاحب هيٺيان مثال ڏنا آهن: 1. ضمير متڪلم: مان هُيس (مثال مان سچار هيس) 2. مان هُيَس 3. ضمير حاضر تون هئين (مثال: تون سچار هئين) 4. تون هُئيئين. 5. ضمير غائب هو هو (مثال: هو سچار هو) 6. هُوءَ هئي مثال: هوءَ سچار هئي.“ انهن مثالن ڏيڻ کانپوءِ ٻرڙو صاحب لکي ٿو: ”مٿي ڏنل ڦيري ۾ غائب، نر توڙي نار ۽ هيڪل توڙي گهڻ (5، 6، 11 ۽ 12) سان گڏ ڏنل فعل جون صورتون حقيقي ۽ صحيح آهن. ساڻس ضميري پڇاڙي ملڻ کانپوءِ به سندن صورت اهائي بيهي ٿي، باقي سمورن ضميرن سان ڳنڍيل فعلي صيغي ۾ ڪانه ڪا ضميري پڇاڙي سمايل آهي ۽ ان ڪري فاعل ورجائجي پيو آهي“ (ص 211). هن ڏس ۾ مٿي عرض ڪيو ويو آهي ته فاعل پنهنجيءَ جاءِ هڪ ئي دفعو ڪم آيو آهي، جڏهن ته فعل سان جيڪا ضميري پڇاڙي ملائي ويئي آهي، تنهن جو واسطو فعل سان آهي ۽ جو (فعل)، فاعل سان جنس، عدد، حالت ۽ زمان مطابق ڦري ٿو.جيڪڏهن فاعل ضمير متڪلم واحد هوندو ته فعل سان ضميري پڇاڙي اها ئي ملائبي جيڪا فاعل سان واسطو رکندي هوندي پر جيڪڏهن فاعل ضمير غائب، عدد جمع ۾ هوندو ته فعل سان ضميري پڇاڙي به اهائي ملائي ويندي، جنهن جو واسطو ضمير غائب عدد جمع سان هوندو، تنهن ڪري ائين ڪو نه سمجهبو ته فاعل کي ٻه ڀيرا ورجايو ويو آهي. انهيءَ لاءِ وڌيڪ دليل، فاعل يا فعل جي ترڪيب ڪرڻ سان حاصل ڪري سگهجن ٿا. 12. ”-س“ يا – ”سين“، ضميري پڇاڙين جي باري ۾، صفحي 221 تي ٻرڙي صاحب جيڪا وضاحت ڪئي آهي، اُها به قبول ڪرڻ جهڙي ڪانهي. هو لکي ٿو: ”ضمير متڪلم هيڪل، نر توڙي نار، سان ضميري پڇاڙي ”-اُس“ ۽ آس ڳنڍيل آهن، جن بابت سمجهيو ۽ ٻڌايو وڃي ٿو ضمير متڪلم هيڪل جي بدران، نر جي حالت ۾ ”-اُس“ ۽ نار جي حالت ۾ ”اَس“ ڪم اينديون آهن ۽ اُن لاءِ ڪوبه علمي سبب يا دليل موجود نه آهي. باقي ضمير حاضر جي حالت ۾ جيڪي ضميري پڇاڙيون ڪم آيون آهن، اهي ضمير حاضر جي ئي نشاندهي ڪن ٿيون.“ (ص 211) هن سلسلي م ٻرڙي صاحب کي کپندو هو ته فاعل طور ڪم ايندڙ ضمير متڪلم واحد يا جمع سان، زمان ماضيءَ ۾، فعل لازميءَ جي ڦيري ۾ ڪم ايندڙ ضميري پڇاڙين (اُس-اَس ۽ سين) جو اڀياس پيش ڪري ها ۽ مثال ڏيئي وضاحت سان سمجهائي ها، باقي ائين چئي جند ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪرڻ ته: ”ان لاءِ ڪوبه علمي سبب يا دليل موجود نه آهي“، وياڪرڻي اصولن کان انڪار ڪرڻ جي برابر آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌي ٻوليءَ جي هڪ وڏي عالم ۽ شاعر قاضي قادن جو هيٺيون بيت هن سلسلي ۾ هڪ وڏو دليل آهي، جنهن جي آڌار تي اهو چئي سگهجي ٿو ته ”-اُس“ يا ”اَس“ پڇاڙين جي ساڳئي فعل جي سٽاءِ ۽ ساخت ۾ استعمال جا مثال، جيئن اڄ جي ٻوليءَ ۾ ملن ٿا، تيئن اُن وقت (پندرهين ۽ سورهين صدي) بلڪه ان کان به اڳ واريءَ ٻوليءَ ۾ پڻ رائج هئا. قاضي قادن پنهنجي هيٺئين بيت ۾ ”-س“ جو استعمال هيئن ڪيو آهي: ”جوڳيءَ جاڳايوس، ستو هوس ننڊ ۾ تهان پوءِ ٿيوس، سندين پريان پيچري.“ هن بيت ۾ جاڳايوس“ (مون کي جاڳايو)، ”ستو هوس“، (آءُ ستل هوس)، ”ٿيوس“ (آءُ ٿيس) فعلن ۾ ”-س“ ضميري پڇاڙي، هڪ دفعو نه پر ڌار ڌار ٽن فعلن ۾ ڪم آئي آهي. ”-س“ جو اهڙو استعمال اتفاقي نه پر ٻوليءَ جي ساخت جو وڏو دليل پيش ڪري ٿي. ڇا ٻرڙو صاحب، قاضي قادن جهڙي عالم جي هن بيت ۾ ڪم آندل ”-س“ ضميري پڇاڙيءَ جي استعمال کي غلط قرار ڏيئي سگهندو؟ ”جاڳايوس“، ”هوس“ ۽ ”ٿيوس“ فعلن ۾ ڪم آندل وياڪرڻي سٽاءُ اڄ به سنڌي ٻوليءَ ۾ رائج آهي. اهي ۽ اهڙا ٻيا مثال ٻوليءَ جي فطرتي ڍانچي ۽ وياڪرڻ لاءِ بهترين دليل آهن. ٻولي هڪ فطرتي ۽ قدرتي نظام موجب جڙيل آهي. ٻولي پهرين وجود ۾ آئي ۽ اُن جي وياڪرڻي اصولن جو اڀياس پوءِ ڪيو ويو. اصول پوءِ ٺاهيا ويا. اسين ڪير آهيون جو ائين چئي پاڻ کي ماهر ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون ته ”-اُس“، يا ”-اَس“ پڇاڙين لاءِ ڪي به علمي سبب يا دليل موجود ناهن. دراصل اصول يا دليل موجود آهن پر اسان جي نقاد کي انهن (اصولن) جو پتو ڪونهي. اصول ۽ قانون موجود آهن پر اسين انهن کي سمجهي نه سگهيا آهيون. اسين اُنهن کان اڻڄاڻ آهيون. اسان کي گهرجي ته زمان ماضيءَ ۽ زمان مستقبل جي حالت ۾، فعلي ڌاتن سان ملايل ضميري پڇاڙين جو غور سان اڀياس ڪريون ۽ تڪڙ ڪري پاڻ کي ماهر سمجهي فتوائون نه ڏيون. 13. سنڌي ٻوليءَ جي وياڪرڻ ۾ زمان ماضيءَ جو اڀياس ڏاڍو دلچسپ آهي، مثال طور هي جملا ملاحظه فرمايو: 1 2 3 مون خط لکيو خط لکيم خط (مون کان) لکيو ويو اسان خط لکيو خط لکيوسين/سون خط (اسان کان) لکيو ويو تو خط لکيو خط لکُيئه خط (تو کان) لکيو ويو توهان خط لکيو خط لکُيوَ خط (توهان کان) لکيو ويو هن خط لکيو خط لکيائين خط (هن کان) لکيو ويو هنن خط لکيو خط لکيائون خط (هنن کان) لکيو ويو هاڻ انهن ٽنهي قسمن جي جملن جي ڀيٽ مان اهو ظاهر ٿو ٿئي ته: ”مون خط لکيم“ ڪو نه چئبو اهڙيءَ طرح: اسان خط لکيوسين/هن خط لکيائين. ”هن خط لکيائون“ جهڙا جملا، سنڌي ٻوليءَ جي نحوي اصولن مطابق ڪو نه ڳالهائبا آهن، پر جيڪڏهن زمان مستقبل ڪم آڻبو ته جملا هيئن ڳالهائبا: 1 2 مان خط لکندس خط لکندس اسين خط لکنداسين خط لکنداسين تون خط لکندين خط لکندين توهين خط لکندا خط لکندا هُو خط لکندو خط لکندو اُهي خط لکندا خط لکندا مٿين جملن جا اهي ٻئي قسم زمان مستقبل ۾ ڳالهائڻ غلط نه لڳندا، پر جنهن جملي محترم ٻرڙي کي هن مضمون لکڻ لاءِ مجبور ڪيو هو، اهو جملو آهي: ”اسين توهان وٽ شام جو ٺيڪ ڇهين وڳي پهچنداسون.