سنڌي ٻوليءَ جو درياھي لھجو

ڪتاب جو نالو سنڌي ٻوليءَ جو درياھي لھجو
ليکڪ الھنواز رڪڻائي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 969-8194-46-0
قيمت 100    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

1 January 2018    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     104411   ڀيرا پڙهيو ويو

پنجاب جي ٻيڙين جا قسم:


ھيٺ انھن ٻيڙين جا نالا ڏجن ٿا، جيڪي سنڌو درياھھ جي سنڌ وارن بندرن تي وھنديون ھيون:

          (١) زئونرڪ، (٢) بگوچڻ، (٣) نامڪڙي، (٤) ڊونڊو

  • زئونرڪ: ھي ٻيڙيون پنجابي ’ڦمڻا‘ مھاڻا ھلائيندا ھئا، جيڪي اڪثر سنڌ جي بندرن تان مال کڻندا ۽ لاھيندا ھئا. زئونرڪ جا مھرا وڍيل ھوندا آھن. زؤنرڪ کي بھ اڏو ٿيندو آھي، جنھن تي کوھو بيھاربو آھي. ھن کي بھ ساڳيا لاڄو، تاليا، پوٺي ۽ رسا ٿيندا آھن. زئونرڪ پنجاب جي مھاڻن لاءِ ڪؤنتل جي برابر آھي. زئونرڪ تي پاتاري يا واڙا ڪونھ ٿين. ڪھل يا ڪيل قبيلي جا ماڻھو پنجاب جي ٻيڙين جا ملاح آھن. ڪھلن يا ڪيلن جو بنيادي علائقو ٿل ڪئنال ۽ سنڌو درياھھ جي وچ وارو پاسو آھي. اھو علائقو ضلعي ميانواليءَ ۾ آھي. ڪھل اٿڻي ويھڻيءَ ۾ اوائلي دؤر جي ماڻھن وانگر لڳندا آھن. اھي ڪميون، سيسر، ٻلھڻيون ۽ لڌڙا کائيندا آھن. چوندا آھن:

’جا پلجي پاڻيءَ ۾، سا مڇي ڪني ڪوھھ‘.

ڪي ڪھل پوئين دور ۾ مسلمان ٿيا، جن کي ’ديندار‘ چوندا آھن. ڪھل درياھھ جي ٻيٽ تان سنھي لڪڙ وڍي کارا ٺاھيندا ھئا. ھاڻي ڪي ٿورا بچيل ڪھل ۽ ديندار کارا ٺاھيندا آھن ۽ کارن جو ٽرڪون ڀرائي، سنڌ جي جدا جدا شھرن ڏانھن موڪليندا آھن. سنڌو درياھھ ۾ سيسر پاڻيءَ جو وڏي ۾ وڏو جانور ٿيندو آھي. ڪھل سيسر ماري، ان جي کل ۽ وھھ مان سٺا پئسا ڪمائيندا ھئا، ان ڪري ھڪڙا ڪھل خاص ٻلھڻ ۽ سيسر جي شڪار جي پويان ھوندا ھئا. اھي کاري کان ٻلھڻن ۽ سيسرن جي پويان لڳندا ھئا تھ سکر تائين انھن کي نھ ڇڏيندا ھئا ۽ کين ضرور ڦاسائي وٺندا ھئا. ھن وقت سنڌو درياھھ ۾ سيسر جو بنياد خير ڪو ھجي، البت ٻلھڻ اڃا درياھھ جي ڪن آجھارن ۾ موجود آھي، جنھن جو نسل ذري گھٽ ختم ٿيڻ تي آھي. ٻلھڻ کير ڏيندڙ مڇي آھي ۽ کيس عورت جھڙا ٻِنڊ سان بُبا يا ڇاتيون ٿينديون آھن. جيڪڏھن ڪو ھڪ ڪھل ڪا ٻلھڻ ڦاسائيندو ھو تھ ٻيا ڪھل نھ کائيندا ھئا، پر ٻھ چار ڄڻا گڏجي ڦاسائيندا ھئا تھ پوءِ کائيندا ھئا. ھاڻي سنڌ ۾ رھندڙ ڪھل گھڻي ڀاڱي ديندار ٿي ويا آھن، ان ڪري ٻلھڻ کي حرام سمجھي نھ کائيندا آھن.

