سنڌي ٻوليءَ جو درياھي لھجو

ڪتاب جو نالو سنڌي ٻوليءَ جو درياھي لھجو
ليکڪ الھنواز رڪڻائي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 969-8194-46-0
قيمت 100    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

1 January 2018    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     104441   ڀيرا پڙهيو ويو

سنڌو درياھھ جي ٻيڙين جا قسم


سنڌو درياھھ ۾ ڪيترن ئي قسمن جون ٻيڙيون وھنديون رھيون آھن. ماضيءَ ۾ سمورو درياھھ ٻيڙين سان ڀريو پيو ھوندو ھو. ھاڻي سنڌو سڪندو پيو وڃي تھ لطيف سائينءَ جو ھيءُ بيت ياد اچي ٿو:

نھ سي تڙ ھوڙاڪ، نھ وايون وڻجارن جون،

سرتيون سامونڊين جا، اڄ پڻ چڪيم چاڪ.

ھاڻي اھي ٻيڙين جا نمونا ختم ٿي ويا آھن. پتڻن تي جيڪي ٻيڙيون ھونديون ھيون، اھي بھ ڌاڙيلن جي ڪاررواين جي ڪري حڪومت بند ڪرائي ڇڏيون آھن. بھرحال، سنڌي زبان جي انھن عجيب لفظن کي محفوظ ڪرڻ لاءِ ھتي ٻيڙين جا نالا ڏنا وڃن ٿا:

ڪونتل ’بتيلو (بنا پاتاري)، پاتاريءَ سان ڪؤنتل، پاتاريءَ سان بتيلو، جھمٽي، دنگي، ڪٽارو، ڊونڊي، ھڙيو يا ھڙھيو، ڪؤنٽيو، گاليو، مڪڙي، تراز، ناؤ، وانءِ، ڇوڏو، نيه.

  • ڪؤنتل: ڪؤنتل ٻيڙي، سنڌي ٻيڙين ۾ سھڻي ٻيڙي آھي. ڪؤنتل جا مھرا سوڙھا ۽ پلاند ڊگھا ٿيندا آھن. چيو وڃي ٿو تھ ڪؤنتل مھراڻ مھاڻي جي ٺھيل ٻيڙيءَ جي نموني تي ٺھندي آئي آھي. ١٩ صديءَ جي شروعات جي وڏي ٺھيل ٻيڙي (ڇو تھ ان کان اڳ ۾ وڏيون ٻيڙيون عام موجود ھيون)، جيڪا ھڪ سؤ خرار (ٽي ھزار مڻ) پڪي ان جو بار کڻندي ھئي، ان جو نالو ’محفل‘ ھو. محفل ٻيڙي مانجھندن جي ھڪ ھندو سيٺ جي ٺھرايل ھئي، جيڪا ١٩٤٠ع تائين درياھھ تي وھندي ھئي. آخر ۾ اھا ٻيڙي پندرھن سورھن سال ’رڪڻ تڙ‘ جي ملاح ’گل‘ وٽ موجود ھئي. ان محفل ٻيڙيءَ تي ويھھ جوان ڪم ڪندا ھئا.
  • گرڙ بتيلو: ھي بتيلو سکر جي ھڪ ملاح ارڙھينءَ صديءَ جي آخر ۾ ٺھرايو ھو، جيڪو محفل ٻيڙيءَ کان بھ گھڻو بار کڻندو ھو.

اڻويھين صديءَ ۾ ٻي ٻيڙي، جيڪا ڪراچي حيدريءَ ۾ ٺھي ھئي، اھا پھرين سنڌي ٻيڙي ھئي، جيڪا سامونڊي تڙ تي ٺھي ھئي، جنھنڪري ان جو نالو ’ڪراچي‘ رکيو ويو ھو، اھا ٻيڙي سيتا ڳوٺ جو ناکئو محمد ھاشم سيتائي ۽ سندس ڀائر ھلائيندا ھئا.

