سنڌي ٻوليءَ جو درياھي لھجو

ڪتاب جو نالو سنڌي ٻوليءَ جو درياھي لھجو
ليکڪ الھنواز رڪڻائي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 969-8194-46-0
قيمت 100    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

1 January 2018    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     104442   ڀيرا پڙهيو ويو

ناشر پاران


اداري پاران محترم الھنواز رڪڻائيءَ جو لکيل ھيءُ ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جو درياھي لھجو“ ڇپائي منظرعام تي آڻيندي، اسان نھايت خوشي محسوس ڪري رھيا آھيون. ھيءُ ڪتاب سنڌو درياھھ جي ٻنھي ڪپن تي رھندڙ مھاڻن جي لھجي توڙي ڪرت سان لاڳاپيل سمورن پھلوئن جو احاطو ڪري، سنڌي ٻوليءَ جي لفظي ذخيري جي مالامال ھئڻ جو ثبوت ڏئي ٿو، ان ڪري ھن قسم جي ڪتابن جي اشاعت کي ترجيحي بنيادن تي کڻي، ادارو پنھنجي اصل ڪم جي پورائي جي توقع رکي ٿو.

 

محترم الھنواز رڪڻائي، سنڌي ٻوليءَ جو اھو محقق آھي، جنھن جو بنيادي طور واسطو درياھھ سان آھي، ان ڪري ھن موضوع تي تحقيق ڪرڻ لاءِ ھو مناسب ماڻھو آھي. ھن پنھنجي ڪتاب ۾ درياھھ جي ٻنھي ڪپن تي رھندڙ ماڻھن، انھن جي لھجي، درياھي جيوت، وڻن ٽڻن، ٻوٽن ۽ گاھن، ٻيڙين ۽ ھوائن ۽ ملاحن جي ڪرت سان لاڳاپيل سمورين شين بابت استعمال ٿيندڙ لفظن ۽ اصطلاحن کي پنھنجي تحقيق جو موضوع بڻايو آھي. سندس ڪتاب ۾ وڏو انگ اھڙن لفظن ۽ اصطلاحن جو آھي، جيڪي گھڻي ڀاڱي ھن وقت مروج نھ آھن يا متروڪ ٿيندا پيا وڃن، ان ڪري ضروري آھي تھ اھڙي لفظي ذخيري کي ڪتابي شڪل ۾ محفوظ ڪجي تھ جيئن ايندر دؤر جا محقق، سنڌي ٻوليءَ جي شاھوڪاريءَ کان واقف ٿي سگھن.

 

اميد تھ ھيءُ ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي محققن ۽ ادب جي شاگردن لاءِ وڏو مددگار ثابت ٿيندو.

 

٧ جنوري ٢٠٠٧ع                                                           عبدالقادر جوڻيجو

حيدرآباد                                                                       چيئرمين