سنڌي ٻوليءَ جو درياھي لھجو

ڪتاب جو نالو سنڌي ٻوليءَ جو درياھي لھجو
ليکڪ الھنواز رڪڻائي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 969-8194-46-0
قيمت 100    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

1 January 2018    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     104417   ڀيرا پڙهيو ويو

مھاڳ


سوچ جو ست، انيڪ ونڪن مان ھڪ کان اسري آيل نرالو نمونو، انسان پنھنجي ارتقا جي اوکي سفر ۾ ھلندي اڄ جتي رسيو آھي، اتي ڄڻ تھ ھن پھرين ساھي پٽي آھي. ھن پنھنجي سمجھھ ۽ سگھھ کي ميسر ۽ مصنوعي وسيلن سان وڌائي، جيو ڏسائن- سڪي ۽ پاڻي- جيڪي سندس خمير جي جڙ بھ آھن، واڌو آبي منڊل سان مقابلو ڪندي، وقتي کانجاڻن کان کجي، ٿٿرڻ کان پوءِ، جيڪا بھ وک وڌي آھي، سا اڳينءَ کان اڳري سمجھھ ۾ اچي ٿي. مسئلن کان مڙي وڃڻ جي بجاءِ ھن مڙس ٿي، انھن سان منھن پئي ڏنو آھي. ماحول جيڪي ڪٿي ھن کي ھٿي ڏني ھوندي تھ ڪٿي وري ھيسايو بھ ھوندو، پر پوءِ بھ سفر جاري رکندي، مٽيءَ تان اڏري، پولار ۾ پير ڌري چڪو آھي. ھن جوکائتي جھد ۾ سندس عزم ۽ ارادو، عقل جي اڳواڻيءَ سان موجودات جي ماھيت معلوم ڪرڻ ۽ ان مان ھڙ حاصل ڪرڻ ۾ رڌل رھيو آھي. انسان جي سرشت ۾ قدرتي ڳجھھ ڳولڻ ۽ عجبائتي رچنا مان رستا سڌا سنوان ڪرڻ جي سمر تي کيس ڪٿي پھچائيندي، ان جي پوري پروڙ ھن وقت ناممڪن جي قريب آھي. اڃا تھ سندس ڏاھپ جا پرت پوريءَ ريت پلٽيا ئي نھ آھن، پوءِ بھ لڳي ٿو تھ ھو اِھو سڀ ڪجھھ سڌائي سگھندو، جو سوچي سگھجي ٿو. ٿي سگھي ٿو تھ سوڀن جو ھيءُ سلسلو، موت سان مھاڏي کان پوءِ بھ پڄاڻيءَ کي نھ پھچي. اھا ڳالھھ ھونئن تھ اڻ ٿيڻي لڳندي، پر شايد ڌرئون ڏاتار ۽ ڏات جي سٽ ۾ سمايل ھجي.

ڪائنات ۾ جي بلائون ھيون تھ بھرحال بلا بھ ھئا، ڏونگر ھئا تھ ڏاريندڙ بھ، جر ھئا تھ جھاڳيندڙ بھ، اوٿر ھئا تھ اڏامندڙ بھ، مرون ھئا تھ ماريندڙ بھ، ان ڪري انساني نظر ۽ فڪر، ان مان نتيجا ڪڍندي، پنھنجي سرجڻھاري اوٽ سان سامگريءَ ۾ واڌارو ڪندا رھيا- ۽ جي شيون وس ڪري نھ سگھيا، تن جي يا تھ ڀيتِ تي ھلڻ جا ڀاو پنھنجايائون يا وري انھن سان جٽڻ لاءِ ھٿيار جوڙڻ ۾ جنبي ويا.

جيئڻ ڪاڻ جيڪي جِبلي مجبوريون ھيون، تن مان ھٺ سگھي لاءِ ڇاندو پاڻي، ھٺ سڄي لاءِ اجھو ۽ اوزار ۽ نسل وڌائڻ لاءِ سنٻنڌ ۽ سنجوڳ مکيھ ھئا. انھن اڻ سرندين کان پوءِ، جن گھرجن مجبور ڪيو ھوندو، تن مان اھم شايد تھ ڊھھ (بار کڻڻ) ۽ ڇوھھ (تڪڙي رفتار) ھجڻ، جن موجب گھربل شيون سولائيءَ ۽ سيگھھ سان آڻي ۽ نيئي پيون سگھجن. ان سلسلي ۾ ڀاسي ٿو تھ پاڻي اوس سڀ کان وڏي ارچڻ ٿيو ھجي.

