سنڌي لوڪ گيت- ٻوليءَ جي اوسر

ڪتاب جو نالو سنڌي لوڪ گيت- ٻوليءَ جي اوسر
ليکڪ ڊاڪٽر پرسو جيسارام گدواڻي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-44-4
قيمت 1000    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (684) PDF  E-Pub
انگ اکر

11 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     160779   ڀيرا پڙهيو ويو

سنڌي ٻاراڻا گيت


ٻاراڻا گيت لوڪ گيتن جو ھڪ قسم آھن، جيئن لاڏا، وھانءَ جا گيت، اوراڻا ۽ مناظرا به لوڪ گيت آھن. ان نموني جا ٻاراڻا گيت به لوڪ گيتن ۾ پنھنجي خاص سڃاڻپ رکن ٿا. انھن گيتن جو سڌو سنئون تعلق ننڍن ٻارن سان آھي جھڙيءَ طرح وِھانءَ جا گيت، وِھانءَ سان نسبت رکن ٿا ۽ انھن کي فقط عورتون ئي ڳائينديون آھن. انھن کي مرد ڪڏھن به نه ڳائيندا آھن، اھڙي ريت ٻاراڻن گيتن کي به فقط ٻارئي ڳائيندا آھن.

مثال: ٻارن جي راند سان جڙيل ھڪ گيت آھي:

”اِرچڪ مِرچڪ ڌاڻا ڌِرچڪ.....“

(مٿي استعمال ٿيل چارئي لفظ بي معنيٰ آھن)

ان راند جي گيت جو فقط ٻار ئي استعمال ڪندا آھن. پر ھيءَ راند سيکارڻ ۾ وڏا بيشڪ مدد ڪري سگھن ٿا. انھيءَ ڪري ”لوري“ جنھن کي سنڌيءَ ۾ ”لولي“ چوندا آھن، ان کي ٻاراڻن گيتن ۾  شامل ڪرڻ مناسب ناھي. جيتوڻيڪ ڊاڪٽر ھوندراج بلواڻيءَ پنھنجي ڪتاب ”ٻارن جا لوڪ گيت“ ۾ لوليءَ کي ٻاراڻن گيتن ۾ شامل ڪيو آھي، پر منھنجي خيال ۾ لولي ٻاراڻو گيت ناھي، جنھن کي ٻار ۽ ٻارڙيون پاڻ ئي ڳائين يا ٻار راند رھڻ مھل ان جو استعمال ڪن. لولي حقيقت ۾ ماءُ، ڏاڏي يا ڪا عورت ڳائيندي آھي پر اھا ڪنھن به حالت ۾ ٻار نه ڳائيندا آھن. ٿي سگھي ٿو ته ڪن خاص حالتن ۾ وڏي ڀيڻ پنھنجي ننڍن ڀيڻن ۽ ڀائرن کي سمھارڻ وقت لولي ڳائي ٻڌائي، ليڪن گھڻو ڪري ماءُ، ڏاڏي وغيره ئي لولي ڳائينديون آھن. ان ڪري لوليءَ کي بنيادي طور تي ٻاراڻو گيت نٿو چئي سگھجي. گھڻائي دفعا ائين ڏٺو ويو آھي ته ٻار ٻڌندي ٻڌندي فلمي گانا ڳائڻ لڳندا آھن، ته پوءِ ڇا ان ڪري فلمي گيتن کي به ٻاراڻا گيت چيو وڃي؟ اھڙيءَ طرح ڪن حالتن ۾ جيڪڏھن ڀيڻ پنھنجي ننڍي ڀاءُ يا ڀيڻ جي لاءِ لولي ڳائي ٿي ته ان کي ٻاراڻو گيت نه چوڻ گھرجي. سنڌي ٻولي ٻاراڻن گيتن ۾ ڪافي شاھوڪار آھي. ھيٺ سنڌي ٻاراڻن گيتن جو مختصر بيان ڪجي ٿو.

  1. راندين سان جُڙيل سنڌي ٻاراڻا گيت :

سنڌي ٻوليءَ ۾ ان نموني جا الاھي گيت، ننڍي کنڊ جي ورھاڱي کان پھرين تمام گھڻا مروج ھئا. ورھاڱي کان پوءِ به خاص ڪري سنڌي ڪئمپن ۾ انھن جو الاھي رواج ھو، پر مون کي شڪ آھي ته ھاڻي شايد ئي اھي گيت ٽي.ويءَ جي ھن دؤر ۾ زنده رھي سگھن. ان نموني جي گيتن ۾ ”اِرچڪ مِرچڪ“ خاص مقام رکي ٿو.

اچو ته پھرين ھن گيت کي ڏسون:

