سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون (جلد II)

ڪتاب جو نالو سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون (جلد II)
ليکڪ خان محمد جروار
سنڌيڪار / ترتيب خان محمد جروار
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-02-4
قيمت 250    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (555) PDF  E-Pub
انگ اکر

29 October 2019    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     14933   ڀيرا پڙهيو ويو

    ڪتاب بابت


    سنڌي ٻوليءَ بابت مقالن ۽ مضمونن تي مشتمل رٿا جو ھيءُ ٻيو جلد ڇپائيندي، ادارو نھايت خوشي محسوس ڪري رھيو آھي. ان کان اڳ ھن ئي رٿا جو پھريون جلد (مرتب: ڊاڪٽر انور فگار ھڪڙو) ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آھي. جڏھن تھ ٽيون ۽ آخري جلد پڻ تيار آھي، جيڪو جلد ڇپجي پڌرو ٿيندو. ھن ٻئي جلدکي اداري ۾ ڪم ڪندڙ نوجوان محقق خان محمد جروار وڏي محنت سان سھيڙيو آھي. خان محمد جروار اداري جو نھايت محنتي ڪارڪن آھي، جنھن پنھنجن دفتري ذميوارين کي احسن نموني سان نڀائڻ سان گڏوگڏ، ھن اھم رٿا کي تڪميل تائين پھچايو آھي. سندس ھيءُ ڪم سنڌي ٻوليءَ جي ارتقا ۽ تاريخ جي سلسلي ۾ اھم ثابت ٿيندو. ھن ڪتاب ۾، ورھاڱي کان پوءِ لکيل سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون شامل ڪيا ويا آھن، جن مان سنڌي ٻوليءَ بابت مختلف دؤرن ۾ ٿيل ڪم جي ڄاڻ حاصل ٿئي ٿي. جڏھن تھ ھن رٿا جي ٽئين جلد ۾ پڻ ورھاڱي کان پوءِ جا، ھن وقت تائين لکيل مقالا شامل ڪيا ويا آھن. اھڙيءَ ريت مختلف دؤرن ۾ سنڌي ٻوليءَ بابت ٿيل ڪم جو احاطو ٿئي ٿو. اسان سمجھون ٿا تھ سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ ۽ ارتقا جي سلسلي ۾ ھيءُ رٿا نھايت اھم ثابت ٿيندي. ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر انور فگار ھڪڙي ۽ خان محمد جروار جي محنت کي ساراھڻ کان سواءِ رھي نٿو سگھجي. مون کي اميد آھي تھ سنڌي ٻولي ۽ ادب جي شاگردن توڙي ادب دوستن لاءِ ھن رٿا جا سمورا جلد انتھائي مددگار ۽ ڪارائتا ٿيندا. عبدالقادر جوڻيجو چيئرمئن 30 مئي 2007 حيدرآباد سنڌ