سنڌي لوڪ گيت- ٻوليءَ جي اوسر

ڪتاب جو نالو سنڌي لوڪ گيت- ٻوليءَ جي اوسر
ليکڪ ڊاڪٽر پرسو جيسارام گدواڻي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-44-4
قيمت 1000    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (685) PDF  E-Pub
انگ اکر

11 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     160835   ڀيرا پڙهيو ويو

جتن جا لوڪ گيت


ڪڇ جي ٻين ڳوٺن ۽ شھرن ۾ جت برادري رھندي آھي. ڪڇ جي ٻنيءَ علائقي ۾ انھن جا ڪيترائي ڳوٺ آھن. ھتي جا سڀئي جت چوپايو مال ڌارڻ جو ڪم ڪندا آھن. ڪڇ ۾ رھڻ وارا جَتَ نج سنڌي ٻولي ڳالھائيندا آھن. درحقيقت ٻنيءَ ۾ رھڻ وارا جڏھن ”ڀُڄ“، ”نَکتِراڻا“ وغيره ھنڌن ڏانھن ويندا آھن ته انھن کي ”سنڌي“ ئي چيو ويندو آھي. ھي ڀارت جي ورھاڱي وقت ڀارت جي سرحد اندر ھئڻ ڪري ڀارتي رھواسي ليکيا وڃن ٿا. ٻنيءَ جا جت تمام گھڻا روايتي ۽ پڪا آھن. موھن جي دڙي جي کوٽائيءَ مان حاصل ٿيل دنيا جو قديم ساز ”بوڙينڊو“ ھزارن سالن کان ٻنيءَ ۾ وڄايو پيو وڃي. اڄ به ”لوڻان“ ڳوٺ ۾ موسيٰ جت ”بوڙينڊو“ ٺاھڻ جو ماھر ته آھي ئي، پر ان سان گڏو گڏ ھو اُن ساز تي سنڌ جي عظيم شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جا 33 ئي سُر وڄائي سگھي ٿو. ٻنيءَ ۾ ويھين صدي عيسويءَ ۾ سٺا سٺا شاعر به ٿي گذريا آھن، جن ۾ ”چڱو جت“ ڪافي مشھور آھي. ھن وقت به حاجي سليمان ۽ حاجي جھُلڻ سٺا شاعر آھن. حاجي سليمان جا ٻه شعري مجموعا گجرات سنڌي اڪيڊميءَ پاران شايع ٿي چڪا آھن.

 ڪڇ ۾ جتن جي  آبادي ڪيتري آھي، ان بابت ڪجهه چوڻ مشڪل آھي. پر جتن جو خود چوڻ آھي ته ڪڇ ۾ سندن آبادي لڳ ڀڳ ھڪ لک آھي. ٻنيءَ جي جتن جي جيڪا ڳالهه مون کي ڪافي پرڪشش لڳندي آھي، اھا آھي سندن سنڌي تھذيب جي ڪيترن ئي رُخن سان لڳاءُ جھڙوڪ: بوڙينڊو، چنگ، ڪاني ۽ پاوا وغيره، جن کي جتن اڃا تائين سنڀالي رکيو آھي. ان کان سواءِ انھن سنڌي لوڪ گيتن جي به ھر قسم کي سنڀالي رکيو آھي، جھڙوڪ: ڳجھارت، بيت، ڪافي، ڏور، ٽيهه راتيون، مھينا، ھفتا ڏينھن وغيره، جن کي ڪنھن به ڳوٺ ۾ وڃڻ وقت رات جو ڪچھري ۾ ٻڌي سگھجي ٿو. اڄ به سنڌي لوڪ ادب جي داستانن جي (سورمن ۽ سورمين) کان جتن جو ٻار ٻار چڱيءَ ريت واقف آھي. جتن جي اڪثريت پڙھيل لکيل ڪانھي پوءِ به ھو سنڌ تھذيب ۽ سنڌي جي تاريخ کان واقف آھن. اھوئي ڪارڻ آھي جو جڏھن به آءٌ انھن جي ڳوٺن  ۾ رھندو ھئس ته مون کي سندن مائرن ۽ ڀينرن جا ڳايل گيت گڏ ڪرڻ جي شديد خواھش رھندي ھئي. مون سندن وھانءُ جا گيت سھيڙيا، جن کي گجرات سنڌي اڪيڊميءَ پاران ڇپايو ويو آھي.

ھتي جتن جي وھانءَ –گيتن جو تفصيل پيش ڪيو ويو آھي. جتن جي ٻوليءَ ۾ وھانءُ گيت کي ”ڳيجهه“ (ڳيچ) چيو ويندو آھي. ’ڳيجهه‘ لفظ درحقيقت سنسڪرت ٻوليءَ جي لفظ ”گيت“ مان نڪتو آھي ڪڇ جي ڪيترن ئي مسلمانن جاتين ۾ ان سان ملندڙ لفظ ملن ٿا. سومرا وھانءَ-گيتن کي ”گيت“ چوندا آھن. سَما ۽ ڪجهه ٻيون ذاتيون ان کي ”ڳيچ“ چونديون آھن. ڪڇ ۾ ھندو، سوڍا وھانءَ گيتن کي ”گيت“ چوندا آھن.  جتن جا ’ڳيچ‘ خوشيءِ کي ظاھر ڪرڻ جا گيت آھن. جن مان انھن گيتن کي رچيندڙ جو ڪٿي به نالو نشان نه ٿو ملي. انھن کي ڪڏھن رچيو ويو. ان جو پتو ڪنھن کي به ڪونھي. پڇڻ تي ھميشه اھوئي جواب ملندو ھو ته، ”ھي ته نڪاح جي وقت سالن کان ائين ئي ڳائبا پيا اچن“. پر ان ڳالهه جي گواھي سڀ ڏئي رھيا ھئا ته، ڳيجھن تي عورت ذات جوئي قبضو آھي ۽ مردن کي انھن ۾ ليئي پائڻ  جي اجازت به ناھي . نڪاح وقت جتن جون عورتون ”ڳيچ“ ڳائينديون  آھن ته مرد وري ”مولود“ ڳائيندا آھن. مولود دراصل حضرت محمد ،مصطفيٰ صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن جي تعريف ۾ ڳايل گيت ھوندا آھن. ھيٺ ڳيجھن جي انيڪ رُخن تي روشني وجھڻ جي ڪوشش ڪجي ٿي:

  1. 1. ڀيڻ جو ڀاءُ سان پيار:

ڀيڻ ڀاءُ جو پيار پاڪ محبت جو رشتو مڃيو ويندو آھي. ڀاءُ جي وھانءَ مھل ڀيڻ کي ڪيڏي خوشي ٿيندي آھي. ان جو علم سڀنيءَ کي ھوندو، ڇو ته  ڀارت جي ھرھڪ ٻولي ان نموني جي لوڪ گيتن سان ڀري پئي آھي. جتن جي گيتن ۾ به اھڙو ئي ھڪ گيت آھن جنھن ۾ ڀيڻ چوندي آھي، ”مان پنھنجي ڀاءُ جي وھانءَ ۾ جھانجھر ڇونه پايان، منھنجي ڀاءُ کي ميندي لڳائي پئي وڃي. مان کھنبي رنگ جا ڪپڙا ڇو نه پھريان، منھنجي ڀاءُ کي ميندي لڳائي پيئي وڃي. اھڙي وقت تي آءٌ گلي ۾ ھار ڇو نه پايان.“ھي گيت سنڌيءَ ۾ ھن نموني چيو ويندو آھي.

”سوڍل کي ميندي ٿي ملجي......“

ادا جي شاديءَ ۾ جھانجھر ڇو نه پايان،

واهه واهه سوڍل کي ميندي ٿي ملجي!

دادا جي شاديءَ ۾ کھنبا ڇو نه پايان

واهه واهه سوڍل کي ميندي ٿي ملجي!

ڀاءُ جي شاديءَ ۾ دھُري ڇو نه پايان

منھنجي سوڍل کي ميندي ٿي ملجي!

منھنجي ادل کي ميندي ٿي ملجي!

مٿي ڄاڻايل لوڪ گيت ۾ اڳتي ڀيڻ پنھنجي خوشيءِ کي ظاھر ڪندي چوي ٿي ته ھوءَ پنھنجي ڀاءُ جي شاديءَ ۾ ڪيترن سارن ماڻھن کي سَڏ ڏيندي ھوءَ موتي ۽ جواھر ”گھور“ ۾ ڏيندي. (گھور جو مطلب اڳتي سمجھايل آھي) ايترو ئي نه، جنھن سيج تي سندس ڀاءُ ويھندو اھا به ھيرن ۽ موتين سان جڙيل ھوندي.

گھوٽ گھوڙي تي چڙھيو:

سنڌ ۾ اھڙي رسم ھئي ته گھوٽ وِھانءَ وقت گھوڙي تي  ويھي ڪنوار جي گھر ويندو ھو. اڄ ڪلهه شھرن ۾ اھا رسم ختم ٿي ويئي آھي. ليڪن جتن ۾ اھا رسم اڃا تائين ھلندي اچي. ان جو ذڪر ھيٺ ڏنل لوڪ گيت ۾ ڪجي ٿو:

”گھوٽ چڙھيو گھوڙي“

”گھوٽ چڙھيو گھوڙي!

ڄاڃي ڄام پُنھل  جا

گھوٽ چڙھيو گھوڙي

گھوڙو منھنجي گھوٽ جو

نچيو ناز ڪري

گھوٽ چڙھيو گھوڙي!

اديون گھوٽ چڙھيو گھوڙي

ماڻڪ اڇلايان مينھن جيان

موتين ٿالهه ڀري!

گھوٽ چڙھيو گھوڙي!

اديون گھوٽ چڙھيو گھوڙي

جيءُ منھنجي راڻل کي

سنھڙي سيج سَري

”گھوٽ چڙھيو گھوڙي!

اديون گھوٽ چڙھيو گھوڙي“

  1. ھلڪا کھنبا ڪپڙا پائڻ:

سنڌي ھندُن ۽ مسلمانن ۾ وھانءَ جي موقعي تي ھلڪي کھنبي ڳاڙھي رنگ جا ڪپڙا پھرڻ ڪافي مبارڪ سوڻ سمجھيو ويندو آھي، جتن ۾ به ان طرح جي رسم آھي. ان جو ذڪر ھيٺئين گيت ۾ ٿيل آھي.

”کُھنبا ادل جا

سيوھڻ مان ٿي آيا

کُھِنبَن جوڙ بنائي

رب اڱڻ وسائي“!

  1. سَھرو ٻڌڻ:

سنڌي ھندو وھانءَ ۾ سھرو (موڙ ) ٻڌڻ لازمي سمجھندا آھن. جتن جي ٻوليءَ ۾ سھري کي ”موڙ“ چوندا آھن ۽ وھانءَ جي وقت جتن ۾ صرف گھوٽ ئي ”موڙ“ ٻڌندو آھي ان جو ذڪر ڪيترن ئي لوڪ گيتن ۾ ملي ٿو.

ھتي ھڪ مثال ڏسو:

”منھنجا ننڍڙا لاڏا

تنھنجي موڙ تان قربان وڃان“

موڙ تي قربان ٿيڻ، ڀيڻ جي خوشيءِ جي اظھار جو بھترين مثال آھي.

