ڪتاب جو نالو | سنڌي ٻوليءَ جو درياھي لھجو |
---|---|
ليکڪ | الھنواز رڪڻائي |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 969-8194-46-0 |
قيمت | 100 روپيا |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | PDF E-Pub |
انگ اکر | 1 January 2018 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 104432 ڀيرا پڙهيو ويو |
’ٻيڙي ڌڪائڻ‘ مھل پھرين ڪرس پٽبو ۽ پڳھھ ڇوڙبا آھن. جھوليءَ مان ٻيڙي ڇوڙڻ نھايت ڏکي ٿيندي آھي. سڀ جوان جھوليءَ جي پاسي ونجھھ ھلائيندا آھن. ٻاھريون واءُ ٻيڙيءَ کي ٻاھر نڪرڻ نھ ڏيندو آھي. جڏھن درياھھ جو ور مٽبو آھي، تڏھن مس ٻيڙي جند ڇڏائي واءَ مان نڪرندي آھي. ٻيڙي جيڪڏھن لھواري ھلائڻي ھوندي آھي تھ واءُ نھ ھئڻ يعني نوائيءَ ۾ ھئڻ ڪري (جنھن کي ڪڪ نوائي بھ چوندا آھن)، تِک ۾ سير تي ٻيڙي ڇڏبي آھي. جڏھن تيز ٿيندي آھي، تڏھن وھڪري کان تکي ھلندي آھي. جيئن روڪڻ واري ھوا نھ لڳندي، تيئن ٻيڙي تيز ھلندي آھي. چوندا آھن تھ ’ٻيڙي سير چڙھي آھي‘. مٿينءَ وھڪ ۾ وھڪري سان گڏ وھندڙ پنن کان ٻيڙي گھڻي تکي ھلندي آھي. واءَ نھ ھئڻ سبب سڙھھ وچ تي بيٺو ھوندو آھي. ملاح چوندا آھن. ”ساجن سوائي، ڪر ڪڪ نوائي“. لاھارا نوائيءَ ۾ تکا ھلندا آھن. ويچارا ٻيڙيائت نوائيءَ ۾ آرام سان ويٺا ھوندا آھن، نھ ڏانڊاڙ ساھين، نھ ڍار ڪن، نھ دامڻ جو مور جھلين ۽ نھ مونڍا ساھين، فقط ناکئو يا سکائي، ويڻي جو مٺيو جھليو بيٺو ھوندو آھي.
سنڌوءَ جي اوج ۾ ٻيڙيون سکر کان مال کڻي شاھبندر ۽ گھوڙا ٻاريءَ تائين وينديون ھيون. ٿورو سامان اتان بھ کڻي ورنديون ھيون، ۽ سکر کان پوئتي بندرن تي لاھينديون وينديون ھيون. اوڀاري ھلڻ وقت ھڪ جوان سنھڙي بانس جي لڙھي (بانس جي ڪاٺي)، جنھن کي ’ساڳاھي‘ چوندا آھن، اندرئين پاسي کان درياھھ ۾ ماپ ڪرڻ وانگر وجھندو ايندو آھي، جنھن کي ’ساڳاھي لاھڻ‘ چوندا آھن. اھو ناکئي يا سکانيءَ کي (جنھن جي ھٿ ۾ ويڻي جو مٺيو ھوندو آھي) ٻڌائيندو آھي تھ پاڻي وڏو آھي. جي ساڳاھيءَ ۾ پاڻي ننڍو لڳندو آھي، تڏھن بھ آواز ڪري ٻڌائيندو آھي. وڏي پاڻيءَ ۾ چوندو آھي. ’اولا..... الا‘ (معنيٰ پاڻي وڏو آھي) انھيءَ رخ ۾ ٻيڙي جھليو ھل، جي ننڍو پاڻي ھوندو آھي تھ ’ٻاھر.... ٻاھر‘ چوندو آھي، يعني ’ٻيڙي ٻاھر ڪر‘ متان لڳي نھ پوي.‘
ٻيڙيون ڪھڙو ڪھڙو مال کڻنديون ھيون:
اوائلي زماني ۾ ٻيڙيون بندرن تان ھر نموني جو سامان کڻنديون ھيون، جھڙوڪ: ڪرياني جو سامان، اناج، تيلي ٻج، فروٽ، ڀاڄيون، ڪاٺ، ڪوئلا وغيره.
