اسان جو شاهه لطيف (ڪتاب چوٿون)

ڪتاب جو نالو اسان جو شاهه لطيف (ڪتاب چوٿون)
ليکڪ ڊاڪٽر فھميده حسين
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-94-9
قيمت 50    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (440) PDF  E-Pub
انگ اکر

24 September 2018    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     45616   ڀيرا پڙهيو ويو

بيت: 1


الله! ڏاهِي مَ ٿِيان، ڏاهيون ڏُکَ ڏسن،

مُون سين مون پِرينِ، ڀورائيءَ ۾ ڀالَ ڪَيا.

ڏاهي:

سياڻي، عقلمند

 

ڀورائي:

ڪم عقلي، اَڻ ڄاڻائي

مَ:

نَه

 

ڀَال:

چڱائي، سٺائي، ڀلائي

پرين:

محبوب، دوست

 

 

 

بيت جي سمجهاڻي

                هيءُ بيت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي جي ”سُر ليلان چنيسر“ مان چونڊيو ويو آهي.هن بيت ۾ شاهه سائين ٻُڌائي ٿو ته ليلان جنهن سياڻپ سمجهي نَوَ لکي هار عيوض پنهنجي مُڙس جو ڪونئروءَ نالي عورت سان سودو ڪيو هو،  اُن کي، اها سياڻپ مهانگي پئجي وئي ۽ مرڳو مڙس من تان لاهي ڇڏيس.

                ليلان پڇتائيندي الله تعاليٰ کان دعا گهري ٿي ته اي منهنجا مالڪ! مون کي اهڙو عقل نه ڏي، جنهن ۾ لالچ شامل هجي. اهڙي عقل واريون سياڻيون مون وانگر ڏک ڏسنديون آهن. پر جڏهن مون کي اهو لالچ وارو عقل نه هو ۽ جڏهن آءٌ سادي ۽ سچي هيس ته مون سان منهنجي محبوب مڙس تمام گهڻيون ڀلايون ۽ چڱايون ڪيون.

 

  • ●●