  1. ميندي آڻڻ:

وِھانءَ جي وقت سنڌي ھندن ۾ گھوٽ کي ميندي ھڻڻ جي رسم ڪانه ٿيندي آھي، پر سنڌ جي ڪافي مسلمان ذاتين ۾ گھوٽ کي ميندي ھڻڻ جي رسم ھئي، (۽ آھي) جتن ۾ اڄ به اھا رسم رائج آھي. ۽ جتن جي ان رسم جي خاص ڳالهه اھا آھي ته گھوٽ جا ڀائر، چاچا، ماما، ڀينرون وغيره ميندي ٺاھي کڻي ايندا آھن ۽ گھوٽ کي ھڻندا آھن. ان ڳالهه جو ذڪر ھيٺ ڏنل لوڪ گيت ۾ واضح نظر اچي ٿو:

”ميندي ادل جي ڀائرن آندي

لائينم لال ملوڪ

لائينم خان ملوڪ!

ميندي ادل جي ڪاڪن آندي

لائينم لال ملوڪ

لائينم خان ملوڪ!

ميندي ادل جي مامن آندي

لائينم لال ملوڪ

لائينم خان ملوڪ

ميندي ادل جي ڀيڻن آندي

لائينم لال ملوڪ

لائينم خان ملوڪ

ميندي ادل جي راڄن آندي

لائينم لال ملوڪ

لائينم خان ملوڪ“

  1. گھور:

سنڌين ۾ گھور جي رسم سنڌ جي ھندن ۽ مسلمانن ٻنھي ۾ ھلندڙ ھئي. خوشيءِ جي موقعي تي گھوٽ جا مائٽ پئسن کي گھوٽ جي سِر تان گھمائي حجام يا دھل وڄائيندڙ مڱڻھار کي ڏيندا آھن ۽ ان طريقي سان پنھنجي خوشيءِ جو اظھار ڪندا آھن:

”منھنجي ادل تان گھور گھوريان

اديون ادل تان گھور گھوريان

گھور گھوريان، ماڻڪ ورھايان

اديون ادل تان گھور گھوريان

آءٌ ته پنھنجي راڻل لاءِ راڄ گھرايان

اديون ادل تان گھور گھوريان

ڏاج سھڻل جو سڀ کي ڏيکاريان

اديون ادل تان گھور گھوريان

ڪونج ڪنوار تنھن کي آءٌ پرڻايان

اديون ادل تان گھور گھوريان

سندس گاديءَ تي موتي مڙھايان

اديون ادل تان گھور گھوريان“

 

ھڪ ٻئي لوڪ گيت ۾ ڀيڻ چوي ٿي ته ھوءَ ته پنھنجي ڀاءُ يعني گھوٽ تان موتين کي گھوريندي!

”ادل تان گھور گھوريان

منھنجي ادل تان گھور گھوريان

اديون ادل تان گھور گھوريان

گھور گھوريان، ماڻڪ ورھايان

اديون ادل تان گھور گھوريان“!

  1. ڄڃ:

پراڻي زماني ۾ ننڍڙا ڳوٺ ۽ شھر ھوندا ھئا، ان ڪري اھڙي رسم ھئي ته گھوٽ گھوڙي تي ويھندو ھو ۽ ڄاڃي ان جي پويان ھلندا ھئا. اڪثر سڄي ڳوٺ يا شھر جو چڪر (سرگس) لڳايو ويندو ھو. ان جو ذڪر ڏاڍو سھڻي نموني ھيٺئين وھانءَ جي لوڪ گيت ۾ ڪيو ويو آھي:

”ڄڃ آئي ڙي بنا“

ڄڃ آئي ڙي بنا

ڪوٽ برابر ڄڃ آئي

ڄڃ آئي ڙي بنا!

تنھنجي شھر برابر ڄڃ آئي

ڪوٽ برابر ڄڃ آئي

ڄڃ آئي ڙي بنا

تنھنجي باغ برابر ڄڃ آئي

ڪوٽ برابر ڄڃ آئي

ڄڃ آئي ڙي بنا

تنھنجي محل برابر ڄڃ آئي

ڪوٽ برابر ڄڃ آئي

ڄڃ آئي ڙي بنا

تنھنجي سيج برابر ڄڃ آئي

ڪوٽ برابر ڄڃ آئي

ڄڃ آئي ڙي بنا“!

ھن لوڪ گيت ۾ ڪافي سٺيءَ طرح ڄڃ جو ھڪ ھڪ ھنڌ تان گذرڻ ٻڌايو ويو آھي.

  1. سمھڻ جو پلنگ:

سنڌيءَ ۾ جتي گھوٽ ڪنوار پنھنجي شادي جي پھرين رات گذاريندا آھن، ان کي ”سيج“ چيو ويندو آھي. ليڪن جتن جي ٻوليءَ ۾ ان کي ”سيڄ“ ڪوٺبو آھي. ھي گيت ڏسون ٿا:

جُھوجھا ڀائُر لاڏي جا

سوني سيڄ ماڻيندو،

نياڻيون     گھُرائيندو،

ھندوري        ۾        لُڏندو

کُھنبا گھرائيندو

سوني سيڄ ماڻيندو،

نياڻيون گھُرائيندو،

ايندا ڀائر سوڍل جا

سوني سيڄ ماڻيندو،

نياڻيون گھُرائيندو،

ھندوري ۾ لُڏندو“!

ھتي سوني پلنگ جي خواھش ڪئي وئي آھي. وِھانءَ جھڙي موقعي تي اھڙي خواھش ڪرڻ ڪا وڏي ڳالهه نه آھي. ھونئن به وھانءَ جي موقعي تي اھڙي ئي اميد ڪئي ويندي آھي ته گھوٽ ڪنوار جي زندگي خوشگوار ۽ خوشحال ٿئي. سوني پلنگ جي خواھش جو تعلق گھوٽ ڪنوار جي سدائين دولتمند ۽ سٺي حال ۾ رھڻ سان آھي.

  1. وگھي ماڻڻ:

سنڌي ٻوليءَ ۾ ”وگھي ماڻڻ“ ھڪڙو محاورو آھي، جنھن جي معنيٰ آھي ته گھوٽ ڪنوار ازدواجي زندگيءَ جو پورو پورو مزو وٺن ۽ ھميشه سکي رھن. سنڌي ھندو ”وگھي ماڻڻ“ کي ”وني ماڻڻ“ چوندا آھن. ”وگھي ماڻڻ“ بابت الاھي پيارو وھانءُ گيت آھي:

”کڻي نيڻ نازڪ لاڏو وگھين ماڻي

لاڏو سدا وگھي ماڻي

وگھيءَ جو شان اڄ لاڏو

لاڏو سدا وگھين ماڻي

بينسري جوڙايم گھوٽ لاءِ

بينسري جو شان اڄ لاڏو

لاڏو سدا وگھي ماڻي

پڳ ٻڌايم سوڍل کي

پڳ تنھنجو شان اڄ

لاڏو سدا وگھين ماڻي“

  1. رخصتي:

ڌيءَ جي وھانءَ جي آخري گھڙين ۾ ٿيندي آھي ان جي رخصتي. ڌيءَ جي رخصتي ته ڀارت جي ڪيترن ئي سماجن ۽ فرقن ۾ دل کي ڇھندڙ ٿيندي آھي. ھيٺ رخصتيءَ جي لوڪ گيت ۾ دل ڏکائيندڙ لفظن ۾ ڀيڻ جي ڀاءُ، ماءُ ۽ ٻين پيارن کان جدائيءَ جو ذڪر ڪيو ويو آھي:

”ڌيءَ وڃي ٿي پرديس،

مائٽ ڏيو ڌيءَ کي موڪل!

لاڏي وڃي ٿي پرديس

ڀائر ڏيو ڀيڻ کي موڪل!

ڪنوار وڃي ٿي پرديس

اديون ڏيو ڀيڻ کي موڪل

وڃي سک ماڻي ساھوري

جيجل ڏي ڌيءُ کي موڪل!

وڃي پنھنجو اڱڻ وسائي

ادل ڏي ڌيءُ کي موڪل!“

مٿي تمام سولن لفظن ۾ سڀني مٽن مائٽن سان وِداڪيءَ جي ڳالهه ڪئي وئي آھي. ھن گيت جي ھڪڙي سِٽ ”وڃي سُک ماڻي ساھوري“ مان جتي ڪنوار کي سُک ملڻ جي نيڪ تمنا ظاھر ٿئي ٿي، اتي ئي ان سان گڏ ٿوري خوف جي جھلڪ به ملي ٿي. ان کان پوءِ واري سِٽ ۾ ”وڃي پنھنجو اڱڻ وسائي“ ۾ ھڪڙي طرح سان نيڪ خواھش ڪئي وئي آھي ته ڪنوار وڃي پنھنجو اڱڻ آباد ڪري. حقيقت ۾ اھائي ته ماءُ پيءُ، ڀاءُ ڀيڻ ۽ ٻين سڳن مائٽن جي دلي آرزو ھوندي آھي ته انھن جي لاڏلي ساھرن ۾ وڃي سُکي ٿئي.

  1. لاکيڻي لوئي:

”ھيءَ منھنجي لاکيڻي لوئي“ . ھن گيت جي باري ۾ مون کي چيو ويو ته ھيءُ گيت به وھانءَ وقت ئي ڳايو ويندو آھي. اچو ته پھريان ھن گيت کي ڏسون:

”ھيءَ منھنجي لاکيڻي لوئي

مارُو تو رات رڱائي لوئي

لوئيءَ جو ملهه ناھي ڪو مَٽ

مارُو تو رات رڱائي لوئي!

ھيءَ منھنجي لاکيڻي لوئي!

رڱ واري رڱي ڪتڻ واري ڪتي

لاک نه مٽايو رنگ

مارُو تو رات رڱائي لوئي

پنجن سَوَن جو پٽورو

لــک وڪــاڻــي لــوئــي

مارُو تو رات رڱائي لوئي

ھيءَ منھنجي لاکيڻي لوئي

ھئي تنھنجي ڀر ۾ لوئي

مارُو تنھنجي ڀر ۾  لوئي

ھيءَ منھنجي لاکيڻي لوئي

مارُو تو رات رڱائي لوئي

ھيءَ منھنجي لاکيڻي لوئي“!

مٿي ڏنل لوڪ گيت ۾ ”لوئي“ يعني ”شال“ لفظ کي علامت طور استعمال ڪيو ويو آھي. دراصل سنڌ ۽ ڪڇ ۾ ريٻاري ۽ ٻين ڪڇ جي جاتين جون پرڻيل عورتون لوئي پائينديون آھن. سنڌ ۾ اھو مڃيو ويندو آھي ته لوئي پرڻيل عورت جي پاڪيزگي جو تحفظ آھي. ان کي ”لوئيءَ جي لڄ“ چيو ويندو آھي. ان ئي گيت م لکن مَٽ لوئيءَ جو استعمال ٿيو آھي. عورت چوندي آھي ته جيڪا لکن جو مَٽ لوئي مون کي منھنجي مُڙس  رات جو رڱائي ڏني آھي، ان جو ملهه ڪنھن به قيمت برابر ڪونه آھي، جيتوڻيڪ ان جو ملهه پنج سؤ ھوندو، پر ان جي حقيقي قيمت لکن کان به وڌيڪ آھي. يعني لکن سان به ان جو مقابلو ناھي. سندس مڙس کيس شاديءَ جي رات جيڪا ”لاکيڻي لوئي“ ڏني آھي، ان کي ڪنھن مُلهه سان نٿو ڀيٽي سگھجي. آخرين ٻن سِٽن ۾ ھوءَ چوي ٿي ته اھا لوئي کيس پنھنجي مُڙس سان گڏ رھڻ ڪري حاصل ٿي آھي.

