سنڌي لوڪ گيت- ٻوليءَ جي اوسر

ڪتاب جو نالو سنڌي لوڪ گيت- ٻوليءَ جي اوسر
ليکڪ ڊاڪٽر پرسو جيسارام گدواڻي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-44-4
قيمت 1000    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (684) PDF  E-Pub
انگ اکر

11 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     160727   ڀيرا پڙهيو ويو

ناشر پاران


سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافيءَ تي کوجنا ڪجي ته ان جون سرحدون سنڌ جي موجوده سرحدن کان گهڻيون وسيع ۽ ويڪريون آهن، نه صرف پاڪستان اندر بلوچستان، پنجاب جي سرائڪي پٽيءَ وغيره ۾ ان جو واهپو يا اثر موجود آهي، پر پاڪستان کان ٻاهر ايران توڙي هندستان ۾ ان جا چٽا پٽا لهجا ڳالهايا وڃن ٿا. هندستان جي سرحد اندر ڪڇ جو علائقو سنڌ جي ٿر ۽ لاڙ سان زميني توڙي لساني ۽ ثقافتيءَ طرح سان جَڙيو ۽ جُڙيو پيو آهي. انهيءَ ڳالهه کي محسوس ڪندي اسان جو خيال آهي ته جتي اسين سنڌ جي سرحدن اندر سنڌي ٻوليءَ جي استعمال، لهجن ۽ محاورن جو اڀياس ڪريون ٿا، اتي سرحدن کان ٻاهر ڳالهائجندڙ سنڌيءَ تي به ضرور تحقيق ڪريون ۽ نه صرف ٻوليءَ ۽ لهجن وغيره جو فرق معلوم ڪريون، پر اتان جي ادب ۽ ثقافت تي سنڌي اثر کي واضح ڪريون ۽ سنڌي ٻوليءَ  جي سرمايي ۽ وسعت ۾ واڌارو ڪريون.

          انهيءَ مقصد کي سامهون رکي هن وقت هندستان ۾ سنڌي ٻوليءَ جي صورتحال ۽ خاص ڪري ڪڇ جي علائقي اندر سنڌي توڙي سنڌيءَ جي ڪڇي لهجي ۾ ڇپيل لوڪ ادب ۽ لوڪ گيتن تي نظر وجهڻ لاءِ نامور عالم ڊاڪٽر پرسي گدواڻيءَ جو هي ڪتاب ”سنڌي لوڪ گيت- سنڌي ٻوليءَ جي اوسر“ شايع ڪري رهيا آهيون، جنهن سان سنڌي ٻوليءَ ۾ رچيل لوڪ گيتن جي ڦهلاءَ ۽ مختلف روايتن بابت ڄاڻ ملي ٿي. اسان کي اميد آهي ته سنڌ جي اندر توڙي سنڌ کان ٻاهر سنڌي ٻوليءَ جي واڌ ويجهه ۾ دلچسپي رکندڙ پڙهندڙن کي هي ڪتاب پسند ايندو ۽ هو ان مان ڄاڻ ۽ لطف پڻ حاصل ڪندا.

          هن ڪتاب ”سنڌي لوڪ گيت“ جي سهيڙ ڊاڪٽر پرسي گدواڻيءَ جي لائق نياڻيءَ ڊاڪٽر چارو گدواڻيءَ ڪئي آهي، جنهن پنهنجي والد جي هن پورهيي کي سنڌيءَ (ديوناگري لپيءَ) ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو هو، جيئن ئي هن ڪتاب جي ڪاپي محترم تاج جويي کي پهتي ته هن منهنجي مطالعي لاءِ موڪلي ڏني ۽ مون کي ”سنڌي لوڪ گيتن“ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي اوسر جي ڏس ۾ هي ڪتاب اهميت وارو لڳو. جڏهن مون هن ڪتاب جي لپيءَ جي تبديليءَ جي ڳالهه، اداري جي هڪ ڪارڪن پارسا رضويءَ سان ڪئي جيڪا ديوناگري لپي ڄاڻي ٿي، ته هن نه رڳو ان کي موجوده سنڌي (عربيءَ لپيءَ) ۾ الٿائڻ جي حامي ڀري، پر ان کي ڪمپوز ڪري ڏيڻ جو به واعدو ڪيو. ائين هي سنڌي لوڪ ادب جو لاڀائتو ڪتاب، موجوده سنڌي لپيءَ (عربي لپيءَ) ۾ پيش ڪندي خوشي محسوس ڪجي ٿي.

 
 

12 مارچ، 2010ع

حيدرآباد، سنڌ

 

 

 

ڊاڪٽر فهميده حسين

چيئرپرسن

سنڌي لئنگئيج اٿارٽي