                             ”اِرچڪ   مِرچڪ

                                    ڌاڻا   ڌرچڪ

                                    آگ   پٽيئڙو

                                      ٽويو     ٽِپو

      نانگڻ   جو ڳڻ

          کارا    کُٽي

          ٻُٽي   ڇُٽي“

ھي گيت مختلف ڪتابن ۾ جدا جدا لفظن ۾ لکيل ملي ٿو. ھي گيت ھٿ تي آڱر رکي چيو ويندو آھي. ھي گيت چوندي ۽ راند رھندي ٻار ٿڪبا ئي ڪونه آھن. ھي گيت اڪثر 7-8 سالن جي عمر جا ننڍا ٻار ڳائيندا آھن. اھو ٻاراڻوگيت ڳائيندي راند کيڏي ويندي آھي. جيترا به ٻار ان راند ۾ حصو وٺندا آھن،  اھي پنھنجا ٻئي ھٿ اُبتا زمين تي رکندا آھن. پوءِ انھن مان ھڪ ٻار سڀني ٻارن جي ھٿن تي واري واري سان آڱر رکندو، ھڪ ھڪ لفظ چوندو ويندو آھي. آخر ۾ جڏھن سڀني ھٿن تي  لفظ چئي ختم ڪندو آھي، ته پوءِ سڀ ٻار پنھنجن ھٿن جي ترين کي مٿي ڪندا آھن. ان طرح ”ڇُٽي“ لفظ جنھن ٻار جي ھٿ تي ايندو آھي، اھو پنھنجو ھٿ راند مان ڪڍي ڇڏيندو آھي. جن ٻارن جي ھٿ تي ”ڇُٽي“ لفظ ايندو ويندو، اھي نڪري ويندا آھن ۽ آخر ۾ جنھن ٻار جو ھٿ رھجي ويندو آھي، ان کي راند ۾ ھارايل مڃيو ويندو آھي. ٻار ھن راند کي بار بار ۽ وڏي چاھه سان کيڏندا آھن.

ھڪ ٻيو گيت آھي، جنھن کي 10-12 سالن جي عمر جون ٻارڙيون يا ڪڏھن ڪڏھن وري 18-19 سالن جون ڇوڪريون راند سان گڏ گڏ ڳائينديون به وينديون آھن:

 

                             ”ڌُو  ڌُو ڌاڻا“

                   (اھي ٽئي لفظ بي معنيٰ آھن)

                             ڇلا  پراڻا

(ڇلو ھڪ نموني جو آڱر ۾ وجھڻ جو سونو  يا چانديءَ جو ٺھيل گول نموني جو ڳهه ھوندو آھي. منڊيءَ وانگر اُن تي ڪا به ڊزائين نه ھوندي آھي.)

ڇلن  ۾ ميندي

ادل   مــڱيــندي

ڪــاٿــي   مــڱيـندي

ھالاڻي مڱيندي

ھالاڻيءَ جي ڇوڪري

کڻي ويا سي چور

چورن   پاتي  ڇائي.

ٻـــڪ اڍائــي

”منھنجي   مورَ   موٽي   آئي“

(انگريزي ٻوليءَ جي جملي “Go to hell” جھڙو ئي ڪجهه ھتي چيو ويو آھي، جنھن جي معنيٰ ٿيندي چور  ڀڄي ويا.)

ٻارڙيون ھي گيت ڳائينديون به آھن ۽ پنھنجون تِريون سامھون وارين ٻارڙين سان اھڙيءَ طرح ملائي تاڙي وڄائينديون آھن، جو ان سان سنگيت جي آواز ۾ لئه پيدا ٿيندي آھي. تاڙين جي لئه سان گڏ ئي ھو پنھنجن پيرن جو آواز به ملائينديون آھن. ائين ئي جيئن ناچ ۾ پيرن جي تال جي آواز سان سنگيت پيدا ٿيندي آھي. ھن ٻار – گيت ۾ لئه ۽ تال جو انتھائي حسين سنگم آھي. ان سان گڏ ئي ھي گيت ٻارن لاءِ جسماني ڪسرت جو ھڪ سٺو ذريعو به آھي.

مٿي ڏنل ٻئي ٻاراڻا گيت تفريح جا انتھائي خوبصورت وسيلا آھن. گيت جا گيت ۽ راند جي راند، ليڪن ”ڌُو ڌُو ڌاڻا“ ۾ جسماني ڪسرت وڌيڪ ٿي سگھي ٿي. مون کي چڱي طرح ياد آھي، منھنجي سؤٽ ھي گيت ڳائيندي ڳائيندي ۽ نچندي نچندي پگھر ۾ شل ٿي ويندي ھئي. جي سوچجي ته ھي ٻئي ٻاراڻا گيت تمام ڪارائتا ۽ خوبصورت آھن.

  1. تخيل ۾ پختگي آڻڻ وارا ٻاراڻا گيت:

ٻار ٿورو وڏو ٿيندو آھي ته پنھنجي آس پاس جي ماحول جو جائزو وٺندو آھي. اھڙي وقت ۾ اھو ضروري ٿي ويندو آھي ته سندس تخيل جي پرواز جي قوت ۾ واڌاري لاءِ ان کي ھمٿايو وڃي. ائين ڪرڻ سان ٻار جي سوچڻ جي قوت ۾ واڌارو ايندو آھي. ۽  ان سان گڏ ٻار جي دماغ جي به تعميري ترقي ٿيندي آھي. تصور ڪرڻ جي قوت نه صرف ڪويتا، ڪھاڻيءَ يا ٻئي ڪنھن ادبي تصنيف لاءِ ضروري آھي، پر ٻين تحقيقي علمن لاءِ به يقيناً اھم آھي. ڪنھن به دستڪاريءَ يا ھنر جي لاءِ تصور جي تمام گھڻي ضرورت ھوندي آھي. واپار ۽ محنت وارن ڪمن ۾ به ان جو استعمال لازمي ٿيندو آھي. ھتي تصور جو مقصد ھوائي قلعا اڏڻ ڪونھي، پر تصور سان ٻار جي سوچڻ جي قوت وڌائڻ آھي. قديم دؤر کان وٺي دنيا جي ھر خطي جي ادب ۾ ان جو وڏو حصو  رھيو آھي. سنڌيءَ جو ھڪ ٻاراڻو گيت ان جو الاھي سٺو مثال آھي. ان گيت مان ٻار جي ننڍپِڻ ۾ ئي ان کي تصور ڪرڻ جي سٺي تربيت ملي ٿي.

