سنڌي لوڪ گيت- ٻوليءَ جي اوسر

ڪتاب جو نالو سنڌي لوڪ گيت- ٻوليءَ جي اوسر
ليکڪ ڊاڪٽر پرسو جيسارام گدواڻي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-44-4
قيمت 1000    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (684) PDF  E-Pub
انگ اکر

11 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     160804   ڀيرا پڙهيو ويو

سنڌي لوڪ گيتن ۾ مٽيءَ جي خوشبوءِ


لوڪ گيت ھميشه مٽيءَ جي بُڻ بنياد مان پيدا ٿيندا آھن. جيئن وڻ ٻوٽا بنا مٽيءَ جي پيدا نٿا ٿي سگھن ۽ نه ئي انھن جي نشونما ٿي سگھي ٿي، ائين ئي لوڪ گيت به مٽيءَ ۾ ئي پيدا ٿيندا آھن ۽ مٽيءَ ۾ وڌندا ويجھندا آھن. ان ڪري ئي لوڪ گيتن ۾ مٽيءَ جي خوشبوءِ لازمي طور ھوندي آھي. ھتي ھڪ ننڍو مثال ڏيڻ اجايو نه ٿيندو. ريٻاري ڀينرن جڏھن ھڪڙو پيارو لوڪ گيت ڳايو ”الله منھنجي ٻڪري ڪير ڏُھي ويو“، تڏھن ان حقيقت کي سمجھڻ ۾ دير ئي نه لڳي ته ريٻاري ٻڪريون چاريندڙ آھن، ڇو جو، اھڙا جذبات دل مان تڏھن ئي ڦُٽي نڪرندا آھن، جڏھن ڪو سچو واقعو پيش ايندو آھي. ريٻاري رڍون ۽ ٻڪريون چارڻ لاءِ مشھور آھن. ڪڇ ۾ ٻني علائقي جھڙا چراگاهه موجود آھن، جتي چوپايا پلجندا آھن. اتي بيشڪ ڪنھن ريٻارڻ جي ٻڪريءَ کي ڏُھي وڃڻ جو واقعو جنم وٺي سگھي ٿو. ان ڪري ريٻاري ڀيڻ اھو گيت ڳايو.

ڪجهه مھينا پھرين مون کي سنڌ جي لوڪ گيتن کي ٻڌڻ جو سٺو اتفاق ٿيو. ٻڌڻ کان پوءِ مون کي ائين لڳو ڄڻ  انھن لوڪ گيتن ۾ سنڌ جي مٽيءَ جي خوشبوءِ ڀريل آھي. ڪجهه عرصو اڳ سنڌ مان دادي ليلاوتي ھر چنداڻي آئي ھئي، جيڪا سنڌ سرڪار جي تعليمي اداري سان لاڳاپيل رھي آھي ۽ عورتن کي علم ۽ سکيا ڏيڻ ۾ مصروف رھي آھي. ھوءَ ان محڪمي جي وڏي آفيسر رھي آھي. ان خود چيو ته سندس عھدو اھڙو رھيو آھي، جو کيس سنڌ جي ننڍن ننڍن ڳوٺن ۾ وڃڻو پوندو ھو. ان ڪري ھوءَ ڳوٺ جي زندگي ۽ لوڪ ادب کان پوريءَ طرح واقف آھي. ھوءَ پاڻ به سٺو ڳائي سگھي ٿي. سندس ھڪ ننڍڙو پروگرام پوني ۾ رکيو ويو ھو، جتي مون کي سندس گيت رڪارڊ ڪرڻ جو تمام سٺو موقعو مليو. ھي باب انھن رڪارڊ ڪيل گيتن مان چونڊيل ڪجهه لوڪ گيتن تي مشتمل آھي. سنڌ جي خوشبوءِ سان ڀرپور ھيٺ لکيل گيت مون کي ڪافي اثرائتو لڳو:

”ڍڳو پير پيران

واهه واهه ڍڳو پير پيران!

بلي ڍڳو پير پيران!

ڍڳي جو مُلهه ھزار

ڍڳو پير پيران!

واهه واهه ڍڳو پير پيران

شابي ڍڳو پير پيران!

ھيٺان ڪتيءَ جي پوک

مٿان ساوڻ جا ڏينھن

ڍڳو ھر نه ھلي

ڍڳي جو مُلهه ھزار

ڍڳو پير پيران!

