سنڌي لوڪ گيت- ٻوليءَ جي اوسر

ڪتاب جو نالو سنڌي لوڪ گيت- ٻوليءَ جي اوسر
ليکڪ ڊاڪٽر پرسو جيسارام گدواڻي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-44-4
قيمت 1000    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (684) PDF  E-Pub
انگ اکر

11 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     160726   ڀيرا پڙهيو ويو

ھڪ سنڌي ڪيمپ جا لوڪ گيت


1948ع ۾ ڀارت جي ورھاڱي کان پوءِ ڪافي سنڌي ھندو ڀارت آيا ۽ ڀارت سرڪار انھن کي مَڌيه پرديش، راجستان، گجرات، مھارشٽرا رياستن جي ڪيترن ئي شھرن جي ٻاھر ’سنڌي بستي‘ جي نالي سان ننڍيون ڪالونيون ٺاھي اُتي رھايو. ٻين ڪيترن ئي رياستن            جھڙوڪ: اتر پرديش، تامل ناڊو ۽ ڪرناٽڪ جي وڏن وڏن شھرن ۾ به ٿورا ٿورا سنڌي رھائش پذير ٿي ويا. پنجن کان ڏھن سالن جي اندر ڪيترائي سنڌي پنھنجن پيرن تي بيھي رھيا. ايندڙ ڏھن سالن ۾ وري گھڻا سنڌي خوشحال ۽ دولتمند ٿي ويا. ھاڻي فقط پنج سيڪڙو سنڌي بس ٺيڪ ٺاڪ حالت ۾ آھن. شروعاتي ڏينھن ۾ انھن سنڌي وسندين ۾ پراڻي پيڙھيءَ جي ڪري سنڌي تھذيب جي اوسر ٿي، ليڪن نئين پيڙھيءَ جو گھڻو ڌيان آسپاس جي ماحول کان متاثر ٿي اوڏانھن ھليو ويو آھي. ھاڻي رسمن رواجن ۾ اھا سنڌي تھذيب نظر نٿي اچي.

سن 1991ع ۾ مون کي ڀوپال جي ويجھو ھڪ وڏي سنڌي ڪالوني ”بيراگر“ (جنھن کي ھاڻي سَنت ھردارام نگر چيو ويندو آھي) ۾ وڃڻ جو اتفاق ٿيو. ھتي مون کي سنڌ ۾ ورھاڱي کان پھرين ڳائجندڙ لوڪ گيت رڪارڊ ڪرڻ جو موقعو مليو. جن مان مون کي سنڌ جي خوشبوءِ آئي، ڇا جي ڪري جو ھاڻي گھڻو ڪري سنڌي ڪيمپن ۾  وِھانءَ جي وقت ڀڳونتي ناواڻيءَ جا آڊيو ڪيسيٽ ئي ٻڌڻ ۾ ايندا آھن ۽  وِھانءَ گيتن ڳائڻ جو رواج رسمي رھجي ويو آھي. ايستائين جو اڄڪلهه جي شاديءَ جي ڪارڊن ۾ به ھڪڙا اھڙو ڏينھن رکيل ھوندو آھي جنھن تي زنانن گيتن (Ladies’ Sangeet) جو پروگرام ھوندو آھي. بيراڳڙ ۾ جيڪي چار ڀيڻون وِھانءَ وقت ڳائڻ لاءِ تيار ٿيون انھن جا نالا ھن ريت آھن: مکيه ڳائڻ واري شِريمتي ڪوشَلِيا دادلاڻي ھئي ۽ باقي ٽي لَھڻي ٻائي، لالي سَڀاڻي ۽ راڻي نرياڻي ھيون. انھن ۾ راڻي نرياڻي سڀني کان گھٽ عمر جي ھئي ۽ ھن جو جنم ڀارت ۾ ئي ٿيو ھو. مکيه ڳائڻي جيڪا ھئي، سا ھر لوڪ گيت ۾ پنھنجي طرفان ڪجهه مصرعن جو واڌارو ڪري رھي ھئي ته وري ڪٿي ڪٿي ھڪ يا چئن لفظن جو اضافو ڪري رھي ھئي ۽ وچ وچ ۾ نالا به جوڙي رھي ھئي. اھا ئي ته حقيقت ۾ سنڌي لوڪ گيتن جي وڏي خوبي آھي. اھا خاصيت سنڌي جتن، اوڏن ۽ سنڌي ريٻارين جي لوڪ گيتن ۾ تمام گھڻي ملي ٿي.