“ منهنجي ناقص سمجهه ۽ راءِ پٽاندر هن جملي ۾ ضمير ”اسين“، فاعل جي صورت ۾ ڪم آڻڻ ۾ ڪابه غلطي ڪانهي؛ مثلاً 1 2 اسين توهان وٽ شام جو ٺيڪ ڇهين وڳي پهچنداسون توهان وٽ شام جو ٺيڪ ڇهين وڳي پهچنداسون مٿي ڏنل جملن جا اهي ٻئي نمونا ڳالهائي سگهجن ٿا. علم نحو جي اصولن موجب جنهن لفظ تي زياده زور ڏيڻو هوندو آهي، اُن پٽاندر ئي جملي جي ڍار /جهيلار (Intonation) ۾ تبديلي آڻبي آهي. جڏهن ڪو به جملو اڪيلي سر (Isolated) ڳالهائبو يا لکبو ته”اسين“ ضمير فاعل طور ضرور ڪم آڻبو پر جڏهن جملو ڪنهن گفتگو جي حصي طور يا ڪنهن گفتگو جي تسلسل ۾ ڳالهائبو ته اهڙيءَ حالت ۾ ”اسين“ ضمير فاعل طور ڪم آڻڻ جي ضرورت ڪانه ٿيندي. ان جو سارو دارومدار گفتگو جي انداز تي آهي. 14. ضميري پڇاڙيءَ جي وصف بيان ڪندي ٻرڙو صاحب صفحي 250 تي لکي ٿو: ”ضميري پڇاڙي هڪ بهترين، نازڪ ۽ اهم خصوصيت آهي. ٻوليءَ کي سهڻو ۽ سهنجو ٺاهي ٿي ۽ نه رڳو جملي کي ننڍو ڪري ٿي، پر اُن کي سولو ڪري، ڳالهائڻ ۾ وقت، ۽ لکڻ ۾ وقت، جاءِ ۽ فالتو پورهيي کان بچائي ٿي. اسان ضميري پڇاڙيءَ جي اصولي فائدن کي تباهه ڪري، بيڌياني ۽ اڻڄاڻائيءَ وچان هڪ اجايو بار پاڻ تي وڌائي ڇڏڻ سان گڏ ٻوليءَ جي فطري سونهن ۽ جوڙجڪ کي به هاڃو رسايو آهي(جيڪو صدين کان ڪاهيندڙ ڌاريا به نه رسائي سگهيا).“ ٻرڙي صاحب 213 تي ضمير متصل ۽ ضميري پڇاڙيءَ جي استعمال کي به منجهايو آهي ۽ ٻنهي جي ڪارج کي هڪ ڪري سمجهيو آهي. جڏهن ته انهن ٻنهي (ضمير متصل ۽ ضمير پڇاڙين) جو ڪارج ڌار ڌار آهي. جيئن ٻرڙي صاحب پاڻ 218، 219، 228، 238 ۽ 239 صفحن تي بيان ڪيو آهي، ان ڪري: 1 2 آيُس-آءُ آيُس (آيوس) آيُس- هو هن وٽ آيو ويٺس =آئون ويٺس (ويٺو+س) ويٺس =هو هن وٽ ويٺو انهن ۽ اهڙن ٻين مثالن ۾ ”-س“ صرفيه جو استعمال ڌار ڌار آهي. پهرئين مثال ۾ ”-س“ ضميري پڇاڙي آهي جيڪا فقط فعل سان گڏجي زمان جو مفهوم ادا ڪري ٿي؛ پر ٻئي مثال ۾ ”س“ ضمير متصل جو ڪارج ادا ڪري ٿي. ٻنهي مثالن ۾ ”س“ صرفيه جو مفهوم الڳ الڳ آهي. ٻنهي مثالن ۾ ”س“ جو وياڪرڻي ڪارج گهڻ- مقصدو ۽ گهڻ-خوبيائي آهي؛ جيئن: ضميري پڇاڙيءَ وارو مقصد ضمير متصل وارو مقصد آيُس= آءُ آيس آيُس= هو هن وٽ آيو ويس= آءُ ويس ويس= هو هن وٽ ويو لکيم= مون لکيو لکيم= مون هن کي لکيو ڏنم= مون ڏنو ڏنم= مون هن کي ڏنو اِهي ۽ اهڙا ٻيا مثال ٻن معنائن وارو مفهوم ظاهر ڪن ٿا؛ هڪ ضميري پڇاڙيءَ وارو مقصد ۽ ٻيو متصل ضمير وارو مقصد. ”سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس“ ڪتاب ۾ صفحي 34 تي بيان ڪيو ويو آهي ته: ”سنڌي ٻوليءَ جي علم صرف جي نظام جي اڀياس مان اهو به واضح ٿيو آهي ته ڪڏهن ڪڏهن ٻن صرفين جو اُچار هڪ جهڙو هوندو آهي، پر انهن جي ڪارج ۽ مفهوم ۾ وڏو فرق هوندو آهي. اهڙن ساڳين اُچارن وارن جوڙن کي هم آواز (Homophonus) جوڙا چئبو آهي؛ مثال طور: ”پٽس، ويس، ماريائينس ۽ ويندس“ وغيره لفظن ۾ ”-س“، هڪ صرفيه آهي ۽ صرفي اصولن موجب اُن کي ساڳي صرفيه چئي نٿو سگهجي، ڇو ته ”پٽس“ لفظ ۾ ”س“ صرفيه جو ڪارج اُهو نه آهي جيڪو ”ويس“ لفظ ۾ ”-س“ صرفيه جو آهي. پهرئين مثال ۾ ”س“ صرفيه مان مراد مالڪي ڏيکارڻ آهي، ۽ اها ضمير غائب واحد جي بدران ڪم آندل آهي. اهڙي طرح ”ويس“ لفظ ۾ ”س“ صرفيه مان مراد مان ماضي ۽ متڪلم واحد لاءِ ڪم آندل ضمير پڇاڙي آهي.“ اهڙيءَ طرح ”ويندس“ ۾ ”س“ صرفيه مان مراد زمان مستقبل ۽ ضمير متڪلم واحد ۾ ڪم آيل ضميري پڇاڙي آهي؛ ۽ ”ماريائينس“ لفظ ۾ ”س“ صرفيه، ضمير متصل طور، ضمير غائب واحد لاءِ ڪم آندي ويئي آهي. پڙهندڙن محسوس ڪيو هوندو ته ٻرڙي صاحب پنهنجي مقالي ۾ صفحي 218 تي هڪ عجيب ”فتويٰ ڏني آهي. هو لکي ٿو ته: ”هي جو اسان ڏهاڙي ڳالهه ٻولهه ۾ ”مان لکيس“، ”مان پڙهيس“، ”مان آيس“، ”مان ويس“، ”مان ويٺس“، ”مان بيٺس“ جهڙا جملا ڳالهائيندا رهون ٿا، اهي سراسر غلط آهن. بالفرض، جي مٿي ڏنل فعلن پٺيان ضميري پڇاڙيءَ ”س“ جو مطلب ۽ مفهوم مان /آءُ هجي به، ته به ”مان آيس“ جي معنيٰ ٿيندي ”مان مان آيو“، جنهن کي ڪنهن به طرح صحيح جملو سڏي نٿو سگهجي. جڏهن ته حقيقت ۾ ”مان آيس“ جو صحيح مفهوم ”مان هن وٽ آيو“ ۽ اهو ڪو جملو ئي نه آهي. ٻئي ضميري پڇاڙيءَ وارا فعل اسان جي هن ڳالهه تي تصديق ڪندا.