واهه واهه ڍڳو پير پيران

شابي ڍڳو پير پيران!

ماريو اھڙو مجيري

جيڪو سور ڏئي ويو.

 

ڍڳو ھر نه ھلي

ڇو؟

ڍڳو ھر نه ھلي

ڍڳو پير پيران!

ھلي ھلي جيئن

راڄ راڻو ھلي

ڍڳي جو مُلهه ھزار

ڍڳو پير پيران

شابي ڍڳو پير پيران

واهه واهه ڍڳو پير پيران!

بلي ڍڳو پير پيران“!

ھن سڄي گيت ۾ ڍڳي جي تعريف ڪئي ويئي آھي. ۽ ان ڍڳي جي قيمت ھزارين روپيا ٻڌائي ويئي آھي. ان لوڪ گيت ۾ سنڌ جي مٽيءَ جن جھلڪ ته آھي ئي، پر ان سان گڏو گڏ سنڌ جي فصلن جي اھم ھجڻ جو ثبوت به ملي ٿو. دادي ليلان ھن گيت ڳائڻ کان پھرين ان جو وڏو تعارف ڏنو. سنڌ جي جيون جو سڄو دارو مدار فصلن تي آھي ۽ ان جي روزي روٽيءَ جو فقط ھڪڙوئي وسيلو پوکي راھي آھي. فصلن جي پوکيءَ جو دارومدار ڍڳي تي آھي. داديءَ مون کي ٻڌايو ته جڏھن عورتن جي وچ ۾ اھو گيت ڳايو ويندو آھي، تڏھن ڪيتريون عورتون ڳائيندي ڳائيندي تاڙيون به وڄائينديون آھن ۽ خوبصورت ناچ به ڪنديون آھن. ان ڏينھن پوني ۾ به جڏھن داديءَ اھو گيت ھارمونيم تي ڳايو ته ٻه ٽي اديبائون پنھنجي پاڻ کي روڪي نه سگھيون ۽ اٿي تاڙين وڄائڻ سان گڏ ناچ ڪرڻ لڳيون. ھن گيت ۾ ساز، آواز ۽ ليءَ جو بي بھا حسين سنگم آھي. ھن کي ڪو ماھر موسيقار پاپ ميوزڪ تي ڳائي ته اسان جي نئين نسل کي ھي گيت تمام ڪشش ڪري سگھي ٿو.تيز موسيقيءَ جا سڀئي گُڻ ھن گيت ۾ موجود آھن.

داديءَ ھڪ ٻيو گيت ”مور ٿو ٽلي“ به ڳايو. ھن گيت ۾ به پاپ موسيقيءَ جا سڀئي گُڻ موجود آھن.ڪڇ جي ٻني علاقي ۾ ھي گيت تمام گھڻو ڳايو ويندو آھي. آڪاشواڻي ريڊيو ڀُڃ تان ڪڇي پروگرام ۾ محمد الياس مُتوي جو ڳايل ھي گيت اڪثر ٻڌڻ ۾ ايندو آھي. اصل ۾ سنڌ ۾ مور ڪافي تعداد ۾ آھن ۽ ان لحاظ کان ھن گيت جون جڙون به ٿر ۽ ڪڇ جي مٽيءَ  سان ئي جُڙيل آھن:

”مــور ٿـو ٽـلـي راڻا

مـو ٿــو ٽـلـي!

سو ته مامن جي ڪُلھي

سوته چاچن جي ڪُلھي

او راڻا راڻا مور ٿو ٽلي راڻا!

گُجر جو مور ٿو ٽلي

مور ٿو ٽلي راڻا

مور ٿو ٽلي راڻا!

دھُـــري گــھـڙايـم

لک ڏيئي منھنجا راڻا

او راڻا تو مان راڄ  ٿيندا

او راڻا تو مان لک  ٿيندا

سو ته مامن جي ڪُلھي

سو ته چاچن جي ڪُلھي

او راڻا راڻا مور ڀلي ٿو ٽلي!

مور ٿو ٽلي

چوُڙيون گھڙايم

ھزار ڏيئي او راڻا

او راڻا منھنجا

او راڻا تو مان راڄ ٿيندا

او راڻا تو مان لک ٿيندا

سو ته مامن جي ڪُلھي

سو ته چاچن جي ڪُلھي

مور ٿو ٽلي راڻا

گُجر جو مور ٿو ٽلي

مور ٿو ٽلي راڻا

مور ٿو ٽلي“!