”پيسو لڌم پٽ تان،

پيسي ورتم گاهه،

گاهه ڏنم گانءِ کي،

گانءِ ڏنو کير،

کير ڏنم امان کي،

امان ڏنو لولو،

لولو ڏنم ڪانوَ کي،

ڪانوَ ڏنو کنڀ،

کنڀ ڏنم راجا کي،

راجا ڏني گھوڙي

چڙھي گھم، چڙھي گھم!

 

        چندن   ڦٽاڪو

جيئي منھنجو ڪاڪو،

ڪاڪو ويٺو ماڙيءَ تي،

گل ھڻانس ڏاڙھيءَ تي،

امان ويٺي موُڙي تي،

گل ھڻانس جهُوڙيءَ تي،

ڀاڀي ويٺي ڪوٺيءَ تي

گل ھڻانس چوٽيءَ تي،

ڀاءُ ويٺو ٻيٽ تي

گل ھڻانس پيٽ تي

ادا ويٺو اَڪ تي

گل ھڻانس نڪَ تي.“

مٿي ڏنل ٻاراڻي گيت ۾ اھو تصور ڪيو ويو آھي ته جيڪڏھن ٻار کي ڪٿان ھڪ پيسو ملي وڃي ته ھو ڇا ڪندو؟ قديم دؤر ۾ پئسي کي حاصل ڪرڻ جي خواھش لاءِ انسان جي جيڪا خيالن جي پرواز ھوندي ھئي، سا ساڳئي نموني اڄ جي دؤر ۾ به قائم آھي. ڪجهه ماڻھو پگھار سان گڏ بونس ملڻ جي خواھش ڪندا آھن، ته ڪي وري لاٽريءَ ذريعي پيسو حاصل ڪرڻ جي خواھش ڪندا آھن ۽ وڏا وڏا ھوائي قلعا اڏيندا آھن، پر ھن گيت ۾ اسان جو ننڍڙو ٻالڪ ھڪ سادي ۽ ممڪن خواھش ڪري ٿو، جيڪا آھي ھن کي واٽ ھلندي پٽ تي پيل ھڪ پئسي ملڻ جي خواھش. ان کان پوءِ ھو جيڪي ڪجهه به سوچي ٿو، ان جو سڌو سنئون تعلق سندس چؤطرف جي زندگيءَ جي ڳالھين سان جڙيل آھي. ڍڳي ته سنڌ جي ھر گھر ۾ ٻڌل ھوندي ھئي، ان ڪري ھو سڀ کان اڳ ڍڳيءَ جو ئي تصور ڪري ٿو. پوءِ اھا فطري ڳالهه آھي ته، اھا ڍڳي کيس پنھنجو کير ڏئي ٿي ۽ جڏھن ھو اھو کير پنھنجي ماءُ کي ڏئي ٿو ته اھا اُن کي مٺي ماني يا لولو ڏئي ٿي. سنڌي تھذيب ۾ ان خاص قسم جي مانيءَ جو ورھين کان تمام گھڻو استعمال رھيو آھي. شراوڻ ماس[1] (ساوڻ مھيني) جي سَپتَم ڏڻ تي ھي مٺيون مانيون پچايون وينديون ھيون. انھن مانين کي تري به پچايو ويندو ھو. ان کان سواءِ سنڌ ۾ مھالڪشميءَ جي پوڄا تي به ھي خاص قسم جون مانيون پچايون يا تري ٺاھيون وينديون ھيون. اھڙن موقعن تي سنڌ جي گھرن ۾ اڱڻن جي ڀتين تي ڪانگن جو ڪان ڪان ڪرڻ به عام ھو، پوءِ ھڪ ظاھري ڳالهه آھي، مٺيءَ ماني جي بدلي ڪانگ ته پنھنجو کنڀ ئي ڏئي سگھي ٿو. اھو ٻار چڱيءَ طرح سمجھي ٿو. ھيستائين جيڪو به ٻار تصور ڪيو آھي، انھن سڀني ڳالھين جو مشاھدو ھُن پنھنجي آسپاس جيڪو ماحول وھي واپري ٿو، ان مان ڪيو آھي. پر ان کان اڳيان ھو سوچي ٿو:

               ”کنڀ ڏنم راجا کي، راجا ڏني گھوڙي“

اھو تصور وري ھن دراصل پنھنجي ڏاڏيءَ ۽ نانيءَ کان ٻڌل آکاڻين جي بنياد تي ڪيو آھي، جنھن ۾ ھن ٻڌو آھي ته راجا ۽ راڻي يا شھزادو ۽ شھزاديون خوش ٿي گھوڙي يا ٻيون شيون دان ڪندا آھن. ھاڻي جڏھن ھن تصور قائم ڪري ڇڏيو ته ھن کي گھوڙي به حاصل ٿي ويئي ته اھا ظاھري ڳالهه آھي ته ھو ان تي چڙھي ان جو مزو به وٺندو. ھيءُ تصور ٻار جي فڪري صلاحيت سان پوريءَ طرح ٺھڪي اچي ٿو.        

                   چڙھي گھم، چڙھي گھم

 

                         ”چندن ڦٽاڪو

 جيئي منھنجو ڪاڪو“! 

