اسان جو شاهه لطيف (ڪتاب چوٿون)

ڪتاب جو نالو اسان جو شاهه لطيف (ڪتاب چوٿون)
ليکڪ ڊاڪٽر فھميده حسين
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-94-9
قيمت 50    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (440) PDF  E-Pub
انگ اکر

24 September 2018    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     45605   ڀيرا پڙهيو ويو

عمر مارئيءَ جو قصو


عمر مارئيءَ جو قصو سنڌ جي ڪنڊ ڪُڙڇ ۾ مشهور آهي. مارئيءَ جي پيءُ جو نالو پالڻو پنهوار ۽ سندس ماءُ جو نالو ماڏوئي هو. هي مسڪين مارو ٿر جي ملير واري علائقي جي ڀالوا ڳوٺ ۾ ٻَني ٻاري ۽ مال تي گذر سفر ڪندا هئا. مارئيءَ جو مڱڻو ننڍپڻ ۾ ئي سندس مائٽ کيت سان ٿيل هو. ساڳئي وقت سندن هڪ نوڪر ڦوڳ به مارئيءَ کي پسند ڪندو هو. مارئي سونهن ۾ سڀني کان سرس ۽ لڇڻن ۾ لاجواب ڇوڪري هئي. جڏهن جوان ٿي ته ڦوڳ مارئيءَ جي پيءُ کان سندس سَڱ گهريو، پر مارئيءَ جي پيءُ انڪار  ڪيو. تنهن تي ڦوڳَ ڪاوڙ ۽ حسد سببان وڃي وقت جي حاڪم عمر سومري کي هِرکايو ته مارئي جهڙي سهڻي ۽ من موهيندڙ عورت شاهي محلات ۾ ئي سُونهين.

عمر بادشاهه ڦوڳَ کي ساڻ ڪري مارئيءَ جي ملڪ ملير اچي پهتو. صبح جو جڏهن مارئي پنهنجي سرتين سان کوهه تي پاڻي ڀرڻ آئي ته عمر ويسُ بدلائي پاڻي پيئڻ جي بهاني مارئيءَ جي ڀرسان اچي، کيس کنڀي کڻي اُٺ تي ويهاريو ۽ اچي عمر ڪوٽ ۾ قيد ڪيو. عمرَ، مارئيءَ  کي لالچ ڏيندي چيو ته تون منهنجي پَٽَ راڻي ٿي ويهه، پر مارئيءَ بنهه انڪار ڪيو. جڏهن عمر گهڻو ستايس ته هن کي چوڻ لڳي ته: کيت سان منهنجو  سڱ ٿيل آهي، سو آءٌ ڪنهن ٻئي جي ٿي نه ٿي سگهان. مون کي موڪل ڏي ته موٽي ملير وڃان.

عمر جي قيد ۽ بند ۾ رهندي، مارئي رات ڏينهن پنهنجن اباڻن، جيڏين سرتين ۽ وطن کي ساري جُهرندي ۽ جِهڄندي رهي. عمر جي پٽ پٽيهرن، بخمل ۽ بافتن کي اباڻي لوئيءَ جي مَٽ نه ڪيائين. عمر جي سون ۽ چانديءَ جي ڳهن، عطر عنبيرن، شاهي طعامن ۽ ميون مٺاين کي پنهنجي اباڻن جي سادي رهڻي ڪهڻيءَ، ڏٿ  ۽ ڏونئرن جي برابر نه سمجهيائين.

عمر وٽ قيد دوران مارئيءَ جو من محلن ۾ مُنجهندو رهيو. عمر کي عرض ڪيائين ته جيئري مارُن جو منهن ڪو نه ڏٺم، پر جي وطن لاءِ واجهائيندي مري وڃان ته مهرباني ڪري منهنجو مڙهه ملير موڪلجانءِ، ته جيئن ڏاڏاڻي ڏيهه جي ولڙين جو واس مون کي نصيب ٿئي.

مارئيءَ جي اها ڪيفيت ڏسي عمر بيوس ٿي پيو ۽ مارئيءَ کي پنهنجي ڀيڻ ڪري ملير پُڄائي آيو.  مارئيءَ پنهنجي عزت آبرو سنڀالي رکي، هوءَ پنهنجي مائٽن ۽ محبوب وطن ۽ ماڳ سان سچي رهي.  عمر سومري پنهنجي آڻ مڃي ۽ مارئيءَ کي سوکڙيون پاکڙيون ڏيئي پنهنجي ملڪ ملير روانو ڪيو.

مارئيءَ جي سچائي، همت، بي ڊپائي ۽ پاڪدامني توڙي ساڻيهه جي سڪ ۽ مارن جي محبت کي ڏسي شاهه صاحب تمام گهڻو متاثر ٿيو ۽ مارئيءَ  جي ڪردار، ملير، ڏُٿ، ڇانگن  ۽ ڇيلڙن، لوئيءَ ۽ لڄ کي هڪ ڌار سُر ۾ سمائي، هن کي هڪ اهڙو مثال ڪري پيش ڪيو آهي، جو هر انسان، عورت توڙي مرد  سندس ڪردار جهڙو ٿيڻ ٿو چاهي. مارئيءَ طرفان. لالچ، قيد ۽ بند جون تڪليفون سهڻ ۽ وقت جي وڏيءَ طاقت سان مهاڏو اٽڪائڻ جو حوصلو اسان لاءِ سبق آهي.

 

  • ●●