  • بتيلو (بنا پاتاري): ڪؤنتل ۽ بتيلي ۾ فرق ھيءُ ٿيندو آھي تھ ڪؤنتل جا پلاند ڊگھا ۽ مھرا سوڙھا ٿيندا آھن. بتيلو پلاند يعني ڊيگھھ ۾ سوڙھو ٿيندو آھي ۽ ان جا مھرا ڪؤنتل کان ويڪرا ٿيندا آھن. باقي جمڙدو ۽ ڳڙھھ ڳلي ساڳي ڪؤنتل جھڙي ھوندي اٿس. پاتاريءَ واري ڪؤنتل ۽ پاتاريءَ واري بتيلي کي وڌيڪ رڳو پاتاري، جمڙدو ۽ ڳڙھھ ھوندا آھن. بنا پاتاريءَ واري ٻيڙيءَ کي جمڙدو، ڳڙھھ جي مٿان لڳندو آھي، باقي ٻيا سامان ساڳيا ٿيندا آھن. ڪؤنتل يا بنا پاتاري بتيلي ۾ر ڳو پاتاريءَ وارو حصو نھ ھوندو آھي.
  • جھمٽي: جھمٽي بھ ڪونتل ٻيڙيءَ کي چئبو آھي، جيڪا نئين تيار ٿي درياھھ ۾ لھندي آھي. اوائلي زماني جي ڏندڪٿائي روايت موجب نئين ٻيڙيءَ کي تيتر نھ وھائيندا ھئا، جيتر ديوتا ان ٻيڙيءَ تي سير نھ ڪندا ھئا؛ ان ڪري، ٻيڙيءَ کي ٻنھي مھرن تي موڙ سجائيندا ھئا: مرولون، بانبٽا ۽ بانبٽيون لڳائيندا ھئا، جشن ملھائيندا ھئا ۽ شو مھراج کي راضي رکڻ لاءِ ٻل چاڙھيندا ھئا. واسو ٿيڻ کان پوءِ جھمٽي درياھھ شاھھ تي ھلندي ھئي. مسلمان ملاح بھ جھمٽيءَ کي سينگاري، پھرين پنھنجي مرشد کي ٻيڙيءَ تي چاڙھي سير ڪرائيندا ھئا. اھڙي جشن ۾ عورتون ھڪ لوڪ گيت، سھرن وانگر چونديون ھيون:

حضرت پير چڙھھ جھمٽيءَ تي،

پير رکندو آ مرشد تون!

جھمٽي، ٻيڙيءَ جو ڪو خاص قسم ناھي، پر نڪور ٻيڙي جڏھن درياھھ ۾ لھندي آھي ۽ ان کي سينگاربو آھي تھ ان ٻيڙيءَ کي ’جھمٽي‘ چوندا آھن.