ھن مصرع کان وٺي آخري مصرع تائين ھن گيت ۾ ٻار کي تصور سان گڏوگڏ ٻوليءَ جي سکيا به ملي ٿي. جنھن ۾ لفظن جي نئين بناوٽن سان استعمال ڪرڻ ٻار کي آسان طريقي سان سيکاريو ويو آھي. حقيقت ۾ ان ٻوليءَ جي خوشبوءِ ڪارڻ ننڍپڻ کان ئي ٻار پنھنجي ٻوليءَ سان پيار ڪرڻ سکي وڃي ٿو. اھوئي سبب آھي جو وڏو ٿيندي ٿيندي ھن کي پنھنجي مادري زبان سان ايترو ته پيار ٿي ويندو آھي، جو کيس پنھنجي ٻوليءَ جي ڀيٽ ۾ ٻي ڪا زبان محبوب يا پياري نه ھوندي آھي.

  1. ڪائنات جي جزن جو حسن:

ٻار جڏھن وڏو ٿيڻ لڳندو آھي ۽ ٿوري سمجهه وارو ٿيڻ لڳندو آھي ته ھو پنھنجي چؤطرف پنھنجي ماءُ، پيءُ، ڀاءُ، ڀيڻ ۽ خاندان جي ٻين فردن کي ڏسندو آھي. ان کان سواءِ پنھنجي چؤڌاري به نظر ڪندو آھي ۽ جيڪي ڪجهه ڏسندو آھي، ان کي پرکڻ ۽ پروڙڻ جي خواھش سندس اندر ۾ پيدا ٿيندي آھي. سنڌ جي ڳوٺن ۽ شھرن ۾ ائين ھو ته اڪثر ٻارن کي آسمان طرف نھارڻ جو موقعو ملندو ھو. گرميءَ جي موسم ۾ ڳوٺن ۽ شھرن ۾ رات جو سڀئي ماڻھو گھڻو ڪري ڇتين تي سمھندا ھئا. سنڌ ۾ گرمي 40 فارنھائيٽ تائين پھچي ويندي ھئي ۽ ڪجهه وڏن شھرن کي ڇڏي باقي ھنڌن تي بجلي اڻلڀ ھئي. گرميءَ جي ڪري سڀ ماڻھو ڇت تي ئي سمھندا ھئا. پر جيڪڏھن ڪن لاءِ ڇت تي سمھڻ ممڪن نه ھوندو ھو ته اھي کليل اڱڻ ۾ کٽون وجھي سمھندا ھئا. اھڙيءَ ريت سمھندي ئي ٻار جو ڌيان آسمان ڏانھن ڇڪجي وڃڻ فطري ھو. اڄڪلهه وڏن شھرن ۾ فليٽن ۾ رھڻ وارا ٻار آسمان ۾ ٽمٽمائيندڙ ستارن ۽ چنڊ جي انيڪ روپن جي نظارن کان محروم آھن. ان دؤر ۾ سنڌ جي زندگي اھڙي ھئي، جو آسمان جا سندر سندر نظارا ڏسڻ جا ٻار تمام گھڻا شوقين ھوندا ھئا. سنڌي ٻولي اھڙن گيتن جي ميدان ۾ به مالا مال آھي. ھتي آسمان سان جڙيل ھڪ ٻاراڻو گيت پيش ڪجي ٿو:

 

”واهه ڙي تارا گول تارا،

روشن تارا چلڪي وارا!

سانجھيءَ ٽاڻي نڪرو ٿا

اُڀ سڄي ۾ پکڙو ٿا!

چمڪو چمڪو ساري رات

ڪجي اوھان جي ڪھڙي بات؟

جوت اوھان جيِ جي نه ھجي

واٽِھڙُو ڪر واٽ منجھي

(پھرين ٻن سِٽن ۾ ستارن جي بناوت ۽ صفتن جو ذڪر ٿيل آھي)

تــوھــان        گـــول     آھــيــو

توھان  چمڪندا  رھو   ٿا

توھان ٽِم ٽِم ڪندا رھو ٿا.

پوءِ اڳيان ھن بيت ۾ تارن جي ٻين صفتن جھڙوڪ: سانجھي وقت نڪرڻ، سڄي آسمان ۾ پکڙجي وڃڻ، سڄي رات چمڪندو رھڻ وغيره جو ذڪر ڪيو ويو آھي. ان کا سواءِ ٻيا به گھڻا ئي ڏسڻ لائق نظارا ھوندا آھن ۽ انھن سڀني کي ھتي بيان ڪرڻ ڏکيو آھي، آخري سِٽن ۾ الاھي ڏک ڀري ڳالهه ڪئي وئي آھي ته جيڪڏھن رات جو ستارن جي روشني نه ھوندي ته مسافر پنھنجي راهه ڪيئن ڳوليندا؟  سنڌ ۾ ائين ٿيندو ھو، جو مسافر يا وڏا وڏا واپاري قافلا اڪثر رات جو ئي ھڪ ھنڌان ٻئي ھنڌ ويندا ھئا. انھن ڏينھن ۾ اونداھين راتين ۾ رستي ڳولڻ جو فقط ھڪ ئي سھارو ھوندو ھو ۽ اھو ھوندوھو قطب تارو.