ھتي پيش ڪيل سڀئي لوڪ گيت ٽيپ رڪارڊ مان ئي لکت جي صورت ۾ آندا ويا آھن. مون ھتي خاص طور تي ھتي اھي ئي گيت چونڊيا آھن، جيڪي ڀارت جي ورھاڱي کان پھرين سنڌي تھذيب  جي سُڃاڻپ ھوندا ھئا. پر اڄ جي دؤر ۾ اھي بي معنيٰ ئي لڳندا. سَسُ ۽ نُھن جي اڻ بڻت ته صدين کان ھلندي اچي. پر جن اصطلاحن ان کي پيش ڪيو ويو آھي اھي منفرد آھن. ھن گيت کي سوال جواب جي صورت ۾ ڳايو ويو آھي. ھڪڙي مائي سَس کان پڇي ٿي ته ”تنھنجي ننڍڙي ننھن توکي ڇاٿي چوي؟“ تڏھن سَس چوي ٿي ته ” ان ته منھنجا سنڌ ئي ساڙي ڇڏيا آھن. اھا چوي ٿي ته اھا ٻُھاري ته ڪڏھن به نه ڏيندي، ھي پيو اٿئي تنھنجو ڪچرو.“ پوءِ ٻيھر ان کان پڇيو وڃي ته ”تنھنجي ننڍڙي ننھن توکي ڇاٿي چوي؟“ نه سَس جواب ڏي ٿي، اھا چوي ٿي ته تنھنجو پاڻي ته مان ڪڏھن به ڀري نه ايندس. تون پنھنجو مٽ ٽوڙي ڇڏ“. سَس جو جواب آھي ته”کاڌو ته آءٌ ڪڏھن به نه پچائيندس، تون ھاڻي پيٽ کي پٽي ٻڌي ڇڏ.“ ان کان پوءِ سَس جواب ٿي ٻڌائي ته ھوءَ چوي ٿي ته تنھنجن وارن ۾ تيل وجھي ڪڏھن به ڦڻي نه ڏيندس، سٺو  آھي تون گنجي ٿي وڃ.“ ھوءَ چوي ٿي ته سرمو ته توکي آءٌ ڪڏھن به نه ڏيندس، بھتر آھي ته تون انڌي ٿي وڃ. ”اھا چوي ٿي ته ڏندڻ ته توکي ڪڏھن به نه ڏيندس، سٺو آھي ته تون پنھنجا ڏند ڪڍائي ڇڏ ۽ ٿي گھم.“ ”اھا چوي ٿي ته مان پيڪن ۾ ھلي وينديس ۽ تنھنجو پُٽ پاڻھي ئي پنڌ ڪري ايندو.“ ھن سنڌي گيت ۾ تمام گھڻو ورجاءُ آھي، جنھن کي مٿي نه ٿو ڏئي سگھجي.

ھاڻي ڏسو ھي لاثاني سنڌي گيت:

”ڀلا سَس! ڇاٿي چويئي ننھن ننڍڙي؟

منھنجا ته ساڙي ڇڏيا اٿائين سَنڌ، ڙي!

”ڀلا سَس! ڇاٿي چويئي ننھن ننڍڙي؟

”ٻھاري تنھنجي مُور نه پائينديس

اِھو پيو اٿئي گندُ ڙي

منھنجا ته ساڙي ڇڏيا اٿائين سنڌ، ڙي“!

”شال سڙي ويندا تنھنجا سنڌ، ڙي

ڀلا سس! ڇا ٿي چويئي ننھن ننڍڙي؟

”پاڻي تنھنجو ڪينَ ڀرينديس

گھڙو گھڙي تي ڀڃ ڙي

منھنجا ته ساڙي ڇڏيا اٿائين سَنڌ، ڙي

ڀلا سَس! ڇاٿي چويئي ننھن ننڍڙي؟

”روٽي ته منھنجي مُور پچا.ينديس

پيٽ کي تون ٻڌ کڻي پٽڙي“

منھنجا ته ساڙي ڇڏيا اٿائين سَنڌ، ڙي!

”شال سڙي ويندا تنھنجا سنڌ، ڙي

ڀلا سَس! ڇاٿي چويئي ننھن ننڍڙي؟

سينڌ ته تنھنجي مُور نه ٺاھينديس

مٿو ڪوڙائي کڻي ڇڏ ڙي

پوءِ ٺوڙھي ٿي وڃي گھُم ڙي“

منھنجا ته ساڙي ڇڏيا اٿائين سَنڌ، ڙي!