جل ھڪ پاسي آرجا تھ ٻئي پاسي آپدا پئي رھيو آھي. کاڌو پيتو، پوکي راھي، اچ وڃ، لڏپلاڻ، سماج ۽ ثقافت، موسم ۽ ماحول، مڙئي ان کان متاثر ٿيندا رھيا آھن؛ ان ڪري انسان ازل کان پاڻيءَ سان لاڳاپيل رھيو آھي ۽ ان مان حاصل ٿيندڙ ھر اھنج ۽ سھنج جي جوڳي ڄاڻ رکندو پيو اچي. ھن پاڻي واپرايو بھ ھو، ان مان کاڌ خوراڪ لاءِ ڪجھھ حاصل بھ ڪيو ھو، ان ۾ گھڙيو بھ ھو، تھ تانگھي مان پار بھ اڪري ويندو ھو- پر ٿورو سوچيو تھ ان وقت ھن ڇا محسوس ڪيو ھوندو، جڏھن ڪنھن سمنڊ جي ڪنڌيءَ تي يا ڪنھن اوھاڳ نديءَ، نئن يا ڍنڍ جي ڪپر تي اچي بيٺو ھوندو ۽ ڪنھن لالچ يا لاچار جي ڪري ٽپي ھن ڀر ٿيڻ چاھيندو ھوندو، پر نراس ٿي نھارڻ ڌاران ٻيو ڪجھھ نھ ڪري سگھيو ھوندو. طبعي طور نھ پاڻ تارو، نھ وري ڪا مددي مانڊ موجود، بس نھ ڄاڻ تھ اِھوئي بيوسيءَ جي دشا جو پھريون ڏينھن ھجي، جڏھن ھن پنھنجي ڏات ۽ ڏانو سان ڪنھن ريت پاڻيءَ مان ترڻ، تارڻ يا اڪري وڃڻ جون واٽون ۽ وسيلا ڳولڻ شروع ڪيا ھجن. ڏٺائين تھ ڪي ساھوارا پاڻيءَ مان تھ ڪي پاڻيءَ ۾ بھ تري سگھن ٿا، ڪي تھ ان ۾ دائمي يا وقتي طور رھي بھ سگھن ٿا. ’ڇو‘ ۽ ’ڪيئن‘ جي وراڻيءَ ۾ ھن قانون ۽ ڪارڻ سمجھي ورتل بِلي لاءِ ھن ڪئين واھڻ ولوڙيا ۽ ٽلا ٽوريا، جي سوين سڌارن ۽ واڌارن کان پوءِ ھاڻوڪن آگبوٽن ۽ آبدوزن جي صورت ۾ اسان جي اڳيان پيا ڦرن.

انسان جي ارتقا جي ڪھاڻيءَ ۾ سامونڊي سفر جو اڌياءُ ايترو پراڻو نھ آھي، پر بنھھ نئون بھ نٿو ڀاسي. ڪن عالمن، روايتن ۽ انومانن کي قديم آثارن جي کوٽاين مان لڌل نشانين، پراڻن پستڪن جي پڙھتِ، جدا جدا شين جي چِٽن، اڪرن ۽ گھڙتن جي اڀياس جي ڪسوٽيءَ تي پرکي، پنھنجا رايا ۽ ڪن تھ مورڳو نبيرا بھ ڏنا آھن. انھن مان تاريخ کان اڳ واري دؤر جي انسان، پاڻيءَ کي وس ڪرڻ لاءِ جيڪي وس ڪيا آھن، تن جي ٿوري ٿڪي ساکي سنچي سگھجي ٿي.

ان ڏس ۾ اسان وٽ ڪيتائتو ڪم خيرڪو ٿيو آھي، البت جيڪي مضمون لکيا ويا آھن، تن مان جيترو مواد ملي ٿو، ان کان وڌيڪ جي ضرورت آھي.

انھيءَ قصي بابت: ڪن گوھرن جو گمان آھي تھ لڳ ڀڳ پنجويھھ ھزار سال اڳ اتر- اوڀر ايشيا جا شڪاري بيرنگ جو ’ڳچي سمنڊ‘ پار ڪري، اتر آمريڪا ۾ پھتا. انومان آھي تھ اھي ٽلن يا ترھن تي تري ويا ھوندا. ھڪ شڪ اھو بھ آھي تھ ھنن ڪيئاڪ (Kayak) يا امائڪ (Umaik) نالي ٻيڙيون يا شايد ڪي ترون بھ استعمال ڪيون ھجن.