  • دنگي: دنگيءَ کي ’ڪنڊي واري ٻيڙي‘ بھ چوندا آھن، دنگي درياھھ ۾ بھ وھندي آھي ۽ سمنڊ ۾ بھ وھندي آھي. واڻ/ واھڻ ٻيڙا پڻ دنگيءَ جي نموني ٺھيل ھوندا آھن.
  • واڻ يا واھڻ: ھي ٻيڙا وڏا ٺھيل ھوندا ھئا، جن کي غورابُ بھ چوندا ھئا. اھي سنڌو درياھھ جي بندرن تي ٺھندا ھئا ۽ انھن جون مرامتون بھ ملاح پنھنجن پنھنجن تڙن تي ڪرائيندا ھئا. اھي ٻاھران واپار ڪري سنڌ ۾ آڻيندا ھئا ۽ سنڌ مان سامان کڻي ٻاھرين ملڪن ڏانھن ويندا ھئا.
  • ڪٽار: ڪٽار ٻيڙي پڻ دنگيءَ جھڙي ئي ٿيندي آھي، پر ان جو تر سڌو ھوندو آھي. ڪٽار کي ڪنڊي وارو تر نھ ٿيندو آھي. ڪٽار بار کڻڻ يا پتڻ جو ڪم ڏيندي آھي. ڪٽار کي ننڍي ٻيڙي ھئڻ ڪري بتيلو بھ چوندا آھن. ھن جو مھرو سوڙھو ٿيندو آھي. ھن ۾ ھڪ ٿلھي ڦرھي اڳيان لڳل ھوندي آھي، جيڪا سونڍ جو ڪم ڏيندي آھي. وڏين ڪٽارن کي لڪ مٿان چئن منين تي دالان بيھاريندا آھن. ڪٽار ڪاھڻ ۾ آسان ۽ ھلڪي ھوندي آھي، ڪٽار ٻيڙي، ڪشميري ٻيڙين سان پڻ نسبت رکي ٿي. ياد رکڻ گھرجي تھ دنگيءَ کي ڪٽار نٿو سڏي سگھجي.
  • ڊونڊي: ڊونڊيءَ جو نمونو ڪؤنتل جھڙو ھوندو آھي. ڪؤنتل چئن پنجن سون مڻن کان ٽن ھزار مڻن تائين يا ان کان بھ وڌيڪ بار کڻندڙ ٻيڙي ھوندي آھي، جڏھن تھ ڊونڊيون اڪثر مڇي مارڻ جي ڪم اينديون آھن. ڊونڊي ٻيڙيءَ جو سڙھھ مستطيل جھڙو ھوندو آھي. ڪن واھن تي ڊونڊيون پتڻ جو ڪم بھ ڏينديون آھن. ڊونڊيءَ کي ڳن جو ’سکان‘ ٿيندو آھي ۽ ڳن جي زور تي ڊونڊي اور پار آڻي سگھبي آھي. ڳن موڙي ڊونڊيءَ کي ھلائبو آھي.
  • ھڙھيو: ھي ڪٽار کان ننڍو ٿيندو آھي ۽ مڇيءَ مارڻ جي ڪم ۾ ايندو آھي. سڙھھ واري ھڙھيي کي ويڻو ٿيندو آھي، ان کان سواءِ ڳن بھ ٻڌل ھوندو اٿس. اڳئين زماني ۾ ننڍا ھڙھيا وڏين ٻيڙين تي رکيل ھوندا ھئا ۽ ضرورت وقت پاڻيءَ ۾ لاٿا ويندا ھئا. وڏي ٻيڙي درياھھ ۾ بيھندي ھئي تھ ھڙھيا پاڻيءَ ۾ لاھي، ملاح ۽ پاتڻي انھن ۾ چڙھي ڪناري تي پھچندا ھئا. ڪنارن وٽ جيڪڏھن پاڻي تانگھو ھوندو ھو ۽ وڏي ٻيڙي ڪناري کان پري ٿي بيھندي ھئي تھ پوءِ ھڙھيي تي ملاح چڙھي ڪناري پھچندا ھئا.
  • ڪؤنٽيو: ننڍڙن بتيلن کي ’ڪؤنٽيو‘ چوندا آھن. ڪؤنٽيا، تر جو سڌريل نمونو آھن. ڪونٽيا ھلڪا ٿيندا آھن ۽ انھن کي ڪم لاھڻ کانپوءِ ٻھ ماڻھو مٿي سڪيءَ تي کڻي رکندا آھن. ڪؤنٽيا مڇي مارڻ جي ڪم بھ ايندا آھن. تھ پتڻن تي ھڪ ٻن ماڻھن کي تڪڙي پھچائڻ لاءِ بھ استعمال ڪيا ويندا آھن. ڪؤنٽئي جي جوڙجڪ ڪٽار جھڙي ھوندي آھي.
  • گاليو: گاليو بھ ھڙھئي جھڙو ٿيندو آھي. گاليو خاص ماڻھن جي سير لاءِ ڄڻ تھ ھڪ ننڍو ھڙھيو ھوندو آھي، جنھن ۾ بئنچون ٺھيل ھونديون آھن، جن تي بخمل جون گديون بھ رکيل ھونديون آھن. ملاح اھي گاليا سير تفريح لاءِ خاص تيار ڪري بيھاريندا آھن، جن ۾ سير تفريح جا شوقين ماڻھو چڙھي درياھھ جو چڪر لڳائي وٺندا آھن.
  • نيه: لطيف سائينءَ نيه لفظ ٻيڙيءَ لاءِ ڪم آندو آھي. ’نيه‘ کوڙيل ڪاٺيءَ يا منيءَ کي بھ چئبو آھي، پر ھتي مطلب ٿيو پڳھھ لڳل ٻيڙي.

مان پڇنئي سپرين، چيتاريج چت،

دائما دربيءَ ۾، پسين ولاتن وت،

نيه ڏيکاري نت، ملاح گڏ معلم سين.