”مور ٿو ٽلي“-ھيءَ سٽ خوشيءِ جي علامت آھي، ڇا جي ڪري مور ھميشه برسات جي رُت ۾ خوش ٿيڻ تي نچندو آھي ۽ مومل جي دل (جنھن ھتي ”گُجر“ چيو ويندو آھي، ڇو ته اھا گُجر جاتي جي ھئي. مومل ۽ راڻو سنڌي لوڪ ادب ۾ خاص مقام رکن ٿا) به مور وانگر خوش ٿي ويندي آھي.

ھڪ ٻيو گيت به سنڌ ۾ خوشيءِ مھل ڳايو ويندو آھي، اھو آھي:

”لونگ ڦوٽا ٿالھيءَ ۾ آءٌ کنيون پئي اچان

پنھنجي لاڏل لاءِ آءٌ نچندي اچان

پنھنجي لاڏل لاءِ آءٌ نچندي اچان!

لونگ ڦوٽا ٿالھيءَ ۾ آءٌ کنيون پئي اچان!

ڳاڙھو جوڙو ٿالھيءَ ۾  آءٌ کنيون پئي اچان!

ڳاڙھو جوڙو ٿالھيءَ ۾  آءٌ کنيون پئي اچان!

پنھنجي سوڍل لاءِ آءٌ نچندي اچان!

پنھنجي راڻل لاءِ آءٌ نچندي اچان!

مصري ميوا ٿالھيءَ ۾ آءٌ کنيون پئي اچان!

پنھنجي لاڏل لاءِ آءٌ نچندي اچان!

پنھنجي لاڏل لاءِ آءٌ نچندي اچان!

پنھنجي سوڍل لاءِ آءٌ نچندي اچان!

پنھنجي سوڍل لاءِ آءٌ نچندي اچان“!

ھن لوڪ گيت ۾ لونگ، مصري ۽ سُڪي ميوي ذريعي سنڌ جي خوشحاليءَ جي باري ۾ ٻڌايو ويو آھي. لونگ ۽ ڦوٽا سنڌ ۾ پيدا نه ٿيندا ھئا، پر ھر خوشيءِ جي موقعي تي انھن جو بي انتھا استعمال ٿيندو ھو. ھي گيت ٻار جي اُپنَيَن سنسڪار جي موقعي تي ڳايو ويندو آھي. ان سنسڪار تي ٻار کي جيڪو ڪپڙو پارايو ويندو آھي، ان کي بوڇڻي“ چوندا آھن، ان جي سامھين ڪناريءَ تي ڦوٽا لڳايا ويندا آھن. وِھانءَ وقت گھوٽ جي ”بوڇڻي“ تي به ڦوٽن جو تمام گھڻو استعمال ڪيو ويندو آھي. ھن گيت ذريعي ھڪ ٻي ڳالهه ڏانھن به ڌيان وڃي ٿو، اھا آھي وِھانءَ ۽ اُپنَيَن سنسڪار جي موقعي تي اسان جي ھندو ڀينرن جو ناچ ڪرڻ.

سنڌي-ھندن ۽ سنڌي-مسلمانن ۾ چمڙيءَ جي اڇي رنگ کي حُسن ۽ جمال جي طور ليکيو ويندو آھي.

ھيٺ ڏنل لوڪ گيت ۾ ”منڊم“ ۽ گورو صاحب“ لفظن جو استعمال ڪري ان ڳالهه کي ثابت ڪيو ويو آھي:    

”منھنجي اڇي منڊم جھڙي پاولي

او جھڙو گورو صاحب تھڙي پاولي!

پاولي ڙي الا! مون کي مارُن مُڪي!

پگھار منجھان پاولي!

منھنجي اڇي منڊم جھڙي پاولي

پاولي ڙي الا! مون کي مارُن مُڪي

پــگـھـار مـنـجـھـان پـاولـي!

سوني نٿ گھڙائي ڏيندم اباڻا

تنھن ۾ ٻُڙا وجھائي ڏيندم ڏاڏاڻا

ڏاڏاڻا ڙي ڏاڏاڻا اباڻا ڙي اباڻا

منھنجي اڇي منڊم جھڙي پاولي

او جھڙو گورو صاحب تھڙي پاولي!