ڪتاب ’پاٽ پراڻيءَ‘ جي مصنف مولوي روشن لکيو آھي تھ ڄامپور ڍنڍ (درياھھ جي ڇڏيل پراڻ) جي ڪناري تي ڏاڙھن جا باغ ھوندا ھئا، جتان جا ڏاڙھون ٺٽي ننگر ڏانھن ٻيڙن رستي ويندا ھئا. اناج جون ڳوڻيون لاھڻ ۽ چاڙھڻ وقت پٺيءَ تي يا ڪنڌ تي کڻندا ھئا، باقي ڪاٺ کڻڻ لاءِ ڪاٺ جا ٻھ ڏڪ پنج ڇھھ فوٽ ڊگھا ۽ مضبوط، جن کي اڳيان پويان ھٿن وجھڻ لاءِ ’مٺيا‘ ٺھيل ھوندا ھئا، (جن کي ملاح ’ڏلھا‘ چوندا آھن). ٻن فوٽن کن گھيري وارين ڪاٺين کي پٽ تي رکي مٿان ٻئي ڏلھا ٽن فٽن جي فاصلي تي رکندا آھن. ھيٺ رکيل بنڊين کي ’ٻنڊيون‘ چوندا آھن. پوءِ ڏلھن جي مٿان چار پنج مڻ يا ان کان مٿي ڪاٺ سٿي اڳيان پويان جوان مٽيءَ جي چنبيليءَ جيان کڻندا آھن. اھي وڃي ٻيڙيءَ جي تريا لڪ ۾ لاھيندا آھن. ڏلھن تي کڻڻ واري ڪاٺ کي ’ڏاڪ‘ چوندا آھن. ٻيڙي لاھڻ وقت بھ ڏاڪ ڏلھا ڀري ھيٺ لاھي ٻيڙي آجي ڪندا آھن. ڳرو ڪاٺ جوان ’ڪانڌن‘ تي کڻندا آھن. تمام ڳرو ڪاٺ ڪپي لڳائي بنڊ مٿي کڻي ٻيڙيءَ ۾ لاھيندا آھن. ان عمل کي ’سيلنگ‘ چوندا آھن.
شيکلي جي مور ۾ بھ واءَ جي خبر لھڻ لاءِ جھنڊو ھڻندا آھن، جنھن کي ’بانبٽو‘ چوندا آھن. ننڍيون جھنڊيون، جن کي ملاح ’مارلون‘ چوندا آھن، مرڪ وانگر آلات ۾ ھڪ رسيءَ ۾ لڳل ھونديون آھن. اھي خاص سونھن ۽ سينگار لاءِ ھڻبيون آھن. گجگن جي ڇڙھن جي مٿان ’واءَ پرکڻيءَ‘ جي مٿان پڻ ننڍي جھنڊي لڳل ھوندي آھي.
ٻيڙين جا ڪاڄ يا وھانءَ:
ٻيڙيون جڏھن نپٽ نيون ٺھي درياھھ ۾ لھنديون ھيون تھ ملاح انھن جون وڏيون شاديون يا ڪاڄ ڪندا ھئا. اھا رسم قديم دؤر جي ’مھاڻي مھراڻ‘ جي جشن جو اھڃاڻ آھي. شادين ۾ دھل دماما، ڳيچ، سھرا ۽ ساٺ سوڻ ٿيندا ھئا. ٻيڙين لاءِ سھرا پڻ لوڪ گيتن وانگر ٺھيل آھن. مثال طور:
(١) حضرت پير چڙھھ جھمٽيءَ تي.