          ڦمڻا ملاح ملتان يا اصل پراڻيءَ سنڌ جا ھئا، ان ڪري اھي سنڌ ۾ ٻيڙيون وھائيندا ھئا. اھي اوائلي دؤر ۾ زؤنر ڪون ۽ بگو چڻيون ھلائيندا ھئا ۽ پوءِ سنڌي ٻيڙيون ڪؤنتلون ۽ ڪٽارون بھ ھلائيندا ھئا. ڦمڻا پاڻ سان جوان سنڌي ملاح بھ کڻندا ھئا، ڇاڪاڻ تھ اھي درياھھ جا ڄاڻو ۽ اورچ ھوندا ھئا.

  • بگوچڻ: ھيءَ ٻيڙي زئونرڪ کان وڏي ٿيندي آھي ۽ درياھھ جي سڀني ٻيڙين کان مضبوط ٿيندي آھي. بگوچڻ تي بھ واڙو چڙھيل نھ ھوندو آھي. ھن جو آڳيلي پاڇيلي تخت ٿورو کڻائون ٿيندو آھي. مھنال گولائيءَ ۾ ھوندا اٿس، جن تي آئينا ۽ گل چٽ ھوندا آھن. ھي ٻيڙيون بھ مال، ڪاٺ ۽ اگر کڻنديون ھيون. ھن وقت نھ وھنديون آھن، ڇاڪاڻ تھ سنڌوءَ ۾ پاڻي بنھھ گھڻو گھٽجي ويو آھي. وڏيون بگوچڻيون بار گھڻو کڻنديون ھيون. ھڪڙي بگوچڻ چار ھزار مڻ بار کڻندي ھئي، جيڪا سکر جي ھڪ ھندو واپاريءَ ٺھرائي، ھڪ پنجابيءَ ملاح کي ڏني ھئي. اھا محفل ٻيڙيءَ جي دؤر کان پنجاھھ سال اڳ ٺھرائي وئي ھئي.
  • نامڪڙي: نامڪڙي، زئونرڪ جي نموني ٺھيل ننڍي ٻيڙي ھئي، جيڪا سنڌو درياھھ تي وھندي ھئي، ھيءَ ٻيڙي تمام تکي ھلندي ھئي. سيسرن جي پويان اھڙي قسم جون ٻيڙيون لڳائيندا ھئا، ۽ کين جلد وڃي پڪڙيندا ھئا. ڪن جو چوڻ آھي تھ ’نامڪڙي‘ ڪشميري ٻيڙين جو ھڪ قسم آھي.
  • ڊونڊو: ڪھل قبيلي جا ماڻھو کارن جي واپار لاءِ ھڪ ھلڪو، بار کڻڻ جھڙو ۽ بيتلي جھڙو چؤڳٺيو ٻيڙو ٺاھيندا ھئا، جنھن تي وڍيل لڪڙ مان کارا ٺاھيا ويندا ھئا، ۽ ھن ئي ٻيڙيءَ تي کارا کڻي وڏن وڏن بندرن تي کپائيندا ھئا. ھي ملاح ڊونڊي تي درياھھ جي گھنڊن ۾ ڪڇون، ڪم، ڄرڪا، گندڻ، ٻٽا ۽ مڪر ماريندا ھئا. ڊونڊا، ڍنڍن ۾ بھ بيھاريا ويندا ھئا. ھنن ڊونڊن ۾ حلال جانورن جا ھڏا ڀرائي، ملتان پھچايا ويندا ھئا. ڪھل سنڌ ۾ ھڏن جو واپار ڪندا ھئا ۽ پنھنجي ٻيڙين ۾ ھڏا کڻي ويندا ھئا.

 

سامونڊي ٻيڙيون

اھي سامونڊي ٻيڙيون، جيڪي سنڌوءَ جي بندرن تي ٺھنديون ھيون، تن ۾ غوراب، واھڻ يا واڻ، ٻيڙا، دنگيون ۽ موجوده لانچون اچي وڃن ٿيون.

