اسان جو شاهه لطيف (ڪتاب چوٿون)

ڪتاب جو نالو اسان جو شاهه لطيف (ڪتاب چوٿون)
ليکڪ ڊاڪٽر فھميده حسين
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-94-9
قيمت 50    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (440) PDF  E-Pub
انگ اکر

24 September 2018    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     45618   ڀيرا پڙهيو ويو

بيت: 1


جـيهــا جــي تـيهــا، مــون مــارو مــڃــيــا،

مون جيڏيون مليرَ ۾، چونڊِين موڪَ ميها،

منهنجي آهه اِها، ڪڏهن ڪيرائيندي ڪوٽ کي!

جيها:

جهڙا

 

ميها:

ڀاڄيءَ جو قسم

تيها:

تهڙا

 

آهه:

رڙ، صدا، دانهن

موڪَ:

گهڻا، ججها

 

ڪوٽ:

محل، قلعو

بيت جي سمجهاڻي

                هيءُ بيت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي جي ’سُر مارئيءَ‘ مان چونڊيو ويو آهي. هن بيت ۾ مارئي چوي ٿي ته منهنجا مارو مائٽ جهڙا به آهن، غريب مسڪين، ميرا سيرا، تهڙا ئي مون کي قبول آهن، ڇو ته اُهي منهنجا پنهنجا آهن. منهنجي ڳوٺ ملير ۾ منهنجيون سرتيون ۽ جيڏيون ججها ميها ۽ ٻيون  ڀاڄيون چونڊينديون هونديون، اُنهن سان ملڻ لاءِ منهنجي دل دانهون پئي ڪري ۽ دُکي دل جي دانهن ۽ آهه هڪ ڏينهن ضرور عمر بادشاهه جي ڪوٽ قلعن کي ڪيرائيندي ۽ آءٌ آزاد ٿي پنهنجي ملڪ ملير وينديس.

 

  • ●●