اسان جو شاهه لطيف (ڪتاب چوٿون)

ڪتاب جو نالو اسان جو شاهه لطيف (ڪتاب چوٿون)
ليکڪ ڊاڪٽر فھميده حسين
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-94-9
قيمت 50    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (440) PDF  E-Pub
انگ اکر

24 September 2018    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     45612   ڀيرا پڙهيو ويو

بيت: 2


جي ليلائي مَ لَهين، تَه پُڻ ليلائيج،

آسر مَ  لاهيج، سڄڻ ٻاجهيندڙ گهڻو.

ليلائي:

منٿ ڪري

 

آسَر:

آسرو، اُميد

لهين:

حاصل ڪرين، پائين

 

سَڄَڻ:

دوست، خيرخواهه

ليلائيج:

منٿ ڪج

 

ٻاجهيندڙ:

ٻاجهه ڪندڙ، ٻاجهارو، رحم وارو

بيت جي سمجهاڻي

                هيءُ بيت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي جي ”سُر ليلان چنيسر“ مان چونڊيو ويو آهي. هن بيت ۾ شاهه سائين فرمائي ٿو ته: اي ليلان توکي پنهنجي مڙس جي رضامنديءَ لاءِ عاجزيءَ سان هيٺانئين وٺي ٻاڏائڻ ۽  منٿ ڪرڻ گهرجي ۽ الله مان آسرو نه لاهڻ گهرجي، ڇو ته اهو رحم ڪرڻ وارو آهي. هن ڳالهه مان اسان کي اهو سبق ٿو ملي ته انسان کي پنهنجي رب آڏو هميشه ۽ هر هر ٻاڏائڻ ۽ منٿ ڪرڻ گهرجي. الله تعاليٰ مان ڪڏهن به آسرو لاهڻ نه گهرجي، ڇاڪاڻ ته الله تعاليٰ ڏاڍو ٻاجهه ڪندڙ ۽ رحم وارو آهي. نيٺ ته بندي جو عرض اگهائيندو.

 

 

  • ●●