سنڌي ٻوليءَ جو درياھي لھجو

ڪتاب جو نالو سنڌي ٻوليءَ جو درياھي لھجو
ليکڪ الھنواز رڪڻائي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 969-8194-46-0
قيمت 100    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

1 January 2018    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     104237   ڀيرا پڙهيو ويو

    ڪتاب بابت


    ھيءُ ڪتاب سنڌو درياھھ جي ٻنھي ڪپن تي رھندڙ مھاڻن جي لھجي توڙي ڪرت سان لاڳاپيل سمورن پھلوئن جو احاطو ڪري، سنڌي ٻوليءَ جي لفظي ذخيري جي مالامال ھئڻ جو ثبوت ڏئي ٿو، ان ڪري ھن قسم جي ڪتابن جي اشاعت کي ترجيحي بنيادن تي کڻي، ادارو پنھنجي اصل ڪم جي پورائي جي توقع رکي ٿو. محترم الھنواز رڪڻائي، سنڌي ٻوليءَ جو اھو محقق آھي، جنھن جو بنيادي طور واسطو درياھھ سان آھي، ان ڪري ھن موضوع تي تحقيق ڪرڻ لاءِ ھو مناسب ماڻھو آھي. ھن پنھنجي ڪتاب ۾ درياھھ جي ٻنھي ڪپن تي رھندڙ ماڻھن، انھن جي لھجي، درياھي جيوت، وڻن ٽڻن، ٻوٽن ۽ گاھن، ٻيڙين ۽ ھوائن ۽ ملاحن جي ڪرت سان لاڳاپيل سمورين شين بابت استعمال ٿيندڙ لفظن ۽ اصطلاحن کي پنھنجي تحقيق جو موضوع بڻايو آھي. سندس ڪتاب ۾ وڏو انگ اھڙن لفظن ۽ اصطلاحن جو آھي، جيڪي گھڻي ڀاڱي ھن وقت مروج نھ آھن يا متروڪ ٿيندا پيا وڃن، ان ڪري ضروري آھي تھ اھڙي لفظي ذخيري کي ڪتابي شڪل ۾ محفوظ ڪجي تھ جيئن ايندر دؤر جا محقق، سنڌي ٻوليءَ جي شاھوڪاريءَ کان واقف ٿي سگھن.