پاولي ڙي الا! مون کي مارُن مُڪي

منھنجي اڇي منڊم جھڙي پاولي“!

’پاؤلي‘ سنڌيءَ ۾ چئن آنن جي سِڪي کي چيو ويندو ھو، جنھن کي اڄ جي دؤر ۾ 25 پئسن جو سِڪو چوندا آھن. ان سِڪي جو رنگ چانديءَ جي رنگ جي سِڪي سان ملندڙ جُلندڙ ھو. ان ڪري ان پاوليءَ جي ڀيٽ ڪنوار جي رنگ سان ڪئي ويئي آھي. ان گيت جي خاصيت ان ۾ آھي ته ان ۾ ”منڊم“ يعني ”گوري ميم“ ۽ ”گوري صاحب“ جي حسن کي تمام گھڻي اھميت ڏني وئي آھي. ھڪڙيءَ طرح سان سندن اڇي رنگ کي خوبصورتيءَ جي سند مڃيو ويو آھي.

ھيٺ  ھڪ ٻيو گيت ڏنو پيو وڃي جيڪو سنڌي تھذيب سان تمام گھڻو ڳنڍيل آھي:[1]

”ھڏڪيءَ مٿان مون کي آئي ھڏڪي

مان ٿي ڀايان منھنجا مارو ايندا

مون کي گھوري ڏسندا

مون کي ڏوري ڏسندا!

مون کي وٺي ويندا!

چانور ڇنڊيندي مون کي آئي ھڏڪي

مان ٿي ڀايان منھنجا مارُو ايندا

مون کي گھوري ڏسندا

مون کي ڏوري ڏسندا

مون کي وٺي ويندا!

ھڏڪيءَ مٿان مون کي آئي ھڏڪي.“

اھڙيءَ طرح سيبو ٽوپو، ڀرت ڀرڻ وقت ۽ ٻين ڪمن ڪرڻ جو ذڪر جوڙي، ھن گيت کي تمام گھڻي ڊيگهه ڏني ويندي آھي. لوڪ گيتن جي وڏي خاصيت ھوندي آھي ته انھن ۾ ھڪجھڙي لفظن کي بار بار ورجايو ويندو آھي. ھن گيت ۾ سڀ کان وڌيڪ اھم آھي ”ھڏڪي“. سنڌ ۾ ائين مڃيو ويندو آھي ته جڏھن ڪو پنھنجو ۽ پيارو ياد ڪندو آھي ته ھڏڪي ايندي آھي، ھن گيت ۾ ڇوڪري جنھن ڪم ۾ به ھٿ وجھي ٿي، ان کي ھڏڪي ٿئي ٿي. جنھن سان کيس ائين لڳي ٿو ته سندس پيارا اچڻ وارا آھن.

آخر ۾ دادي ليلا وتيءَ جيڪو گيت ڳايو، اھو سنڌ جي عورتن کي سکيا ڏيڻ ۽ انھن ۾ سُجاڳي آڻڻ لاءِ ڳايو ويندو آھي. ان گيت ۾ به سنڌ جي مٽيءَ جي خوشبوءِ ملي ٿي:

”ڏي سنڌي عورت ساک سچي

اٿ جاڳ سُجاڳ کٽ ڀاڳ سکي!

ڏي سنڌي عورت ساک سچي!

تنھنجو اصل نسل آھي سنڌ جو،

تنھنجو ڄمن مرڻ نپجڻ سنڌ جو،

پوءِ ڇو ته ڪڍين جھالت کي اچي،

ٻار علم جي لاٽ پِڙ تي اچي،

ڏي سنڌي عورت ساک سچي!

تون سادي سڀاڳي ڀوري آن،

تون شرم حيا جي پُتلي آن،

ڏي سنڌي عورت ساک سچي!

اٿ جاڳ سجاڳ کٽ ڀاڱ سکي!

تو جان جفا سان جوان ڪيا

تو ھوشوءَ جھڙا ھاڪارا،

جن ھوڪو حق جو آهه ڏنو

”مرويسون پر سنڌ نه ڏيسون“

اُٿ جاڳ سُجاڳ کٽ ڀاڳ سکي

ڏي سنڌي عورت ساک سچي!

