اسان جو شاهه لطيف (ڪتاب چوٿون)

ڪتاب جو نالو اسان جو شاهه لطيف (ڪتاب چوٿون)
ليکڪ ڊاڪٽر فھميده حسين
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-94-9
قيمت 50    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (440) PDF  E-Pub
انگ اکر

24 September 2018    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     45615   ڀيرا پڙهيو ويو

بيت: 1


تون سَمُو، آئون گَندري، مُون ۾ عَيبن لکَ،

هِنَ منهنجي  حال جي، توکي سَڀُ پَرکَ،

ڪارڻ رَب اَلکَ، مَتان ماڱر مَٽيين.

سَمو:

ذات، ڄام تماچي، بادشاهه

 

ڪارڻ:

سبب، خاطر

گَندري:

مُهاڻي

 

رَبَ:

الله تعاليٰ، پالڻهار

عيب:

نقص، گهٽتائي، کوٽ

 

الک:

الله تعاليٰ

لَک:

لکين، گهڻا

 

ماڱر:

مهاڻن جي ذات جي

پَرک:

سڃاڻ، خبر، ڄاڻ

 

مَٽيين:

تبديل ڪرين، مُنهن ڦيرين، مٽائين

بيت جي سمجهاڻي

                هيءُ بيت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي جي ”سُرڪاموڏ“ مان چونڊيو ويو آهي. هن بيت ۾ شاهه سائينءَ نوريءَ  جي عاجزيءَ ۽ نهٺائيءَ جو بيان ڪيو آهي. نوري سنڌ جي حاڪم ڄام تماچيءَ کي عرض ڪري ٿي ته تون بادشاهه ۽ راڄ جو مالڪ آهين، پر آءٌ غريب مُهاڻي آهيان، مُون ۾ لکين عيب آهن، توکي منهنجي هن حال جي خبر آهي، تنهنڪري سچي ڌڻيءَ جي واسطي مون غريب کان منهن نه موڙجانءِ. مطلب ته نوري مُهاڻي، عجز ۽ نياز سان ڄام تماچيءَ کي منٿ ڪري رشتن جي پارت ڪري ٿي.

  • ●●