شال سڙي ويندا تنھنجا سنڌ، ڙي!

ڀلا سَس! ڇاٿي  چويئي ننھن ننڍڙي؟

”سرمو ته توکي مُور نه پائينديس

اکيون ڪڍائي کڻي گھُم ڙي!“

منھنجا ته ساڙي ڇڏيا اٿائين سَنڌ، ڙي!

شال سڙي ويندا تنھنجا سنڌ، ڙي!

ڀلا سَس! ڇاٿي چويئي ننھن ننڍڙي؟

”ڏندڻ ته توکي مُور نه ڏينديس

پوءِ ڏند ڪڍائي کڻي ڇڏ ڙي!

پوءِ کنڊي ٿي کڻي گھُم، ڙي“

منھنجا ته ساڙي ڇڏيا اٿائين سَنڌ، ڙي!

شال سڙي ويندا تنھنجا سنڌ، ڙي!

ڀلا سَس! ڇاٿي چويئي ننھن ننڍڙي؟

 

زور ته توکي مُور نه ڏينديس

ٽنگ ڪپائي کڻي گھُم ڙي!

او  مَنڊي ٿي کڻي گھُم ڙي!

منھنجا ته ساڙي ڇڏيا اٿائين سنڌ، ڙي!

شال سڙي ويندا تنھنجا سنڌ، ڙي!

ڀلا سس! ڇا ٿي چويئي ننھن ننڍڙي؟

پيڪي جو ھلي وينديسانءِ مُور نه اينديسانءِ

اِھو پُٽ اچئي ٿو پنڌ، ڙي“!

منھنجا ته ساڙي ڇڏيا اٿائين سنڌ،ڙي!

شال سڙي ويندا تنھنجا سنڌ، ڙي!

ڀلا سس! ڇا ٿي چويئي ننھن ننڍڙي؟“

ھن لوڪ گيت ۾ ٽي عورتون ملي سوال پڇنديون آھن، ”ڀلا سس! ڇا ٿي چويئي ننھن ننڍڙي؟“ شريمتي دادلاڻيءَ ٻڌايو ته وِھانءَ جي مھل سسون ۽ ننھون پنھنجي دل جا سور کلي عام بيان ڪنديون ھيون ۽ اڪثر ائين چئي ڳائينديون ھيون. ھُن ڪنھن جي وِھانءَ تي اھو لوڪ گيت ٻڌو ھو. ھوءَ پنھنجي طرفان به ان گيت ۾ الاھي ڪجهه جوڙيندي  رھي ھئي. سڀني جو چوڻ ته وِھانءَ جي وقت ھر ڳالهه کي مذاق طور لکيو آھي. سسون ۽ ننھون ڪڏھن به انھن ڳالھين تي رُسنديون نه آھن ۽ سڀ ڪجهه کل ڀوڳ ۾ ٽاري ڇڏينديون آھن. مون کي اھو به ٻڌايو ويو ته ان طرح جا گيت گھڻو ڪري نُنھون ئي ڳائينديون ھيون. سسون ڪونه ڳائينديون ھيون. ان جو وڏو سبب اھو ھو، جو ان دور ۾ ننھن تي ھر طرح جي سختي ۽ بندش ھئي. وِھانءَ جي وقت انھن کي پنھنجا ڏک سور اورڻ جو سٺو موقعو ملندو ھو، بلڪ مون کي اھو به ٻڌايو ويو ته اھا حقيقت ۾ سس لاءِ تنبيهه ھوندي ھئي، جنھن جو ٿورو گھڻو اثر سس تي ٿيندو ھو. ھڪ ٻيو گيت انتھائي سندر آھي، ان کي گھڻو  ڪري سس ئي ڳائيندي آھي:

”ڏس ناٽ ننڍين جا،

وڏيون ويھي ڳالھائين

گھر جي لاھي چاڙھي،

پيڪن کي ٻڌائين

ڏس ناٽ ننڍين جا!

اچن ڀائر پيڪن مان

خوشيءِ سان کارائين

ڏس ناٽ ننڍين جا!

گھر جي لاھي چاڙھي

پيڪن کي ٻڌائين!

اچي نڻان گھوٽ سان

ته جھيڙا پيون مچائين

ڏس ناٽ ننڍين جا!

گھر جي لاھي چاڙھي

پيڪن کي ٻڌائين“!