ھيءَ  ”لاکيڻي لوئي“ دراصل عورت جو پنھنجي مڙس سان پاڪيزگي ۽ ان ڏانھن ٿيندڙ فرضن کي نڀائڻ واري رشتي جي علامت آھي. ان سان  سچائي، ايمانداري ۽ بي داغ زندگي گذارڻ واري عورت جي پُختي ارادي ۽ مضبوط يقين جي نشاني آھي اھا ”لاکيڻي لوئي“. انھن ئي احساسن جو خوبصورت تذڪرو ھن لوڪ گيت ۾ تمام سھڻن ۽ موزون لفظن ۾ ڪيو ويو آھي.

  1. سنڌ جي شھرن جو ذڪر:

ٻني ڪڇ ضلعي ۾ اچي ٿي ۽ ملڪي زاويي جي لحاظ کان ڪڇ ڪڏھن به گجرات سان ڳنڍيل نه رھيو ھو. اھو ھميشه سنڌ جو ئي حصو رھيو آھي. تھذيبي نقطئه نگاهه سان به ڪڇ جي سڄي علائقي جو سنڌ سان ئي تعلق رھيو آھي. خاص طور ٻني علائقي جا تجارتي لاڳاپا سنڌ سان ئي ڳنڍيل آھن. ڀارت ۽ پاڪستان جي ورھاڱي تائين ٻنيءَ جي ماڻھن ڀُڃ به نه ڏٺو ھو. اھو مون کي ٻنيءَ جي گھڻن ئي بزرگن ٻڌايو.ان ڪري جَتن جي گيتن ۾ سنڌ جي شھرن ۽ علائقن جو ذڪر آھي ۽ ڪٿي به ڪڇ جي ڪنھن شھر جو نالو نه آندو ويو آھي. مثلاً:   ھيٺيون سٽون ڏسو، جن ۾ ڪيترن ئي شھرن جا نالا ورتا ويا آھن:

”دھريون ادل جون لاڙڪاڻئون گھرايان“

يا

”موڙ ادل جا سيوھڻئون گھرايان“

يا

دھريون ادل جون لاڙئون گھرايان“

يا

ننڍڙا نه وڃ لاڙ“!

 

مٿي لاڙڪاڻي ۽ سيوھڻ شھرن جو ذڪر ڪيو ويو آھي، جيڪي ان وقت (هن وقت به) جا مکيه شھر ھئا. سنڌ جو ھڪڙو  اھڙو به علائقو آھي، جتي ٻنيءَ جي جتن جا وڏا وڏا قافلا ويندا ھئا ۽ اھو آھي لاڙ جو بدين شھر. بدين 1946ع کان پھرين تمام وڏو واپاري مرڪز ھو، جتي ٻنيءَ جا جت اصلي گيهه وڪڻي پنھنجي ضرورت جون شيون خريد ڪندا ھئا. ھاڻي ته      35-40  سالن کان لاڙڪاڻي وڃڻ ممڪن ئي نه رھيو آھي ۽ ھاڻي ٻنيءَ جو واپار ڀُڄ ۽ نکتراڻا سان ئي ٿيندو آھي، پر جتن جي وِھانءَ گيتن ۾ ڪابه تبديلي نه ڏٺي ويئي آھي.

ڳجھارت:

ڪڇ جا سنڌي ڳوٺ يعني اھي ڳوٺ جتي رھڻ وارا سنڌي ٻولي ڳالھائيندا آھن، انھن ۾ اڄ به سنڌي تھذيب جيئن جو تيئن موجود آھي . اھائي سنڌ واري رھڻي ڪھڻي، اھي ئي ريتون رسمون ۽ اھو ئي ساڳيو شان مان اڄ به ٻنيءَ جي ڳوٺ ۾ ڏٺو وڃي ٿو. لوڪ ادب  جي ميدان ۾ ٻني سنڌ کان به وڌيڪ پنھنجي مٽيءَ سان جڙيل آھي. اھو آءٌ ان آڌار تي چئي رھيو آھيان، جڏھن منھنجون ٻنيءَ جي لوڪ تھذيب جي ڪيترن ئي رُخن تي لکڻيون، سنڌ جي ماھوار رسالن ۾ ڇپيون، تڏھن سنڌ جي ڪيترن ئي دانشورن ۽ عالمن مون کي چيو ته سنڌ جو تھذيبي ورثو سنڌ ۾ ھاڻي آخري پساھن ۾  آھي، پر ٻنيءَ ۾ اڄ به ڪيئي شيون جيئن جو تيئن زنده آھن. انھن سڀني ۾ مکيه آھي ”ڳجھارت“. گذريل 25 سالن کان آءٌ جڏھن به ٻنيءَ ويندو آھيان ته سموري رات ڳجھارتن جا دور ھلندا آھن. 1990ع ۾ منھنجي ۽ شري لالجي ھِمٿوجيءَ جي پاران گڏ ڪيل ڳجھارتن جو چونڊ مجموعو، گجرات سنڌي اڪيڊميءَ پاران ڇپيو ھو. سنڌي لوڪ ادب جي ھن اھم صنف  (Gender) ڳجهارت تي ھتي روشني وڌي وڃي ٿي:

ڳجھارت- ھڪ زباني فن:

ڳجھارت اصل ۾ زباني ادب جو حصو آھي. ھونئن ته لوڪ ادب زباني ئي ھوندو آھي، پر لوڪ ادب جي ٻين صنفن ۽ ڳجھارت ۾ تمام گھڻو تفاوت آھي. لوڪ ادب جي بيتن، ھفتن، ڏينھن، مھينن يا ٽيهه  راتين ۾ ھڪڙو پيش ڪرڻ وارو ھوندو آھي. ان کي اسان ھڪ طرفي ڪارڪردگي مڃي سگھون ٿا. ٻيو اھم فرق اھو آھي ته ڳجھارت کان سواءِ لوڪ ادب جي ٻين صنفن کي ڪتاب جي صورت ۾ شايع ڪيو وڃي ته ڪتاب پڙھي به مزو   وٺي سگھجي ٿو. اڄ جي دؤر جي ٽيڪنيڪ مان فائدو وٺندي مٿي بيان ڪيل سڀني صنفن جون آڊيو وڊيو ڪيسٽون تيار ڪيون وڃن ته انھن کي ٻڌي ۽ ڏسي ڀرپور مزو وٺي سگھجي ٿو. پر ڳجھارت ۾  اھو ممڪن ناھي ڇا جي ڪري جو ڳجھارت ھڪ طرفي ڪارڪردگي ناھي. ان ۾ ڳجھارت پيش ڪرڻ وارو ھڪڙو ماڻھو ھوندو آھي. پر اتي موجود ٻيا ماڻھو فقط ٻُڌڻ وارا نه ھوندا آھن، بلڪِ انھن مان ڪيترا پاڻ ئي ڳجھارت جو حل ڪڍڻ ۾ وڏو ڀاڳ (حصو) وٺندا آھن. جڏھن ڳجھارت اتي جي ماڻھن جي سامھون پيش ڪئي ويندي آھي ته اھا سڀني ماڻھن جي ملڪيت ٺھي ويندي آھي ۽ ڪو به ان جو حل ڳولي سگھندو آھي. دراصل اتي موجود سڀئي ڄڻا ڳجھارت ٻڌندي ئي ان جو حل ڳولڻ ۾ لڳي ويندا آھن ۽ ھر ڪو اھو ئي چاھيندو آھي ته پھرين اھو ئي حل ڳولي وٺي، خود حصي وٺڻ وارو. ھي عمل ڳجھارت تي لکيل ڪتاب پڙھڻ سان ممڪن نه آھي. نه ئي وري ان جو مزو ڳجھارت جي آڊيو ٻڌڻ يا وڊيو ڏسڻ سان ملي سگھي ٿو. ان جي ڪري ڳجھارت جو اصل مزو ڪچھريءَ ۾ ويھي ڳجھارت پيش ڪرڻ ۾ ۽ حل ڳولڻ ۾ ئي آھي. ان ڪري ئي ڳجھارت لوڪ ادب ۾ ھڪ خاص مقام رکي ٿي.

ڳجھارت ۽ برابريءَ جو تصور:

ڳجھارت جي پيش ڪرڻ ۽ ان کي ڀُڃڻ يا حل ڪرڻ جي طريقه ڪار ۾ مون جيڪا سڀ کان وڏي خوبي ڏٺي، سا آھي برابريءَ ۽ مساوات جي جھلڪ. ڳجھارت کي پيش ڪرڻ ۽ ان جي حل ڳولڻ لاءِ ڪنھن به مذھب، جاتيءَ عمر ۽ عھدي جي فرق جو ڪو سوال ئي نٿو پيدا ٿئي. اتي موجود ھر انسان کي ھڪ جيترو حق حاصل ھوندو آھي. جنھن سماجي برابري لاءِ اڄ جي روزاني اخبارن ۽ رسالن ۾ گھڻو ڪجهه لکيو ويندو آھي. اھا سماجي برابري ڳجھارت ۾ ڪيترين ئي صدين کان ھلندي پئي اچي. ڳجھارت جڏھن پيش ڪئي ويندي آھي تڏھن ائين نه ٿيندو آھي ته سڀ کان اڳ ڪو سربراهه، وڏو زميندار يا ڪو پڙھيل لکيل آفيسر ئي ان جو حل ڪڍڻ جو حق رکي ٿو. مون ته گھڻائي دفعا اھو به ڏٺو آھي ته جيڪڏھن ڪو 100 سالن جو ماڻھو يا وري 10-11 سالن جي عمر جو ٻار اھا ڀڃڻ جي ڪوشش ڪندو آھي، ته سڀئي ڄڻا ان کي ڪافي ھمٿائيندا آھن. ۽ جيڪڏھن ڪو گھٽ درجي جو ماڻھو ڀڃندو آھي ته ان جي به کوڙ ساري واکاڻ ڪئي ويندي آھي. تعريف ڪرڻ لاءِ ”واهه! واهه!“ جي لفظن جو استعمال ڪيو ويندو آھي ھاڻي ڏسو نه اھي سڀ شيون ڪتاب پڙھڻ، ڪيسٽ ٻڌڻ يا وڊيو ڏسڻ ۾ ڪٿي ٿيون شامل ٿي سگھن.

ڳجھارت ھڪ لفظي کيڏ:

ڳجھارت جا گھڻا ئي رُخ آھن، جيڪي مون کي سوچڻ تي مجبور ڪندا آھن ته ڳجھارت ھڪ لفظي کيڏ آھي. راند وانگر ھن ۾ ھڪ کان وڌيڪ حصي وٺڻ وارا ھوندا آھن. ان ۾ کٽڻ ۽ ھارائڻ جو عمل به ھوندو آھي. اتي موجود ماڻھن مان جيڪو ڳجھارت ڀڃندو آھي، اھو سوڀارو ھوندو آھي. پر جيڪڏھن ڪوبه ڳجھارت جو حل نه ڳولي سگھندو آھي ته پوءِ ڳجھارت پيش ڪرڻ وارو ئي کَٽي ويندو آھي. پر ڳجھارت ۾ ڪنھن به طرح جُوئا نه ھوندي آھي. اڄ تائين مون ڪنھن به ھنڌ تي ڳجھارت ۾ شرط لڳائڻ جھڙي ڪا ڳالهه ناھي ٻُڌي. ھي ھڪ بي عيب ۽ تفريح سان جُڙيل راند آھي. ٻين راندين ۾ جسماني ڪسرتون ھونديون آھن، جڏھن ته ڳجھارت ۾ ذھني مشق ھوندي آھي. ھن ۾ ٻه ڌريون ٺاھي راندنٿي کيڏي سگھجي. ھتي ٻڌڻ وارن مان ڪوبه ڳجھارت پيش ڪري سگھي ٿو ۽ پوءِ باقي سڀ حل ڳولڻ وارا ئي ھوندا آھن.