‘Early People Book’ جي ليکڪ ’ڊورلنگ ڪنڊرسلي‘ جو اندازو آھي تھ آسٽريليا کنڊ جا اوائلي ماڻھو گھٽ ۾ گھٽ چاليھھ ھزار سال (يا ان کان بھ ڪجھھ اڳ ۾) اوڀر – ڏکڻ ايشيا کان ان وقت ٽپي ويا، جڏھن سمنڊ اڄوڪيءَ سنوتِ کان لڳ ڀڳ ھڪ سؤ چوھٺ فوٽ ھيٺ ھو، ان ڪري ھنن کي اٽڪل پنجھٺ ڪلوميٽرن جيترو سمنڊ جھاڳڻو پيو ھوندو. جي ويسھھ ڪجي تھ مٿيان ٻئي رايا اِھو ظاھر ڪن ٿا تھ اھي علائقا، جي سمنڊ ۾ گھيريل ھئا، تن شايد گھڻو وقت اڳ (پراڻي پٿر جي آخري دؤر ڌاري) اھڙا وسيلا لوچي ڪڍيا ھئا، جن کين گھرج مھل سمنڊ پار ڪرڻ ۾ سھئاتا پئي ڪئي. گرين لئنڊ ۽ اتر آمريڪا جي برفاني ماڻھن بھ ھڪ پاسي تِرڪڻيون گاڏيون (Sledges) ٺاھيون ھيون، تھ ٻئي پاسي چمڙي سان ڍڪيل ٻيڙيون (Kayaks) ۽ سمنڊ ۽ ندين ۾ شڪار ڪرڻ لاءِ وڏيون مٿان کليل ٻيڙيون (Umaiks) ٺاھي استعمال ڪرڻ شروع ڪيون ھيون.

‘Archaeology Penguin dictionary’ (ليکڪ ’وارڪ بري ۽ ڊيوڊ ٽرمپ‘ جي حوالي موجب پرٿ مان گاليو (جو ڪاٺ جي بنڊ کي ڪوري ٺاھيو ويو ھو) ۽ ان جا آثار ۽ وري ڊينمارڪ جي ميگلو موزين ثقافت (اتر يورپ جي ميداني ڀاڱي جي وچئين پٿر واري دؤر B.C.8000 يعني اٽڪل اٺ ھزار ق. م سان لاڳاپيل ٻيڙيءَ جا چپو بھ مليا آھن. آرڪيالاجي/ پرٿم وديا (Archaeology) جي خيال کان ھيءُ حوالو شايد سڀ کان پراڻن آثارن جو ھجي ۽ ھن جي آڌار تي چئي سگھجي ٿو تھ گھٽ ۾ گھٽ وچئين پٿر جي دؤر ڌاري انسان سمنڊ تي سفر ڪرڻ جي لائق ٿي چڪو ھو.

ڊاڪٽر مھر عبدالحق سومري، پنھنجي ڪتاب ‘The Soomras’ ۾ خيال ظاھر ڪيو آھي تھ پراڻي پٿر جي ديريني دور ۾ يعني ٤٠٠٠٠ کان ١٠٠٠٠ ھزار سال ق. م جي وچ واري عرصي ۾ ڀانئجي ٿو تھ ڪڍنگا ڪاٺ جا ٽلا ۽ ڪانن/ڪکن جا ترھا جڙي چڪا ھجن. اڳتي ڪٿي اھا راءِ بھ ڏنل آھي تھ اٽڪل ٧٠٠٠ ق. م ڌاري سنڌ جا ماڻھو بھ ڪانن/ڪکن مان ٺھيل ٻيڙيون ڪاھيندا ھئا. ان سلسلي ۾ پاڪستاني پرٿم وديا/آرڪيالاجي (Pakistan Archaeology) سانت ۾ آھي، پر ’مھر ڳڙھھ‘ جي کوٽاين مان نڪتل سنکن ۽ ستيئڙن مان سمجھجي ٿو تھ سمنڊ کان ايترو ڏور رھندڙ بھ ’کاري جا کيڙائو‘ ھئا. ٿي سگھي ٿو تھ وٽن بھ ڪنھن قسم جون ترون/تريون ھجن.