“ (ص 218). ٻرڙي صاحب جي خدمت ۾ عرض آهي ته ”مان آيس“، ”مان آيم“، ”مان ويس“، ۽ اهڙا ٻيا جملا مون توهان يا ڪنهن ٻئي ويهي ڪو نه جوڙيا آهن، پر اهي جملا ٻوليءَ جي سماجي وهنوار ۾ آدجڳاد کان وٺي استعمال پئي ٿيندا رهيا اهن ۽ اسان جي ٻوليءَ جو حصو بنجي چڪا آهن. ٻوليءَ ۾ وجود واري زماني کان وٺي ماڻهو اهي جملا ائين ڳالهائيندا ٿا اچن. انهن کي غلط سمجهڻ هر لحاظ کان صحيح نه آهي.هر ڳالهائيندڙ ”مان آيو“ جملي کي غلط قرار ڏيندو پر ”مان آيس“ کي صحيح سمجهندو. جيئن سنڌيءَ ۾ ”آيس“ لفظ جا ٻه ڪارج آهن، تيئن اهڙا ٻيا به ڪيترائي مثال ملن ٿا، جن ۾ ساڳيو لفظ اسم طور به ڪم اچي ٿو ۽ فعلن طور به؛ مثال طور: فعل اسم فعل اسم کاڌو کاڌو ڏٺو ڏٺو چيو چيو ساڙ ساڙ پُڇُ پڇ ڀر ڀر ٻار ٻار ڏِس ڏِس چور چور اهڙيءَ طرح گهڻ- معنائون ڏيکاريندڙ هيٺيان لفظ به ڌيان ڇڪائين ٿا (1) :• انگ، ڪک، ڄار، ڀتو، جيت، پيٽ، تر، تکو، سٺو، سُور، ڏور، پاڻي، ٽڪو، ٺڳ، ڄاڻ، ٻري، تپ، بک، بار، گهٽ، ٿورو، ڇٽ، گهاٽو، گل، ڦوٽ، وارو، گهڻو، گڏي، ور، ڊڄ، ڦٽ، مک، ميڙ. 15. مون پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جواڀياس“ ۾ صفحي 132 ۽ 133 تي متصل ضمير جي وصف هن ريت بيان ڪئي آهي(2) :• ”سنڌي ٻوليءَ جي هڪ ٻي اهم خصوصيت متصل ضمير يا ضميري پڇاڙيون يا ضميري نشانيون آهن، جيڪي اسم کي وري وري استعمال ڪرڻ کان بچائڻ لاءِ اسم جي بدران يعني ضمير طور استعمال ڪيون وينديون آهن، اُهي ضميري نشانيون يا پڇاڙيون جيڪي اسم، جيڪي فعل يا حرف جر جي پويان گڏجن ۽ ضمير خالص جو ڪم ڏين، تن کي ضمير متصل ٿو چئجي؛ مثال طور: پٽم ڪالهه آيو. بابو پيسا ڏيندُءِ. تو وٽس ڇا ڏٺو؟ کيس پنج روپيا ڏي.“ انهن مثالن ۾ . ”پٽم“ ۾ ”م“، ”ڏيندُءِ“ ”ءِ“ ۽ ”وٽس“ ۾ ”س“ ضميري علامتون متصل ضمير آهن.“ اهڙيءَ طرح ٻيا مثال آهن: پٽس، ڌيڻس، چاچم، اٿم، چوانس، کيم، کين وغيره انهن لفظن ۾ ”س“، ”م“ ۽ ”ن“ وغيره صرفيه طور ڪم آيا آهن. انهن کي ضمير متصل چئبو آهي، ٻين لفظن ۾ هيئن چئبو ته سنڌي وياڪرڻ ۾، علم صرف جي قانون موجب، ڪن ڪن مثالن ۾ فعلن، ۽ حرف جر سان ضمير خالص جي بدران، جيڪي ضميري علامتون ملايون وينديون آهن، تن کي ضمير متصل چئبو آهي. اهي ضمير (متصل) اسمن، فعلن ۽ حرف جرن سان ملي، سنڌي زبان جي علم صرف جي مطالعي ۾ مدد ڪن ٿا. هيٺ ڏنل مثالن مان ظاهر ٿو ٿئي ته سنڌي زبان ۾، ضمير متصل جي استعمال سان ٽي مقصد /ڪارج حاصل ٿين ٿا. : (الف) ضمير متصل، ملڪيت ڏيکارين ٿا: پٽ+ م پٽم = منهنجو پٽ ڀيڻ + س ڀيڻس= هن جي ڀيڻ پٽ + اُون پٽئون = اسان جو پٽ پٽ + ن پٽن= هنن جو پٽ (ب) ضمير خالص جي جاءِ تي فعل سان گڏ ڪم اچن ٿا: آهي+م آهيم/اٿم= مون وٽ آهي. آهي + س آهيس/اٿس= هن وٽ/کي آهي. آهي+ن آهين/اٿن= هنن وٽ/ کي آهي. لکندو+م لکندوم /لکندُم = مون کي لکندو. لکندو+س لکندوس/لکندُس= هن کي لکندو. (ت) حرف جر سان ملي، وياڪرڻي مفهوم ٻڌائين ٿا: کي+م کيم= مون کي کي +س کيس = هن کي کي + ن کين= هنن کي سندو+م سندوم/سندم= منهنجو وٽ+م وٽم= مون وٽ وٽ+س وٽس= هن وٽ وٽ+ءِ وٽُئِه = تو وٽ وٽ+ وٽن= هنن وٽ اهڙا ٻيا ڪئين مثال موجود آهي. 16. ڪاڪو ڀيرومل متصل ضميرن کي گڏيل ضمير به ٿو ڪوٺي. هُو لکي ٿو: ”ڀاڻم/ڀائم = منهجو ڀاءُ ڀاڻس/ڀائس = هن جو ڀاءُ. هن مان ڏسڻ ۾ ايندو ته اسمن جي پٺيان ڪي پڇاڙيون گڏجن ٿيون ته اهي ضمير خالص جو ڪم ڏين ٿيون(1).• وٽم- مون وٽ کاڌم- مون کاڌو هن مان ڏسڻ ۾ ايندو ته اهي پڇاڙيون حرف جر ۽ فعلن جي پٺيان گڏ ٿيون ته اهي اتي به ضمير خالص جو ڪم ڏين ٿيون. متصل يا گڏيل ضمير اُهي آهن جي پڇاڙين يا نشانين وانگر ڪم اچن ٿا. هنن پڇاڙين کي ضميري پڇاڙيون سڏبو آهي: ضمير واحد جمع متڪلم م هُون/ اُون حاضر ءِ وَ غائب س نِ شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ ضمير متصل جي وصف بيان ڪندي لکي ٿو: ”جڏهن ضمير ڌار ڪم ايندا، جيئن مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي (مان/آءُ/اسين، تون، توهين، هُو، اُهي) تڏهن انهن کي ضمير متصل چوندا آهن، پر اهي ساڳيا ضمير ٻين اسمن، فعلن يا حرف سان گڏ به ايندا آهن ۽ انهيءَ وقت گڏجي ننڍا نشان ٿي پوندا آهن ۽ پڇاڙيءَ جي نشانن وانگر ڪم اچن ٿا؛ اُهي هي آهن: متڪلم واحد لاءِ ”م“ ۽ جمع لاءِ ”سي، سون ۽ وُن“ آهي. حاضر واحد لاءِ ”ءِ“ جمع لاءِ ”وَ“ غائب واحد لاءِ ”س“ ۽ جمع لاءِ ’نُ يا آئون‘ (1)• ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي پنهنجي تحقيقي ڪتاب .