ڳجھارت ۾ راند ۽ مقابلي جو جيڪو عنصر آھي، اھو ڳجھارت کي لوڪ ادب جي ٻين صنفن کان مٿانھون درجو ڏياري ٿو. ان ۾ مون کي ڪڏھن به ذھني ڪشيدگيءَ جھڙي ڳالهه نظر نه آئي آھي، بلڪ ان جي ابتڙ ھن راند مان مزو وٺي سگھجي ٿو، جنھنڪري ڳجھارت کي ٻين صنفن کان وڌيڪ پسند ڪيو ويندو آھي.

ڳجھارت ڇا آھي؟

ڳجھارت ھڪ طريقي جي لفظي تخليق آھي. ان ۾ ڳجھارت ٺاھڻ وارو ڪونه ڪو ڳُجهه رکندو آھي. اتي موجود ماڻھن مان جي ڪنھن به ان ڳُجھي راز کي ڳولي ورتو ته سڀئي ڄڻا چوندا آھن: ”جھُري پيئي“ يا ”ڀڄي پيئي“، ڪٿي ڪٿي ”مري ويئي“ به چوندا آھن. پر جيڪڏھن ڪوبه ڳجھارت جو حل نه ڳولي سگھندو آھي ته پوءِ ڳجھارت پيش ڪرڻ وارو ان راز کي کولي سمجھائيندو آھي ۽ اتي سڀني کي اھو حل مڃڻو پوندو آھي.

ڳجھارت لفظ جو اشتقاق:

ڳجھارت لفظ جو اشتقاق ٿيندو، ”ڳُجهه + اَرٿ= ڳجھارٿ“. ڳجهه لفظ جي معنيٰ آھي لڪل ۽ اَرٿ جي معنيٰ ٿيندي مطلب. مون اڄ تائين گھڻو ڪري ته ڪڇ جي ڪافي ڳوٺن ۾ اڻپڙھيل ڳجھارت جي ڄاڻو  ماڻھن کي ڳجھارت لفظ ئي چوندي ٻڌو آھي. ممڪن آھي پھرين ھي لفظ ”ڳجھارٿ“ ھجي ۽ وقت سان گڏ ھن لفظ جو آخري اکر ”ٿ“، ”ت“ ۾ تبديل ٿي ويو ھجي. ڪڇ جي ڪُجهه ڳوٺن ۾ مون کي ان جو اُچار ”ٻُجھارٿ“ به ٻڌڻ ۾ آيو ھو. سنڌي ۾ ”ٻجھڻ“ لفظ جي معنيٰ آھي سڃاڻڻ يا سمجھڻ يا ڳولي لھڻ. ان نظر سان ”ٻجھارٿ“ جو مطلب ٿيو ”ڪنھن جي معنيٰ کي سڃاڻڻ“ يا ڳولڻ“. ڪڇ ۾ مون کي ھن لفظ جا چار اُچار ٻڌڻ ۾ آيا آھن: ”ڳجھارت“، ”ڳجھارٿ“، ”ٻجھارٿ“ ۽ ”ٻُجھارت“. پر لفظ ”ڳجھارت“ جو استعمال عام طور وڌيڪ ڪيو ويندو آھي. مٿي ڏنل تشريح جي آڌار تي چئي سگھجي ٿو ته ”ڳجھارت“ اھا لفظي تخليق آھي، جنھن جو تخليق ڪرڻ وارو ان جي مطلب کي ڳُجھو رکندو آھي، پر حل ڳولڻ لاءِ ڪجھه  اشارا ضرور ڏيندو آھي.

 

ڪجهه مُکيه اشارا:

ھونئن ته ڳجھارت ۾ استعمال ٿيڻ وارن  اشارن جي حد ئي ڪانھي پر پوءِ به ڪجهه اھڙا اھم اشارا آھن، جن جي استعمال سان ڳجھارت جا ڄاڻو يا ڏاھا ڳجھارتڪار حل ڳولي ئي ويندا آھن. ھيٺ ڪيترائي اھڙا لفظ ڏنا پيا وڃن.

  1. نرنا: نرَنا لفظ جو مطلب آھي ڪنھن مرد جو نالو. ان سنڌي لفظ جو اشتقاق ھن ريت آھي.

”نر+نا = نرنا“

”نر“ جو مطلب آھي ”مرد“ ۽ ”نا“ مان مراد آھي ”نانءُ“. ”نا“ لفظ ”نانءُ“ جو اختصار/مخفف آھي. سنڌي لفظ نانءُ جي معنيٰ آھي ’نالو‘. ٿيندو ائين آھي،  جو ڳجھارت ۾ ڪنھن به مرد جو نالو ھوندو آھي، تڏھن ڏاھا ڄاڻو مردن جا نالا وٺڻ شروع ڪري ڇڏيندا آھن. جيئن ئي ڳجھارت جي حل ۾ آيل صحيح نالو ڪنھن ورتو، تڏھن ڳجھارت ”ڀڳل“ مڃي ويندي آھي، يعني ان  ڳجھارت جو حل ملي ويندو آھي. ڳجھارت پيش ڪرڻ وارو لوڪ داستانن ۽ تاريخي شخصيتن جا مردن جا نالا ڳجھارت ۾ استعمال ڪندو آھي. انھن مان ڪي ھيٺ ڏجن ٿا:

اڪبر، احمد، رحيم، رانجھو، حضرت علي رضه، مجنون، راڻو، چنيسر، پنھون، عمر، ٻِيجل، ڄام، ھَمير، الادين.

  1. نارنا: ”نارنا“ لفظ جو اشتقاق ٿيندو:

”نار + نا = نارنا“

يعني نار  = عورت ۽ نا =  نانءُ نالو يا مطلب ته ڪنھن به عورت جو نالو. جڏھن به ڳجھارت ۾ ”نارنا“ لفظ جو استعمال ٿيندو آھي ته اشارو اھو ئي ڏيندا آھن ته ڪنھن عورت جو نالو آھي. ڪجهه خاص تاريخي شخصيتن ۽ لوڪ ادب جي داستانن جي ڪردارن جا نالا ھن ريت آھن:

حميد بانو، گُلان، سونل، ھير، سورٺ، مومل، مارئي، سُھڻي، سيتان، لِيلان، رُڪمَڻي.

  1. پَکي: ڪنھن به پکيءَ جو نالو ٿي سگھي ٿو، جھڙوڪ سنڌ ۽ ڪڇ جي مکيه پکين جا نالا، جھڙوڪ: طوطو، جھرڪي، ڪانءُ، ڪڪڙ، ڪونج، باز، وَھِيَو، تاڙو، بدڪ، ڪٻر، پورلو، مور، گُگھه، ٻَگهه، سِرڻ ھنج، ھولو، تتر، لَيلي، ڀورو، ٻوڙي، (ھن پکيءَ لاءِ ائين چيو ويندو آھي ته بندوق جي گولي به ھلندي آھر ته ھيءُ نه ڀڄندو آھي)، ڍولِيو.
  2. ڪاٺَ جي: ”ڪاٺ جي“ جو مطلب آھي ڪاٺ مان ٺھيل شئيءِ ان ۾ مونث لفظ ئي اچي سگھن ٿا. جيئن ڪرسي، ٽپائي، اُکري، پيتي، دري، ڏوئي، وڍي (ڪٽيل) ٽُڪي، چيري، ڦاڙي، (ھنن ٽنھي لفظن جو مطلب آھي وچان کان ڪٽيل)، مڪڙي، ٿُوڻي، ٿنڀڙي (ننڍڙو ٿنڀ).
  3. ڪاٺَ جو: ھن ۾ ڪاٺ مان ٺھيل مذڪر لفظ اچي وڃن ٿا، ان ڪري اھو مذڪر لفظن جوئي اشارو ٿي سگھن ٿا.

ٿلھو، سنھو، ڪارپ، ڪچو، پڪو، ڏنگو، وڍيو، ٽُڪيو، ڦاڙيو، چِيچِيئو، ٽانگو، کٽولو، پلنگ، ھندورو، پينگھو، در، ٿنڀو، ٿُڙ، ھر، مَنجو، اُکرلو، مُھرلو، صندل، تختو، پاٽِيو.

  1. لوھ جو: مطلب لوهه مان ٺھيل ڪا شئيءِ جنھن جو لفظ مذڪر ھجي، جيئن:

ڪُلف، چاڪو، ڪڙو، پلَنگ، (لوهه جو) ڪُھاڙو، ڏاٽو، ڪِلو، پروڻ، ٽويو، اُٿلاڻو.

  1. لوهه جي: لوهه مان ٺھيل شين جا مونث نالا، جيئن:

ڪڙي، ڪنجي سِيخ، ڪُھاڙي، ڪوڏر، پيتي، ٽِرنڪ، پاٽي، ھٿڪَڙي، پڪڙ، ڪڻڇي، مُرڪي، در، ھَسِلي، نٿ وغيره.

  1. جانور: سھو، بگھڙ، شينھن، واگهه، سيسر، چيتو، گدڙ، ڪُتو، ٻِلو، چراغ، گرپر، ھاٿِي، ڀولڙو، رِڇ، روجهه (سنڌ ۽ ڪڇ ۾ ملندڙ ھرڻ جو ھڪ قسم)، واڳون وغيره.
  2. وڻ ٻوٽا: نم، گپڙ، ڪنڊو، ٻير، ڪرڙ، جھلي، لاڻو، ڦوڳ، آوڙ، ٻورڙي، پپر، زيتون، ناريل، درخت، سائو، سُڪو، ننڍو، وڏو، پن، ديال، شيشم.
  3. وکر: ڳُڙ، کنڊ، تيل، ٿوم، ڦوٽا، وڏف، (سؤنف) جاڻ، سرنھن، ڄانڀو، سُنڍ، ڦُودنو، ڊاک، کجور، بادام، ڪاجو، ڪشمش، بوھي مُڱ، مُڱ ڦَري، کارڪ، ڪارو لُوڻ، گدامڙي، خسخس، پُست، ڌاڻا، جيرو، سوپاري.
  4. اکر: الف، ب، ر، باب، سبق، لکِيو، پڙھيو، زير، زبر، ۾، ڪاف، ڪاغذ، خط، تعويذ، جملو، پاٺ، پيغام.
  5. شھر: لکپت، ڪڍڻ، مڪو، مدينو، ڪڇ، ڪيچ، قندار، اُجَين، دلي، آگرو، ھستانپور، ماڊِوي، مدراس، جيسلمير. (ان ۾ دنيا جو ڪو به شھر جوڙي سگھجي ٿو.)
  6. جاتي: سنڌ ۽ ڪڇ ۾ سڀئي ذاتيون ھڪجھڙيون ھونديون آھن، ھيءَ ڳالهه ھندن ۽ مسلمانن ٻنھيءَ جي باري ۾ چئي سگھجي ٿي. ھونئن ته ذاتيون تمام گھڻيون آھن، ليڪن ھتي ڪجهه خاص ذاتيون ئي ڏئي سگھجن ٿيون.

