اسان جو شاهه لطيف (ڪتاب چوٿون)

ڪتاب جو نالو اسان جو شاهه لطيف (ڪتاب چوٿون)
ليکڪ ڊاڪٽر فھميده حسين
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-94-9
قيمت 50    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (436) PDF  E-Pub
انگ اکر

24 September 2018    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     45510   ڀيرا پڙهيو ويو

    ڪتاب بابت


    هن ڪتاب ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي مان ٽن سُرن ”سرڪاموڏ“، ”سرليلان چنيسر“ ۽ ”سرمارئيءَ“ مان بيتن جي چونڊ ڪئي وئي آهي. سُر ڪاموڏ ۾ نوري ڄام تماچيءَ جي ڪهاڻيءَ کان سواءِ ڪينجهر جي قدرتي سونهن، مهاڻن جي رهڻي ڪرڻي، غربت ۽ انسان دوست حاڪم جو ذڪر اچي ٿو. سُر ليلان چنيسر ۾ لالچ جهڙي انساني عيب، ڀورڙائپ، ليلا جي پڇتاءَ ۽ چنيسر جي محبت جو موضوع بحث هيٺ آندو ويو آهي. سُر مارئيءَ ۾ مارئيءَ جي ڪردار کي بيان ڪيو ويو آهي. هن قصي ۾ مارئيءَ جي مختلف گُڻن کي ڳايو ويو آهي: جيئن ظلم ۽ ڏاڍ آڏو نه جهڪڻ، لالچ ۽ لوڀ ۾ نه اچڻ، سڄڻ ۽ ساڻيهه کي نه وسارڻ ۽ پاڪ دامن رهڻ جهڙين وصفن کي اجاگر ڪيو ويو آهي.