 

مطلب سَس چوي ٿي ته اڄڪلهه جي نُنھن کي ڪير ڏسي ته ڪيئن گھر ته جون ڳالھيون پيڪن کي ٻڌائين ٿيون. انھن جا ڀائر اچن ٿا ته خوشيءَ سان انھن کي ماني پچائي کارائين ٿيون، انھن آڌر ڀاءُ ڪن ٿيون. (سنڌ ۾  ڀاءُ ۽ ٻيا پيڪن وارا ڀيڻ جي گھر ۾ پاڻي به نه پيئندا ھئا). پر جڏھن نِڻان پنھنجي مڙس سان پيڪن ۾ اچي ٿي ته ھي اڄڪلهه جون نُنھون  انھن سان وڙھن ٿيون ۽ انھن کي ست سُريون ٻڌائين ٿيون. گيت جي وچ وچ ۾ ڪيترائي ڀيرا ”گھر جون ڳالھيون پيڪن کي ٻڌائين“ اچي ٿو. ھڪ ٻيو سنڌي لوڪ گيت ڏسو:

”ڙي منھنجي گھر جي مڇي

نِڻان سدوريءَ پيءَ سان سِليو

ھيڙي نُنھن نه ڌار

ڙي منھنجي گھر جي مڇي

تنھن کان پوءِ ٻوڙي مار!

ڙي منھنجي گھر جي مڇي

سھري سدوري جو ئي سان سِليو

ھيڙي نُنھن نه ڌار!

ڙي منھنجي گھر جي مڇي

تنھن کان ٻوڙي مار

ڙي منھنجي گھر جي مڇي

ماءُ سدوريءَ پٽ سان سِليو

پٽ ھيڙي سال نه ڌار!

ڙي منھنجي گھر جي مڇي

تنھن کان ٻوڙي ماڙ

ڙي منھنجي گھر جي مڇي

آءٌ ڇو ٻوڙيان ڌيءَ پرائي

جنھن جا پيڪا پار

ڙي منھنجي گھر جي مڇي

جنھن کي ڀائر چار

ڙي منھنجي گھر جي مڇي

اول ٻوڙيان ٻڌڙو ٻڍڙي

پوءِ ٻوڙيندس ڀيڻ ڀاڄائي

تنھن پوءِ ڪنوار 

ڙي منھنجي گھر جي مڇي“!

مٿي ڏنل گيت ۾ ڏيکاريو ويو آھي ته ڪيئن سَس ننھن جي نفرت ھڪٻئي لاءِ ايتري ته وڌي وڃي ٿي جو سَس پنھنجي پٽ کي چوي ٿي ته ھو پنھنجي ڪنوار کي نديءَ ۾ ٻوڙي ماري ڇڏي جيئن ته عام ڳالهه آھي، ھتي به شڪايت پھرين نڻان کان ئي شروع ٿئي ٿي.  پر ھن گيت جي سونھن ان ۾ آھي ته مڙس پنھنجي زال جو ئي پاسو کڻي ٿو ۽ چوي ٿو ته سڀني کان پھرين پوڙھي کي،  جنھن مان مراد ان جا ماءُ پيءُ آھن، پوءِ ڀيڻ کي ۽ پوءِ ڀاڄائيءَ کي ۽ آخر ۾ پنھنجي زال کي ٻوڙيندو.

ھڪ ٻيو لوڪ گيت خانداني جھڳڙن تي تمام سھڻو لکيو ويو آھي. ان جي خاصيت اھا آھي ته ان ۾ لوٽي کي ملڪيت جي علامت طور ظاھر ڪيو ويو آھي. جنھن تي خاندان جو ھر ڀاتي پنھنجو حق جتائي ٿو:

”لوٽو لوٽو، ٽامي جو لوٽو

بابا چوي منھنجو ٽامي جو لوٽو

”لوٽو لوٽو، ٽامي جو لوٽو

امان چوي منھنجو ٽامي جو لوٽو

”لوٽو لوٽو، ٽامي جو لوٽو!

سڀني لاتو جھيڙو ٽامي جو لوٽو

”لوٽو لوٽو، ٽامي جو لوٽو!

ڀاءُ چوي منھنجو ٽامي جو لوٽو

”لوٽو لوٽو، ٽامي جو لوٽو

ڀاڀي چوي منھنجو ٽامي جو لوٽو

”لوٽو لوٽو، ٽامي جو لوٽو!

لوٽو لوٽو، منھنجو ٽامي جو لوٽو

”لوٽو لوٽو، ٽامي جو لوٽو!