کٽي (سنڌي لوڪ ادب ۾ ”سسئي“ نالي ڪردار جو خاص مقام آھي. سسئي برھمڻ ھئي، پر جنھن ”پيءُ“ ان کي پاليو ھو، اھو ڌوٻي ھو)، ڌوٻي برھمڻ (سنڌي ۾ ٻانڀڻ به چيو ويندو آھي)، بلوچ، ٻروچ، چانڊيا، لنڊ، سوڍا، راٺوڙ، حجام، ڪراڙ، سما، سومرا، مينگھواڙ.

  1. جَرَ جو: سنڌيءَ ۾ پاڻيءَ کي ”جر“ چئبو آھي. ’جر جو‘ مطلب ’پاڻي جو‘. ان جو ڳجھارت ۾ مقصد آھي اھي لفظ، جن جو تعلق پاڻي سان ھجي. پر جيئن ته پاڻي لفظ سان ”جو“ آھي ته ان ڪري لفظ مذڪر ھجڻ گھرجي. جيئن: وھڪرو، مينھن، تلاءُ، ڪڙيو، (پاڻيءَ جي وھڪري لاءِ ٺاھيل ننڍڙو رستو)، ڪئنال، موڪ، نار، ھُرلو، (ڍڱي سان ھلائڻ وارو چڪرو، جنھن سان پاڻي ڪڍبو آھي)، ٽانڪو، حوض پارو.
  2. جر جي: ’جر جي‘ مطلب پاڻيءَ جي، ان جو مقصد آھي ته لفظ مؤنث ھجڻ گھرجي، جيئن:

نئن، ندي، سُڪي، تري، ڦاٽ، (نديءَ جو وھڪرو پنھنجي رستي تان ٿورو الڳ ٿي وڃڻ تي نديءَ کي ’ڦاٽ‘ چئبو آھي)، وھي، سانداري، پخال، نالي، پکي (سنڌ جا جَل جا پکي).

  1. رَڇ: (ٿانوَ) دلو، گھڙو، ماٽي، گھُگھي، گھاگھر، لوٽي، حُقو، ڪُنو، ٽوپي، دِلي، ڪٽورو، گلاس، ديڳڙو.
  2. جسم جا حصا: ڪاپار، مٿو، نراڙ، مغز، سر، نڪ، ناسون، اکيون، وات، ڄڀ، چپ، مُڇ، پير، پِني، ڪَرائي، چمڙي، پيٽ، ڪمر.
  3. مال جو: چوپائي مال سان جڙيل مذڪر لفظ، جيئن:

وِڪيو، پھريا، گس، وٿاڻ، داڳ، (جانور کي ڏنل سڃاڻپ لاءِ نشان)، ڏنڀ، (جانور جي بيمار ٿيڻ تي ان کي لوهه جي گرم ڪري لڳائي ويندي آھي)، ڪَڪُر (سڃاڻپ لاءِ جانور جي ڪن ۾ ڪيل ننڍڙو ڪَٽُ يا سوراخ)، کُڙو ( سڃاڻپ لاءِ ٿورڙو ڪن جو حصو ڪٽي ٺاھيل نشان)، کير، گھوڙو، اُٺ، ڪَرھو، اُٿيو، ويٺو، توڏو، (گوبر)، لِيڙو (ننڍڙو اُٺ)، واڙو، پڇ، پيرو، (جانورن جي پيرن جا نشان).

  1. مال جي: چوپايا مؤنث لفظ، جيئن:

گوري (ننڍڙي ڏاچي)، ٻڪري، گابي، وَڇ، مينھن، رِڍ، گھوڙي، اُٿي، ويٺي، ڪاري، رتي (ڳاڙھي)، ھالي (ھڪ يا ٻن سڌن سڱن واري مينھن)، ڀلي، کُٽل، ڍُڪي (پيٽ سان مينھن)، سُئا (نئين ويايل مينھن يا ٻڪري).

  1. ھٿيار: ڀالو، بڙڇي، ترار، بندوق، ڪپ، چاقُو، ڇُري، ڪُھاڙي، پاڪي، تير، ڪمان، اڀرو، (جنھن ھٿيار جي ڌار نه رھي ھجي)، سَڀرو (اڳرو)، تکو، مُڏو، ڀَڳل، ٽُٽل، ڦِٽل، توب، رائفل، گھوٻاٽو، ڌُڪو.
  2. مڇي: ھر قسم جي مڇي ھن اچي وڃي ٿي. سنڌ جون ڪجهه خاص مڇيون ھي آھن: پلو، ڪُرڙي، کَڳو، ست ڻي، پوپري، سيڻي، ڄرڪو، سونھري ، پاپليٽ، ڪاري.
  3. کاڄ: سيرو، پُلاهه، مٺائي، جليبي، پڪوڙا، ماني، روٽي، ڦُلڪو، پيرون، (ھڪڙي قسم جو ميوو، جيڪو ٻير وانگر گول ۽ ننڍڙو ڄار ۾ ٿيندو آھي)، ٻٻر، مکڻ، انگُور، ڏاڙھُون، نارنگي، ليسوڙا، گيدوڙو.
  4. سـُٽَ جو: سُٽ مان ٺھيل ڪابه شئيءِ، جيڪا مذڪر ھجي، جيئن:

ڍيرو، رسو، تنگُ (اُٺ جي پٺ تي سيٽ ٻڌڻ لاءِ ھڪڙو بيلٽ) جيڪو سُٽ مان ٺھيل ھوندو آھي)، ٽپڙ، کيس، غاليچو،  ڏورو، ڪچو، پڪو.

  1. سـُٽ جي: سُٽ مان ٺھيل شيون، جيڪي مونث ھجن، جيئن:

مُھار، ڍيري، ڪوڪڙي، رسي، ڏوري، تاڃي، کٿي، لوئي، ڳاني، واڳ، نواڙ، نراس، شال/لوئي وغيره.

  1. ڪپڙي جو: ڪپڙي مان ٺھيل ڪنھن به شيءِ جو مذڪر نالو، جيئن:

ڪوٽ، چولو، پٽڪو، ھِرکُ، بافتو، ڪچو، سبيو، گھاگھرو، ٽوال، رومال، ڪنجرو، (ھڪڙي قسم جو بلائوز، جيڪو ڪڇ جي ذاتين جون ڪيتريون عورتون پائينديون آھن)، جاڪيٽ، ڪڙتو، سافو.

  1. ڪپڙي جي: ڪپڙي مان ٺھيل شين جا مونث نالا، جيئن:

ٽُڪي، ڦاڙي، چُني، چادر، سُٿڻ، سلوار، گنجي، ٿيلھي، پيٺي، تاني/ تاڃي.

  1. ليکو: ڳڻپ سان لاڳاپيل لفظ، جيئن:

ھڪ، ٻه، ٽي، ھزار، لک، نوٽ، حساب.

مٿي ڪجهه اھم اشارا ڏنا ويا آھن، جيڪي ڳجھارت جي ڳُجهه کي سمجڻ ۾ مدد ڏيندا آھن. پر ان جي باوجود ڳجھارت ٺاھڻ وارا صدين کان نين نين ڳجھارتن کي جنم ڏيندا پيا اچن.

ڳجھارت جي پيشڪش:

سنڌ يا ڪڇ ۾ جڏھن ڪو سُگھڙ ماڻھو ايندو آھي، جنھن کي لوڪ ادب جون ڪجهه صنفون ياد ھونديون آھن، پوءِ اھو ضروري ناھي ته اھي خود جون ئي ٺاھيل ھجن، ته پوءِ رات جو ڪنھن ھڪڙي ماڻھوءَ جي گھر ۾ يا اوطاق ۾ ننڍا وڏا سڀ جمع ٿيندا آھن ۽ ان کي گھيرو ڪري سڀئي لوڪ ادب جي انيڪ صنفن جو  مزو  وٺندا آھن. سنڌي لوڪ ادب ۾ ڪافي صنفون آھن. ۽ اھي سڀ صنفون سنڌ جي لوڪ ڪھاڻين جي سورمن ۽ سورمين جي زندگيءَ جي واقعن جي چؤڌاري گھمنديون آھن، جيئن: سسُئي، پنھنجي محبوب پنھونءَ جي جدائيءَ ۾ ست ڏينھن ڪيئن گذاريندي آھي، ان جي رچنا ۾ سومر کان وٺي آچر تائين جو سسُئيءَ جو ذڪر ٿيندو آھي. اھڙيءَ ريت قمري مھيني کان وٺي سڀني مھينن ۾ ان جي حالت ڪھڙي رھي ان جو ذڪر به ڪيو ويندو آھي . ٻين به ڪيترين صنفن کي پيش ڪيو ويندو آھي.

جيڪڏھن ڪو ڳجھارت جو ڄاڻو اتي ويٺو ھوندو آھي ته اھو سڀني کان اجازت وٺي ڳجھارت پيش ڪندو آھي. ڳجھارت پيش ڪرڻ کي ”سوکڙي“ چيو ويندو آھي. اچو ته اوھان جي سامھون ھڪ اھڙي ئي سوکڙي پيش ٿا ڪريون:

”ڀري رَڇ وَر وَر جا، رات به ٻاريا مون،

الله ھن اُڀَ جي تي، منھنجو نرنان آڻين تون“

ھن ڳجھارت ۾ لفظن جا مليل اشارا:

رڇ: وٽو، ڪٽورو

ٻاريا ٻاريا ور ور جا:  (تيل جا)

اُڀَ: آسمان

نرنا:  ڪنھن مرد جو نالو (راڻو)

 

مطلب ”تيل جا وٽا ڀري رات جو مون ٻاريا، اي الله ھن آسمان (ھتي مطلب  کٽ) تي منھنجي مڙس يا محبوب (جنھن جو نالو خفيه رکيو ويو آھي) کي تون وٺي اچ.“

ھاڻي سڀني جي سامھون ڳجھارت آھي. جيڪڏھن ڪير ٻيھر ٻڌڻ چاھي ته ڳجھارت پيش ڪرڻ وارو خوشيءِ سان ان کي ورجائيندو آھي. ھاڻي جن لفظن ۾ ڳجھو مفھوم لڪل آھي، جن کي ڳولڻو آھي، اھي آھن، “رڇ، ور ور جا، اڀ جي، نرنا“ اتي ويٺل سڀئي ماڻھو انھن چئني لفظن مان ڳُجھي لفظ کي کوجڻ جي ڪوشش ڪندا آھن، اھي لفظ، جن جو مطلب سمجھڻو پوندو آھي، انھن لاءِ ٽيڪنيڪي لفظ آھي ”پائو“ ۽ مطلب اخذ ڪرڻ جي فعل کي چئبو آھي ”ڌڪ ھڻڻ“. ھاڻي انھن ڳالھين کي ڌيان ۾ رکندي اچو ته اڳيان وڌون. ان حساب سان ڳجھارت جو پھريون پائو آھي ”رڇ“. ان جو مطلب آھي ڪو به ٿانءُ جنھن ۾ گيهه، تيل، پاڻي ۽ ٻيو ڪو پاڻيٺ وارو مادو رکي سگھجي. پوءِ ڪو چوندو گھڙو، لوٽو، گلاس وغيره ائين به ٿي سگھي ٿو ته ھڪڙو گھڙو چئي ته ٻيو وري لوٽو چئي اھڙيءَ ريت اتي موجود سڀني ماڻھن مان ڪيترائي ڳُجھي معنيٰ کي ڳولڻ جي ڪوشش ڪندا آھن ۽ جيڪڏھن ڪو ”وٽو“ چوي ٿو ته  ائين سمجھو ته ڳجھارت حل ٿي ويئي ۽ سڀ چوندا ته ”جھُري پيئي“ يا ”مري ويئي“. پر جيڪڏھن ڪنھن به ڳُجھارت جو حل نه ڪڍيو ته چوندا ته ”چڙھي ويئي“ يعني ڳجھارت حل ٿئي. بغير ئي رھجي ويئي.