قديم اوائلي وڏا ٻيڙا، جن کي وڏن سڙھن سان گڏ ڇڄھريون ۽ ست سکان ھوندا ھئا، تن جو لطيف سائين ھڪ بيت ۾ اجھو ھيئن ٿو ذڪر ڪري:

سوداگر سمونڊ جا، لاڄو لال وٽيجِ،

اڇا اولا عاج جا، چڱا چٽائيجِ،

سڙھھ سبي سقلات جا، کوھا خوب کڻيجِ،

ست سکان سر ڪري، ڇھھ ڇڄھريون اڏيجِ،

ٻارھن، تيرھن، چوڏھن، پندرھن، سترھن سينگاريج،

ساڍي سٺ سيد چئي، پوري پڄائيج،

لڙ ۾ ڪين لڏيج تھ ستڙ سامونڊي ٿئين.

(شاھھ)

ھن بيت ۾ باطني طرح يا ڪن شارحن جي مفھوم موجب ڀلي نماز ۽ وضوءَ جي فرضن ۽ سنتن ڏانھن اشارو ھجي، پر ھتي لطيف سائينءَ ظاھري طرح مشاھدي واريءَ معنيٰ سان ھن بيت کي بيان ڪيو آھي.

جنھن غوراب کي ست سکان ھوندا ھئا، ان کي وچ ۾ وڏو سکان ھوندو ھو. ٽي سکان ھڪ پاسي ۽ ٽي سکان وچئين سکان جي ٻئي پاسي ھوندا ھئا. اھي ٽي سکان جيڪي ھڪ پاسي ۽ ٽي ٻئي پاسي ھوندا ھئا، سي پاڻيءَ کان مٿي بيٺل ھوندا ھئا ۽ سونھن (guides) جو ڪم ڏيندا ھئا، جن جو ڪنٽرول ھڪ مٺئي ۾ ھوندو ھو. ڇھھ ڇڄھريون، وڏن سڙھن کان گھٽ ننڍا مستطيل نموني جا سڙھھ بھ ھوندا ھئا، جيڪي بھ ٻيڙن ۾ ھوندا ھئا، جي گھڻي يا تيز واءَ ۾ مٿي کڻندا ھئا. ٻارنھن، تيرھن، چوڏھن، پندرھن، سورھن ۽ سترھن وغيره سڙھن جي پاٽن ڏانھن اشارو آھي.

  • واھڻ يا واڻ: ھنن جي جوڙجڪ دنگيءَ جھڙي ٿيندي آھي ۽ فرق صرف ننڍ وڏائيءَ جو آھي.
  • دنگي: دنگيءَ جو ذڪر مٿي اچي ويو آھي.
  • ٻيڙا: وڏن غورابن کي ٻيڙا چوندا ھئا، جيڪي واپار لاءِ ٻاھرين ملڪن ڏانھن ويندا ھئا ۽ واھوندن ۾ وري ايندا ھئا.

لانچ: موجوده لانچ سمنڊ جي ڪنارن سان پري پري نڪري ويندي آھي. ھن ۾ ٻھ انجڻيون (مشينون) لڳل ھونديون آھن، جن ذريعي رڇ وغيره پاڻيءَ مان ڇڪي ڪڍبا آھن. ھن دؤر ۾ لانچون سموري حيدري بندر (ڪراچي) جي سونھن آھن. سمنڊ ۽ درياھھ ۾ مڇي مارڻ لاءِ لانچون نھايت سھوليت واريون آھن، جن ۾ مھاڻا برف بھ کڻي ويندا آھن. اھي مڇي مارڻ لاءِ لانچون سمنڊ تي ڪڍي ويندا آھن، ۽ اٺن ڏھن ڏينھن کان پوءِ موٽندا آھن، تھ بھ مڇي سٺي پئي ھوندي آھي. برف کان اڳ ۾ مڇيون لوڻبيون ھيون، جيڪي وڏيءَ محنت کان پوءِ ڀاڄيءَ جي ڪم اينديون ھيون. ھاڻي نئين دؤر ۾ ’سرد خانن‘ ڪم آسان ڪري وڌو آھي، جيڪي لانچن تي اڄ بھ سنڌ جا ملاح ڪم آڻيندا رھن ٿا. ھينئر درياھھ ۾ پاڻي گھٽ آھي، ان ڪري وڏيون ٻيڙيون ھلن ڪونھ. جتي جتي پتڻ آھن، اتي يا لانچون ھلن يا ٻيڙين تي مشينون رکي انھن کي لانچن وانگر ھلايو ويندو آھي، سنڌ جي تاريخي ڍنڍ ڪينجھر ۾ بھ لانچون، مسافرن جي سير تفريح لاءِ ھلنديون آھن.