  • مڪڙي: ھر نموني جي ٻيڙيءَ کي ’مڪڙي‘ چيو ويندو آھي. سنڌ جي مشھور شاعر، خليفي گل محمد ’گل‘ پنھنجي شعر ۾ مڪڙي لفظ ھيٺينءَ ريت ڪم آندو آھي، جنھن مان ثابت ٿئي ٿو تھ مڪڙي، ٻيڙيءَ جو ئي ٻيو نالو آھي:

ڇوڙ مڪڙي، بيھھ م، وٺ رس، جوان رڙھھ،

ھير جي ساڄي لڳئي، کڻ جلد سڙھھ.

          لطيف سائينءَ پڻ چيو آھي تھ:

تن تنيندو آءُ، مک ڏيھاڙي مڪڙي!

  • تراز يا ترازو: ھيءَ دنگي نما ٻيڙي ٿيندي آھي. اڳئين زماني ۾ سمنڊ ۾ وھندڙ واھڻ يا واڻ، جيڪي جوڙجڪ ۾ دنگيءَ جھڙا ھوندا ھئا، پر سندن نمونو انھن کان ٿورو مٽيل ھوندو ھو، ان قسم جي ٻيڙيءَ کي ’تراز‘ چوندا ھئا. تراز ڪنارو ڏئي وھندا ھئا. واھڻ کان ھلڪا ھوندا ھئا، ۽ واءَ جي ڌپي تي بھ ھلندا ھئا. لطيف سائينءَ پڻ ’ترازو‘ يا ’تراز‘ کي ڳايو آھي.

دنگي ھن درياھھ مان، ھلائي ھاڪاري،

’ترازو‘ تاري، ستڙ سڀيئي ڪري.

  • نائو/ناؤ: سنڌونديءَ جي ڊيلٽا وٽ درياھھ چرا چرا ٿي ويندو آھي. انھن چرن يا پاڻيءَ جي ڀاڱن کي ملاح ’نائو‘ چوندا آھن. خود سمنڊ پڻ ڪنارن ۾ اندر نھر وانگر لنگھي ويندو آھي، تھ ان کي بھ نائو چوندا آھن. ’نائن‘ ۾ ھڪ مخصوص قسم جون ٻيڙيون وھنديون ھيون، جن کي ’نائو‘ چوندا ھئا. ’نائو‘ سامونڊي مڇي مارڻ جو ڪم ڏيندي ھئي. ھندي ۽ بنگاليءَ ۾ پڻ لفظ ’ناؤ‘ ٻيڙيءَ لاءِ ڪم ايندو آھي.
  • وانءِ: وانءِ ھڪ ٻيڙيءَ جو قسم آھي. قديم زماني جا ملاح بندرن تي ھن ٻيڙيءَ کان اوطاق جو ڪم وٺندا ھئا. جيڪي سامونڊي يا درياھي ملاح پيرسن ٿي ويندا ھئا، سي پنھنجن بندرن تي ھڪ ڪؤنتل ٻيڙي، خاص پنھنجي وندر لاءِ بيھاريندا ھئا، جنھن ۾ محفلون ڪرائيندا ھئا. ڪيترن ڳوٺن کي ان حوالي سان ’وانءِ‘ بھ سڏيو ويندو آھي، جيئن: چنن جي وانءِ، سومرن جي وانءِ وغيره.

ڇوڏو: ملاح اڪثر انڪساريءَ مان چوندا آھن تھ ”ادا مڙيئي ’ڇوڏڙي‘ تي پيا روزگار ڪريون“. ڇوڏو، ٻيڙيءَ کي سڏيندا آھن. ملاح ان ڳالھھ کي تڪبر سمجھندا آھن، جو چئجي تھ ”ادا! ’ڪؤنتل‘ جا ملاح آھيون“. ائين چوڻ سان پاڻ کي مٿڀرو سمجھڻ جو احساس پيدا ٿو ٿئي، ان ڪري ملاح نماڻائيءَ مان چوندا آھن: ”ڇوڏي تي پيا ھلون.“ اھو لفظ محاوري طور استعمال ٿيندو آھي، باقي ڇوڏو ٻيڙيءَ جو ڪو خاص قسم نھ آھي.