(٢) ڏاڍيءَ ھڪل منجھان اچي رسينس گيلاني پير
سھڻي سپيءَ جي ٻيرڙي، سئيءَ جو سنھڙو ونجھھ،
اچي رسينس گيلاني پير!
(٣) منھنجو موليٰ عليءَ ٻيڙو تاريو آ،
حسن حسين ھلايو آ، منھنجو موليٰ عليءَ ٻيڙو تاريو آ!
ٻيڙي درياھھ ۾ لاھي ان کي موڙ ۽ نوان گجگا ٻڌندا ھئا. مھرن کي رنگين مرولون، بانبٽا ۽ موڙ ٻڌندا ھئا. سينگاري سنواري لاڄو، تاليا، پوٺي نڪور تيار ڪري شيکلي ۾ ٻڌندا ھئا. جود مڙھي جنساري، ٻيڙيءَ کي ڪنوار جيان سينگاريندا ھئا. ڇڪون ڇاٻاھيون نيون ڪندا ھئا، ڏانڊاڙ ۽ مونڍي جا رسا نڪور وجھندا ھئا. مطلب تھ نئين ٻيڙي درياھھ ۾ لھڻ سان ماڻھن جي گھمائڻ لاءِ ھوندي ھئي ۽ ان تي مھينو کن بار نھ کڻندا ھئا.
وھندڙ ٻيڙيون ڪناري تي ڪڍڻ (مرمت لاءِ):
ٻيڙيون ٻارھن ئي مھينا سکر کان شاھبندر ۽ گھوڙا ٻاريءَ تائين ھلندين ھيون، پوءِ واھوندن جي مند ۾ پنھنجن پنھنجن بندرن تي پھچنديون ھيون. ملاح ٻيڙيون ٻاھر ڪڍرائيندا ھئا، انھن جي تر ۽ ڪڇن ۾ ڪاٺ جا ڳڀا وجھندا ھئا، تن تنيندا ھئا، ڪاٺ جون ’ڳنڍيون‘ ۽ ساڙ ڪڍائيندا ھئا. نئين ڪاٺ جا ڳڀا ٻيڙين کي ھڻائيندا ھئا، پراڻين ٻيڙين جا پراڻا ڪير ڪڍرائي، نوان لڳائيندا ھئا. بانس جي ڪاٺ مان ڪليون ٺاھي، ڦرھن کي ڳجھون ۽ گڙيون ھڻندا ھئا. انھيءَ عمل کي ٻيڙيءَ جي ’سنوارت‘ چيو ويندو آھي. ھر ٻيڙيءَ جي سنوارت ڪرائي، پوءِ ٻيڙين کي وھھ مکيندا آھن.
ھڪ ملاح شاعر جو ھڪ طويل بيت ھت ڏجي ٿو:
ملاح پنھنجي مڪڙي، مکي ڪر تيار،
تاليا، پوٺي تيار ڪر، جود مڙھي جنسار،
اڏو، اڏيون ٺاھھ سڀ، سرايون صدبار،
کوھو کڻ مٿي ذرا، دڏ جو ڏئي آڌار،
ڇاٻاھي ڇڪي ھڻي، وھھ جو ڪر ويچار،
آڏ متان آٽو ھڻي، گھوگھو ھڻينس يار،
ساڪا پٽي سڙھھ جا، ڪؤنتل کي ڪڍ پار،
سکان جھلجانءِ سيبتو ٿي، وڻجارا وينجھار،
پريان پر کجان پاڻيءَ کي، ڌڪ نھ ھڻئي ڌار،
داٻا اٿئي درياھھ جا، لھرن جي للڪار،
خوشيءَ سان ڀل کڻ پيو، برڪت وارو بار،
موج ڀرئي مھراڻ جو، اؤکو اٿئي آر،
پيھي نھ وڃئي پاکري، ٻيلھھ وھائج ٻيار،
سکاڻيا سنڀار، اوتڙ متان اوجھرين!
ملاح ٻيڙيون مکي ٺاھي، درياھھ ۾ لاھي لھوارا ٿي ويندا آھن.