ان باري ۾ ھڪ ٻيو حوالو بھ ھت شامل ڪرڻ اجايو نھ ٿيندو. ‘Forgotten cities on the Indus’ نالي ڪتاب ۾ ”مائوريت سيو توزي“ جو ھڪ مضمون آھي، جنھن ۾ ھو لکي ٿو تھ ھندي (سنڌي) سمنڊ جي اتر واري ڪنڌيءَ سان دنيا جي سامونڊي مسافريءَ جو سلسلو ٥٠٠٠ سال ق. م ڌاري ھلندر ھو. ان مان اھو اندازو بھ ڪري سگھجي ٿو تھ سنڌو درياھھ تي ٻيڙين جي ھلچل ان کان بھ اڳ ۾ شروع ٿي چڪي ھوندي.

ويجھڙائيءَ ۾ ڇپيل ڪتاب ‘Lake Manchar’ جي ليکڪ ’تاج صحرائيءَ‘، گائي ڊينيل جي حوالي سان ڪاٺ کي ڪوري ٺاھيل گاليي، لاڪڙ، ڇوڏن وغيره مان ٺھيل ٻيڙين جي قدامت جو ذڪر ڪيو آھي. تنھن کان سواءِ اھڙين گولائي مائل شڪل جي ٻيڙين جو ذڪر بھ ڪيو آھي، جن تي پاڻيءَ- روڪ تھھ چڙھيل ھوندو ھو. ڪنھن ھنڌ ڪاٺ جي ٽلن جو لاڳاپو پراڻي پٿر جي دؤر سان ڏيکاريو ويو آھي ۽ قديم ترين ٻيڙين جو واسطو پٿر جي وچئين دور سان ظاھر ڪيو ويو آھي. ھن قسم جو ھڪ حوالو اڳ ۾ بھ اچي چڪو آھي. ڪنھن ھنڌ وري ايڇ. جي ويلس جي حوالي سان چيل آھي تھ اوائلي ٻيڙيون نئين پٿر جي دؤر ۾ ٺھيون، پر ھتي نئين پٿر جي دؤر جو وقت ڏنل ڪونھي. ھيءُ دؤر ڪٿي اڳ ۽ ڪٿي پوءِ شروع ٿيو آھي ۽ وچ ۾ فرق چئن بلڪ ذري گھٽ پنجن ھزارن سالن جو آھي. گارڊن چائيلڊ، پنھنجي ڪتاب ‘What happened in History’ ۾ ڄاڻائي ٿو تھ ’پراڻي پٿر جي دور جو ماڻھو بھ پڪ سان ڪنھن قسم جو ترھو يا ٽلو بلڪ شايد گاليو بھ ٺاھي ڪتب آڻي سگھندو ھجي. ھيءُ وڌيڪ اھو بھ لکي ٿو تھ سڙھھ جو نقش العبُيد دؤر جي ’اريدو‘ نالي ماڳ جي قبر جي کوٽائيءَ مان مليو آھي؛ سو شايد ھن وقت تائين مليل آثارن ۾ قديم ترين سمجھڻ گھرجي. ھن لاڀ جو وقت گھٽ ۾ گھٽ ٤٠٠٠ ق. م تائين پھچي ٿو. ھن ڳالھھ جي پٺڀرائيءَ لاءِ ’رونالڊ ميڪنزي‘ جي ڪتاب ‘Ancient Civilization’ جو ھڪ حوالو بھ شامل ڪري سگھجي ٿو. انھيءَ موجب سڙھن جو ثبوت. Pre-dynastic مصر جي کوھي وارين ٻيڙين جي چورس سڙھن ۾ بھ موجود آھي. وڌڪ اھو بھ چوي ٿو تھ اڳتي ھلي ڪاٺ مان ڪوري ٺاھيل گالين جي جاءِ تي ڪاٺ جي تختن مان ٺھيل ٻيڙيون ڪتب اچڻ لڳيون، جن کي ٽامي جي ڳجھن سان ڳنڍيو ويو ھو. ليکڪ جي راءِ آھي تھ قديم ترين ترن / ترين جي مثالن ۾ اھي ترھا بھ شامل آھن، جيڪي مڇيءَ جي شڪل جھڙن پن جي ٻڌل گڏن کي سرن جي وٽيل رسن/ رسين سان ڪڙي ٺاھبا ھئا.