شڪارپورجي ٻوليءَ ۾ لکي ٿو: اُن کانسواءِ ”تنهنجو ڀاءُ“ بدران ”ڀاڻهن“ به ڪونه اُچارين، يعني ”هِن“ پڇاڙي به شڪارپوري محاوري ۾ تمام گهٽ اچي ٿي. البت ”پڻهين“ پڇاڙيءَ جي بدران ”ڻين“ پڇاڙي استعمال ٿئي ٿي، مثلا: ”ڀاڻين“ (تنهنجو ڀاءُ)، ”پڻين“ (تنهنجو پيءُ)، ”ماڻين“ (تنهنجي ماءُ)، ”پئڻين“ (تنهنجو مڙس- ٻئي معنيٰ مڙس). مڙس جي معنيٰ ”پِئه“ فقط شڪارپوري محاوري ۾ آهي. مٿي ذڪرڪيل پڇاڙيون اسمن سان گڏ ڳانڍاپيل آهن. اسمن سان ڳنڍيل هجڻ جي صورت ۾ هميشه اضافت جي معنيٰ ڏيکاريونديون آهن“ (2) ميمڻ صاحب اڳتي لکي ٿو: ”اهي پڇاڙيون جڏهن حرف جر جي پٺيان لاڳاپيل هونديون آهن، تڏهن حرف جر جي معنيٰ ڏيکارينديون آهن، جيئن : ”وٽم“ (مون وٽ)، ”کائنس“ (هن کان)، ”کيس“ (هن کي) شڪارپوري لهجي ۾ ”وٽم“ استعمال ڪونه ٿئي؛ پڙهيل طبقي ۾ ”کانئن“ ۽ ”کيس“ استعمال ٿئي ٿو پر عام ماڻهن جي گفتگو ۾ گهڻو ڪري ”کانئن“ ڪم ڪونه ٿو اچي“(3). ميمڻ صاحب اڳتي فرمائي ٿو: ”اهي ضميري پڇاڙيون جڏهن فعل سان لڳائبيون آهن، تڏهن اهي ”حالت فاعلي“ يا ”حالت مفعولي“ جي معنيٰ ڏيکارينديون آهن؛ مثلا: لکينم- کاڌم (حالت فاعلي) ڏيوم- حالت مفعولي ”س“ پڇاڙي به اچي ٿي؛ جيئن: ”ويس“، ”ويندس“ ۽ ”لکندس“، هن مان معلوم ٿيندو ته ”م“ ۽ ”س“ پڇاڙي ساڳي معنيٰ ڏين ٿيون. لاڙي ۽ معياري محاوري ۾ ”س“ پڇاڙي اچي ٿي. شڪارپوري محاوري ۾ اُن جي بدران ”م“ پڇاڙي اچي ٿي؛ مثلاً: ”ڏيندم، ويم، لکيم، پڙهيم، ويندم.“ معياري محاوري ۾ ماضيءَ جي حالت ۾ ”م“ پڇاڙي اچي ٿي: جيئن: ”لکيم، پڙهيم، ٿيم، ڊوڙيم“ وغيره. مستقبل جي حالت ۾ ”س“ پڇاڙي اچي ٿي؛ جيئن: ”ويندس، لکندس، پڙهندس ۽ ڊوڙندس“ وغيره. شڪارپوري لهجي ۾ ٻنهي حالتن ۾ ”م“ پڇاڙي اچي ٿي؛ جيئن: ويم (ماضي) ۽ ويندس(مستقبل)“ (1).• ميمڻ صاحب اڃا به اڳتي لکي ٿو: ”ان کانسواءِ شڪارپوري محاوري ۾ مستقبل جي حالت ۾ ”ويندم“ ۽ ”ايندم“ کان سواءِ ڪيترن ئي فعلي صورتن ۾ (نون غنون) ڪو نه ٿو ڪم اچي. شڪارپوري چون: پڙهدم، لکدم، ڊوڙدم، کيڏدم، وڙهدم، وغيره، (2). ميمڻ صاحب اڳتي لکي ٿو: ”شڪارپوريءَ ۾ ورتو، بدران چون ”ودوم“ يا ”وتو“ ، جيئن: ”ودو جنهن پنجن جو گرگم ٻل کسي (سامي)“ (3) 17. ٻرڙو صاحب صفحي 222 تي زمان مستقبل جا مثال ڏيندي، ضميري پڇاڙين تي وڌيڪ وضاحت سان لکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هُو لکي ٿو: ”مستقبل لاءِ سنڌي ۾ لفظ ”آئندو“ آهي، جنهن کي ”آئيندو“ به چوندا ۽ لکندا آهيون. آئندو/آئيندو شايد ”آءِ (آهه)+ اندر/اندو/ايندو“ جو ميلاپ آهي. ”آهه“ هجڻ، موجود هجڻ ۽ زمان حال جي نشاندهي ڪري ٿي، ۽ ”-اند“، يا .اندو“، ايندڙ جي ڄاڻ ڏئي ٿو. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته ايندڙ وقت جو اکري نشان ”-اند“، يا ”-اندو“، آهي، جيڪو فعل جي امر سان ملي، فعل جي آئيندي (مستقبل) واري شڪل ٺاهي ٿو“ (ص 222) ٻرڙي صاحب جي هن بيان مان اهو پڌري پٽ ظاهر ٿو ٿئي ته کيس سنڌي ٻوليءَ جي ڌار ڌار زمانن ٺاهن لاءِ وياڪرڻي مطالعي ڪرڻ جي اڃا گهڻي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته ماهرن سنڌي ٻولي ءَ جي سڀني زمانن لاءِ واضح طور قانون مقرر ڪيا آهن ۽ واضح طور چيو آهي ته سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ زمان، ٽن بنيادن، يعني ڪردنتن مان ٺهن ٿا. اُهي زمان هن ريت ٺهندا آهن: (1) هڪڙا زمان مضارع مان ٺهندا آهن. (2) ٻيا زمان اسم حاليه مان ٺهندا آهن. (3) ٽيان زمان اسم مفعول مان ٺهندا آهن. ٽنهي اسمن يعني مضارع، اسم حاليه ۽ اسم مفعول مان جيڪي زمان ٺهن ٿا، اُهي هيٺ ڏنل نقشي/چارٽ جي ذريعي ملاحظه ڪري سگهجن ٿا: مٿي ڄاڻايل سڀني زمانن جو تقابلي مطالعو پيش ڪجي ٿو: مضارع مان ٺهندڙ زمان زمان فعل جو ڌاتو‎‎+ ضميري پڇاڙي +زمان جي نشاني جملن ۾ مثال مضارع لِک + آن يا اون - مان/آءٌ لکان:اسين لکون حال لِک + آن يا اون ٿو/ٿا مان/آءٌ لکان ٿو: اسين لکون ٿا حال استمراري “ “ پيو/پيا مان/آءٌ لکان پيو:اسين لکون پيا ماضي شرطيه “ “ ها مان/آءٌ لکان ها: اسين لکون ها. اسم حاليه مان ٺهندڙ زمان زمان فعل جو ڌاتو+ اسم حاليه جي + نشاني ضميري پڇاڙي جملن ۾ مثال حال مدامي لک+ اَند او+مددي فعل مان/آءٌ لکندو آهيان. ماضي مدامي لک+ اند+ او هوس مان /آءٌ لکندو هوس. اند+ هئاسين مستقبل لک+ اند+ س/م اسين لکندا هئاسين/هئاسون مستقبل استمراري لک+ اند+ او+اوس/اُس مان/آءٌ لکندس پيو/لکندم پيو + آسين/آسون اسين لکنداسين پيا/لکنداسون پيا حال متشڪي لک+ اند+ او+هوندس مان لکندو هوندس اسين لکندا هونداسين اسم مفعول مان ٺهندڙ زمان زمان فعل جو ڌاتو+ اسم مفعول جي علامت+ ضميري پڇاڙي جملن ۾ مثال ماضي مطلق لک+ يو+ س/م مون لکيو/لکيم آءٌ آيس اسان لکيو/اسين آياسين ماضي قريب لک+ يو+ مدد فعل آهي مون لکيو آهي/اسان لکيو آهي ماضي بعيد لک+ يو+ هو مدد فعل آهي مون لکيو هو/اسان لکيو هو ماضي استمراري لک+ يو+ مددي فعل پئي مون لکيو پئي/اسان لکيو پئي ماضي متشڪي لک+ يو+ هوندو مون لکيو هوندو/اسان لکيو هوندو ماضي بعيد لک+ يو+ پئي هو مون پئي لکيو هو استمراري ماضي قريب استمراري لک+ يو+ پئي آهي مون پئي لکيو آهي 18 . صفحي 221، 222 ۽ 223 تي ضمير غائب واحد ۽ جمع جا زمان مستقبل ۾ ڦيري جا