ڪتاب جو نالو | سنڌي لوڪ گيت- ٻوليءَ جي اوسر |
---|---|
ليکڪ | ڊاڪٽر پرسو جيسارام گدواڻي |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-9098-44-4 |
قيمت | 1000 روپيا |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | (674) PDF E-Pub |
انگ اکر | 11 December 2017 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 160219 ڀيرا پڙهيو ويو |
ڪڇ ضلعي ۾ ڪافي اڳ جانورن پالڻ واريون ذاتيون رھنديون ھيون، جن مان گھڻيون ذاتيون سنڌي ٻوليءَ جو ڪونه ڪو لھجو ڳالھائينديون آھن. انھن ۾ ريٻاري جاتي ڪافي اھم آھي، انھن کي سنڌي ٻوليءَ جي لھجي ڳالھائڻ وارا مڃڻ جو ھڪڙو ڪارڻ اھو به آھي ته ڪڇ سان لڳ سنڌ صوبي (پاڪستان) جي ٿر جي علائقي ۾ ريٻاري ڪافي تعداد ۾ رھندا آھن. ھونئن ته ڏٺو وڃي ته اڄڪلهه گجرات جي ڪافي سارن ھنڌن تي انھن جي ٿوري گھڻي آبادي رھي ٿي، پر ڪڇ ۾ اڃا تائين انھن جي آبادي ڪثير تعداد ۾ موجود آھي. ھو گھڻو ڪري ٻڪرين ۽ رڍن جا وڏا ڌڻ پاليندا آھن. ڪڏھن ڪڏھن ته ھڪڙي ئي ڌڻ ۾ ھڪ کان ڏيڍ ھزار تائين رڍون ھونديون اٿن. ھونئن ريٻاري اٺن کي به پاليندا آھن. مون پاڻ ريٻارين کي 200-300 اُٺن کي گڏ پاليندي ڏٺو آھي. ريٻاري گھڻو ڪري خانه بدوش ھوندا آھن. ان جي خاص وجهه به اُھوئي آھي ته انھن وٽ چوپايو مال تمام گھڻو ھوندو آھي. انڪري انھن کي ھميشه سفر ۾ رھڻو پوندو آھي. ڇاجي ڪري جو جانورن جي لاءِ چاري ۽ پاڻيءَ جي ضرورت ھوندي آھي. صدين کان ڪڇ ۾ رھڻ جي ڪري ھو اتي جي پاڻيءَ جي قلت وارن علائقن، پاڻي جي چشمن، گاهه وارن ميدانن ۽ ساوڪ وارين پھاڙين کان چڱيءَ طرح واقف آھن. ھميشه سفر ۾ رھڻ ڪري انھن جا جسم مضبوط، مناسب ۽ چست ھوندا آھن. انھن جون عورتون به مضبوط ۽ طاقتور جسم جون مالڪ ھونديون آھن. مردن ۽ عورتن ٻنھن جون اکيون ۽ نڪ سُھڻا ھوندا آھن. انھن جو رنگ به ڪافي اڇاڻ مائل ھوندو آھي. ٻئي ڪنن ۾ سون جا زيور پائيندا آھن. عورتون اونھاري ۽ سياري ٻنھي ۾ اُن جي لوئي مٿي تي ڪنديون آھن، ان کي ھو خوبصورت ڀرت سان سجائيندا آھن. ريٻاري عورتون ۽ مرد ٻئي الاھي زنده دل ۽ بھادر ھونداآھن. سنڌي ٻوليءَ جي عظيم شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح به سنڌ ۾ انھن جي خانه بدوش ھجڻ جي گواھي ڏني آھي:
ريٻاڙڻ روئي، واڙي وڌا وڇڙا،
سمورا سوئي، ھڻي ھتان ساٿ ويو.