ٻنھي لاتو جھيڙو، ٽامي جو لوٽو

”لوٽو لوٽو، ٽامي جو لوٽو“!

ان طريقي سان گيت ھلندو رھندو آھي. چاچي چاچيءَ، ڀائيٽي ڀائيٽيءَ. ايتروئي نه، ھن گيت ۾ ته گھر جي ملڪيت ۾ مامي ماميءَ، ماسڙ ماسيءَ کي به گھليو ويو آھي. سؤٽن جو جائيداد تي جھڳڙو ته مھاڀارت جي دؤر کان ھلندو اچي. ھاڻي اڄڪلهه جي دؤر ۾ ڀاءُ ڀاءُ جو ملڪيت تي جھيڙو ته بلڪل عام ڳالهه ٿي وئي آھي. ھن لوڪ گيت ۾ ٽامي جي لوٽي کي جنھن نموني مال ملڪيت جي علامت ٺاھيو ويو آھي، ان لاءِ ھن گيت جي ٺاھڻ واري جي تخيل جي واکاڻ ڪرڻي پوندي.

ھڪ ٻيو ڪافي خوبصورت گيت مون کي ھن ڪيمپ ۾ ٻڌايو ويو، جنھن جو تعلق وِھانءَ سان ته نٿو جُڙي پر لَھڻي بچاڻيءَ مون کي ٻڌايو ته ھي گيت به شادين ۾  تمام گھڻو ڳايو ويندو آھي. ۽ خاص طور ڪنوار کي ان جي ذريعي تاڪيد ڪئي ويندي آھي ته ھوءَ ساھُرن ۾ وڃي وڏيون خواھشون نه ڪري ۽ نه ئي ڪي ھوائي قلعا تعمير ڪري. ايترو ئي نه لھڻي بچاڻيءَ اھو به چيو ته ان گيت ٻڌڻ کان پوءِ ڪنوار جون سرتيون ان کي چونديون ھيون ته ھاڻي ھوءَ ساھُرن متعلق حسين خواب ڏسڻ ڇڏي ڏئي.

ٻڌو ھي گيت:

”شابي گيهه جو گھڙو!

مون کي مزوري ته ملندي آنا ٻه چار

شابي گيهه جو گھڙو!

مون کي مزوري ته ملندي آنا ٻه چار

تنھن مان آنن ۽ چوزن جي ٿيندي قطار

شابي، گيهه جو گھڙو!

مون کي مزوري ته ملندي آنا ٻه چار

جنھن مان گانءِ ته وٺندس سھڻي ستار

جنھن مان گابين جي ته ٿيندي قطار

شابي گيهه جو گھڙو

مون کي مزوري ته ملندي آنا ٻه چار

شابي گيهه جو گھڙو“

 

انھن کي اھو گيت صرف ايترو ئي ياد ھو. تڏھن به انھن چيو ته ھيءُ گيت پورو ڳايو ويندو ھو. مون کي اھا آکاڻي ننڍپڻ ۾ ٻڌل لڳي ٿي. جنھن ۾ ھڪڙو ماڻھو ٻن چئن آنن جي مزوري ملڻ کان پھرين ئي تصور ۾ ڪڪڙ وٺندو آھي، جنھن مان آنا ملندا اٿس، جن کي وڪڻي ھو ھڪ ڍڳي وٺندو آھي، پوءِ  ڍڳي جي کير مان گيهه ٺاھي وڪڻندو آھي ۽ خيالن ئي خيالن ۾ دولتمند ٿي ويندو آھي، ھو شادي به ڪندو آھي ۽ ان کي ٻار به ٿيندا آھن. ايتري ۾ ان جي پير کي ٿُڏو لڳندو آھي ته ھو ڪِري پوندو آھي ۽ تصور جو سلسلو ٽٽي پوندو آھي.

ھڪ ٻيو لوڪ گيت جيڪو مون کي تمام سٺو لڳندو آھي، منھنجي خيال ۾ ان جو وِھانءَ سان ته ڪو  به تعلق نه آھي، پر سڀني ڳائيڻين چيو ته اُن گيت کي به وھانءِ  وقت ڳايو ويندو آھي، ان ڪري ان کي به ھتي پيش ڪيو پيو وڃي:

”سيرم سيرو، ڪوسو سيرو

واهه جو سيرو، سيرم سيرو

ڪاجُن پيل، کنڊ پيل

باداميون پيل، ڦوٽن پيل

سچي گيهه جو، واهه جو سيرو

سيرم سيرو، ڪوسو سيرو!