’ولسن ۽ ھرٽلي‘ جي لکيل ھڪ ڪتابچي بعنوان ‘Children’s Galaxy’ جي ھڪ فقري موجب اوائلي انسان ڪاٺ جي بُنڊن تي ونجھن ۽ اولن جي آڌار سان بار پاڻيءَ مان پار ٽپائيندا ھئا. اھڙا ونجھھ ۽ اولا اڄوڪين ٻيڙين ۾ بھ استعمال ڪيا وڃن ٿا. ٢٦٠٠ ق. م ڌاري مصر جي واڍن سؤ فوٽ کن ڊگھيون ڪاٺ جون ٻيڙيون سمنڊ ۾ ھلائڻ لاءِ ٺاھي ورتيون ھيون.

‘The rise of Civilization in India and Pakistan’ نالي ڪتاب (ليکڪ: برجيٽ ۽ ريمنڊ آلچن) ۾ لکيل آھي تھ عراق ۽ سنڌو تھذيبن جي وچ ۾ سامونڊي واپار جي شاھدي، جن لکتن (تختين) مان ملي ٿي، سي سارگون اڪاڊي جي وقت (2350 B.C) جون آھن. سر مارٽيمر ويلر جي ڪتاب ‘The Indus Civilization’ موجب ٢٠٠٠ ق. م ڌاري ايراني نار جي اڀرندي اڌ جو واپار ھندواسين (سنڌ واسين) جي ھٿ ۾ ھو. ھن سلسلي ۾ نيشنل جيوگرافڪ سوسائٽيءَ پاران ڇپيل ڪتاب ‘Mysteries of the ancient world’ ۾ ڊاڪٽر داؤد جي حوالي سان لکيل آھي تھ ايراني نار ۽ عراق سان سنڌو تھذيب جي سامونڊي واپار وارو سلسلو، گھٽ ۾ گھٽ ١٩٠٠ ق. م تائين بحال رھيو. ھتي لوٿل نالي ماڳ جي کوٽائيءَ مان نڪتل شيخالي ۽ سڙھھ واريءَ ٻيڙيءَ جو مٽيءَ مان ٺھيل ھڪ نمونو بھ ڇاپيل آھي.

‘Sindhi Culture’ نالي ڪتاب، جنھن جو ليکڪ يو. ٽي. ٺڪر آھي، ان ۾ لکيل آھي تھ سنڌو تھذيب جا سامونڊي توڙي خشڪي رستي واپاري واسطا، ٻين ڪيترن ملڪن کان علاوه ھمعصر تھذيبن جي مرڪزن يعني سميريا، مصر ۽ ڪريٽ سان بھ ھئا. اليگزينڊر برنس جي ڪتاب ’سنڌوءَ جو سفر‘، (جيڪو سنڌيءَ ۾ بھ ترجمو ٿي چڪو آھي) ۾ ڄاڻايل آھي تھ سنڌو درياھھ جي ڇوڙ وٽ آباد ٿيل مھاڻا، پنجاب کان لڏي آيل آھن، جي سمنڊ ۾ ٻيڙيون ھلائين ٿا ۽ مڇي بھ مارين ٿا. ھن صاحب سکر کان اوڀارو ھلندڙ ڪروھرز نالي پنجابي ٻيڙيءَ جو ذڪر ڪيو آھي، جيڪا ھلڻ ۾ سھنجي ۽ فوجي ۽ گھوڙا وغيره کڻڻ لاءِ وڌيڪ ڪارگر آھي. ’تاريخ سکر‘ ۾ مولائي شيدائيءَ وچ ايشيا ۽ خراسان کان خشڪيءَ رستي ايندڙ مال جي ڳالھھ ڪندي لکيو آھي تھ سکر مان اھو مال ٻيڙين ۾ ڀرجي، پوءِ گجرات ۽ ڏيساور وڃڻ لاءِ سنڌوءَ جي ڪيٽيءَ وارن بندرن تائين پھچايو وڃي ٿو.

’ارنيسٽ ميڪي‘ پنھنجي ڪتاب ‘Further excavation at Mohen-jo-daro’ ۾ لکيو آھي تھ اٽڪل ٢٥٠٠ ق. م ڌاري سنڌونديءَ ۽ سمنڊ تي ھلندڙ ٻيڙيون، اھڙيون ئي آلاتيل ھيون، جھڙيون اڄ ڪلھھ آھن. ممڪن آھي تھ ائين ھجي بھ، ڇاڪاڻ تھ اسان شين جي سڌارڻ ۽ بدلائڻ ۾ سست ثابت ٿيا آھيون.