ھن بيت ۾ شاهه صاحب ’ريٻاري‘ لفظ جو استعمال ڪيو آھي، جيتوڻيڪ ريٻارين جي ٻوليءَ جو سوال آھي، مان پنھنجي ذاتي تجربي تحت چئي سگھان ٿو ته سنڌ ۽ ڪڇ ۾ ھو سنڌيءَ جي ئي لھجي جو استعمال ڪن ٿا. جيتوڻيڪ ڪڇ ۾ رھڻ وارن تي ڪڇي ۽ گجراتيءَ جو اثر گھڻو نظر اچي ٿو. دراصل ھو ٻه ٻوليون ڳالھائيندڙ آھن، گجرات رياست جي ٻولي به تمام سٺي ڳالھائي سگھن ٿا.
لوڪ گيت انسانن جي جذبن ۽ احساسن کي بيان ڪرڻ جو پُراثر ۽ مضبوط وسيلو آھن. ھي ڏک جي گھڙين، سُک ۽ خوشيءِ جي وقت دل کي چيري ان مان نڪرندا آھن. اھڙي جذباتي حالت ۾ دل جو احوال بيان ڪرڻ جو واحد ذريعو مادري ٻولي ئي ھوندي آھي. پنھنجي دل جا ڏک سور مادري زبان کان سواءِ ڪنھن ٻي ٻوليءَ ۾ اورڻ ناممڪن، نه ته مشڪل ضرور لڳي ٿو. انھيءَ ڪري جڏھن سوُٿري ڳوٺ جي ريٻاري ڀيڻن گڏجي ڳايو ته:
”الا منھنجي ٻڪري ڪير ڏُھي ويو“
تڏھن مون کي بنا ڪنھن دشواريءَ جي ئي احساس ٿي ويو ته اھڙا بي ساخته لفظ ته ڏک ۽ رنج جي وقت دل مان نڪري زبان تي ايندا آھن ۽ بلڪل اڻ پڙھيل ريٻاري ڀيڻن جي منھن مان ته اھڙا جملا پنھنجي مادري زبان ۾ ئي نڪري سگھن ٿا. جيتوڻيڪ اتي موجود ريٻاري مردن مون کي اھو چوڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي ته انھن جي مادري ٻولي گجراتي آھي ۽ اُھي ته ڪڇي ٻولي ڄاڻن ئي نه ٿا، ليڪن جڏھن ان کانپوءِ انھن ٻيو گيت ڳايو ”سنڌ جي سِري تي الا، ڄايون مَ ڏجان“. تڏھن مون انھن کان پڇيو ته ھي ڪھڙي ٻولي آھي ته انھن سڀني يڪراءِ فيصلو ڏنو ته ھيءَ ته نج گجراتي آھي. ڪوبه گجراتي ٻولي ڳالھائڻ وارو ان سچائيءَ کان انڪار نه ٿو ڪري سگھي ته ھيءَ سِٽ گجراتي ٻوليءَ جي ناھي ۽ نه ئي ڪنھن به ڪڇي ٻولي ڳالھائڻ واري کي اھو قبول ڪرڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي ته ھيءَ نج ڪڇي ٻولي آھي. اھڙيءَ ريت وري ڪوبه سنڌي ٻولي ڳالھائڻ وارو خوشيءِ سان قبول ڪندو ته ھيءَ سنڌي ٻولي ئي آھي. اھو انڪري جو ڪڇي سنڌي ٻوليءَ جو ئي لھجو آھي. ممڪن آھي ته اھي ريٻاري گھر ۾ ڪڇي ئي ڳالھائيندا ھجن، جيتوڻيڪ اھي گجراتي به چڱي طرح ڄاڻندا ھوندا.
بدقسمتيءَ سان ٽيپ رڪارڊر ۾ ڪجهه خرابي ھجڻ ڪري ھڪڙي سٽ کان سواءِ گيت رڪارڊ ٿي نه سگھيو. ڪافي ڪوشش کانپوءِ به اھو لوڪ گيت رڪارڊ نه ٿي سگھيو. مون کي اھو افسوس ھميشه رھندو. ليڪن ”الا! منھنجي ٻڪري ڪير ڏُھي ويو“ گيت ريٻاري ڀينرن جي دل ۾ ۽ زبان تي ھميشه رھندو. مان ان ڳالهه جي خاطري ڏيان ٿو.