ڀائر کائين، ڀاڀيون کائين

سچي گيهه جو، واهه جو سيرو

سيرم سيرو، ڪوسو سيرو!

ناٺي کائي نياڻيون کائين

سچي گيهه جو، واهه جو سيرو

سيرم سيرو، ڪوسو سيرو“!

ھن گيت ۾ گيهه مان ھڪ خاص نموني جي ٺھيل سيري جوذ ڪر آھي، جيڪو ڪاجوُ، بادام وغيره وجھي ٺاھيو ويندو آھي. ھن گيت ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته ھن سچي گيهه مان ٺھيل سيري کي ساھُرا، ڀائر ڀاڄايون ۽ ناٺي، نياڻيون کائينديون. ان کان پوءِ به ڪيترن ئي سڳن مائٽن جا نالا وٺي، ھن گيت کي اڳيان وڌايو ويندو آھي. اڳيان جون ڪجهه سٽون نھايت معنيٰ خيز آھن.

”ڊالڊا گيهه جو واهه جو سيرو

ڪير کائي ڪوسو سيرو

پاڙي وارا، پاڙي واريون

سيرم سيرو ڪوسو سيرو

ڊالڊا گيهه جو واهه جو سيرو!

سيرم سيرو ڪوسو سيرو

ڪير کائي؟ ڪوسو سيرو

ناري کائي ڊالڊا گيهه جو

واهه جو سيرو واهه جو سيرو

سيرم سيرو ڪوسو سيرو!

واهه جو سيرو سيرم سيرو“

(ناري: ھڪڙي ڀائيءَ جو نالو)

 

ناري لڇواڻي، دراصل ان وقت اسان سان گڏ ويٺو ھو ۽ ان ڪري ڳائڻ وارا بار بار ان جو نالو وٺي رھيا ھئا. ان گيت جو ڪجهه ٻيون مصرعون ھن ريت آھن:

”ھٿ چٽيو، آڱريون چٽيو

پليٽ چٽيو، ٿالھيون چٽيو

سيرم سيرو، ڪوسو سيرو

سيرم سيرو، ڪوسو سيرو“!

ڳائڻ وارين ھن گيت کي اڃا به وڌيڪ وڌايو ھو انھن ٻيا به گھڻا ئي لوڪ گيت ڳاتا. ھتي ٿورائي مثال ڏنا ويا آھن. لوڪ گيتن ۾ سماج جي بڇڙن دستورن، سس ننھن جي اڻ بڻت سان گڏ انھن جي ڏکايل دلين جو حال به کليءَ دل سان بيان ڪيو ويو آھي. تنھن کان سواءِ ان ڳالهه جو ثبو ت ملي ٿو ته، وِھانءَ مھل مذاق، ٺٺولي ڪرڻ ۽ چُٽڪلن ڇڏڻ جو رواج به عام آھي. ان کان سواءِ ٻن لوڪ گيتن ذريعي اشارن ۾ سماج جي بدسلوڪيءَ تي به گھري چوٽ ڪئي وئي آھي. ”ٽامي جو لوٽو“ ۽ ”ڙي منھنجي گھر جي مڇي“ انھن اشارن جا زبردست مثال آھن.

منھنجي خيال ۾ ته ڪنھن سنڌي اڪيڊميءَ کي ھزارن جي تعداد ۾ ٽڙيل پکڙيل لوڪ گيتن کي سوين سنڌي ڪئمپن مان ڪٺو ڪرڻ جي ڪا رٿا رٿڻ گھرجي. مٿين لوڪ گيتن ۾ ڪجهه ئي ڪلاڪن جي محنت شامل آھي.

ٿورا:

بيرا ڳڙهه جي شري ناري لڇواڻيءَ مٿي ڏنل سڀئي لوڪ گيت ڳائڻ وارين سنڌي ڀينرن تائين مون کي پھچايو ۽ شري ڪي . ٽِي دادلاڻيءَ انھن کي رڪارڊ ڪرڻ ۾ منھنجي مدد ڪئي. انھن ٻنھي سڄڻن جو دل سان شڪريو ادا ڪريان ٿو ۽ چئني سنڌي ڀيڻن لَھڻي بچاڻيءَ، ڪوشليا دادلاڻيءَ، ليلا سڀاڻيءَ ۽ راڻي نرياڻيءَ جو به دل جي گھراين سان شڪريو ادا ڪريان ٿو.