‘South Asian Archaeology, 1983’ ۾ ھڪ مضمون ’ڪلائوتسيو ۽ توزي‘ جو لکيل آھي، ان ۾ ڄاڻايل آھي تھ عمان ۽ سنڌوءَ جي وچ ۾ ڪچي ٽامي جي پھچ اٽڪل ٢٠٠٢ ق. م ڌاري جاري ھئي. عمان ۾ روان صديءَ جي گذريل ٽن ڏھاڪن ۾ جيڪي کوٽايون ٿيون آھن، تن مان سنڌو تھذيب جھڙن نوادرات جو ايتري گھڻائيءَ ۾ لڀڻ، ماھرن لاءِ وڏي حيرت جو سبب آھي. نومبر ١٩٩٠ع ۾ يونيسڪو جي سھڪار سان سڏايل ’شاھراھھ ريشم‘ بابت سيمينار جي موقعي تي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي پڙھيل تفصيلي مقالي بعنوان: ‘Boats in the Indus delta and on the coast line of Sindh’ ۾ ٻڌايل آھي تھ پاڻيءَ جي سفر لاءِ اول ’تر‘ (Float) ٺھي، پوءِ ان کي ڪي قدر سڌاري ترھا (Rafts) جوڙيا ويا ۽ ان بعد انھن ۾ پاسن وغيره جو واڌارو ڪري ٻيڙي يا پاکڙي جوڙي وئي. وڌيڪ اھو بھ چيل آھي تھ ٻيڙين جو ذڪر شروع ۾ عرب مورخن ڪيو. موصوف ڪن ٻيڙين، انھن جي ڀاڱن، ٺھڻ جي ھنڌن ۽ طريقي جو بھ ذڪر ڪيو آھي. ‘Indian shipping’ نالي ڪتاب (ليکڪ راڌا ڪمود مڪرجي) ۾ ڏکڻ ايشيا، خاص ڪري ڀارتي ٻيڙين جي تاريخ ۽ ھنر تي ڪافي سٺي ڄاڻ درج آھي. ڪتاب ۾ ڏنل تفصيلن موجب ٻيڙين کي ٻن مکيھ درجن ۾ ورھايو ويو آھي:

(١) عام ٻيڙيون ‘Samanya’: ٻيڙيون، جيڪي ندين تي ھلڻ لاءِ ھجن.

(٢) خاص ٻيڙيون (Ves’sesa): ٻيڙيون، جيڪي ساگر (سمنڊ) تي ھلڻ لاءِ ڪم آڻجن.

پھرئين قسم جي ٻيڙين جا سندن آڪار (شڪل صورت) موجب ڏھھ قسم ٻڌايا ويا آھن، جن مان ننڍي ۾ ننڍي ‘Kshudra’ آھي، جيڪا 16x4x4 ھٿن جي آڪار واري ٿئي (ھٿ اٽڪل ١٨- انچن جو ٿئي ٿو) ۽ وڏي ۾ وڏي ٻيڙي ‘Manthara’ ٿئي، جنھن جون ماپون 60x60x120 (cubits) ھٿن جيتريون ٿين.

ٻئي ڪلاس جي ٻيڙين جا وري ٻھ نمونا آھن: پھرئين نموني کي ‘Dirgha’ ۽ ٻئي کي ‘Unnata’ سڏيو ويو آھي. ‘Dirgha’ جا وري پنج وڙ (نمونا) ٿين. ھن ڪلاس جي ننڍي ۾ ننڍيءَ ٻيڙيءَ جي ماپ 32x4x31/5 ‘cubits’ ھٿ ۽ وڏي ۾ وڏي ٻيڙيءَ جي ماپ 176x22x173/5 ‘cubits’ ھٿن جيتري ٿئي. سڙھن جا رنگ، تعداد مطابق ٿين ۽ آڳل جدا جدا ساھوارن جي شڪلين جھڙا ٺھن، مثال طور: شينھن، مينھن، ھاٿي، چيتو يا ڪو پکي وغيره. ھنن جي آرائش بھ مختلف ڌاتن جھڙي ڪن، مثال: سون، چاندي، ٽامي، پتل وغيره جھڙي، سنسڪرت جي ڪتابن ۾ ٻيڙين کي ماين جي نسبت سان بيان ڪيو ويو آھي، پر ’پالي ادب‘ ۾ وري انھن کي ماڻھن جي نسبت سان بيان ڪيو ويو آھي. مثال پنج سؤ، ھزار يا ڏيڍ ھزار ماڻھو کڻڻ واري ٻيڙي. سنڌ ۾ اھي ان جي ماپ سان نسبت واريون ھونديون ھيون، مثال: خرار، ٻن خرارن، ٽن خرارن وغيره جيترو ان کڻندڙ ٻيڙيون.

