سنڌي ٻوليءَ جو درياھي لھجو

ڪتاب جو نالو سنڌي ٻوليءَ جو درياھي لھجو
ليکڪ الھنواز رڪڻائي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 969-8194-46-0
قيمت 100    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

1 January 2018    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     104419   ڀيرا پڙهيو ويو

ڪچي ۾ درياھھ جي ڪنارن تي يا ٻيٽن تي ٿيندڙ گاھھ


ڪتر، ٻوڙي، ڪانھن، ڀتر، کيرل، للر، مريڙو، ساوڙي، ڇمڪو، ڇٻر، ٻڪن، چانھڪ، ڪچو سر، ڊڀ، کاراھو، ٻوڙي ڪتر، وغيره گاھھ درياھھ جي ڪنارن وارن ٻيٽن تي جام ٿيندو آھي. مالوند ماڻھو پاڻي لھڻ جي مند کان سڄي سياري جي مند ۾ ٻوڙي ھڻي، مٿي تي کڻي، مال کي کارائيندا آھن.

صدين کان انسان جو چؤپائي مال تي ڌيان رھيو آھي. ماڻھو وڏي چاھھ سان مال چاريندا آھن. ڪافي قبيلن جو گذران مال جي ٿڻن تي ٿئي ٿو، ميھار ماڻھو ھن ڀر رھندڙ درياھھ جي ٻئي پاسي کان ٻوڙي يا ڪتر ھڻي اچي مال کي کارائين، چي ”رزق تاتڻو آھي تھ جفاڪشي تھ ڪرڻي پوندي“، پنھنجي رزق (مال) کي خوش رکبو تھ پاڻ بھ خوش گذاربو“.

 

ڪچي جا نار:

صدين کان سنڌوءَ جي ڪنارن، ڍورن ۽ واھن تي نار چڙھندا رھيا آھن، چيٽ ۽ ڪتي نارن تي چرخي آبادي ٿيندي آئي آھي، نار جو پاڻي مٿاھين زمين تي پھچائبو آھي. نار جو سسٽم وڏي ھنرمنديءَ سان اوائل دور ۾ ٺاھيو ويو ھو. اسان وٽ آبادي ھيٺين طريقن سان ٿئي ٿي:

سيلابي، چرخي، چاھين، باراني ۽ موڪي.

انھن مان ڏکيو طريقو نار آھي. نار جي آبادي چوندا آھن تھ ”ست مڙسي“ آھي. نار تي آبادي ڪرڻ جو طريقو مھين جي دؤر جو آھي، ڪپھھ جو ذڪر قرآن ۾ بھ اچي ٿو. اھا ڳالھھ يقين سان چئي سگھجي ٿي تھ ڪپھھ نار کان سواءِ نھ ٿيندي ھوندي، ڇوتھ وونئڻ جي آبادي ڪتيءَ جي فصل جي آبادي آھي. ان مند ۾ درياھھ جي اٿل ٿيندي آھي. جنھن طرف درياھھ جي ليٽ (جنھن کي درياھھ جو ”آرو“ بھ چئبو آھي) ٿيندي، اھي ڪچي جا پاسا پاڻيءَ ھيٺ ھوندا، جيڪو پاسو درياھھ رخ مٽائي ويندو آھي تھ پوءِ ڪنھن پراڻ يا ڍوري تي نار چاڙھي ڪتيءَ جي فصل ۾ وونئڻ پوکيندا آھن. درياھھ جو سيڪ چيٽ جي فصل ۾ ڪم ڏئي سگھي ٿو، باقي ڪتيءَ تائين سيڪ زمين ۾ ڪٿي رھي نھ سگھيو ھوندو.

 

نار جي سازو سامان جا نالا:

نار، جنھن ڪنب، ڍوري، پراڻ، واھھ، ڦاٽ يا درياھھ جي ڪناري تي چاڙھبو آھي تھ ان جي ڪناري ڀرسان وڏي کڏ کڻندا آھن، جنھن کي ”پڙوڏو“ چوندا آھن. انھيءَ ٻڙوڏي جي مٿان ”ڍينگو“ رکندا آھن. ڍينگي جي مٿان ”مالھھ“ چاڙھيندا آھن. مالھھ ۾ ”لوٽا“ ٻڌبا آھن. ڍينگي کي ”ٻائڙ“ چوندا آھن.