مثال ڏيئي، محترم ٻرڙو لکي ٿو: ”مٿي ڏنل فعلي ڦيري ۾ ”لکندس“، ”لکنديس“، لکندين ”لکندينءِ“، ”لکنداسين“ ۽ ”لکنديوسين“ ۽ ”لکندوءِ“ فعلي صورتون پاڻ مان ضميري پڇاڙيون ڳنڍيل رکن ٿيون. انهن ضميري پڇاڙين موجب، سندن بيهڪ ڏاڍي گهٽ- وڌ ٿي پيئي آهي ۽ اسان کي انتهائي غلط مفهوم دماغ ۾ ويهاريو پيو وڃي“ (ص 221). منهنجي خيال ۾ ٻرڙي صاحب جي ذهن تي اهو تاثر ويهجي ويو آهي ته: ”اسين توهان وٽ شام جو ٺيڪ ڇهين وڳي پهچنداسون“ جملي ۾ ”پهچنداسون“ فعل ۾، ”-سون“، ضميري پڇاڙيءَ جو استعمال غلط آهي ۽ سندس (ٻرڙي صاحب) راءِ ۾ هي جملو هن طرح ڳالهائجي ها: اسين توهان وٽ شام جو ٺيڪ ڇهين وڳي پهچندا يا توهان وٽ شام جو ٺيڪ ڇهين وڳي پهچنداسين/سون ان ڪري هُو (ٻرڙي صاحب) هن جملي ۾ ”پهچندا“ فعل جي ڦيري جي آڌار تي هيئن ٿو لکي: ”پر ڀاڳ ڀلا آهن ”هي لکندو“، ”هيءَ لکندي“، ”هي لکندا“، ”هي لکنديون“، جا، جو، اهي باقاعدي اصولي شڪل وارو فعل رکن ٿا، حقيقت اها آهي ته ضمير غائب جي هر صورت سان واريسر جيڪا به ضميري پڇاڙي ملي ٿي اُن جو آواز فعل جي صورت (صيغي) ۾ ئي جذب/ حذف ٿي وڃي ٿو. جيستائين تعلق آهي ”توهين لکنديون“ جو، اها ڀُل چُڪ ۾ به ان ئي شڪل ۾ رهڻي آهي ڇو ته اها ئي ان جي فعلي صورت آهي ۽ اها ئي ضميري پڇاڙيءَ واري صورت آهي“ (ص 222). ماهرن جي راءِ موجب: ”ٻولي هڪ تنظيم آهي. ٻولي انسان ذات سان گڏ وجود ۾ آيل آوازي نشانين ۽ علامتن جو هڪ اهڙو سرشتو آهي؛ هڪ اهڙو نظام آهي، هڪ اهڙي تنظيم ۽ عمل آهي، جنهن جي مدد سان هڪ سماجي گروهه جا ماڻهو هڪ ٻئي سان وهنوار رکن ٿا، تعلق رکن ٿا ۽ هڪ ٻئي کي سمجهن ٿا.“(1)• يعني ڪنهن به سماجي گروهه ۾ هڪ ٻئي سان تعاون لاءِ انسان ذات جي وات مان نڪتل آوازن جي سرشتي کي ٻولي سڏجي ٿو، هن ڏس ۾ آمريڪي ماهرن بلاڪ ۽ ٽريگر (Block and Trager) جو رايو آهي ته: ”ٻولي صوتين، آوازي نشانين، اهڃاڻن ۽ علامتن جي هڪ اهڙي تنظيم آهي، هڪ اهڙو سٽاءُ آهي، هڪ اهڙو سرشتو آهي، جنهن جي مدد سان سماجي گروهه هڪ ٻئي سان وهنوار ۽ تعلق رکن ٿا.“ (2).• جيئن هيءَ ساري ڪائنات ۽ اُن جو نظام هڪ فطرتي عمل آهي، جيئن سج جو اُڀرڻ ۽ لهڻ، موسمن جو ڦر ۽ بدلجڻ، فصلن جو پوکجڻ ۽ لهڻ، جيئن برسات جو وسڻ ۽ هوائن جو لڳڻ، هڪ فطرتي عمل آهي ۽ جيئن هر فطرتي عمل ۾ قدرت ڪارفرما آهي، تيئن ٻولي به هڪ فطرتي عمل آهي. قدرتي نظام آهي. هڪ تنظيم آهي، جنهن ۾ جيئن آوازن جي اُچارڻ ۽ لفظن جي جُڙڻ ۾ صوتياتي سٽاءُ، سرشتي ۽ تنظيم جو واسطو آهي، تيئن وري فقرن ۽ جملن ۾ لفظن جي بيهڪ ۽ انهن ۾ ڦير ڦار جملي ۾ لاهه ۽ چاڙهه، لفظن جي ڦيرن، گردانن ۽ صيغن ۾ وياڪرڻي جوڙجڪ، سرشتي، سٽاءَ، ترتيب ۽ تنظيم جو دخل آهي. ٻوليءَ جي علم جا اُهي سڀ شعبا ڪنهن فطرتي ۽ قدرتي نظام ۽ تنظيم جي اصولن موجب عمل ڪن ٿا. اهي سڀ حصا ڪنهن نظام موجب جڙيل آهن، جنهن ۾ ٺاهڻ ۾ ڪنهن به انسان جو واسطو نه رهيو آهي. مطلب ته ٻولي بقاعده آوازن جو هڪ سرشتو آهي، جنهن موجب انسان لاشعوري طور ڳالهائي ٿو يا لکي ٿو. هُو جنهن وقت به ڳالهائي ٿو يا لکي ٿو، تنهن وقت اهو هرگز نٿو سوچي ته فاعل پهرين رکي يا فعل پهرين ڳالهائي هو ائين اصل نٿو سوچي ته صفت ڪٿي ڪم آڻي، حرف جر ڪيئن استعمال ڪري، هُو ٻوليءَ جو اهو سڄو سرشتو، پنهنجي گهر ۾، پنهنجي پاڙي ۾، پنهنجي ماحول ۽ معاشري ۾ ننڍي هوندي کان خودبخود سکندو ويندو آهي؛ کيس ڪو به ڪونه ٿو ٻڌائي ته هي لفظ هن هنڌ ڪم آڻ، البت هر ماڻهوءَ جي سوچ جي گنجائش پنهنجي پنهنجي آهي. ڪن جي سوچ سمنڊ وانگر اٿاهه ۽ اونهي هوندي آهي ته ڪن جي سطحي، ڪن وٽ لفظن جي کوٽ هوندي آهي ته ڪي وري لغت جي کاڻ هوندا آهن. انهن سڀني ڳالهين جو واسطو ٻوليءَ جي سٽاءِ ۽ سرشتي سان ڪو نه هوندو آهي.(1).• ڪي ماڻهو سمجهن ٿا ته وياڪرڻ يا گرامر جا قاعدا ۽ قانون پهرين ٺهيا ۽ ٻوليون پوءِ ٺهيون، هن ڏس ۾ محترم امداد حسيني فرمائي ٿو: ”اها ته هڪ مڃيل ڳالهه آهي ته ٻولي پهرين ٺهي ۽ گرامر پوءِ (2)؛ يا ڪي ائين سمجهن ٿا ته ڪنهن به ٻوليءَ جي صوتياتي يا وياڪرڻي سرشتي يا سٽاءُ کي پنهنجيءَ مرضيءَ موجب ڦيرائي يا تبديل ڪري سگهجي ٿو، اهو ممڪن نه آهي. اهو غلط قدم ٿيندو. اها سوچ غلط آهي. هر ٻولي جو سٽاءَ، پوءِ چاهي اهو صوتياتي هجي يا وياڪرڻي، هڪ قدرتي عمل ۽ ڪارنامو آهي جيڪو ٻوليءَ جي وجود سان گڏ وجود ۾ آيو.“ (3).• مون مٿي عرض ڪيو آهي ته ٻولي هڪ فطرتي نظام تحت جُڙي آهي. انهيءَ نظام يا تنظيم تحت هر ٻوليءَ جو پنهنجو پنهنجو مزاج ۽ پنهنجو پنهجو صرفيائي ۽ نحوي سانچو جڙيو آهي. انهيءَ اصول ۽ سوچ جي آڌار تي ٻوليءَ جو ڪوبه ڄاڻو، ٻرڙي صاحب جي مٿينءَ راءِ سان اتفاق نه ڪندو ته: ”توهين لکنديون“. جملي ۾ ”لکنديون“ فعل جي شڪل ”ڀُل چُڪ ۾ اها ئي رهڻي آهي.“ محترم ٻرڙا صاحب ! پهرين ته اها ڀُل چُڪ اوهان جي سمجهه جي آهي. ڀلا کڻي قبول به ڪريون ته فعل جي اها شڪل ڀُل چُڪ ۾ اهائي رهڻي آهي ته پوءِ ٻڌايو ته اها ڀُل چُڪ ڪنهن ڪئي؟ ڇا قدرت جي نظام ۾ به ڪا ڀُل چُڪ ٿي سگهي ٿي؟ جيئن مٿي عرض ڪيو اٿم ته ڪي زمان، اسم حاليه مان ٺهن ٿا، انهن زمانن ۾ زمان مستقبل به اچي وڃي ٿو. اسم حاليه مان زمان مستقبل جيئن ٺهي ٿو. اُن جا مثال هيٺ ڏجن ٿا: ضمير خالص فعل جو ڌاتو اسم حاليه جي علامت ضميري پڇاڙي زمان جي ڦيري جا مثال مان لک- -اند - - اوس/س/-م مان لکندوس/مان لکندس/لکندم اسين لک- -اند- آسي/آسين/آسون/يوسين اسين لکنداسي/اسين لکنداسين تون لک- -اند- -اين/اينءَ تون لکندين توهين لک- -اند- آ/يون توهين لکندا هُو لک- -اند- او/اِي هُو لکندو/لکندي اُهي لک- -اند- آ/يون اُهي لکندا لکنديون هنن مثالن مان اهو ثابت ٿو ٿئي ته فاعل طور ڪم ايندڙ ضمير خالص سان فعل جي آخر ۾ مذڪر ۽ مونث جي ڦيري لاءِ ڌار ڌار ۽ ضميري پڇاڙيون ملائجن ٿيون. ضمير حاضر جي مثالن ۾، ”تون لکندين“ يا ”تون لکندينءَ، ”توهين لکندا“، يا ”توهين لکنديون“، ضمير غائب جي حالت ۾ ”هُو لکندو“ يا ”هُوءَ لکندي“ ۾ ضميري پڇاڙيون موجود آهن، تنهن ڪري اهو بلڪل صحيح نه آهي ته ”هي لکندا“ ۽ ”هي لکنديون“ مثال ۾ ضميري پڇاڙي حذف يا جذب ٿي ويئي آهي، پر سنڌي ٻوليءَ جا اهڙا ڪيترائي مثال موجود آهن جن ۾ ساڳي ضميري پڇاڙي ڌار ڌار ضمير لاءِ ڌار ڌار ڪارج ادا ڪري ٿي؛ جيئن ته: توهين لکنديون هُو لکنديون انهن ٻنهي مثالن ۾ ”-يون“ پڇاڙي ڪم آئي آهي. ٻرڙو صاحب صفحي 238 تي لکي ٿو: ”اسان جا لکيل پڙهيل ۽ عالم جڏهن ”آيس“ ۽ لکندس“ جهڙا لفظ ڪم آڻين، تڏهن گهٽ ۾ گهٽ پاڻ کان هڪ سوال ضرور پڇن: ڇا/ ڪهڙو سبب آهي جو فعل جي آخر ۾ ”-اس“ ڳنڍي لکان ٿو. بنا ”-اس“ ڳنڍڻ جي ڇو نٿو لکان؟ اهڙيءَ طرح: ”آيس“۽”ايندس“جملن ۾”-س“ضميري پڇاڙيءَ جو ڪارج ”آيس“ فعل زمان ماضيءَ ۾ ڪم آيو آهي، جڏهن ته ”ايندس“ فعل جو ڦيرو زمان مستقبل ۾ آهي پر ”س“ پڇاڙي ضمير متڪلم واحد طور ڪم آئي آهي. ساڳيءَ طرح ”ڪيم“ ۽ ”ڪندس“ مثالن ۾ ”م“ ۽ ”س“ پڇاڙيون ضمير متڪلم واحد مذڪر طور ڪم آيون آهن. 19. مٿي ڏنل مثالن جي سلسلي ۾ اهو عرض آهي ته ”سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس“ ڪتاب ۾ صفحي 131 کان 155 تائين علم صرف واري باب ۾ اڳياڙين ۽ پڇاڙين جي سلسلي ۾ واسطيدار ڌاتن يا گروهن جو تفصيل سان ذڪر ڪيو ويو آهي. اهڙيءَ طرح علم نحو واري باب ۾ فاعل، مفعول ۽ فعلن جي ڦيرن، گردانن، متصل ۽ منفصل ضميرن جي باري ۾ تفصيل سان ذڪر ڪيو ويو آهي. مذڪوره ڪتاب ۾ جملن ۾ فعال ۽ فعلن جي گردانن ۽ ڦيرن جي سمجهڻ لاءِ فاعل سان، زمان مطابق مناسب فعل جي ڦيرن ۽ مخصوص ضميري پڇاڙين جي ملائڻ يا گڏجڻ جا مثال پڻ ڏنا ويا آهن. انهن مثالن جي آڌار تي اهو چئي سگهجي ٿو ته ٻوليءَ جو هر ڳالهائيندڙ، لاشعوري طور، صحيح ۽ مناسب اڳياڙي ۽ پڇاڙي، واسطيدار فاعل يا مفعول سان، گهربل/ واسطيدار فعل زمان مطابق ڪم آڻيندو آهي ۽ گهربل ضميري پڇاڙيون ملائيندو آهي، ڇاڪاڻ ته اهل زبان هجڻ جي ڪري، هن کي فطرتي طور ٻوليءَ جي تنظيم، جملن اندر لفظن جي بيهڪ ۽ جي انتخاب ۽ جملي اندر لفظن جي سٽاءَ ۽ ڍار (Intonation) جي مدد سان لفظن جي بيهڪ ۽ سٽاءُ جي ڄاڻ هوندي آهي. ان لحاظ سان قاضي قادن جي اڳ ۾ بيان ڪيل بيت: جوڳيءَ جاڳايوس، ستو هوس ننڊ ۾، تهان پوءِ ٿيوس، سندين پريان پيچري. ۾ ”جاڳايوس“، ”هوس“، ”ٿيوس“، فعلن ۾ ”س“ پڇاڙي جي استعمال کي ڪير غلط قرار ڏيندو؟ ٻرڙي صاحب مٿئين صفحي (223) تي ڏنل پنهنجيءَ راءِ کي اڳتي هلي صفحي 24 تي پاڻ ئي رد ڪيو آهي. مٿي ڄاڻايل ٻنهي صفحن (صفحو 223 ۽ صفحو 24) تان ٻرڙي صاحب جا رايا هُوبهو نقل ڪري هيٺ ڏجن ٿا: ضمير متڪلم: اسان خط/چٺي لکندا اسان خط/چٺيون لکندا. ضمير حاضر: توهان خط / چٺي لکندا. توهان خط / چٺيون لکندا. ضمير غائب: هي/هو خط/چٺي لکندا. هي/هو خط/چٺيون لکندا. اهو مذڪر فاعل جي ڦيري جو مثال آهي. ٻرڙي صاحب هنن مثالن ڏيڻ کانپوءِ ساڳئي صفحي (223) تي لکي ٿو: ”ڇا مٿي ڏنل سڄي ڳالهه ٻولهه ۽ ان ڪري فعلي بناوت، تبديلي ۽ ڦيري ۾ هڪ باقاعدگي ۽ اصولي شڪل نظر نٿي اچي. پوءِ مروج فعلي ڦيري (زمان مستقبل) ۾ ”لکندس“، ”لکنديس“ وغيره ڪٿان آڻي ٽنبيو ۽ ٻوليءَ ۾ وياڪرڻي قاعدي کي بگاڙيو ويو آهي“(ص 223). سنڌي ٻوليءَ جي هر هڪ ڳالهائيندڙ کي اهو معلوم آهي ته ضمير متڪلم واحد، مذڪر يا ضمير متڪلم جمع مذڪر جي حالت ۾ مان خط/چٺي لکندو. مان خط/چٺي لکندي. جهڙا جملا ڪو به سنڌي ۽ اهل زبان هرگز ڪونه ڳالهائيندو يا لکندو؛ يقينن اهي ۽ اهڙا جملا يا ته ڪو گجراتي ماڻهو، سنڌي ڳالهائيندي ڪم آڻيندو يا ڪو کيرٿر جبلن تان سياري ۾ هيٺ لهي ايندڙ بروهي ڳالهائيندو، پر مون کي يقين آهي ته ڪو به سنڌي اهل زبان اهي جملا ائين هر گز ڪونه ڳالهائيندو. ٻرڙي صاحب پنهنجي مذڪوره راءِ کي صفحي 239 ۽ 240 تي جن جملن ۾ رد ڪيو آهي. اهي جملا هو بهو