 

”جوت اوھان جيِ جي نه ھجي

 واٽھڙُو ڪر واٽ منجھي“

مٿيون ٻئي سِٽون تارن جي روشنيءَ ۾ سفر ڪرڻ جو احوال ڏين ٿيون. جيئن ته سنڌي واپاري پرڏيهه ۾ واپار لاءِ سمنڊ جو سفر ڪري ويندا ھُئا ۽ اھا ڳالهه سڀني جي علم ۾ آھي ته انھن ڏينھن ۾ سمنڊ جي سفر لاءِ قطب تاري جو ئي سھارو ورتو ويندو ھو. ان لاءِ ٿي سگھي ٿو ته مٿيون سِٽون ان طرف به اشارو ڪنديون ھجن. ان ننڍي ٻاراڻي گيت ۾ ٻار جي عمر، سمجهه ۽ علم کي ڌيان ۾ رکندي تمام خوبصورت خيالن کي آسان لفظن ۾ بيان ڪيو ويو آھي.

ڪائنات جو حُسن ڏيکارڻ لاءِ ھڪ ٻيو ڀرپور اثر رکندڙ لوڪ گيت آھي:

 ”جھُڙ ٿئي ٿو مينھن وسي ٿو،

پکي ڀڄن ٿا وڃي لڪن ٿا،

گاهه نڪرندا، گل ڦٽندا،

اَن مھانگو، ٿيندو سھانگو،

ھرڪو ڏکيو، ٿيندو سکيو“

ھي ٻارن لاءِ ھڪ ننڍڙو  گيت آھي. اھوئي ڪارڻ آھي، جو ھن ۾ الاھي ننڍن ۽ آسودن لفظن جو استعمال ڪيو ويو آھي. ان ٻاراڻي گيت جي خاص ڳالهه ٻار جو ڪڪرن ڏانھن ڌيان وڃڻ آھي. جيتوڻيڪ ٻارن جو ڌيان ڪڪر يا مينھن پاڻ ئي ڇڪي وٺندا آھن، پر پوءِ به مينھن جون ڪجهه خاصيتون ھن ننڍڙي گيت ۾ منعڪس ٿيل آھن، جن ڏانھن ٻار جو ڌيان ڏيارڻ ضروري آھي، ڇو جو مينھن پوڻ سان انسانن کي ڪڏھن ڪڏھن ڪيتريون ئي تڪليفون ۽ مشڪلاتون به پيش اينديون آھن. ان لاءِ ممڪن آھي ته ٻار کي انھن مشڪلاتن جي ڪري مينھن جي اھميت سمجهه ۾ نه اچي. ان ڪري ننڍڙن ٻارڙن جو ھن سندر ٻاراڻي گيت ذريعي مينھن جي خاصيت ڏانھن ڌيان ڇڪايو ويو آھي ۽ ڪائنات ۾ موجود شين جي حسن کي وڏي ڪاميابيءَ سان بيان ڪيو ويو آھي.

  1. ڀيڻ جو ڀاءُ  سان پيار:

ڀاءُ ۽ ڀيڻ جو پاڻ ۾ خون جو رشتو ھوندو آھي. ھن سنڌي ٻاراڻي گيت ۾ ڀيڻ جو ڀاءُ سان پيار خوبصورت لفظن ۾ ڏيکاريو ويو آھي:

”پيرڙو  پانڌيئڙو،  پيرڙو پانڌيئڙو!

ڀـائـيـڙو مـنھنـجـو نـنـڍڙو،

ڀـائــيڙو مـنھنجـو نـنـڍڙو!

واڍي کان گاڏيئڙو ٺھرايان،

تنھن ۾، ڇم ڇم ڇير ٻڌايان

ھوريان ھوريان رڙھي ادڙو

پيرڙو پانڌيئڙو پيرڙو پانڌيئڙو!

مامي کان ڏانوڻ ڪپايان

ڊوڙي ادڙو، نِڪڙو تڪڙو

نِڪــڙو: نِڪــو، نـنــڍڙو

پيرڙو پانڌيئڙو، پيرڙو پانڌيئڙو.“

 

مٿي ڏنل ٻاراڻي گيت ۾ الاھي خوبصورت لفظن ۾ بيان ڪيو ويو آھي ته ھڪڙي ڀيڻ پنھنجي ننڍڙي ڀاءُ کي ڪھڙيءَ طرح ھلڻ سيکارڻ ۾ مدد ڪري ٿي. ننڍن ٻارن جي ھلڻ لاءِ ٽن ڦيٿن وارو ڪاٺ جو ھڪ گاڏڙو ساز سان گڏ ٺاھيو ويندو آھي، جيڪو ٻار کي ھلڻ ۾ مدد ڏيندو آھي. ٻار جي ڀيڻ اھڙوئي ھڪ ساز وارو گاڏو ٺاھڻ چاھي ٿي، جنھن کي سنڌيءَ ۾ ”گاڏيئڙو“ چئبو آھي، جنھن جي معنيٰ آھي ”ننڍڙي گاڏي“. ھوءَ ان ۾ ننڍڙا گھنگھرو به ٻڌڻ چاھي ٿي. گھنگھرن جو مِٺو آواز ٻڌي ننڍڙو ٻار خوشيءِ ۽ لطف جو اظھار ڪندو آھي. نه صرف ايترو، پر ننڍڙي عمر کان ئي ٻار جي ڪنن ۾ موسيقيءَ جي گونج پيدا ٿيندي آھي ۽ سچ ته اھو آھي ته ھو نه صرف ھلڻ سکندو آھي، پر گھنگھرن جي سنگيت جي آواز تي پنھنجن ننڍن ننڍن پيرن سان ناچ به سکندو آھي. جنھن ڪري ٻار جي ڪنن ۾ گھنگھرن جي مِٺي ۽ سُريلي آواز مان لطف وٺڻ جو شوق پيدا ٿيندو آھي. ”ڏانوڻ ڪپايان “ جو مطلب ھڪڙي رسم سان ڳنڍيل آھي، جنھن ۾ ٻار جو مامو، ٻار کي ھلڻ سيکارڻ کان پھرين، ٻار جي پير ۾ ريشمي ڌاڳو ٻڌي ان کي ڪئنچيءَ سان ڪٽيندو آھي. ائين مڃيو ويندو آھي ته ائين ڪرڻ سان ٻار جلدي تڪڙو ھلڻ سکي ويندو. ”مامي کان ڏانوڻ ڪپايان“ چئي ننڍڙي ٻارڙي ان رسم ڏانھن اشارو ڪري رھي آھي.