  • چڪر: نار کي ٻھ چڪر ھوندا آھن. ھڪڙو وڏو چڪر ٻيو ننڍو چڪر. ھڪ چڪر کي سڌو ڪري ”ڀارونيءَ“ تي وھاربو آھي. وڏي چڪر جي وچ تي ڀارونيءَ ۾ سرائي پيل ھوندي آھي. اھا سرائي مٿي ڪانڃڻ ۾ بيھاربي آھي. ڪانجڻ يا ڪانڃڻ وري وانگر ٻن ٿوڻين تي بيھاريل ھوندي آھي. ان جي وچ ۾ سل ٿيندو آھي، جنھن ۾ سرائي ڦري سگھندي آھي. لٺ بھ ڀارونيءَ ۾ ڦرندي آھي. لٺ زمين تي رکيل ھوندي آھي، جتي ڦرندي، ڊينگو يا ٻائر کي ڦيرائيندي آھي. چڪرن جا ارا ھڪٻئي ۾ اٽڪندا ھلندا آھن. ڳاڌيءَ کي سرائيءَ ۾ بند ڪبو آھي. ڳاڌيءَ ۾ اٺ يا ٻھ ڏاند ٻڌبا آھن. ڳاڌي ڦرندي تھ چڪر ڦرندا، چڪر لٺ کي ڦيرائيندا، لٺ ڊينگي کي ڦيرائيندي. ڍينگي ۾ مالھھ ۽ مالھھ ۾ لوٽا ٻڌل ھوندا آھن. پاڻي نيساري ۾ پھچندو آھي. نيساري کي پاڙڇ چوندا آھن. پاڙڇ جو پاڻي نيسر ۾ وھندو آھي. نيسر اوڏانھن پاڻي موڪليندي آھي، جيڪو آواندن کان ٻنيءَ يا زمين ۾ ويندو آھي ۽ ريج ٿيندو آھي. سچل سائين پنھنجيءَ ڪافيءَ ۾ نار جو ذڪر آندو آھي:

دم دم جا ديدار، اپر اسان جي نار تي!

بگا ڏاند ٻڌون ٻيئي، ڳالھھ تنين جي ڪيان ڪيھي،

وھن ڌارو ڌار، ڳاڌيءَ جي ڳٽڪار تي.

-

نيسر پارڇ ۾ آيو پاڻي، سنگو ٿيندو سنڃ ۾ ساڻي،

پوک پچي ٿي تيار ڪم، سچل جا ڪلنار تي.

 

سنڌو درياھھ جون مڇيون:

سنڌو درياھھ ۾ صدين کان مخصوص قسم جون مڇيون پيدا ٿينديون ۽ وڌنديون ويجھنديون رھن ٿيون: چند مڇيون ڪنھن مند تي مٺي پاڻيءَ معنيٰ درياھھ ۾ اينديون آھن ۽ وري سمنڊ ۾ ھليون وينديون آھن. انھن ۾ پلو، مور مڇي ۽ گانگٽ مشھور آھن. سنڌو درياھھ جي ڇوڙ وٽ ”نائو“ ٿيندا آھن، جن ۾ ننڍي سامونڊي مڇي ايندي آھي، پر اھا گھڻو فاصلو اڳتي سنڌوءَ ۾ نھ ايندي آھي. سنڌوءَ جي خاص ۽ سنڌي ماڻھن جي دل پسند مڇي ”پلو“ آھي.

پلو ڪوٽڙي بئراج ٺھڻ کان اڳ ۾ سکر واري ساڌٻيلي کان بھ اڳتي ٽپي ويندو ھو. پلا ھاڻي ڄام شوري پل تائين اچن ٿا. سال ١٩٥٦ع کان اڳ ۾ شاھبندر کان ساڌٻيلي تائين پلن لاءِ مڏيون ٺھيل ھونديون ھيون.

 

درياھھ شاھھ جو پلو:

محمد اسماعيل عرساڻي صاحب سچ لکيو ھو تھ، ”پلو ويچارو غريب غربي جو گذارو“. پلو فبروريءَ جي پھرين تاريخن ۾ سمنڊ کان نڪري سنڌوءَ ۾ داخل ٿيندو ھو ۽ ١٠، ١٢ تاريخ فبروريءَ جي سکر تائين پھچي ويندو ھو. فبروريءَ ۾ نئين آيل پلي کي ”نولڙيءَ جو پلو“ چوندا آھن. پلا جڏھن درياھھ ۾ پھچن ئي پھچن، ان کان ڳ ئي ٺيڪيدار مڏيون درياھھ جي ڪنارن سان ٺھرائيندا ھئا ۽ انھن تي منشي مقرر ڪندا ھئا. پلن جي حساب رکڻ واري منشيءَ کي ”سوپڙيو“ چوندا آھن. پلي جو ڪاروبار سنڌ ۾ گھڻو ھلندو ھو. تڙ تڙ تي مڏي ھوندي ھئي. وڏن تڙن تي سو کان مٿي ”ٻيڙيون“ ۽ ”ڪؤنٽيا“ پلن مارڻ وارا ھوندا ھئا. ڪيترا ماٽي ۽ تنبڙيا بھ پلا ماري تڙ (تڏيءَ) تي کڻي ايندا ھئا. پلن مارڻ لاءِ جيڪو رڇ ڪم آڻيندا ھئا، ان کي ”سنبھي“ يا ”سنبوھي“ چوندا ھئا. سنبھيءَ جي ڪاٺيءَ کي ”سنڌ“ چوندا آھن. سنڌ، ديال يا ولي ڪاٺ جي گول گھڙيل ڪاٺي ھوندي آھي، جنھن کي رندو لڳل ھوندو آھي. سنڌ جي اڳئين ڀاڱي ۾ ٻڇانگ جيان ٻھ ڪاٺيون ملايل ھونديون آھن، جن ۾ رڇ ٻڌبو آھي. رڇ ٻڌل تيار ٿيل سنبھي، ڊونڊي ٻيڙيءَ جي مھڙي تي مھاڻو پاڻيءَ ۾ لاھي ٻڇانگيءَ کي درياھھ ۾ ٻوڙي ڇڏيندو آھي، ڪنھن مھل مٿئين ڪاٺيءَ سنڌ کي ھيٺ بھ ڪندو آھي، ھڪ پير جي ٽيڪ بھ ٻڇانگ ملائڻ واريءَ جاءِ تي ميربحر (جنھن کي ”مارت“ بھ چوندا آھن) ڏيندو آھي. پلو سير ڪري ھلندو آھي تھ پري کان مھاڻو ڏسي سنبھيءَ کي ھيٺ مٿي ڪندو آھي، ٻيڙي ڳن تي آھستي آھستي پئي ھلندي آھي. ڳن ڇوڪرا بھ ھلائيندا آھن ۽ ”مارتن“ جون مايون بھ ھلائينديون آھن. پلو سنبھيءَ ۾ لڳندو تھ ميربحر ڏور ڦٽي ڪري سنبُھي مٿي مھري تي لاڙي ڇڏيندو آھي. پلو ڊونڊيءَ جي لڪ ۾ اڇليندو، سنبھي مان ڪڍي ڇاٻاھيءَ واري اڏي جي ھيٺ واري پسونءَ جي پويان يعني ٻن پسن جي وچ ۾ جيڪا جاءِ ھلڪي ھوديءَ جان ٿيندي آھي، ان ۾ پلا اڇلائيندا ويندا آھن. پلن مارڻ لاءِ لاھاري ٻيڙي، ڳن تي ھلائبي آھي. ان عمل کي پلن لاءِ ”سير کڻڻ“ چوندا آھن.