تنھنجي سورمين جي مان ساک ڏيان

جن پاڙيا پريت جا پيچ پڪا

جن سورن سان آھن سڙ ڪيا

جن عشق جا اوچا ڳاٽ ڪيا

جن ناتو نينھن نڀايو آ

اٿ جاڳ سُجاڳ کٽ ڀاڳ سکي

ڏي سنڌي عورت ساک سچي!

تنھنجي مارئيءَ جو نه مثال ملي

سڄي جھان ۾ نه جھڙو جيسُ ملي

جنھن لوئيءَ جي لڄ آھي رکي

جنھن پوتيءَ جي پت آھي رکي

جنھن وطن جي حب جياري آ

اٿ جاڳ سُجاڳ کٽ ڀاڳ سکي

ڏي سنڌي عورت ساک سچي“!

 

ھن گيت ۾ جيڪو سنڌي عورت جو بيان ڏنو ويو آھي، اھو سنڌ جي مٽي، سنڌ جي تاريخ ۽ سنڌ جي تھذيب سان لاڳاپيل آھي. ھن ۾ جتي سنڌ جي عورت جي گڻن جي تعريف ڪئي ويئي آھي ته اتي ان جي جاھليت جو ذڪر ڪيو ويو آھي. ڪڇ جي سنڌي ٻولي ڳالھائڻ وارن ۾ عورت جي حالت ڪا سٺي ناھي. عورتن کي سکيا ڏيڻ لاءِ ھتي به اھڙي گيت ڳائي ٻڌائڻ جي ضرورت آھي. ھن گيت ۾ سنڌ جي ھڪ ھيرو جو مشھور قول به بيان ڪيو ويو آھي، جيڪو ھن انگريزن سان وڙھڻ مھل ڏنو ھو.

”مرويسون پر سنڌ نه ڏيسون“!

مطلب ”آءٌ جان به نڇارو ڪري ڇڏيندس، پر سنڌ نه ڏيندس“. ھي لفظ وير (بھادر) ھوشوءَ انگريزن کي چيا ھئا. ڀارت جا گھڻا ئي سنڌي ممڪن آھي ته ھن تاريخي واقعي کان واقف نه ھجن، ليڪن ڪجهه پڙھيل لکيل ماڻھو ان کان چڱيءَ طرح آگاهه ھوندا. ھي سنه 1843ع جي ڳالهه آھي.

ٿورا:

آءٌ دادي ليلاوتي هرچنداڻيءَ جو تمام گھڻو شڪر گذار آھيان، جنھن حيدرآباد سنڌ مان اچي مون کي اھڙا خوبصورت لوڪ گيت رڪارڊ ڪرڻ جو موقعو ڏنو. آءٌ ريٽا شھاڻيءَ جو به شڪريو ادا ڪريان ٿو، جنھن مون کي دادي ليلا وتيءَ جي پروگرام لاءِ دعوت نامو ڏنو ۽ لوڪ گيت رڪارڊ ڪرڻ جو ايترو بھترين موقعو عطا ڪيو.

 

  1. ھندو سماج ۾ 16 مذھبي رسمون ھونديون آھن، جن کي سنسڪار جي نالي سان ڪوٺيو ويندو

آھي. سنسڪار فردن جي ذھني، جسماني، اخلاقي ۽ روحاني توازن ۽ سُڌاري لاءِ ادا ڪيا ويندا آھن. انھن سورھن سنسڪارن مان اُپنين سنسڪارحه (Thread Ceremony) 10 نمبر تي آھي، جيڪا فقط ڇوڪرن سان لاڳاپيل آھي. اُن کي يَجنو پَوِيت سنسڪار به چيو ويندو آھي. ھن پوڄا دوران ماءُ جو ڀاءُ يعني، جنھن ڇوڪري جو اُپنين سنسڪار ٿي رھيو ھوندو آھي ان جو مامو نھايت اھم ھوندو آھي جو گھڻي ڀاڱي رسمون اھوئي ادا ڪندو آھي. ھيءَ رسم پنجن کان ستن سالن جي عمر تائين جي ڇوڪرن جي ٿي سگھي ٿي ۽ شاديءَ کان پھرين به ھن رسم کي ادا ڪري سگھجي ٿو.