اسان جو شاهه لطيف (ڪتاب چوٿون)

ڪتاب جو نالو اسان جو شاهه لطيف (ڪتاب چوٿون)
ليکڪ ڊاڪٽر فھميده حسين
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-94-9
قيمت 50    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (440) PDF  E-Pub
انگ اکر

24 September 2018    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     45621   ڀيرا پڙهيو ويو

ليلان چنيسر جي ڪهاڻي


سومرا گهراڻي جو هڪ ناليوارو بادشاهه چنيسر، ديول ڪوٽ تي حڪومت ڪندو هو. چنيسر حُسن، شان شوڪت ۽ دولت وارو بادشاهه هو. چنيسر جي پَٽَ راڻي ليلان سندس لاڏلي راڻي هئي. ڪونئروءَ نالي هڪ شاهوڪار عورت چنيسر جي چاهت حاصل ڪرڻ خاطر سندس محلات ۾ ٻانهي ٿي آئي ۽ هميشه وجهه ڳوليندي رهندي هئي ته ڪنهن به طرح ليلان کي هِرکائي ۽ لالچ ۾ آڻي، چنيسر سان ملڻ جو موقعو حاصل ڪري سگهي.

هڪ ڏينهن ليلان کي، ڪونئروءَ نَوَ لکي قيمتي هار جي لالچ ڏيئي سندس مڙس چنيسر بادشاهه سان رهاڻ جي موڪل ورتي. انهيءَ رات چنيسر بادشاهه ملڪي معاملا نڀائيندي رات جو دير سان محلات ۾ موٽيو ته ليلان هن کي ننڊاکڙيءَ ڪيفيت ۾ وٺي وڃي ڪونئروءَ جي حوالي ڪيو. صبح جو جڏهن چنيسر بادشاهه ننڊ مان جاڳيو ته ڪونروءَ کي ڏسي پريشان ٿي ويو. ڪونروءَ  بادشاهه کي ٻڌايو ته ليلان لالچ ۾ اچي نَوَ لکي قيمتي هار عيوض کيس چنيسر سان رهاڻ جو موقعو ڏنو هو. اها ڳالهه ٻڌي چنيسر بادشاهه ليلان تي چڙي پيو ۽ کيس پنهنجي دل تان لاهي ڇڏيائين ۽ هن کي پنهنجي مائٽن ڏانهن موٽائي موڪليائين.

هن واقعي کان پوءِ ليلان جيڪا چنيسر جي پٽ راڻي هئي ۽ راڄ ۾ وڏي مان مرتبي واري هُئي،  لالچ جي ڪري مڙس جي نظرن مان ڪري پئي. پوءِ ته هن گهڻا حيلا وسيلا ڪيا ۽ چنيسر کي منٿ ميڙ ڪئي، پر چنيسر بادشاهه ليلان جي هڪ به نه ٻڌي. آخر آسرو پَلي ڏهاڳ جو داغ کڻي، پنهنجي پيڪن رواني ٿي. ليلان جي اندر ۾ پوءِ به اها آس رهي ته هڪ نه هڪ ڏينهن چنيسر هن جي غلطي معاف ڪري هن کي واپس ساڳيو مرتبو ڏيندو. پر سالن جا سال گذري ويا، چنيسر جي ڪاوڙ ٿڌي ڪا نه ٿي.

گهڻن سالن کان پوءِ چنيسر بادشاهه پنهنجي وزير جَکري جي شاديءَ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ ليلان جي اباڻي ملڪ پهتو. اتي شاديءَ جي ڪاڄ ۾ جڏهن اوچتو ٻئي آمهون سامهون ٿيا ته پراڻي محبت کي ياد ڪري صدمي ۾ سندن  ساهه جو پکيئڙو اڏامي ويو ۽ هو  هن جهان مان موڪلائي ويا.

 

 

 

  • ●●