ھاڻي ان ٻاراڻي لوڪ گيت جي ٻوليءَ جو جائزو وٺڻ به ضروري آھي. جيئن ته ھي گيت تمام ننڍڙي ٻار جي لاءِ چيو ويو آھي، تھنڪري ھن گيت ۾ محبت جي اظھار ڪرڻ لاءِ الاھي پيار ڀريل لفظن جو استعمال ڪيو ويو آھي. جھڙوڪ: پيرڙو، پانڌيئڙو، ڀائيڙو، ننڍڙو ايڏڙو، گاڏيئڙو. ھي اھڙا لفظ آھن، جن ۾ ”ڙو“ جوڙيو ويو آھي، جنھن سان ھن گيت مان مٺڙو آواز جھلڪي ٿو.

  1. ماءُ جي لاءِ پيار:

سنڌي ٻاراڻن گيتن ۾ سڀني کان پيارو گيت ”منھنجي امڙ، منھنجي امڙ“ يعني منھنجي ماءُ مھنجي ماءُ آھي. سنڌي ٻوليءَ ۾ ”ماءُ“، ”امان“، ۽ ”آيل“ جھڙن لفظن جو استعمال ماءُ جي لاءِ ٿيندو آھي. پر ”امڙ“ لفظ جو استعمال ٻار پنھنجي ماءُ لاءِ تمام گھڻو پيار جتائڻ وقت ڪندا آھن. دراصل ”امڙ“ لفظ کي ماءُ سان محبت جي اظھار جو ھڪ طريقو مڃيو ويندو آھي. اچو ته سڀ کان پھرين ھن خوبصورت ٻاراڻي گيت جو مزو وٺون:

”مون کي ڪنھن ٿي کير پياريو،

پيار منجھان ٿي گود ويھاريو

خوش ٿي ھر ھر مون ڏي نھاريو!

منھنجي امڙ، منھنجي امڙ!

ننڊ ڦٽي مون جڏھن ٿي پيئي!

ڪنھن ٿي سمھاريو لولي ڏيئي،

ڇڏي نه مون کي ڪڏھن ويئي،

منھنجي امڙ، منھنجي امڙ!

پنڌ ڪندي، جي ڌڪو کاڌم،

ڪنھن کڻي ٿي ڇاتيءَ لاتم،

پيار منجھان ٿي ڀاڪُر پاتم،

منھنجي امڙ، منھنجي امڙ!

وڌي جڏھن مان وڏو ٿيندس،

سک سوين آءٌ توکي ڏيندس،

منھنجي امڙ، منھنجي امڙ!

سنڌي ٻاراڻي گيت ” منھنجي امڙ“ ۾ اھڙو رس ۽ چس آھي، جنھن مان مزو ۽ خوشي حاصل ٿئي ٿي، جنھن ڪري ان گيت جي وجود ۾ ترنگ پيدا ٿئي ٿو. ھي ٻه سادا لفظ، دل اندر ھڪ مٺڙي احساس جي لھر پيدا ڪري ڇڏين ٿا. اڄ به اھي لفظ، ننڍپڻ جا اھي ڏينھن ياد ڪرائين ٿا، جڏھن آڌي رات جو اک کُلي ويندي ھئي ۽ امان لولي ڏيئي، پيار ڀرين ھٿن سان ٿپڪائي وري سمھاري ڇڏيندي ھئي. جيڪڏھن پنڌ ڪندي ھلندي ھلندي ٻار ڪري پوندو ھو ته پوءِ ھوءَ ڪيئن سيني سان کڻي لائيندي ھئي. انھن سِٽُن ۾ بي پناهه پيار جو احساس ملي ٿو. ننڍڙي ٻار تي انھن ڳالھين جو اثر ايترو ته گھرو پوندو آھي، جو پوءِ  اُھو اثر مٿس زندگيءَ ڀر قائم رھندو آھي. ان کانپوءِ وارين سٽن ۾ ٻار چوي ٿو ته وڏو ٿي ماءُ کي الاھي سُک ڏيندو ۽ مٿس پنھنجي جان به واري ڇڏيندو. ھي سٽون ٻار ۾ پنھنجي فرض سڃاڻڻ ۽ ان کي پوري ڪرڻ واري ارادي جي طرف اشارو ڪن ٿيون.