ڀارتي ٻيڙين جو ذڪر مٿين جوڙيل ڇپري جي حوالي سان بھ ٿيل آھي. مثال طور:

‘Sarbamandira’: ھن قسم جي ٻيڙي سڄي ڇانيل ٿئي ۽ شاھي خاندان ۽ خزاني کڻڻ لاءِ ڪتب اچي.

‘Madhya madndira’: ھن نموني ۾ ڇپري وچ تي ٿئي ۽ ھيءَ گھڻو ڪري مينھوڳيءَ ۾ سير تفريح جي مقصد لاءِ استعمال ٿئي.

‘Agramandira’: ھن نالي واريون ٻيڙيون خشڪ موسم ۾ استعمال ٿين. ڇپري ھن جي آڳل تي اڏجي. ھي ٻيڙيون ڊگھي سفر ۽ سامونڊي حملن لاءِ بھ استعمال ڪجن. ھن قسم جي ٻيڙيءَ لاءِ چيو وڃي ٿو تھ پانڊون بھ گھٽ ۾ گھٽ ھڪ دفعو دشمنن کان بچي وڃڻ لاءِ ھيءَ ٻيڙي استعمال ڪئي ھئي.

ڀارت ۾ استعمال ٿيل يا ٿيندڙ ٻيڙين جا اٽڪل پنج درجن نالا ڏنل آھن. ١٦١٢ع ۾ سورت جي ھڪ ٻيڙي لاءِ لکيل آھي تھ اھا 153x42x31 فوٽن جو ھو ۽ پندرھن سؤ ٽن وزن کڻي ٿي سگھيو.

ابوالفضل لکيو آھي تھ رڳو ٺٽي سرڪار ۾ چاليھھ ھزار ٻيڙيون ڀاڙي لاءِ تيار بيٺل ھيون. انھن ڏينھن ۾ سنڌ جو وڏو بندر لاھوري/لاھري ھو.

ترن، ترھن، ٽلن، مڏن ۽ ٻيڙين کان سواءِ بھ ڪي شيون آھن، جيڪي پاڻيءَ تي ترڻ لاءِ ڪتب اچن ٿيون. اھي سڀ آھن تھ گھڻو ڪري ھيڪلي شخص لاءِ، پر ڪجھھ تارو انھن تي ڪجھھ بلڪ ڪافي بار بھ پار اڪاري سگھن ٿا. ھن قسم جي وسيلن ۾ مکيھ تنبو، ماٽِي، سيڻھھ وغيره اچي وڃن ٿا.

ٻيڙيون جيتوڻيڪ پاڻيءَ جو اھم اھڃاڻ آھن، پر انھن سان لاڳاپيل ٻيا بھ انيڪ عنصر آھن، جھڙوڪ: ڪپر ۽ ڪيٽيون، ٻيلا ۽ ٻيلاٽيون، واھڙ ۽ وھڪرا، سوڪ ۽ ٻوڏ، لاھھ ۽ چاڙھھ، ھوائون ۽ برساتون، ساوڪ ۽ ساسي، مندون ۽ ماڻھو، انھن جون ريتون ۽ رسمون، رھڻي ڪھڻي، ٻولي ۽ ٻٽاڪ، مطلب تھ ھڪ الڳ ۽ انوکو ماحول آھي، جو ھاڻي حالتن جي ڪري بدلجي پيو. اول تھ اسان کي انھيءَ ماحول ۽ ان جي آسي پاسي کي جيئن جو تيئن بچائڻ گھرجي، پر جي ائين ڪرڻ مناسب يا ممڪن نھ آھي، تھ پوءِ ان کي اکرن (لفظن) ۾ اٽڪائي ڇڏجي. تصويرون ڪڍي يا چٽي ڇڏجن تھ جيئن اڳتي ھلي وگيانڪ (سائنسي) اڀياس ۽ وڌيڪ تحقيق ڪرڻ ۾ آساني ٿئي. درياھن تي پلين، ٻن ۽ ٻنڊن ٻڌجڻ جي ڪري ٻيڙين جو وھنوار وڃڻ ھارڪو آھي. ڪجھھ وقت گذرڻ بعد شايد نھ ٻيڙيون ھونديون، نھ ٻيڙياتا، نھ پتڻ، نھ پاتڻي، نھ نياڻ، نھ نظارا، ان وقت تھ دستاويزي ڪم بھ ڪونھ ڪري سگھبو، ان ڪري ڀلو آھي تھ وقت وڃائڻ ڌاران جو ھٿ لڳي، سو وس ڪري وٺجي.

