اسان جو شاهه لطيف (ڪتاب چوٿون)

ڪتاب جو نالو اسان جو شاهه لطيف (ڪتاب چوٿون)
ليکڪ ڊاڪٽر فھميده حسين
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-94-9
قيمت 50    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (440) PDF  E-Pub
انگ اکر

24 September 2018    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     45617   ڀيرا پڙهيو ويو

نوري ڄام تماچيءَ جو قصو


سنڌ ۾ سمن جي حڪومت واري دور ۾  ڄام تماچيءَ  نالي هڪ اصول پرست ۽ عوام دوست بادشاهه ٿي گذريو آهي. هيءَ ڪهاڻي ڄام تماچيءَ جي نوري مهاڻيءَ سان محبت جو هڪ اڻ وسرندڙ داستان آهي.

ڪينجهر ڍنڍ جي ڪناري غريبي ۽ مسڪيني حال ۾ ڪکن جي جهوپڙين، منَهن ۽ ٻيڙين تي ٺهيل مختصر گهرن ۾، سنڌ جي هڪ اهم قبيلي جا ماڻهو رهندا هئا، جيڪي ويچارا غريب ۽ مسڪين، مڇي ماري پيٽ گذر ڪندا هئا. سندن عورتون کِکيون کاريون کڻي مڇي وڪڻنديون هيون. اهڙي گدلي ۽ بدبودار ۽ هيڻي ماحول ۾ ”نوري“ نالي مهاڻي پلجي جوان ٿي، جيڪا شڪل شبيهه ۽ هلت چلت ۾ سڀني کان سرس هئي.

هڪ ڀيري سنڌ جو سلطان ڄام تماچي شڪار ڪندي اچي ڪينجهر ڪنڌيءَ تي نڪتو ته سندس نظر نوريءَ تي پئي ۽ کيس نوريءَ جي سادگيءَ ۽ سونهن وڻي وئي. ذات پات جا وهم وساري، ننڍ وڏائيءَ جا سنڌا ميٽي، حاڪم ۽ محڪوم جا ويڇا ختم ڪري، نوريءَ جو سڱ سندس مائٽن کان گهريائين. مهاڻن به نوريءَ ۽
ڄام تماچيءَ جي شاديءَ جو رشتو خوشيءَ سان قبول ڪيو.

شاديءَ کان پوءِ به نوريءَ،  پنهنجي بي پناهه حُسن جي باوجود  ۽ راڻيءَ ٿيڻ کان پوءِ به  نهٺائيءَ ۽ عاجزيءَ کي ڪو نه وساريو. نوريءَ جي هن گڻ ڄام کي اڃا وڌيڪ موهي وڌو. ڄام تماچي، نوريءَ جو ايترو خيال ڪرڻ لڳو، جو ڄام جون ٻيون راڻيون نوريءَ سان ريس ڪرڻ لڳيون. ٻين راڻين ۾ ناز ۽ وڏائي هئي ته نوريءَ ۾ وري عاجزي ۽ نهٺائي هئي.

محلات جي سڀني راڻين وڏا هار سينگار ڪيا ۽ حيلا وسيلا هلايا، پر ڄام جي دل کٽي نه سگهيون، پر نوريءَ جي سچائي، قدرتي سونهن  ۽ سادگيءَ ڄام جي دل ۽ دماغ تي اهڙو ته اثر ڇڏيو، جو کيس پَٽَ راڻي ڪيائين. هڪ طرف وڏ گهراڻين  سَمين راڻين جا سينڌ سرما ۽ هار سينگار هئا ته ٻئي طرف نوريءَ جي سادگي، نماڻائي، نياز ۽ نهٺائي، مطلب ته نوري پنهنجي گڻن سبب مَها راڻيءَ جو درجو  حاصل ڪيو ۽ ڄام جي پوري زندگيءَ ۾ ٻي ڪا به راڻي نوريءَ جي جاءِ ماڻي نه سگهي.

شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ کي هن قصي تمام گهڻو متاثر ڪيو ۽ پنهنجي شاعريءَ جي ”سرڪاموڏ“ ۾ هن قصي ذريعي ڄام تماچيءَ جي مهاڻن سان سٺي هلت، غريبن سان همدردي ۽ ذات پات جا ويڇا ختم ڪرڻ کي پڌرو ڪيو آهي ۽ نوري مهاڻيءَ جي ڪردار جي سُونهن ۽ نياز نوڙت جي ساراهه ڪئي آهي. هن قصي ۾ انساني برابريءَ جو بي مثال درس آهي.