”ڇڏي نه مون کي ڪڏھن ويئي“

ان جي معنيٰ آھي، ”مون کي ڇڏي ڪيڏانھن به نه وئي، يعني ماءُ ٻار کي ڪڏھن به اڪيلو ڇڏي نه ويندي آھي“، جنھن سان  ماءُ ۽ ٻار جو رشتو گھرو ٿيڻ سڀاويڪ ڳالهه آھي. پر اڄڪلهه وقت بدلجي ويو آھي. ھاڻي نوڪري نه ڪندڙ مائون به پنھنجن ٻارن کي نوڪرن جي حوالي ڪري ٿيون ڇڏين، نتيجي ۾ وڏن شھرن ۾ ٻار ماءُ پيءُ کي پوڙھي ٿيڻ تي اولڊ ھائوسز (Old Houses) ۾ ڇڏي ايندا آھن. ھي      ٻاراڻو گيت نرم دل ٻارڙن تي الاھي سٺو اثر وجھندڙ آھي. مون الاھي سارن پوڙھن ماڻھن کان پڇيو ته سندن سڀني کان وڌيڪ پسنديده ٻاراڻو گيت ڪھڙو آھي ته سڀني ”منھنجي امڙ....“ ۽ ”جو کير پيئي....“ گيتن جوئي حوالو ڏنو. آزاديءَ کان سال اڳ مون کي جڏھن ڀارت ۾ اسڪولن ۾ پڙھائيندڙ سنڌي درسي ڪتاب ڏسڻ جو موقعو مليو ته مون کي اھو ڏسي الاھي ڏک ٿيو ته ھي ٻئي گيت انھن ڪتابن ۾ نه ھئا. انھن جي جاءِ تي ”موتي ڪُتارو“ مطلب ”موتي ڪُتو“ گيت ھو، جنھن ۾ موتي ڪُتي جي تمام گھڻي تعريف ڪئي ويئي ھئي. ان زماني ۾ انگريزن جي اثر ھيٺ ڪتن ۽ ٻلين پالڻ جو الاھي رواج پئجي ويو ھو. اھڙن ٻاراڻن گيتن سان حساس ٻارڙن جي دلين تي ڪھڙو اثر پوي ٿو اھا ڳالهه ڪنھن کان به لڪل ناھي .

  1. 6. جيتن کي مخاطب ڪري چيل ٻاراڻا گيت:

ڏٺو ويو آھي ته انسانن جي فطرت آھي ته اھي پنھنجا ڏک سک ونڊڻ لاءِ اڪثر جانورن، پکين ۽ جيتن کي پنھنجو دوست يا ساٿي ٺاھيندا آھن. ان متعلق سنڌي ٻوليءَ ۾ ھڪ انتھائي خوبصورت ٻاراڻو گيت آھي.

  ٽنڊڻي ڙي ٽنڊڻي

اسين تنھنجا ماڻھو

چٻينداسين ڏاڙھون!

ھيءَ قطار ڪھڙي؟

ستن ڀائرن جھڙي،

ست ئي ڀائر کڏ تي،

ٻيڙي آئي در تي،

ھڪ ٻيڙيءَ ۾ موتي

چِٺي منھنجي پھتي،

دادل کي چئجانءِ

گُڏو گُڏيِ کي آڻجانءِ!

سونَ ۾ مڙھائيجانءِ!

چانديءَ ۾ چلڪائيجانءِ!

آءُ ته گُڏيءَ راند ڪريون

آءُ ته گُڏيءَ راند ڪريون

ھڪڙي ننڍڙي ڇوڪري ”ٽنڊڻيءَ“ سان ڳالھائيندي اھڙو تاثر ڏئي رھي آھي، ڄڻ ننڍڙي جيتامڙي سندس ڳالھيون ٻڌي ۽ سمجھي رھي ھجي. شايد ٻارڙي اھو سمجھي ٿي ته ھوءَ پاڻ ۽ ٽنڊڻي جاندار مخلوق ھجڻ جي ناتي ھڪ ئي درجي ۾ اچن ٿيون. اڪثر ائين ڏٺو ويو آھي ته نازڪ دل رکندڙ ٻارن کي جڏھن ڪير تڪليف پھچائيندو آھي ته ھو تمام گھڻا ڏکي ٿي ويندا آھن ۽ پوءِ ھو ٻين شرارتي ٻارن کي سمجھائڻ جي ڪوشش ڪندا آھن. سڀني جاندار مخلوقن لاءِ ٻار جي جيڪا معصوم سوچ آھي، ان کي ھن گيت ۾ بيان ڪيو ويو آھي. ھن گيت جھڙا ڪيئي مثال پکين جا به ملن ٿا.

ھن ٻاراڻي گيت ۾ ڪجهه اھڙيون ڳالھيون بيان ڪيون ويون آھن، جن جو ھن وقت جي خانداني نظام ۽ زندگيءَ تي سٺو عڪس پوي ٿو. جيئن”دادل کي چئجانءِ، گُڏو گڏي آڻجانءِ، سونَ ۾ مڙھائجانءِ،  چانديءَ  ۾ چلڪائجانءِ“! ھنن سٽن ۾ ٻارڙي پنھنجي دل جي ڳالهه ڪندي، ٽنڊڻيءَ ذريعي پنھنجي وڏي ڀاءُ کي اھو نياپو ڏيڻ چاھي ٿي ته ھن کي گُڏو ۽ گُڏي کپن، جن کي الاھي سارا سون چاندي جا زيور پيل ھجن. آخري ٻن سٽن ۾ ٻارڙي ٽنڊڻيءَ کي چئي ٿي ته اچ ته گُڏي راند کيڏون. دراصل ھن گيت ۾ جنھن ٻارڙيءَ جو ذڪر ڪيو ويو آھي، اھا نازڪ دل ھئڻ سان گڏ ٻالي ڀولي به آھي. ھن جي من ۾ گُڏيءَ سان راند کيڏڻ جي شديد خواھش آھي، جنھن کي ھوءَ پنھنجي تصور ۾ پورو ڪري وٺي ٿي. ھن گيت جي جائزي وٺڻ تي اھو پتو پوي ٿو ته ٻارڙيءَ کي ھڪڙي گُڏيءَ جي تمنا آھي. پر ان جا گھر وارا ان کي گُڏو گُڏي نه ٿا وٺي ڏين، جنھنڪري سندس خواھش پوري نٿي ٿئي. ۽ ان ڪري ھوءَ پنھنجي خواھش جو بيان ٽنڊڻيءَ سان ڪري پنھنجي دل جي ڳالهه زبان تي آڻي ٿي. اِھائي ان ٻاراڻي _گيت جي مکيه خاصيت ڏسڻ ۾ اچي ٿي.