سُوٿري ڳوٺ ۾ ان ڏينھن جيڪو ريٻاري گيت، ريٻاري ڀينرن ڳاتو اھو انتھائي دلدوز لوڪ گيت ھو، ان لوڪ گيت ۾ ريٻاري ڀينرن ڪافي خوبصورت ۽ دل کي ڌوڏي ڇڏڻ وارن جذبن جو اظھار ڪيو آھي:
”ادا سنڌ جي سِري تي
الا! ڄايون مَ ڏجان
الا! ڪالهه سڄو ڏينھن مون ڪانگ اڏايا
الا! اڄ ته منھنجا ڪاڪا اچندا،
الا! روئندي رڙندي منھنجا ڪاڪا نه آيا
الا! رُڪ جا ڪَليجا، منھنجا رُڪَ جا ڪَليجا
ادا! سنڌ جي سِري تي
الا! ڄايون مَ ڏجان
الا! ڪالهه سڄو ڏينھن مون ڪانگ اُڏايا،
الا! اڄ ته منھنجا ماما اچندا،
الا! روئندي رڙندي منھنجا ماما نه آيا.
الا! رُڪ جا ڪَليجا، منھنجا رُڪَ جا ڪَليجا،
الا! سنڌ جي سِري تي
الا! ڄايون مَ ڏجان“
مٿي ڏنل سِٽن ۾ تمام سھل لفظن ۾ ڀيڻ پنھنجي ڀاءُ کي چوي ٿي ته ’منھنجا ادا! تون پنھنجي ڌيءُ کي سنڌ جي سرحد تي نه ڏجان. ڪلهه آءٌ سڄو ڏينھن ڪانگن کي اُڏائيندي رھيس. مون کي ڪانگن کي ڏسي ائين لڳو ھو، ڄڻ ته منھنجو اَبو/ ڪاڪو منھنجي گھر ايندو. ڪاش! ھو اچي ھا. آءٌ روئندي رھيس، لُڙڪَ وھائيندي رھيس، پر منھنجو اَبو/ ڪاڪو آيو. ھاڻي ته ائين ٿو لڳي ڄڻ منھنجي دل رُڪَ جي ٿي وئي آھي.“ آخري سِٽ انتھائي دل رنجائيندڙ آھي. ريٻاري ڀيڻ، جنھن جو وھانءُ سنڌ ڪيو ويو آھي، ھوءَ پنھنجي ماءُ پيءُ طرفان ڪوبه نياپو نه ملڻ تي قابلِ برداشت تڪليف جو اظھار ڪري ٿي، ته ھن جي دل ته ھاڻي رُڪَ جھڙي ٿي وئي آھي. رُڪَ، لوهه کي پچائي ٺاھبو آھي. ھن گيت ۾ جتي ’ڪاڪا‘ لفظ استعمال ٿيو آھي، ان جي جاءِ تي چاچا، ماما ۽ ٻين سڳن رشتن جو حوالو ڏيئي، ان گيت کي ڊيگهه ڏني ويندي آھي. ليڪن ھن گيت جي ٺاھڻ واريءَ جو مرڪزي خيال اھو ئي آھي ته:
ادا! سنڌ جي سِري تي
الا! ڄايون مَ ڏجان!“
مطلب ’منھنجا ادا پنھنجي ڌيءُ کي سنڌ جي سرحد/ ڪناري تي نه ڏجان!“. . . . . ان ڪري بار بار ھنن سِٽن کي ورجايو ويو آھي.