  • ماٽي: ماٽي مٽ تي پلن مارڻ وارا ساڳي سنبھي ڪم آڻيندا آھن، مٽ کي ڪنا نھ ھوندا آھن. مٽ جي منھن تي پيٽ رکي سنبُھي درياھھ ۾ وجھندا آھن. پلو ماري پيٽ کڻي ماٽي يا مٽ ۾ وجھي ڇڏيندا آھن. اھي مٽ يا ماٽيون ٺڪر جون ھونديون آھن. ۽ ٽامي ۽ ڪٽِ واري دؤر ۾ اھي ماٽيون ٽامي جون ھونديون ھيون. ماٽي مٽ تي پلا مارڻ وارن کي چوندا آھن. اڄ بھ ”ماٽي“ ملاحن يا ميربحرن جو ھڪ پاڙو آھي. مٽ تي پيٽ رکي پلا ماريندڙ پيٽ ھيٺان سينھون ڏيندا ھئا، جيڪو ڪنارن سان موتين ۽ ستارن سان جڙيل ھوندو ھو.
  • تنبڙيا: ڪي مھاڻا ساڳيءَ سنبھيءَ سان تنبي تي پلا ماريندا ھئا. اھي تنبا ٽامي جا ڪدوءَ جي گول تنبي وانگر ٺھيل ھوندا ھئا. ان تي سٽ جا ”اٽھھ“ مڙھيل ھوندا ھئا. ماٽي ۽ تنبڙيا ڊونڊين وارن کان ”سنڌ“ ڪجھھ ھلڪي کڻندا ھئا. تنبڙ يا ڪدوءَ جا تنبا بھ ڪم آڻيندا ھئا. پر اڪثر ڪري ٽامي جا تنبا ھوندا ھئا، ڇوتھ ٺِڪر جي مٽ ۽ ڪدوءَ جي تنبي جي ٽٽڻ جا امڪان وڌيڪ آھن.
  • تڙ تي پلا آڻڻ: ”مارت“ صبح ۽ شام ٻھ ڀيرا مڏيءَ تي پلا ڏئي سوپڙئي کان لکرائي ويندا ھئا. پلن جي ڳڻپ ”ھارين پيري“ ٿيندي آھي. ھڪ ھاريءَ ۾ ٻھ پلا ٿيندا آھن: ھڪ آنيارو يا آڃارو پلو، ٻيو ”کيرو پلو“ آنياري پلي ۾ ٻھ آنيون ٿينديون آھن. کيري پلي ۾ کيري ۽ ڦوٽو ٿيندو آھي. ڦوٽو آنياري پلي ۾ بھ آنين سان گڏ ٿيندو آھي. پلي جي ڦوٽي ۾ پتو ٿيندو آھي، جيئن مڇي جي ٻوريءَ ۾ پتو ٿيندو آھي.
  • ”پتي جو لڳڻ: پتو وھي جيڪڏھن ماس ۾ ويندو آھي تھ اھو ٽڪرو سائو ڏسڻ ۾ ايندو آھي، ان کي چوندا آھن تھ ھي پلو يا مڇي پِتي لڳل آھي. اھڙيءَ مڇي يا پلي جو ٻوڙ ڪڙو ٿيندو آھي. پِتي ڦٿل مڇيءَ کي ”پتاريل مڇي“ چوندا آھن. سڄاڻ مارت پلي جي سير کي محسوس ڪري ٻيڙيءَ کي ڳن تي پلي جي سير جي سامھون ڪندا ھئا. پلي جو شڪار وڌيڪ ڪندا ھئا. ميربحر ”مارت“ شام ۽ صبح تي پلا مڏيءَ ۾ کڻي ايندا ھئا، جتي سوپڙيا پلا گند ڪرائيندا ھئا. وڏن تڙن تي گند ۾ ھزار تائين ھاريون ٿينديون ھيون. سوداگر ساٽي ڪونجڙيا، تڙ يعني مڏيءَ تي اچي ڪٺا ٿيندا ھئا. ساٽي پلا گڏھن ۽ گھوڙن تي کڻي شھرن ۽ واھڻن ۾ کپائڻ ويندا ھئا. ٻڌا واپاري، پلا ڳوڻين ۾ ڀري ريل گاڏيءَ ۾ ڏيساور کڻي ويندا ھئا. مڏين تان اٺن تي مال اسٽيشنن تائين ويندو ھو. ”ڪونجڙيا“ جيڪي کارين ۾ مال مٿي تي کڻي ڳوٺن ۾ کپائيندا ھئا، ساٽين سوداگرن کان مال بچي پوندو ھو تھ پوءِ پلا چيرائي انھن کي گھڻو لوڻ ڏئي تڏا وڇائي ان تي مال رکندا ھئا. جنھن کي ميربحر ”ٿڦڻ“ چوندا آھن. ٿڦڻ وارا پلا سڪي ويندا آھن ۽ لوڻ جي ڪري خراب نھ ٿيندا آھن. سوپڙئي جي خدمتگار کي ڪوٽار چوندا آھن. سوپڙيا روزنامچو، کاتو، کرڙو ۽ شاھو ڪتاب رکندا ھئا. ميربحر يا مارت رات جو بھ سيرون کڻي پلا ماريندا ھئا. ٿڦڻ وارا پلا جڏھن شھر يا ڳوٺن ۾ کڄي ويندا ھئا تھ انھن کي ”لوڻي پلا“ چوندا ھئا. لوڻي پلو رات جو پاڻيءَ ۾ ڀڄائي رکندا ھئا. ڀاڄيءَ رڌڻ مھل ان کي ڪوسي پاڻيءَ ۾ ڌوئي يا لسيءَ سان ڌوئي ڀاڄي چاڙھيندا آھن.

پلو، جڏھن مٺي پاڻيءَ ۾ گھڻو رھندو ھو تھ پوءِ گھڻو سوادي ٿيندو ھو. سنڌ جي مھمان نوازيءَ ۾ پلي جي ڊش سڀني طعامن کان اور ھئي. نولڙي پلا، ميربحر ڍوئڻا امير ماڻھن وٽ پيش ڪندا ھئا، جيڪڏھن ان وقت پلي جي قيمت سمجھو تھ ھڪ رپيو ھئي تھ ان ڍوئڻي پلي عيوض ٻارن جي بٽائين تي ان جي ڳوڻ ضرور ملندي ھئي، ڇوتھ غريب مھاڻو ٻچن کي پلو نھ کارائي بھ ڀوتارن کي ڍوئڻو ڏيندو ھو ۽ پنھنجي غربت جو بول ڀريندو ھو.