جيڪڏھن ڪنھن ڪارڻ پھرئين پائي کي حل نه ڪيو ويو ته پوءِ ٻيو پائو ”ور ور جا“ يا ٽيون پائو ”اُڀ جي“ ۽ چوٿون پائو ”نرنا“ کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. ۽ جيستائين حل نه ڳوليو ويندو، تيستائين ڪوشش جاري رھندي. جيڪڏھن ڪنھن به وقت ڳُجھي مفھوم کي ڪنھن ڳولي لڌو ته سڀ ماڻھو ”واهه واهه“، ”جھُري ويئي“ يا وري ”مري ويئي“ چوندا آھن. ان کان پوءِ ڳجھارت پيش ڪرڻ وارو ڳجھارت ۾ لڪل لفظن جي معنيٰ ٻڌائيندو آھي ۽ پوري ڳجھارت جي مطلب تي وسعت سان روشني وجھندو آھي. اچو ته ڏسون ڳجھارت ڏيڻ وارو ڪيئن ڳجھارت جو مطلب ٻڌائيندو آھي.

”ڀري رَڇ وَر وَر جا، رات به ٻاريا مون

الله ھن اُڀَ جي تي، منھنجو نرنان آڻين تون“

ھيءَ ڳجھارت سنڌ جي ڪافي مشھور لوڪ ڪھاڻي “مومل راڻي“ تي ٺھيل آھي. جڏھن مومل کان راڻو رُسي ھليو ٿو وڃي، تڏھن ھوءَ چوي ٿي ته ھن سڄي رات تيل جا وٽا ٻاريا آھن. الله ڪري ته راڻو  ان جي کٽ تي واپس اچي وڃي.

ھاڻي ڏسو ته ھن ڳجھارت کي حل ڪيو ويو آھي. ”رڇ“ ٿيو تيل، (جو وٽو)”اُڀ“ ٿيو کٽ (آسمان ۾ تارن جي جھنڊ جي اھڙي ھڪ بناوت ھوندي آھي، جنھن کي سنڌيءَ ۾ کٽ چوندا آھن) ۽ نرنان ٿيو راڻو.

ھاڻي اوھان کي مٿين ”پائن“ (پاون) ۾ رکيل ڳجھا مطلب سمجهه ۾ اچي ويا ھوندا ۽ ھاڻي پوري ڳجھارت جو مطلب ٿيو:

مومل چوي ٿي ته مون تيل جا وٽا سڄي رات ٻاريا. الله منھنجي کٽ تي راڻي کي وٺي اچي.“

ڪجهه ٻيا مثال ڏسو:

”جر مِٽيءَ جون جن لڳيون،

ڪاٺ مال جا سي ڪنديون“

لفظن جا اشارا:

جر: نئيون، (مينھن ۾ وھڻ واري نديءَ کي ’نئن‘ چوندا آھن ۽ ’نئيون‘ ان جو جمع آھي). مٽيءَ جو: مٽيءَ مان ٺھيل دِلي، مٽڪا وغيره ’دلڙيون‘ ان جو سھڻو انداز (Endearing Form) آھي، پيار ڏيکارڻ جو طريقو آھي.

ڪاٺ جا: ٻنيءَ ۾ ھلائڻ وارو ھر.

مال جا ڦيرا: جڏھن فصل تيار ٿيندو آھي ته پوءِ ان مان اناج جا ٻج ڪڍڻ لاءِ ڍڳا ان تي ھلندا آھن يا چڪر لڳائيندا آھن.

ھاڻي ڳجھارت جو مطلب ٿيو:

”نيون دليون جن سان لڳيون ھر ھر ڦيرا ڇو نه ڪنديون. مطلب جنھن کي نئون نئون عشق ٿيو آھي، اھو بار بار چڪر ڇونه لڳائيندو“.

ھڪ ٻي ڳجھارت:

”نرنا کي جڏھن ڪپڙ لڳو“

مِرون ھڻي، عورت کڻي

ھو ناڻي جيئن ويو“

لفظن جا اشارا:

نرنا = راوڻ

ڪپڙ جو   = موقعو

مِرون ھڻي  = جھٽ ھڻي

عورت  = سيتا

ناڻي جيئن ويو = پيسي جيئن ويو = (ڳوٺن ۾ ائين مڃيو ويندو آھي ته پئسو ڪنھن وٽ به ڪونه رھندو آھي ۽ ڀڄي ٻئي وٽ ھليو ويندو آھي).

ھاڻي سڀني اشارن کي سمجھڻ کان پوءِ ڳجھارت جو مطلب ٿيو:

”راوڻ کي جڏھن موقعو مليو ته ھو جھٽ ۾ سيتا کي ڀڄائي وٺي ويو.“

ڳجھارت ۽ پرولي:

سنڌيءَ ۾ پرولي به ھوندي آھي، ’جنھن کي انگريزيءَ ۾Riddle  چوندا آھن. ڪيترن ڪتابن ۾ مون ڏٺو آھي ته ڳجھارت ۽ پروليءَ کي ھڪ ئي ڪري ٻڌايو ويو آھي، پر حقيقت ائين نه آھي. مون کي چڱيءَ طرح ياد آھي ته اسان 7/6 سالن جا ھئا سين‘ تڏھن سنڌ ۾ سخت گرميءَ جي موسم ۾ رات جو ڇت تي سمھندا ھئا سين. تڏھن ناقابلِ برداشت گرميءَ کان پنھنجو ڏيان ھٽائڻ لاءِ ھڪٻئي کي پروليون ڏيندا ھئا سين. ان مان ڪجهه مون کي اڄ  به چڱيءَ طرح سان ياد آھن. ھڪڙي پرولي آھي:

”اٺ ڪاٺ، نائين نوڙي

جيڪو نه سلي تنھن جي آڪهه ٺوڙھي“

لفظن جو مطلب اَٺ:  اَٺن جو عدد

ڪاٺ= ڪاٺي  = (ڪاٺيون)

نائين : نَوَن جو عدد

نوڙي: رسي

 

آخري سٽ جو مطلب آھي، جيڪو حل نه ڳوليندو، ان جو سڄو خاندان گنجو ٿي ويندو.

مٿي ڏنل پروليءَ جو جواب آھي ”کٽ“، ڇا جي ڪري جو ان ۾ چار ڪاٺ جا پاوا ھوندا آھن ۽ چار ڪاٺيون ان جي فريم ۾ لڳنديون آھن. اھي ٿي ويا اَٺ ۽ نائين ”نوڙي“ يعني رسي (واڻ)، جنھن سان کٽ واڻيندا آھن. ته سڌو سنئون مطلب ٿيو کٽ. مٿي اسان ڏٺو ته ڪٿي به ڪنھن به لفظ جي معنيٰ کي ڳُجھو نه رکيو ويو آھي، پر کٽ جي خاصيتن جي آڌار تي ان جي بناوت بيان ڪئي ويئي آھي. ھڪڙي مشھور پرولي آھي:

”گھر گھر ۾ ڳاڙھي ڪنوار“

ھر گھر ۾ ڳاڙھي ڪنوار ھوندي آھي. ان جو جواب ٿئي ٿو ”باهه“، ڇو جو باهه ته ھر گھر ۾ ئي ھوندي آھي ۽ ان کي ڳاڙھي ڪنوار چيو ويو آھي، جو باهه جو رنگ ڳاڙھو ھوندو  آھي. ۽ ڪنوار جو تصور ته ھميشه خوبصورتيءَ سان ئي ڳنڍيو ويندو آھي.

ھڪ ٻي پرولي آھي:

”گھر گھر ۾ ناچ نچي“

مطلب ھر گھر ۾ ناچ ڪري. ان جو جواب آھي ”ٻھارو“. ھتي ٻھاري جي گُڻن جي بنياد تي ھن پروليءَ کي ٺاھيو ويو آھي. ٻھاريءَ جو خاص گڻ آھي ھيٺ مٿي ٿيڻ، جنھن کي ھن پروليءَ ۾ نچڻ چيو ويو آھي.

ڳجھارت ۾ لفظن جو وسيع ذخيرو:

ڳجھارت جي مشق ڪرڻ کان پوءِ ان ڳالهه جي خبر پوي ٿي ته ان ۾ لفظن جو تمام وڏو خزانو آھي. جتي اسان ڏٺو ته ڪٿي پکي آھي ته اتي پکيءَ جو نالو اچي ٿو. اھڙيءَ ريت جيڪڏھن مڇي آھي ته ھر نموني جي مڇيءَ جو نالو اچي ٿو. ساڳيءَ طرح شھرن جي، مردن جي، عورتن جي ۽ ٻين شين جي نالن جي ته ڪا حد ئي ڪانھي . اھا ڳالهه عام آھي ته ڳوٺن ۾ ڳجھارت ۾ حصو وٺندڙ گھڻا پڙھيل لکيل نه ھوندا آھن، پر انھن جي لفظن جو ذخيرو تمام وسيع ھوندو آھي، ۽ جيڪي ڄاڻو ھوندا آھن، انھن جي ڳالهه ئي ڇا ڪجي.

علم جو ذخيرو ڳجھارت:

ڳجھارت ۾ سنڌي تھذيب جي ھر پھلوءَ بابت ڄاڻ موجود ھوندي آھي. سنڌ جي تاريخ ھجي يا دنيا جي جاگرافي. سموري دنيا جي معلومات ان ۾ ھوندي آھي. چوپاين جي باري ۾، پکين جي باري ۾، گُلن ۽ وڻن جي باري ۾، تمام گھڻي معلومات ڳجھارت ۾ ملي ٿي.لوڪ ادب جا جيترا به سورما ۽ سورميون آھن، انھن سان لاڳاپيل ھر طرح جي ڄاڻ جو ذڪر ڳجھارت ۾ ٿئي ٿو. ان ڪري سنڌ جي ڳوٺن ۾ رھڻ وارا ڏسڻ ۾ ٻالاڀولا، ميرا گدلا ڪپڙا پاتل، ڪکائن گھرن ۾ رھڻ وارا ھوندا آھن، پر انھن جو علم تمام گھڻو آھي.