ڪتاب جي اھميت ڪنھن بھ لکڻ پڙھڻ واري کان لڪل نھ آھي، پر اسان جنھن دؤر ۾ آھيون، تنھن ۾ وسيلا ۽ وقت صرف ڪرڻ لاءِ ٻيون بھ انيڪ ضرورتون آھن: تنھنڪري لکڻ وارن کي مختصر ۽ موضوع سان بِنھھ مربوط وگيانڪ طريقي سان ڪتاب لکڻ گھرجن تھ جيئن پڙھندڙ پنھنجي سيڙپ کي سجايو سمجھن. ڪتاب، ’درياھي ٻولي‘، جو اڀياس لاءِ اوھان جي ھٿن ۾ آھي، سو منھنجيءَ ڄاڻ پٽاندر ھن مضمون تي شايد پھرين سوچيل سر تائتي ڪوشش آھي. ان ۾ ڪي اوڻايون اوس رھجي ويون ھونديون، جي اميد تھ اڳتي ھلي ڪو شڪارپوريون ڪندا رھندا. ھن ۾ شامل مواد گھڻو ڪري سنڌ درياھھ ۽ ان سان واسطو رکندڙ ڪن آرکڻن، ۽ ٻولين جي وصفن، وياکيا ۽ وستار تي ٻڌل آھي، جيڪو مواد ڪي قدر ٻولي سھيڙيندڙن توڙي ٻولي شناسن لاءِ دلچسپيءَ جو ڪارڻ ٿي سگھي ٿو. سچ تھ اھڙي قسم جي ٻين بھ ڪيترن ڪتابن جي ضرورت آھي، جن ۾ مختلف موضوعن بابت جزياتي تفصيل ڏنل ھجن ۽ سنڌي وشو ڪوش/ موسوعات (انسائيڪلوپيڊيا) جي تياريءَ ۽ تڪميل لاءِ مددگار ثابت ٿين. ڪتاب ۾ ھزارين لفظن، محاورن ۽ نالن بابت چڱي چوکي ڄاڻ ڏنل آھي. انھن مان ڪي نالا اھڙا بھ ھوندا، جيڪي ڪنھن ٻئي ھنڌ استعمال نھ ٿيندا ھجن ۽ اتي انھن لاءِ ڪي ٻيا نالا ڪتب ايندا ھجن. ٻيو تھ ڪن شين مثال طور ٻيڙين جا جيترا نالا ملن ٿا، انھن جا اوترا قسم ھن وقت نظر ڪونھ ٿا اچن، انڪري سمجھجي ٿو تھ يا تھ ساڳئي قسم جي ٻيڙيءَ جا ھڪ کان وڌيڪ نالا آھن يا وري ڪي ٻيڙين جا قسم ناپيد ٿي ويا آھن. ان سلسلي ۾ وڌيڪ تحقيق جي ضرورت ٿي سگھي ٿي.

ليکڪ جو واسطو جيئن تھ بنيادي طور سنڌ جي وچولي ڀاڱي يعني دادوءَ ۽ نواب شاھھ ضلعن سان رھيو آھي، ان ڪري نام مالا بھ انھيءَ خطي جي آھي: تنھنڪري ائين بھ ضرور ھوندو تھ ڪن شين جا نالا ٻين ھنڌن تي ٻيا ھجن يا ڪجھھ مٽيل ھجن.

بھرحال ڪتاب ڪيترو ڪارگر آھي، ان جو پورو اندازو پڙھندڙ ئي لڳائي سگھندا.

 

سيد حاڪم علي شاھھ بخاري

دادو، سنڌ