ھن گيت ۾ پيڪن جي پيار ۽ انھن جي جدائيءَ جي ڏک کي پر اثر لفظن ۾ بيان ڪيو ويو آھي. پر حقيقت ۾ ھن گيت کي سمجھڻ لاءِ وقت جي چاٻيءَ کي سؤ يا ڏيڍ سؤ سال پويان گھمائڻو پوندو. ان زماني ۾ نه ته فون ھو ۽ نه ئي وري STD ھو. اچڻ وڃڻ لاءِ به ڪي خاص ذريعا نه ھوندا ھئا، ريل به نه ھئي. ان دؤر ۾ 50 ڪلو ميٽر به وڏي ڳالهه ھوندي ھئي. مون کي ان باري ۾ يورپ جي ھڪڙي اسڪالر جي مشڪلات جو مثال ياد اچي رھيو آھي. ھو سُور داس جي شاعريءَ تي تحقيق لاءِ منشي انسٽيٽيوٽ آگري ۾ آيو ھو. ھن کي گوپين جي غمزدگيءَ جي ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي آئي. ھن ھڪڙي ڏينھن ھڪڙي پروفيسر کي چئي ڏنو ”آخر گوپين کي ايڏو رنج ڪرڻ جي ڪھڙي ضرورت ھئي. ڪِرشَڻ مٿرا (1) ئي ته ويو ھو، جيڪو وندراون (بندرابن)(2) کان ڪجهه ڪلوميٽر جي ئي ته فاصلي تي آھي. گوپيون ٻيو ڪٿي ڪرشڻ سان نه ٿي ملي سگھيون ته رستي پنڌ ۾ ڪو ھوٽل يا ريسٽورينٽ ته ھوندو ئي، اتي ئي ملي وٺن ھا.“
ان ئي يورپين اسڪالر وانگر شھرن ۾ رھڻ وارا ريٻاري، ڀيڻ جي تڪليف کي نه سمجھي سگھندا، ڇو ته اڄڪلهه ته ڌيئرون پنھنجي ماءُ پيءُ سان ملڻ لاءِ 100/200 ڪلوميٽر جو فاصلو خود ئي ڪار ھلائي طئي ڪري وٺن ٿيون ۽ جيڪڏھن فاصلو تمام گھڻو آھي ته ڪجهه ڪلاڪن ۾ ھوائي جھاز ذريعي پھچي سگھن ٿيون. ۽ جيتري قدر ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جو سوال آھي ته ان لاءِ STD / فون ذريعي جڏھن چاھين ۽ جيتري دير چاھين ڳالھائي سگھن ٿيون. ان ڪري اسان کي ريٻاري ڀيڻ جي تڪليف کي سمجھڻ لاءِ ان دؤر جي حالتن کي سمجھڻو پوندو. ڪڇ کان سنڌ ۾ پھچڻ لاءِ وچ ۾ رڻ کي پار ڪرڻو پوندو آھي.ان دؤر ۾ فون ۽ STD جو ته سوال ئي ڪونه ھو(3)، ان ڪري ريٻاري ڀينرن لاءِ 50 يا 100 ڪلوميٽر جي دوري تمام وڏي ڳالهه ھوندي ھئي. اُھي مھينن ۽ سالن تائين پنھنجن ماءُ پيءُ ۽ پيڪن جي ٻين فردن کان ڪيئن ڪٽيل رھنديون ھيون، ان جي جھلڪ ھن گيت ۾ چِٽي نظر اچي ٿي. ھونئن به ڪنھن به تخليق کي سمجھڻ لاءِ ان دؤر جي حالتن جو جائزو وٺڻ ضروري ھوندو آھي.
ٿورا:
آءٌ سُوٿري ڳوٺ جي ھيڊ ماسٽر شِري رَوي پيٿاڻيءَ جو تمام گھڻو شُڪرگذار آھيان، جنھن مون کي ريٻارين تائين پھچايو ۽ مٿي ڏنل لوڪ گيتن کي گڏ ڪرڻ ۾ منھنجي مدد ڪئي. جڏھن ته، ”الا! منھنجي ٻڪري ڪير ڏُھي ويو“ پورو رڪارڊ نه ٿي سگھيو. ان جي سموري ذميواري مون تي آھي.
حوالي جو ڪتاب:
ڪلياڻ آڏواڻي ”شاهه جو رسالو“، ھندوستان ڪتاب گھر، بمبئي ڇاپو پھريون، سال 1985ع .
(1) ھڪ مشھور ياترا آستان جو نالو، جتي شِري ڪرشڻ پيدا ٿيو ھو.
(2) مٿرا جي ويجھو ھڪڙي جھنگ جو نالو، جتي گوڪُل مان نند جي ۽ شري ڪرشڻ وغيره سمورا
گوالا (ڳنوار) وڃي آباد ٿيا ھئا.
(3) ھاڻي ته موبائل ( Cellular) اچي ويو آھي.