ڏجن ٿا: ”مهربان دوستن بحث مباحثو ڪندي ان ڳالهه کي مڃيو ۽ ڪجهه دوستن ائين چيو ته اها ڳالهه درست آهي..... : ”مان آيس يا مان آيم“، ”مان لکندس يا مان لکندم“ ۽ ”مان لکان ٿو يا اسان لکون ٿا“. جهڙا جملا به هروڀرو ڪي غلط نه آهن. اها ڪجهه ٻولين جي خصوصيت هوندي آهي ته اهي پاڻ ڪي اهڙا طور طريقا رکنديون آهن، جن کي سندن گرامر جي ٺوس اصولن پٽاندر/بيان/ثابت نٿو ڪري سگهجي. سنڌي ٻوليءَ ۾ به اهڙيون خصوصيتون آهن، جن مان هڪ ضمير يعني فاعل کي ٻه ڀيرا ورجائڻ آهي. ائين چوڻ جي ڪري جملي ۾ هڪ قسم جو زور، شدت، اسٽريس (Stress) ۽ گهرائي پيدا ٿئي ٿو“ (ص ص 239- 240). انهيءَ وضاحت کانپوءِ ٻرڙي صاحب پنهنجي انهيءَ بيان تان هن طرح هٿ کنيو آهي: ”اها، هڪ غلط ڳالهه کي، هڪ صحيح ڳالهه وسيلي صحيح ثابت ڪرڻ جي هڪ ناجائز ڪوشش سڏي سگهجي ٿي، جيڪڏهن ڪجهه خاص حالتن ۾ ڪوڙ ڳالهائڻ، ڪجهه خاص معاملن ۾ جنگ ڪرڻ جائز هجي ته ڇا، هر ڳالهه ۾ ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ هر معاملي ۾ جنگ ڪرڻ جائز ٿي پيو ڇا؟ اسان وٽ ته زمان حالت جو هر جملو ساڳيو فاعل ٻه ڀيرا آڻي لکيو وڃي ٿو“ (ص 24). ٻرڙي صاحب جي انهيءَ راءِ کي به هرگز قبول نٿو ڪري سگهجي، جنهن ۾ هُو لکي ٿو: ”ضمير متڪلم بدران ”-اس“ ضميري پڇاڙي ڪم آڻڻ منهنجي نظر ۾ غلط آهي، تنهنڪري اُن کي هتي ڄاڻايل بحث هيٺ آڻڻ بيڪار آهي“ (ص. 24) مون اڳ ۾ عرض ڪيو آهي ته سنڌي ٻولي ٻين ٻولين وانگر هڪ فطرتي تنظيم آهي ۽ فطرتي اصولن موجب جڙيل آهي. هن جا صرفي ۽ نحوي اصول ۽ قانون، هن جو مزاج، فطرت طرفان جوڙيل آهن. انهن اصولن تحت ”مان آيس“ ۽ ”مان ايندس“ جملن ۾ ، زمان ماضي ۽ زمان مستقبل ۾ فاعل ”مان“ (ضمير متڪلم) جي صحيح گردارن /ڦيري لاءِ فعل جي ڌاتوءَ جي پويان، ٻنهي زمانن جي حالت ۾ ساڳي ضميري پڇاڙي ”-س“ يا ”-م“ ملائي ويندي آهي؛ جيئن: ”مان آيس/مان آيم“ ۽ ”مان ايندس/مان ايندم“ هر لحاظ کان ۽ هر حالت ۾، سنڌي ٻوليءَ جي نحوي اصولن موجب، صحيح آهي. سنڌي ڳالهائيندڙ اصل زبان لاشعوري طور ”-س“ ۽ ”-م“ ضميري پڇاڙيون فعل جي ڌاتوءَ سان، ٻنهي زمانن جي حالت ۾ ضرور ملائيندو آهي. 20. ٻرڙي صاحب برصغير جي هڪ وڏي شاعر ۽ سنڌي ٻوليءَ جي وڏي ڄاڻو محترم شيخ اياز جي ڪتاب ”ساهيوال جيل جي ڊائريءَ“ مان صفحي 23 ۽ 27 جا مثال ڏيئي لکي ٿو: ”اڱڻ ۾ آيس، آڏو ”مان“ ڏيڻ سان، يا ”کوليءَ ۾ موٽي آيس“، آڏو، ”مان“ ڏيڻ سان، ڇا هتي جملي ۾ زور شدت، اسٽريس، گهرائي پيدا ڪئي ويئي؟ ڇا هنن جملن ۾ شدت پيدا ڪرڻ جي ڪا گهرج آهي به، ۽ ڇا شاعر شعوري طور ڄاڻي ٿو ته ”مان“ ڪم آڻڻ جي ڪري هُو پنهنجي جملي ۾ شدت پيدا ڪري رهيو آهي؟“ منهنجي خيال ۾ ”مان“ فاعل سان، فعل لازمي ”آيو“ جي پويان زمان ماضيءَ جي حالت ۾ ”س“ پڇاڙي استعمال ڪري، ”مان آيس“ يا ”مان اڱڻ ۾ آيس“ جملو ڳالهائڻ يا لکڻ ۾ شيخ اياز جهڙي ماهر ڪابه غلطي ڪانه ڪئي آهي. افسوس هن ڳالهه جو آهي ته تنقيد خاطر شيخ اياز جهڙي سنڌي زبان جي وڏي ڄاڻوءَ جي ٻوليءَ کي غلط ٺهرائڻ ۽ هيئن چوڻ ته: ”ضمير متڪلم بدران ”-س“ ضميري پڇاڙي ڪم آڻڻ منهنجي نظر ۾ غلط آهي“ (ص. 24). مون مٿي قاضي قادن جو بيت ڏيئي عرض ڪيو آهي ته ضمير متڪلم جي بدران ”-س، پڇاڙي ڪم آڻي سگهجي ٿي. لطيف سائينءَ جي ڪلام ۾ اهڙا ڪئين مثال ملن ٿا؛ مثلاً: تو در آيس داسڙا، جاجڪ وٺي جيءُ، يا هن مصرع ۾: مُٺيس جهل مهار، ڪُٺيس ڪاهه م ڪَرهو يا: ڀينر آءُ، ڀُلياس، نه ته سڪ سمهڻ ڇا لڳي. يا: سو رسنديندم سپرين، ڪيس جھ ڪباب. اهڙيءَ طرح سچل سرمست پڻ ضمير متڪلم جي بدران ”-س“ پڇاڙي ڪم آندي آهي؛ جيئن: ويٺي هيُڙس واٽ تي، اچي وسيلو ٿيو. ٻرڙي صاحب وڌيڪ مثال به ڏنا آهن: ”مان سچ ڳالهايم“. ان جملي جو مطلب آهي: ”مان سچ ڳالهايو“. ڇا هن جملي ۾ ضمير ”مان“ ٻه ڀيرا فاعل طور آڻڻ ڪري شدت ۽ گهرائي پيدا ٿي آهي، يا مورڳو جملو ئي بگڙي غلط ٿي ويو آهي“ (ص 24). منهنجيءَ را ‎ءِ ۾ ”مان ڳالهايم“ جملو ڳالهائڻ واري جي سندس گفتگو جي انداز کي ظاهر ڪري ٿو ۽ سندس پنهنجي لهجي ۽ اُن جي ٻوليءَ جي مزاج مطابق آهي. هونئن به ”ڳالهايم“ اڻپوري گفتگو ظاهر ڪري ٿو، جڏهن ته ”مان ڳالهايم“ گفتگو کي مڪمل ڏيکاري ٿو. ٻرڙو صاحب فرمائي ٿو: ”مان سچ ڳالهايو“ چوڻ کپي ها يا سچ ڳالهايم چوڻ کپي ها.