معنويات ۽ ڳجھارت:

معنويات (Semantics)  ۾ ٻن طريقن جا تصور (Concepts)  ھوندا آھن. پھريون ساڳيا لفظ (Homonyms)  (اھي لفظ جن کي لکيو ۽ اُچاريو ھڪجھڙو وڃي، پر انھن جي معنيٰ مختلف ھجي) ۽ ٻيو ھوندو آھي  Polysemy . Homonyms جو مثال ھڪڙو لفظ آھي ”ڪافي“. ھيءُ لفظ لکڻ ۽ اُچارڻ ۾ ته ھڪجھڙو ھوندو آھي. پر ٽن مختلف نمونن يعني ٽن ٻولين ۾ جدا جدا معنيٰ سان استعمال ٿيڻ وارو لفظ آھي. پھريون لفظ عربي ٻولي مان آيو آھي، جيڪو ھڪ راڳ جو نالو آھي ”ڪافي“.ھي عربي ٻوليءَ جي لفظ ڪافيه مان نڪتو آھي. (Dr. Baloch Sindhi-Sindhi Dictionary P-1982). ٻيو لفظ آھي پيئڻ جي ”ڪافي“ (Cofee) ھي لفظ انگريزي ٻوليءَ مان ٿيندو ڀارتي ٻولين ۾ شامل ٿي ويو آھي. ۽ ٽيون لفظ ”ڪافي“ فارسي ٻوليءَ مان آيو آھي، جنھن معنيٰ آھي بس، گھڻو يا Enough (Steingass Persian English Dictionary p-1007).  polysemy لاءِ ھندي ٻوليءَ جو لفظ ”آڪاشواڻي“ انتھائي خوبصورت مثال آھي. ھن لفظ جي اصل  معنيٰ ته اڳڪٿي ڪرڻ آھي، پر ڀارت آزاد ٿيڻ کان پوءِ آل انڊيا ريڊيو کي به ”آڪاشواڻي“ چيو ويندو ھو. ھتي ھي ٻئي لفظ ڪو ٻين ٻولين مان مختلف معنائن ۾ استعمال ٿيڻ وارا ھندي ٻوليءَ ۾ شامل نه ٿيا آھن، پر ساڳئي لفظ جي پھرين معنيٰ ۾ ھڪ ٻي معنيٰ جوڙي وئي آھي.

اوڏڪي ٻوليءَ جا لوڪ گيت

ڇنل ڇڄ ھٿن ۾، ڪلھن ڪوڏارا،

پورھئي خاطر پانھنجي، اُٿن سوارا،

اوڏ به ويچارا، لاکا! وڃن لڏيو.

ھن بيت ۾ شاهه صاحب، اوڏن جي رھڻ سھڻ جي طور طريقي ڏانھن اشارو ڪندي فرمائي ٿو ته، اَسُر ويل اٿي، ھٿن ۾ ڇنل ڇڄ ۽ ڪوڏرون کڻي اوڏ پنھنجو ڪم ڪار شروع ڪندا آھن. شاهه صاحب اوڏ جاتيءَ جو ھيءُ بيان (سُر ڏھر) ۾ ڪيو آھي. حقيقت ۾ ان وقت جي ۽ اڄ جي اوڏن ۾ ڪو خاص فرق نه آيو آھي. 1988ع ۾ جڏھن مون انھن کي ”ڀاٽي مائينس“ ۾ ڳولي لڌو ھو، تڏھن انھن مون کي ٻڌايو ھو ته ھوُ 3 بجي اَسُر رات جو اٿي ڀرپاسي جي کاڻين مان ريتي ڪڍڻ ويندا آھن ۽ ڏينھن جو 11 وڳي تائين موٽي ايندا آھن. اھائي ڳالهه شاهه صاحب مٿي چئي آھي. اڄ به اوڏ ڪوڏرن سان مٽي کوٽڻ جو ئي ڪم ڪندا آھن ۽ صبح جو جلدي اٿي پنھنجو ڪم شروع ڪندا آھن. شاهه صاحب ھڪ ٻي ڳالهه اوڏن لاءِ چئي آھي: 

”اڏي اڏي اوڏ، ڇڏي ويا ڀيڻيون

                                (شاهه جو رسالو)

اڏي اڏي اوڏ ڇڏي ويا پنھنجو ماڳ

شاهه صاحب انھن کي گھرن تعمير ڪرڻ وارا ٻڌايو آھي، اھا ڳالهه اڄ به صحيح آھي، ڇا جي ڪري جو اڄ به دھليءَ ۾ ڊِي ڊِي اِي فليٽس ۽ گھرن تعمير ڪرڻ جو ڪم اوڏ ئي ڪندي نظر ايندا آھن. اوڏ پاڻ کي ”سنڌي“ سڏرائيندا آھن ۽ لڳ ڀڳ 30 ھزار اوڏ نئي دھليءَ جي الڳ الڳ ڪالونين ۾ گھرن ٺاھڻ جي ڪم ۾ مصروف آھن. سندن سڀ کان وڏي وسندي ”سنجي نگر“ ڀاٽي مائينس کاڻين ۾ آھي، جيڪا مھرولي ڪتب مينار کان 16 ڪلوميٽر پري آھي. سنجي نگر کان ھرياڻا رياست جي سرحد ويجھو آھي، پر اوڏ پنھنجي ھر ڪم لاءِ نئي دھليءَ ئي ويندا آھن. سنجي نگر جي ويجھو ئي دھليءَ جون مشھور ڀاٽي مائينس آھن، جن مان تمام ڏکيائيءَ سان اوڏ بجري ڪڍندا آھن. اوڏ انتھائي محنتي آھن. اھي تمام سگھاري جسم وارا ھوندا آھن. سندن مرد ۽ عورتون کاڻين ۾ سخت محنت ڪندا آھن. ان ڪم لاءِ  وٽن گڏهه ۽ خچر ھوندا آھن. سندن اڪثر اوڏ اڄ به ڪکائين ڇتين وارن گھرن ۾ رھندا آھن. پاڻيءَ جي انھن وٽ ڪافي ڪلت ھوندي آھي. ھڪ سؤ چورس ڪلوميٽرن ۾ ڦھليل ڀاٽي مائينس (کاڻيون) پٿريليون آھن ۽ ٽي سؤ کان وڌيڪ فوٽ ھيٺ وڃي انھن مان بجري ڪڍندا آھن. مشڪل حالتن ۾ رھڻ ۽ سخت محنت ڪرڻ سندن زندگيءَ جو اھم حصو بڻجي ويو آھي. مون کي ڪيترائي دفعا لڳندو آھي ته سنڌ جي مٽيءَ مان ٺھڻ ڪري سنڌو نديءَ جو پاڪ پاڻي پيئڻ ڪري انھن اوڏن ۾ ايڏي قوت اچي ويئي آھي جو ھو انھن مشڪلاتن کي منھن ڏيڻ لائق آھن. سنڌ لاءِ پيار سندن نس نس ۾ رچيل آھي. سنجي نگر ۾ چئن رستن وارو چوڪ آھي، جنھن جو نالو انھن ”سنڌي چوڪ“ رکيو آھي.

سيپمٽمبر 1971ع ۾ منھنجو مامو شري جي . پي واسواڻي ۽ شِري موھن لال واڌواڻي منھنجي دھليءَ ۾ وسندڙ اوڏن کي تلاش ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. ڀارت ۾ لسانيات جي ماھرن مان آءٌ  پھريون عالم آھيان، جنھن کي ڀارت ۾ اوڏن کي ڳولي لھڻ جو شرف حاصل آھي. مون اوڏن جي ٻوليءَ جي باري ۾ ڪافي معلومات گڏ ڪئي آھي ۽ سندن لوڪ گيت به گڏ ڪيا آھن. جڏھن آءٌ اتي رھڻ ويس، تڏھن مون کي سندن ويھن (20) شادين ۾ شرڪت ڪرڻ جو موقعو مليو. مون ان موقعي جو پورو پورو فائدو ورتو ۽ ڪافي وِھانءَ گيت لکي ورتا (انھن ڏينھن ۾ ٽيپ رڪارڊ موجود نه ھئڻ سبب اھي گيت رڪارڊ ڪرڻ ممڪن ٿي نه سگھيا، ان جو مون کي افسوس رھندو). منھنجا ٻه خاص خابرو (Informants)  ڪرشَن علواڻي ۽ گورڌن اوڏ، ٻئي تمام پيارا ماڻھو  ھئا ۽ انھن منھنجي ھر طرح جي مدد ان مواد کي گڏ ڪرڻ ۾ ڪئي. سندن وڏو سيفل اوڏ به تمام سادي طبيعت جو آھي ۽ ان به لوڪ گيت گڏ ڪرڻ ۾ منھنجي وڏي مدد ڪئي. ڪجهه لوڪ گيت ھتي پيش ڪيا ٿا وڃن:

دوھري گھڙائي ڏي

سيوھڻ جو سونارو

چِٽ رکي ڏي پنھنجي دل سان

ٽِڪ رکي ڏي پنھنجي مُلهه سان

آ سنھڙي نه ڪر ماڻو مارُن سان

تنھنجو ليک لکيو آ، اُن سنھڙي سان

تنھنجو ليک لکيو آ، ان گوپيءَ سان

سُھڻي ماڻو نه ڪر مارُن سان

سھڻي ماڻو نه ڪر سانگين سان!

نٿ گھڙائي ڏي سيوھڻ جو سونارو

چِٽ رکي ڏي پنھنجي دل سان

ٽِڪ رکي ڏي پنھنجي دل سان

سُھڻي ماڻو نه ڪر مارُن سان

تنھنجو ليک لکيو آ، ان گوپيءَ سان

او ليلان ماڻو نه ڪر راجن سان!

او مُــنــڊي گــھـڙائــي ڏي

سـيــوھــڻ جــو ســونــارو

چِٽ رکي ڏي پنھنجي دل سان

ٽِڪ رکي ڏي پنھنجي دل سان

آ سنھڙي ماڻو نه ڪر مارُن سان!

گيت اڳيان وڌندو رھندو آھي. مٿي ڏنل گيت ۾ ”گوپي“ نالو ورتو ويو آھي. دراصل جنھن گھر ۾ مون اھو گيت لکيو، ان وقت خوش قسمتيءَ سان گوپي مون سان گڏ ويٺو ھو ۽ ڳائڻ واري ان ڏانھن اشارا به ڪري رھي ھئي، پر جڏھن اھو لوڪ گيت ٻئي گھر ۾ رڪارڊ ڪيم ته ”اشوڪ“ نالو ورتو ويو، ڇو ته، ان گھر ۾ گھوٽ جو نالو اشوڪ ھو. جيئن ئي گيت ختم ٿيو تيئن ئي ڪرشَن اوڏ (جنھن جي پُٽ گوپيءَ جو وِھانءُ ھو ) پڇيو، ”ڊاڪٽر صاحب! اوھان ”ٽِڪ رکڻ“ ۽ ”چِٽ رکڻ“ جو مطلب سمجھيو؟“ مون جواب ڏنو، ”اوھان سمجھائيندا ته وڌيڪ سٺو ٿيندو.“ ان چيو ” ’ٽڪ رکڻ ڏي پنھنجي دل سان‘ سوناري کي چيو پيو وڃي. ان جو مطلب آھي ته تون منڊيءَ تي ۽ گلي جي ھار تي جيڪا ڊِزائين ٺاھين، اھا تون پنھنجيءَ دل سان ٺاھجان. پر ان ۾ جيڪو ھيرو وجھندين، اھو گھوٽ جي ادا ڪيل قيمت جي بنياد تي وجھجان.“ سندس ان بيان کي ٻڌي، آءٌ دل ئي دل ۾  اوڏڻ ڀيڻن جي سوچ جي ساراهه ڪرڻ کان سواءِ نه رھي سگھيس. مٿي ڏنل گيت ۾ سيوھڻ شھر جو نالو اچي ٿو. ٻين لوڪ گيتن ۾ لاڙڪاڻي ۽ دھليءَ جو نالو به اچي ٿو. ان تي جڏھن مون اَشوڪ جي نانيِءَ کان، جيڪا پاڻ به ڳائي رھي ھُئي، پڇيو ته ان چيو ته ھاڻي ته سيوھڻ ۽ لاڙڪاڻو سنڌ ۾ رھجي ويا ۽ ھاڻي ته اسين دھليءَ جي سوناري کان ئي سون جا زيور ٺھرائيندا آھيون. ليڪن سنڌ جي شھرن جي نالن جو لوڪ گيتن ۾ ھجڻ ان ڳالهه جو ثبوت آھي ته اوڏ ڀيڻن سنڌ جي شھرن کي اڃاتائين ڪونھي وساريو.

