ڪتاب جو نالو | سنڌي ٻوليءَ جو درياھي لھجو |
---|---|
ليکڪ | الھنواز رڪڻائي |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 969-8194-46-0 |
قيمت | 100 روپيا |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | PDF E-Pub |
انگ اکر | 1 January 2018 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 104443 ڀيرا پڙهيو ويو |
اوائلي دؤر ۾ جڏھن انسان درياھھ جي ڪنارن تي اچي آباد ٿيا ۽ درياھھ جون مڇيون ماري کائڻ لڳا، تڏھن کين درياھھ ۾ ترڻ جي ضرورت محسوس ٿي. ضرورت ايجاد جي ماءُ آھي. ۽ ھنن درياھھ ۾ ترڻ لاءِ پھريائين ڪکن جا ترھا ٺاھيا. سنڌو درياھھ جي ڪنارن سان ڪانھن ۽ سر ھئا، جيڪي وڍي ۽ سڪائي، انھن جا ترھا ٺاھيا ويا، جن تي ھڪ، ٻھ. يا وڌيڪ ماڻھو درياھھ ۾ تري سگھندا ھئا. اڳتي ھلي ترھي کي وڏو ڪري، سرن يا ڪانھن جي ڇپري ٺاھي، ان کان ’سڙھھ‘ جو ڪم ورتائين.
سيڻھھ يا سيڻاھھ: سيڻھھ يا سيڻاھھ ٻڪريءَ جي کل مان ٺھندي آھي. سيڻھھ کي پوين ٽنگن ۾ اٽھھ پيل ھوندا آھن، جن ۾ ’سيڻاھيو‘ ٻئي ٽنگون لنگھائي، سيڻھھ کي ڦوڪيندو آھي. سيڻھھ کي ڦوڪڻ کان پوءِ ھو سيڻھھ کي ارھھ ۾ آڻي، سيڻھھ جي ھوا واري نڙي ڏندن جي وچ ۾ ڏيندو آھي ۽ زبان جي چوٽيءَ سان ھوا بند ڪري ڇڏيندو آھي ۽ ھوا گھٽجڻ تي ان کي ٻيھر ڦوڪي بھ سگھندو آھي.