سنڌي ٻوليءَ جو درياھي لھجو

ڪتاب جو نالو سنڌي ٻوليءَ جو درياھي لھجو
ليکڪ الھنواز رڪڻائي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 969-8194-46-0
قيمت 100    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

1 January 2018    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     104404   ڀيرا پڙهيو ويو

اٿيل اوٿر، ڇلندڙ ڇوليون


رھيو، تيئن تيئن ھرکر ۽ ھوري وڌندي وئي. ڪتاب جي مواد کي سھيڙڻ لاءِ لڳاتار ڪوشش جاري رکيم. ھڪ ڀيري سائين استاد بخاريءَ سان اھڙو ذڪر ڪيم. واءَ جا نالا ان ڏينھن تائين ٽيتاليھھ لکيل ھئا، جڏھن استاد کي ٻڌايم تھ استاد بخاري صاحب زور ڀريو تھ ”نواز! ھيءُ ڪتاب لک“! پوءِ مون وڌيڪ معلومات حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. دل ۾ آيو تھ ھي وڏ ٻيڙائت، جيڪي سنڌوءَ جو سينگار ھئا، انھن جون ٻيڙيون، تڙ ۽ بندر وڃن پيا ختم ٿيندا. منصوبن مطابق سنڌو بھ سڪندي پئي وڃي.

نھ سي تڙ ھوڙاڪ، نھ وايون وڻجارن جون.

اڳتي ھلي ٻيڙيائتن جا لفظ نھ رھندا. جڏھن اھي وڏيون ٻيڙيون ئي درياھھ تي نھ ھلنديون، جيڪي سؤ سوا خرار اناج کڻي ھڪ تڙ کان ٻين تڙن تائين وينديون ھيون؛ جيڪي سيرن مان ساندارا ڏئي، ھن ڀر جو ھن ڀر پھچنديون ھيون، جيڪي ڏکڻ جي واءَ ۾ ڦٽڪا ڏئي لھواريون کڙنديون ھيون، جيڪي جھمٽيون، موڙ، بانبٽا، بانبٽيون، مرولون، گجڪا ۽ بيرقون ٻڌي بندر تي بيھنديون ھيون تھ ’بندر بازاريون‘ بنجي ويندا ھئا. جن بندرن تان سامونڊي سوداگر پنھنجا واھڻ ”واڻ“ ٻيڙا مکي تيار ڪري اونھي ڏي اوھرندا ھئا، جن بندرن تي ڌاڙيچن جون ڌڄائون ھونديون ھيون، جن بندرن تي جھمٽين ٺھڻ جا جشن ٿيندا ھئا. اھي تھ سڀ ختم ٿي ويندا ۽ پوءِ ڪٿان اھي لفظ ملندا، سنڌوءَ جا بندر ويران ۽ ڀڙڀانگ ٿيندا پيا وڃن. وڏ ٻيڙائت ناکئا، سکاني، ساڳاھي لاھڻ وارا جوان بھ سنڌوءَ جي سڪڻ جا سور برداشت نھ ڪري موڪلائيندا پيا وڃن. ھائي ڌائي سنڌو درياھھ تي پتڻن جون ٻيڙيون ھيون، اھي بھ ڌاڙيل فيڪٽر جي ڪري ختم ڪيون ويون. پتڻن تي ١٥- ١٦ خرار بار کڻندڙ ٻيڙيون ھونديون ھيون، جيڪي اورپار لاءِ ھونديون ھيون، سي بھ سرڪار ٻوڙائي ڇڏيون. ھاڻي تھ اھي پاتڻي چارا ئي ختم ٿي ويا، ننڍيون ڊونڊيون ۽ مڇي مارڻ جا ڪوئنٽيا بھ درياھھ جي ڪنھن ڪنھن تڙ تي ھڪ ٻھ نظر ايندا، نھ تھ تڙ ويران پيا آھن. سنڌو درياھھ جو سڀ ئي ختم ٿي چڪو آھي. اھي پھريون ئي ختم ٿي ويون، جتي ملاحن جا راڄ گڏجي رڇ ڇڪيندا ھئا، جتي پھري ٿيندي ھئي تھ مڇي مارڻ وارين ڊونڊين جا دس بيٺا ھوندا ھئا. ملاحن جي رھڻ جون ٻيڙيون ڪناري سان قطارون ڪيو بيٺيون ھونديون ھيون. رات جو جر تي ڏيئن جھمڪڻ جيان ٻيڙين تي بلبن جي جھرمر لڳي پئي ھوندي ھئي. اھي وڏ ٻيڙيائت ئي ويا، جيڪي ’قاتل ڪمائي‘ ڪري بھ راتيون ماٽن ۽ يڪتارن تي گذاري ڇڏيندا ھئا، ڄڻ جوانن پورھيو ڪيو ئي ڪونھ ھو. ھاڻي سنڌوءَ جي ڌاڙيجن جون ڌڄائون رھيون ئي ڪونھ آھن.