“ پر جيڪڏهن ”مان سچ ڳالهايم“ – چيو ويو ته ڪهڙي اربعا خطا ٿي. اهو به ڳالهائڻ جو هڪ انداز آهي. 21. ٻرڙي صاحب هڪ ٻيو مثال به ڏنو آهي: ”وزير وزير ڪوڙ ڳالهايو ماڻهوءَ ماڻهوءَ سچ ڳالهايو“ (ص. 24) حقيقت ۾ هنن جملن ۾ ”وزير وزير“، ”ماڻهوءَ ماڻهوءَ، لفظن جي ترڪيب (سٽاءُ) وارا لفظ، علم +للسان موجب هڪ ڌار موضوع يعني ”تڪرار“ (Reduplication) طرف ڌيان ڇڪائين ٿا. اهي مثال ”مان سچ ڳالهايم“ جهڙي جملي لاءِ دليل نه آهن. سنڌي ٻوليءَ ۾ لفظن جي تڪراري صورتن جي سلسلي ۾ ”سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس“ ڪتاب جا 60 کان 65 تائين صفحا پڙهڻ گهرجن، جن ۾ لفظن جي تڪراري صورتن جا مثال ڏنا ويا آهن. ٻوليءَ ۾ لفظن جو اهڙو استعمال، سونهن ۽ سوڀيا کان سواءِ، وياڪرڻي ڪارج به ڏيکاري ٿو. لهـٰذا ”مان سچ ڳالهايم“ جملي ۾، ضمير، فاعل هڪ دفعو ڪم آيو آهي ”مان“؛ ٻيو مثال ”م“ ضميري پڇاڙي آهي، جيڪا فعل جي گردان لاءِ ضرورت پوري ڪري ٿي. اها هڪ وياڪرڻي تقاضا آهي، جيڪا وياڪرڻي اصولن جي پورائيءَ لاءِ ڪم اچي ٿي. اها چُڪ نه آهي، جيڪا ٻرڙي صاحب جي راءِ ۾ ”اڻڄاڻائيءَ ۽ بيڌيانيءَ سبب يا غفلت جي ڪري سنڌي ٻوليءَ ۾ پيدا ڪئي ويئي آهي.“ بلڪ اهو ڪنهن هڪ خطي جي محاوري جو هڪ انداز/اندازِ گفتگو آهي، جيئن ڪيترن ئي خواتين يا ڇوڪرين کي هيئن ڳالهائيندي ٻڌو ويندو آهي: اسين ڀلا هلون ٿا چوڻ کپي ها: اسين ڀلا هلون ٿيون آپا، اوهين ڪٿي ويا هئا؟ چوڻ کپي ها: آپا، اوهين ڪٿي ڪٿي ويون هيون؟ اسين نوٽس لکون ٿا. چوڻ کپي ها: اسين نوٽس لکون ٿيون. ڳالهائڻ جو اهو به هڪ انداز آهي جنهن لاءِ لسانيات جي اصولن موجب رعايت ڏني ويئي آهي. اهو انداز ٻوليءَ جي مزاج مطابق آهي، جنهن کي لسانيات ۾ Honorofic form چئبو آهي. پوءِ ڀلي انهيءَ انداز کي ڪي صاحب غلط سمجهن. ٻرڙي صاحب صفحي 242 تي شڪارپوري لهجي جا مثال ڏيئي منهنجي هن دعويٰ کي صحيح ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. منهنجي هن اڀياس جي جائزي جو لُب لباب، ٻرڙي صاحب سندس مقالي ۾ صفحي 243 تي سندس راءِ ۾ هيئن ڏنو آهي: ”اهو عمل به چٽيءَ طرح اعلان ڪري ٿو/ٻڌائي ته فعلي صيغن جون سموريون اڏاوتون ڪي اتفاقي، اوچتو، بنا ڪنهن سوچ ويچار جي وجود ۾ نه آيون آهن، پر هڪ منظم سرشتي موجب باقاعدگيءَ سان، اصولي پابندين هيٺ جوڙيون ويون آهن“ (243). ٻرڙي صاحب ساڳئي صفحي تي بلڪل صحيح فرمايو آهي: ”ڇا ايڏيءَ عاليشان فني اڏاوت جا خالق، فنڪار ۽ مصور، چوٽيءَ جي ڏاهن، اڪابرن ۽ سگهڙن کان گهٽ درجي جا هوندا؟ اها مهارت، تنظيم ۽ سمجهه وڏي واڪ ٻڌائي ٿي ته هن ٻوليءَ جا خالق، وياڪرڻ جوڙيندڙ ۽ لفظن جي ايڏي نفيس گهڙاوت ڪندڙ، زبردست قدم جي ڳڻ ڳوت جا مالڪ هئا“ (ص 243). بهرحال جنهن جملي ٻرڙي صاحب کي هيڏي وڏي پرمغز مقالي لکڻ لاءِ مجبور ڪيو، اُهو جملو آهي: ”اسين توهان وٽ شام جو ٺيڪ ڇهين وڳي پهچنداسين“ پر ٻرڙو صاحب لکي ٿو ته اهو جملو ائين ڳالهائڻ غلط آهي ۽ اهو جملو هيئن ڳالهائڻ کپي: ”اسين توهان وٽ شام جو ٺيڪ ڇهين وڳي پهچندا“ (ص 25). منهنجي خيال ۾ پويون جملو غلط آهي ۽ جملو هيئن به ڳالهائي/ لکي سگهجي ٿو: ”اسين توهان وٽ شام جو ٺيڪ ڇهين وڳي پهچنداسين/سون يا ”توهان وٽ شام جو ٺيڪ ڇهين وڳي پهچنداسي/سين/سون يا شام جو ٺيڪ ڇهين وڳي پهچنداسونوَ. ۽ اهو ياد رکڻ گهرجي ته جيئن اهو جملو اڪيلو (ڪنهن گفتگو جي حصي کانسواءِ) ڳالهائبو ته پوءِ ”اسي“ ضمير فاعل طور ضرور ڪم آڻبو پر جيڪڏهن اهو جملو ڪنهن گفتگو هلندي ڳالهائبو ته پوءِ اُن گفتگو جي حصي طور ڳالهائبو ته پوءِ ”اسين“ ضمير فاعل طور ڪم آڻڻ جي ضرورت ڪانهي؛ البت سارو دارومدار، جملي ۾ ڪم آندل گفتگو ۽ اُن لاءِ ڍار/جهيلار تي آهي.نتيجي طور هيئن چئي سگهبو ته سنڌي ٻوليءَجي ماهرن کي هن موضوع تي خاموش رهڻ نه کپي ته سنڌي وياڪرڻ جي سلسلي ۾ ڇيڙيل هن بحث تي پنهنجا خيال ضرور ظاهر ڪرڻ کپن. مددي ڪتاب (1) الانا، غلام علي، ڊاڪٽر: سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄام شورو 1987ع، ص ص 22- 23، 43-45، 52-53، 164-165. (2) ايضا، سنڌي معلم، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، ص ص 132، 133، 138- 152. (3) ايضا، سنڌي صورتخطي ڇاپو چوٿون،سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، 1993ع، ص 14. (4) ڀيرومل آڏواڻي؛ وڏو سنڌي وياڪرڻ، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄام شورو، 1985ع، ص ص 141، 221 کان 229 ۽ 235 کان 24. (5) شمس العلماء مرزا قليچ بيگ: سنڌي وياڪرڻ (چئن ڀاڱن جو گڏيل ڇاپو)، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، 1992ع،ص ص 53، 55، 168، 176، 214 کان 218، 236. (6) ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر: شڪارپور جي ٻولي، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، حيدرآباد، 1992ع، ص 51. (7) واحد بخش شيخ: سنڌي ٻوليءَ جو صرف و نحو، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو 1986ع، ص 75. (8)) Block, B, and Trager, L. “Outline of Linguistic Analysis”, Linguistic Society of America, Bltimore, 1942, pp.12&13. (9) Gleason H.A., An Introduction of Descriptive Linguistics, New York, Holt Riehard and Wilson, 1961. (10) Sachau, E.C., Dr., Alberunis India, English Edition, Vol:I, Lahore, Government of Pakistan, 1961, pp, 448-450. (مهراڻ 1-1995ع)