اسان جو شاهه لطيف (ڪتاب چوٿون)

ڪتاب جو نالو اسان جو شاهه لطيف (ڪتاب چوٿون)
ليکڪ ڊاڪٽر فھميده حسين
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-94-9
قيمت 50    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (440) PDF  E-Pub
انگ اکر

24 September 2018    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     45608   ڀيرا پڙهيو ويو

شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو ڪلام


شاهه عبداللطيف ڀٽائي سونهاريءَ سنڌ جو سدا حيات شاعر آهي، جنهن جي ڪلام وارو ڪتاب ” شاهه جو رسالو“ هر سنڌيءَ جي گهر ۾ لازمي طور هوندو آهي. هن رسالي ۾ ڪيترائي اهم عنوان موجود آهن، جن ۾ دين، دنيا، اَمن، محبت، ٻڌي، انسان دوستي ۽ وطن دوستي اهم آهن.  هو نه رڳو هڪ وڏو شاعر آهي، پر ڏاهو ۽ عالم به آهي، جنهن جو ڪلام ٻوليءَ، ادب ۽ فن سان گڏ اعليٰ خيال جي خوبين سان مالا مال آهي. شاهه سائينءَ جي ڪلام کي غور سان پڙهبو ته اُن ۾ توحيد، رسالت، عبادت، تصوف، انسانيت جهڙا تمام اهم موضوع بيان ٿيل آهن. جيئن ته الله تعاليٰ جي مخلوق ۾ انسان سڀني کان مٿانهون درجو رکي ٿو ۽ کيس ”اشرف المخلوقات“ سڏيو ويو آهي، ان ڪري سندس تعليم ۽ تربيت لاءِ پيغمبر، ولي، بزرگ صوفي ۽ ڏاها عالم ايندا رهيا آهن، جن پنهنجي پيغام سان انسانن کي اعليٰ زندگي گذارڻ جو ڏس ڏنو.

شاهه عبداللطيف ڀٽائي هڪ ڏاهو عالم ۽ صوفي شاعر آهي، جنهن پنهنجي رسالي ۾ بيتن ۽ واين جي ذريعي پهرين الله تعاليٰ جي وحدانيت ۽ اُن جي عبادت ۽ رسول پاڪ صلي الله عليھ وآلھ وسلم جي رسالت ۽ سندن اطاعت بابت درس ڏنو آهي. ان کان پوءِ انسانن جي اخلاق ۽ ڪردار کي بلند ڪرڻ ۽ سندن شخصيتن کي سنوارڻ لاءِ ڪيترائي اعليٰ مثال ڏنا آهن. اهڙيءَ ريت شاهه صاحب هڪ استاد ۽ رهبر بنجي رهنمائي ڪئي آهي.  هو اسان کي حق ۽ سچ جي راهه تي هلڻ جي صلاح ڏي ٿو ۽ ڪوڙ ۽ ڪپت کان بچڻ جي تلقين ڪري ٿو ته جيئن هن زندگيءَ ۾ به ڪامياب ٿيون ته آخرت ۾ به سُرخرو رهون.

هونئن  ته دنيا جي ٻين ملڪن ۾ به ڪيترائي ناليوارا شاعر، ڏاها، عالم ۽ مفڪر پيدا ٿيا آهن، جن پنهنجي پنهنجي قوم لاءِ بيمثال پيغام ڏنا آهن، پر شاهه سائينءَ پنهنجي ڪلام ذريعي انسانذات سان محبت، امن ۽ ڀائيچاري جو پيغام ڏيڻ سان گڏ ڏاڍ، ڏهڪاءَ، ظلم يا انصافيءَ سان مهاڏو اٽڪائڻ جو به درس ڏنو آهي ۽ پنهنجي زندگيءَ جي اعليٰ مقصد ۽ منزل کي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙڻ جي راهه ڏَسي آهي.

شاهه عبداللطيف ڀٽائي جيئن ته سنڌ سان بيحد محبت ڪندو هو، ان ڪري هن سنڌي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي، سنڌي سماج جي اندر رسمن رواجن ۽ سنڌ جي تاريخ جي اهم واقعن ۽ ڪردارن جي ڳالهه  ڪئي آهي. نه صرف ايترو، پر سنڌ جي جاگرافيائي حدن اندر موجود وڻ ٽڻ، ٻُوٽا، جانور، پکي پکڻ، جبل، ٽڪر، نَئيون، نديون ۽ سمنڊ وغيره ڪلام ۾ آڻي، انهن جي باري ۾ تمام گهڻي ڄاڻ مهيا ڪئي آهي، جنهن جي ڪري سندس رسالو سنڌ بابت هڪ اهم دستاويز بنجي ويو آهي. شاهه سائينءَ جو ڪلام جيئن ته موسيقيءَ جي سرن تي ٻڌل آهي، ان ڪري اهو جهر جهنگ، جهوپڙين، ماڙين، اڪيلائي توڙي مجلسن ۽ محفلن ۾ ڳايو ۽ ٻڌو  ويندو آهي ۽ سنڌ جا سمورا ماڻهو، ننڍا وڏا، پوڙها پڪا، زالين مڙسين کيس ’شاعرن جو سرتاج‘ مڃيندي، سندس مهانتا کي مڃين ٿا.

شاهه لطيف کي مڃڻ وارا رڳو سنڌ جا عالم اديب نه، پر ڪيترا سنڌ کان ٻاهر  پاڪستان جا ۽ پاڪستان کان ٻاهر يورپ جي ملڪن جا عالم به آهن، جن ۾ جرمنيءَ جا ڊاڪٽر ٽرمپ، ڊاڪٽر اينميري شمل ۽ جرڊ لُپڪي،  انگلينڊ جو ڊاڪٽر ايڇ. ٽي سورلي به  شامل آهن، جن کيس دنيا جي تمام وڏن شاعرن ۾ شمار ڪيو آهي.

اسان کي گهرجي ته اسين شاهه عبدالطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام کي پڙهون، سمجهون ۽ پوءِ اُن تي عمل به ڪريون ته جيئن اسين زندگيءَ ۾ ڪاميابي حاصل ڪريون.