سنڌي لوڪ گيت- ٻوليءَ جي اوسر

ڪتاب جو نالو سنڌي لوڪ گيت- ٻوليءَ جي اوسر
ليکڪ ڊاڪٽر پرسو جيسارام گدواڻي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-44-4
قيمت 1000    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (684) PDF  E-Pub
انگ اکر

11 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     160723   ڀيرا پڙهيو ويو

ڊاڪٽر پرسو . جي . گدواڻي: تعارف


سنڌ جي شهر دادوءَ ۾، 13 آگسٽ 1937ع تي جنم وٺندڙ ڊاڪٽر پرسو جيسارام گدواڻي، ورهاڱي وقت چوٿون درجو سنڌي، دادوءَ جي پرائمري اسڪول ۾ پڙهندو هو. هن 1947ع ۾ برصغير جي ورهاڱي بعد ڀارت ۾ ڪئمپن جي مشڪل حالتن مان گذرندي، نه رڳو گذر معاش جا وسيلا تلاش ڪيا، پر پنهنجي تعليم به جاري رکي. هن دهلي يونيورسٽيءَ مان 1962ع ۾ هنديءَ ۾ ايم. اي ڪئي ۽ 1966ع ۾ ساگر يونيورسٽيءَ مان هنديءَ ۾ پي. ايڇ. ڊيءَ جي ڊگري حاصل ڪئي. سندس تحقيقي مقالي جو عنوان هو:

A Comparative Study of Hindi and Sindhi Sufi Poets

ڊاڪٽر پرسي گدواڻيءَ، پوني يونيورسٽيءَ مان 1971ع ۾ ايم. اي لسانيات ۾ ڪئي ۽ پوني جي ئي ڊيڪن ڪاليج ۾ 1971ع کان 1986ع تائين لسانيات جو ليڪچرر رهيو ۽ 1986ع کان ڊيڪن ڪاليج پوسٽ گرئجوئيٽ ريسرچ انسٽيٽيوٽ ۾ ريڊر ٿيو، جتان جولاءِ 1996ع ۾ رٽائر ٿيو.ھتي ملازمت دوران ھن سنڌي-انگريزي ڊڪشنريءَ جي Etymology تيار ڪري ڏني، پر بدقسمتيءَ سان اھا ڊڪشنري اڃا تائين شايع نه ٿي سگھي آھي. اميد آھي ته ڊيڪِن ڪاليج جي انتظاميه سندس ٽيھن (30) سالن جي محنت کي ترت ساڀيا جو  روپ ڏيندي.

ڊاڪٽر پرسي گدواڻيءَ جي  ڀارت ۾ سنڌي لوڪ ادب ۽ تھذيب لاءِ تمام وڏي کوجنا ۽ خدمت اھا آھي ته ھُن ڪڇ (گجرات) جي ٻني علائقي مان اھڙن سنڌي رھاڪن (ڪولهين، واڍن، ميگهواڙن، ميراثين، ٺڪرن/ سوڍن، ڀيلن، ٿيٻن، متون ۽ ٻين ذاتين سان واسطو رکندڙن) کي ڳولي لڌو، جيڪي صدين کان اتي آباد هئا ۽ سندن ڳالهه ٻولهه جي زبان سنڌي ۽ ان جا لهجا هئا.

سنڌ جي مٽيءَ سان دلي ڇڪ ۽ سڪ رکندڙ ڊاڪٽر پرسي گدواڻيءَ، نئين دھلي (ڀارت) جي سَنجي ڪالونيءَ جي ”ڀاٽي مائينس“ ۾ سنڌين جي اوڏ ذات جي ماڻھن تي به کوجنا ڪئي آھي ۽ وٽن موجود سنڌي لوڪ ادب  تي ھن ليک لکيا آھن.

يُو.جِي. سِي جي لغت نويسيءَ  (Lexicography) جي ڪيترن ورڪشاپن ۾ ، ڊاڪٽر گدواڻيءَ  Resource  Person  جي حيثيت سان حصو ورتو. ان کان سواءِ سنڌي اڪيڊمي دهليءَ ۽ ساڌو ٽي. ايل واسواڻي ٽرسٽ پاران سنڌي استادن جي تربيتي ڪورس ‘Let’s Learn Sindhi’ ۾ به سندس وڏو ڪردار رهيو آهي. هن جا ڪيترائي ريسرچ پيپر ۽ ڪتاب سنڌيءَ توڙي انگريزيءَ ۾ ڇپجي مقبوليت حاصل ڪري چڪا آھن.

ڊاڪٽر پرسي گدواڻيءَ جي ادبي پورهئي جو ڪجهه تفصيل هيٺ ڏجي ٿو:

(1) شاهه جو شعر (1973ع)،  (2) سنڌيءَ جا ٽيهه سال (1979ع)، (3) سنڌي ٻوليءَ جي زيارت (1989ع)، (4) ڳيچ/ ڳيجهه (1990ع)، (5) ڳُجهارتون: لالجي همٿوجي سوٽهڙ سان گڏ لکيل (1990ع)، (6)سنڌي لوڪ ورثو (1992ع)،  (7) اچو ته سنڌي سکون (1997ع)،(8) سنڌي اپ ڀاشائن جا چونڊ لفظ (1999ع).

  • Smilarities in Sindhi and Dravidian Languages (lecture) 1996, Sindhi Academy Delhi.
  • Let’s Learn Sindhi (1998), Second Edition 2000, Prem Advani Friends Circle, Pune.
  • Glimpses of Sindhi Language (2003), Sindhu Publication New Delhi.

سنڌي ٻوليءَ جي هن نامياري عالم ڊاڪٽر پرسي گدواڻيءَ 24 نومبر 2004ع تي لاڏاڻو ڪيو.

 
 

حيدرآباد، سنڌ

2010/05/18

 

 

تاج جويو