تڙ تڙ ناھھ تنوار، بندر ٿي بيران ويا،

ٻئي سنڌوءَ پار، ٻسا ٻاروھي ٿيا.

١٩٥٦ کان اڳ درياھھ جي ٻنھي ڪنارن تي مڏيون ۽ موراوا ھوندا ھئا، ھاڻي نھ رھيون مڏيون نھ اھي ماڳ، جتي نوٿري جا سانجارو پلا ڦٿڪندڙ ايندا ھئا، جتي چڪڻ جي چاڙھھ مان ملاح سڙھھ جي سجھن کي ساھي ڪؤنتلون ڪڏائي ڪڍي ويندا ھئا؛ جتي ”محفلون (ٻيڙيون) سڙھھ دڦڙائي آزاديءَ جي علم جو اھڃاڻ پيش ڪنديون ھيون؛ جتي کوھن جي مورن ٻڌل، ڇڙھن ۾ رنگارنگي بانبٽا ريٽي رنگ جا گجڪا، آزاديءَ طرف وڌڻ جا آسانبا پاڇيلي تحت تي، ويڻن جي ڦتين مٿان جھولندا رھندا ھئا. جن تڙن تي ڪيتريون ئي نيون جھمٽيون مھرن تي موڙ ٻڌيو بيٺيون ھونديون ھيون. اھي تڙ پنھنجن اوجن کي ساريندي، ڀڙڀانگ ٿي ويا آھن. جيئن اسان جي مھان ڪويءَ  چيو آھي تھ:

نھ تڙ تي تماچي نھ گندريءَ گذارا،

اسارا اسارا، ڪينجھر جا ڪنارا.

(شيخ اياز)

ھنن وشال مايوسين مون کي ڪتاب لکڻ تي  مجبور ڪيو. ڪتاب لاءِ ڪٺو ڪيل مواد مون ڇپجڻ جي آس ۾ ڪٺو ڪري رکيو، ڪير منھنجو ھي ڪتاب ڇپرائيندو. دل تاڻي تاڻي ٿڪجي پئي. آس سڏڪي سڏڪي ساڻي ٿي. سمھي پئي. روح ڪڏھن ڪڏھن سٽ کائيندو ھو. ھن کان اڳ منھنجي شاعريءَ جو ڇپيل ڪتاب ”ڇليون منڇر ڇوليون“ جي پوئين ٽائيٽل تي استاد بخاريءَ سڃاڻپ ڏني آھي، جنھن ھن ڪتاب ”مھراڻ جي ٻوليءَ“ ۽ ”ڪوپو ڪلاچيءَ“ جو ذڪر ڪيو آھي. ڪتاب ھن ڪتاب لاءِ لاءِ تاج جويي (اڳوڻو سيڪريٽري سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري) زور ڀريو تھ تيار ڪري ڏيان تھ جيئن ڇپايو وڃي. مون ھن ڪتاب ۾ ٻيڙين (وڏين ٻيڙين) جي پرزي پرزي جو ذڪر ڪيو آھي. درياھھ جي تڙن، بندرن، ورن وڪڙن آجھار، جھوليءَ، مٿار، اتِمڻيءَ، ستمڻيءَ، ڦٿڪن، گيڙن، بلندين، ھيٺاين، ڍنڍن ۽ ڍورن جو ذڪر ڪيو آھي. رڇن مڇين ۽ ٻيڙين جي قسمن جو بھ پتو ڏنو آھي. مان ڀانيان ٿو تھ درياھي لفظن جو ڪافي ذخيرو پيش ڪيو اٿم. مون کان ڪي اوڻايون بھ سرزد ٿيون ھونديون، جنھن لاءِ معافي ملندي.

مان ٿورائتو آھيان سنڌي ٻوليءَ اٿارٽيءَ جي موجودھ چيئرمين سائين عبدالقادر جوڻيجي جو، جنھن ھي ڪتاب ڇپائي منھنجي اميدن ۾ سرھائيءَ جي لھر آندي آھي!

”نواز“ رڪڻائي