سنڌي لوڪ گيت- ٻوليءَ جي اوسر

ڪتاب جو نالو سنڌي لوڪ گيت- ٻوليءَ جي اوسر
ليکڪ ڊاڪٽر پرسو جيسارام گدواڻي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-44-4
قيمت 1000    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (684) PDF  E-Pub
انگ اکر

11 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     160659   ڀيرا پڙهيو ويو

پيش لفظ


آگسٽ 1947ع ۾ اھڙو وقت جو طوفان لڳو، جو ھڪ وڻ پنھنجي پاڙن مان اکڙي ويو . ان وڻ جا گل، ٻوٽا ۽ شاخون ٽڙي پکڙي ويا. اڄ به ان وڻ جا ڪيترائي اھڙا ساوا پن آھن، جيڪي بنا پاڙن جي آواره پنھنجي مٽيءَ جو سُور کڻي ڀٽڪي رھيا آھن. اھو وقت جو طوفان ھو ننڍي کنڊ جو ورھاڱو ۽ اھو وڻ ھو سنڌي سماج جي هڪ حصي جو سنڌي وچيون طبقو.اڄ ان وڻ جي تھذيب، ادب ۽ فن جڙن کان ڪٽيل ڪٽيل لڳن ٿا.

منھنجو والد ڊاڪٽر پرسو جيسارام گِدواڻي ان وڻ جو ھڪ گل ھو، جنھن جا ھن ڪتاب ۾ ڇپيل لفظ، ان وڻ جي ۽ ان مٽيءَ جي خوشبوءِ جو احساس ڏيارين ٿا. مون جھڙن گھڻن ئي پنن کي اھي لفظ پنھنجي پاڙن سان ڳنڍجڻ جو موقعو ڏين ٿا. اُن ئي اميد سان پنھنجي پيءُ جي محنت، ان جو پنھنجي مٽيءَ سان پيار ۽ سندس لفظن مان ڇلڪندڙ سچائيءَ کي اوھان جي دلين تائين پھچائڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم. ائين ڪرڻ ۾ ڪٿي به ڪا غلطي ٿي وئي ھجي ته ان جي لاءِ مان ۽ فقط مان ذميوار آھيان. جيڪڏھن اڄ بابا ھجي ھا ته منھنجي مَن جا ھي شڪ شُبھا ھنن ڪاغذن تي نه لھن ھا. مون پنھنجي طرفان انھن کي سلجھائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي، مگر بابا جي علم ۽ ڄاڻ جي اڳيان منھنجون ڪوششون ڦڪيون آھن.

ھنن لوڪ گيتن جي متن دؤران ”منھنجو“، مان ۽ ”مون“ جھڙن استعمال ٿيل لفظن مان مراد منھنجو والد ڊاڪٽر پرسوگدواڻي آھي. ان جي ھن ڪم ۾ منھنجو يوگدان/حصو (Contribution) نه ھجڻ برابر آھي. بابا سائين پنھنجي ڪيل ڪم جا کوڙ سارا مسودا پوئتان ڇڏي ويو آھي. بابا کي ڪجهه نه ڪجهه ڏيڻ تمام سھڻي نموني ايندو ھو. سندس مسودن کي شايع ڪرڻ جي ڪم ۾ ھميشه مون کي سندس اسڪالر شپ (علميت) جو خيال ته ايندو ئي آھي، پر گڏوگڏ ذھن ۾ ھڪڙي ڳالهه اھا به ايندي آھي ته ھو پنھنجي ھر ڪم ذريعي اڳيان ٿيڻ وارن ڪمن لاءِ به رستو ڏيکاري ويو آھي. ان جو خيال اوھان کي به ھي ڪتاب پڙھڻ وقت يقيناً ايندو ته، اڃا به سنڌ جي تھذيب تي ڪيترو ڪم ٿي سگھي ٿو، جنهن طرف هو. اشارو ڪري ويو آھي. 

 

ڊاڪٽر چارو پرسوگدواڻي