اوڏ جاتيءَ جي باري ۾ سنڌ جي مشھور اسڪالر ڀيرو مل مھر چند آڏواڻيءَ لکيو آھي ته اھي ”دَراوڙ“ آھن، پر مٿي ڏنل لوڪ گيت ۾ سندن ٻولي ٺيٺ سنڌي آھي.

اوڏ جاتيءَ جو ھڪ ٻيو وِھانءَگيت ٻڌو:

”عاجَ جي ٻيڙي دھلن ساڻ ٿي اچي“

پڇو پاڙي وارن کان اشوڪ گھوٽ ٿو اچي

پڇو پاڙي وارن کان اشوڪ گھوٽ ٿو اچي

عاج جي ٻيڙي دھلن ساڻ ٿي اچي

اشوڪ گھوٽ ٿو اچي سنھڙيءَ لاءِ ٿو اچي

پڇو پاڙي وارن کان اشوڪ گھوٽ ٿو اچي

پڇو پاڙي وارن کان اشوڪ گھوٽ ٿو اچي

عاج جي ٻيڙي دھلن ساڻ ٿي اچي

 

اشوڪ گھوٽ ٿو اچي ونڙيءَ لائي ٿو اچي

پڇو پاڙي وارن کان اشوڪ گھوٽ ٿو اچي

پڇو پاڙي وارن کان اشوڪ گھوٽ ٿو اچي

عاج جي ٻيڙي دھلن ساڻ ٿي اچي

 

اشوڪ گھوٽ ٿو اچي پنھنجي ڪنوار لائي ٿو اچي

پڇو پاڙي وارن کان اشوڪ گھوٽ ٿو اچي

پڇو پاڙي وارن کان اشوڪ گھوٽ ٿو اچي

عاج جي ٻيڙي دھلن ساڻ ٿي اچي“

 

پوءِ ان طرح پھرين، ٻي، ٽي، ۽ چوٿين سِٽ ۾ فقط ھڪ ھڪ لفظ ”سھڻل“، ”ونڙيءَ“ ”ڪنوار“ بدلجي ٿو. باقي ٽئي مصرعون ھڪجھڙيون رھنديون آھن. اڳيان به گيت ۾ اھو ئي ھڪ لفظ  ”راڻل“، سنھڙي“ وغيره سان بدلجندو آھي ۽ پوءِ اھو گيت وڌندو رھندو آھي. ان لوڪ گيت جي سڀ کان وڏي خاصيت اھا آھي ته ان ۾ ذڪر ڪيل ٻيڙي ھاٿيءَ جي ڏندن يعني ”عاج“ جي ٺھيل آھي. ۽ گھوٽ ان ٻيڙي ۾ ويھي اچي ٿو. سنڌءَ ۾ ته ھڪڙي ئي ندي ھئي سنڌوءَ ندي، ان ڪري ھن گيت سان سنڌو ندي به اڻ سِڌي نموني ڳنڍيل آھي. مون کي ھاٿيءَ جي ڏندن مان ٺھيل ٻيڙي تمام پياري لڳي ۽ ان ڳالهه جو به احساس ٿيو ته سنڌو نديءَ سان اوڏن جو ڳنڍجڻ ۽ وڇڙڻ سندن لاءِ ھڪ دل ڏکوئيندڙ واقعو آھي. جڏھن اھو گيت ختم ٿيو، تڏھن ڪِرشن اوڏ چيو، ”ڊاڪٽر صاحب، ھتي اچي سنڌو نديءَ کان وڇڙڻ اسان لاءِ وڏو المناڪ واقعو آھي، خاص ڪري اسان کي پاڻيءَ جي وڏي پريشاني آھي، اڄ ئي جڏھن اوھان اچي رھيا ھئا ته اوھان ڏٺو ھوندو ڪيئن 100 ٿانون جي ڊگھي قطار پاڻيءَ جي نَل تي لڳي پئي ھئي“. اھڙيءَ حالت ۾ سنڌو نديءَ جي ياد فطري ڳالهه آھي.

ھن گيت ۾ ھڪ ٻي ڳالهه اسان جو ڌيان پاڻ ڏانھن ڇڪي ٿي، جيڪا اھا آھي ته سنڌ ۾ ھڪ رسم ھئي ته جڏھن ڄڃ ڳوٺ ۾ داخل ٿيندي ھئي ته تڏھن دُھل وڄائي اڳيان وڌندي ھئي. ان جو ئي ذڪر مٿي ڪيو ويو آھي. ھاڻي ته ننڍن وڏن شھرن ۾ بينڊ باجن جو رواج پئجي ويو آھي. ٻوليءَ جي لحاظ کان پرکيو وڃي ته ھن گيت ۾ نج سنڌيءَ جي دلڪش نمونن جو استعمال ڪيو ويو آھي. اوڏن جي ڪيترن ئي وِھانءَ گيتن ۾ ’ٻانھين‘ لفظ جو استعمال ٿيندو آھي. ’ٻانھين‘ مطلب عاج مان ٺھيل وڏيون وڏيون چوڙيون، جيڪي ڪرائيءَ کان وٺي ٺونٺ تائين ۽ پوءِ ٺونٺ کان وٺي ڪلھي تائين پاتيون وينديون آھن. انھن کي سُھاڳ جي نشاني مڃيو ويندو ھو. سنڌ ۾ 1947ع تائين اھي چوڙيون سڀئي جاتيون پائينديون ھيون. ساڌو ھيرانند پنھنجي زال کي عاج جون چوڙيون ڪٽي، سون جون چوڙيون پارائي ان جو رواج ختم ڪيو. ساڌو ھيرانند جي ڪوشش سان ئي ڪافي سنڌي ھندن ھن رسم کي ختم ڪيو. جيتوڻيڪ سنڌي راجپوتن ۽ اوڏن ھن رسم کي قائم رکيو، پر دليءَ ۾ اچڻ کان پوءِ ھن رسم کي ختم ڪيو ويو. ڪرشَن اوڏ ھڪڙي لوهه جي پيتي ڏيکاري، جنھن ۾ ھُن عاج جون چوڙيون ۽ پُراڻو لباس جھڙوڪ ڪنجري، گھاگھرا ۽ ٻيون شيون سنڀالي رکيون ھيون. ھاڻي ڪرشَن اوڏ جي زال جاٽن جي عورتن وانگر شلوار قميص پائيندي آھي.

ٻوليءَ ۾ ٺيٺ سنڌيءَ جو استعمال ڪيو ويو آھي. ھي وِھانءَ جا لوڪ گيت سنڌي جي تھذيب جي اھم رُخن ڏانھن اشارا ڪن ٿا. ائين مڃيو وڃي ٿو ته وِھانءَ جي وقت گھوٽ کي خاموش رھڻ گھرجي، ان ڪري ان کي رومال ڏنو  ويندو آھي ۽ کيس چيو ويندو آھي ته ھو ان رومال کي منھن تي رکي ڇڏي. ان گيت ڳائڻ وقت اشوڪ جيڪو پاڻ گھوٽ ھو، اتي ويٺو ھو ۽ گيت رڪارڊ ڪرڻ جو سڀ ڪم به ڪري رھيو ھو. گيت ختم ڪرڻ کان پوءِ سندس ماءُ ڏانھنس ڏسي چيو، ”مان اشوڪ کي ئي ٻڌائڻ چاھيان ٿي ته ھو آھستي ڳالھائي، ڇا جي ڪري، جو اڄ ڪلهه جا نوجوان سھرو موڙ ٻڌڻ کان پوءِ به دوستن يارن سان ڳالھائيندا رھندا آھن، جنھن کي اسين پراڻي دؤر جا ماڻھو سٺو نٿا سمجھون.“

اچو ته ھڪ ٻيو گيت ٿا ٻڌون:

شيشي عطر جي ڀري آڻي لايو

لانوڻ وارا گھوٽ ڪنوار

ونڙي ته راڻل جي مانڊي ۾ نھاري،

ونڙي ته راڻل جي خوشيءِ ۾ نھاري،

بابو راڻل جو باغ بھار

بابو راڻل جو باغ بھار

ونڙي ته سھڻل جي مانڊي ۾ نھاري

ونڙي ته سھڻل جي خوشيءِ ۾ نھاري

بابو سھڻل جو باغ بھار

بابو سھڻل جو باغ بھار

ونڙي ته اشوڪ جي مانڊي ۾ نھاري

ونڙي ته اشوڪ جي خوشيءِ ۾ نھاري

بابو اشوڪ جو باغ بھار

بابو اشوڪ جو باغ بھار

ٻوليءَ جي لحاظ سان ھونئن ته ھي گيت  ٺيٺ سنڌي ٻوليءَ ۾ چيو ويو آھي ”لاوڻ“ جيڪو اوڏن جي لھي جو لڳي ٿو. ٺيٺ سنڌي ۾ ”لائڻ وارا“ ٿيندو آھي، مطلب لڳائڻ وارا.

ھيءُ گيت ان وقت جي باري ۾ بيان ڪري ٿو، جڏھن ڄڃ اچي ”مانڊي“ ۾ بيھندي آھي ”مانڊي“، ”مانڊو“ مطلب مَنڊَپ، جيڪو ڪکائينءَ ڇت وارو چئني پاسن کان کليل ھوندو آھي، جنھن ۾ ڄڃ اچي ويھندي آھي. تڏھن ڪنوار موقعو ڏسي گھوٽ ڏانھن ڏسندي آھي. ٻيو ان گيت ۾ چيو ويو آھي ته ”بابو راڻل جو باغ بھار“ مطلب ان موقعي تي گھوٽ جو پيءُ تمام گھڻو خوش ھوندو آھي. اوڏ عورتون ڳائڻ مھل ڪنھن به ساز جو استعمال نه ڪنديون آھن. ٻين وِھانءَ گيتن ۾ سنڌي عورتون ٿالهه يا ٿالھي وڄائي گيت ڳائينديون آھن، پر اوڏ ڀيڻيون ته ٿالھي به نه وڄائينديون آھن. سڌي سنئين آواز ۾ ڳائينديون وينديون آھن، اھا اوڏن جي گيتن جي خوبي آھي.

ٿوار:

آءٌ پنھنجي مامي شِري جي. پي واسواڻيءَ سندن دوست شِري موھن لال واڌواڻيءَ جو شُڪر گذار آھيان، جن مون کي اوڏن سان ملايو ۽ سنجي نگر وٺي وڃي مون کي اوڏن  جي وسندي ڏيکاري. اوڏن جي وڏي سيفل اوڏ ۽ ٻين خابرن (Informants)  ڪرشَن علواڻي اوڏ ۽ گورڌن اوڏ ھنن لوڪ گيتن کي گڏ ڪرڻ ۾ منھنجي ھر طرح سان مدد ڪئي، مان دل سان انھن سڀني جو شڪريو ادا ڪريان ٿو.

حوالي جو ڪتاب:

ڪلياڻ آڏواڻي، ”شاهه جو رسالو“، ھندوستان ڪتاب گھر، بمبئي ڇاپو پھريون، سال 1985ع.