  1. 7. کير جي اھميت:

کير ۽ کير مان ٺھيل شيون سنڌي کاڌن ۾ اھميت رکن ٿيون. اڄ به سنڌين جي کاڄ جو مکيه شيون کير ۽ ڏھي وغيره آھن. اڪثر ائين ڏٺو ويو آھي ته ننڍڙا ٻار کير پيئڻ کان نٽائيندا آھن ۽ ماءُ پيءُ کي ٻارن کي کير پيارڻ لاءِ وڏا جتن ڪرڻا پوندا آھن. ٿي سگھي ٿو ته پراڻي زماني ۾ به ائين ئي ٿيندو ھجي. ان ڪري ننڍڙن ٻارن جو ھيءُ ٻاراڻو_گيت ٻارن کي کير پيئڻ جي ترغيب ڏيڻ ۾ گھڻو ڪامياب رھيو آھي. اچو ته ھن گيت کي ڏسون:

 

”جو کير پئي، سو وير ٿئي،

ڏند زور وٺن، سٺا سھڻا لڳن،

اکين جوت وڌي، ڏاڍي سونھن ٿئي،

وٺي زور بدن، لڱَ چست ٿين!

کير صفا سٺو، آھي ڏاڍو مٺو!

ٻارو اچو پيون، ڀري کير وٽيون،

سڀ زور وٺون، پي کير وڌون!

ڏي کير امان، پي پڙھڻ وڃان!“

مٿي ھن ٻاراڻي گيت ۾ کير جي وڏائي بيان ڪئي وئي آھي ۽ ٻار کي کير پيئڻ لاءِ اُتساهه ڏياريو ويو آھي. 80-70 سالن جي عمر جا ڪيترائي ماڻھو اڄ به بنا ڪنھن ڀُل چُڪ جي ھي گيت ٻڌائين ٿا، ڪي ھن ٻاراڻي گيت جي تمام گھڻي واکاڻ ڪن ٿا. الاھي اھو به چون ٿا ته ھو پنھنجي پوٽن پوٽين کي ھن ٻار-گيت ذريعي کير جي اھميت ۽ افاديت ٻڌائي، کين کير پيئڻ جو شوق ڏياريندا آھن.

  1. ھڪڙو بيمثال ٻاراڻو گيت:

سنڌي ٻاراڻن گيتن ۾ پنھنجو خاص مقام رکڻ وارو گيت آھي: ”جو ڊينبو جو ڊينبو“ سڀ کان پھريائين ھن گيت جو مزو وٺو:

 ”جو ڊينبو جو ڊينبو

واٽيئڙو ڦِٿو!

سا واٽ سا واٽ

ڇٻر ڙي پوکي،

سا ڇٻر، سا ڇٻر

گھوڙڙا کائين

سي گھوڙڙا سي، گھوڙڙا لِڏ لاھين

سا لِڏ سا لِڏ ڪنڀر کڻي،

سو ڪنڀر سو ڪنڀر ٿانوڙا ٺاھي

سي ٿانوَ  سي ٿانوَ رٻ رڌن

سا رٻ سا رٻ ٻارڙا (نُو نُو/چِنٽُو) کائين“

ھي ٻاراڻو گيت تڏھن چيو ويندو آھي، جڏھن ننڍڙو ٻارُ اڃا مس ھلڻ سکندو آھي ۽ ھلندي ھلندي ڪِرندو آھي. پوءِ  ڪري وري اٿندو آھي ۽ ھلڻ شروع ڪندو آھي. پھريون ٻه سٽون ٻڌائين ٿيون ته ھڪڙو ننڍڙو ڪينئون گس تي ڦاسي پيو. اتي ڪنھن گاهه پوکيو. گاهه کي ھڪڙو گھوڙو کائي ويو. گھوڙي پوءِ مٽيءَ ۾ لِڏ لاٿي. اھا مٽي ڪنڀر کڻي ويو. ڪنڀر وري ان مٽيءَ مان ٿانوَ ٺاھيا. انھن ٿانون ۾ ڏارو (رٻ) ٺھيو. اصل ۾ ٻار جڏھن ھلندو ۽ ڪِرندو آھي ته ان جو ڌيان ونڊائڻ لاءِ ھن گيت کي ڳايو ويندو آھي. جنھن جو مقصد ئي ھوندو آھي ته جيڪڏھن ٻار کي ڪِرڻ سان ڪو ڌڪ لڳي ۽ سور ٿئي به ته ھو ان کي وساري ڇڏي ۽ ھلڻ جي ڪوشش جاري رکي. گيت جي آخر ۾ رٻ ٺاھڻ جي ڳالهه ڪئي ويئي آھي، رٻ جو ذڪر ممڪن آھي ته ٻار کي ھمٿائڻ لاءِ ڪيو ويو ھجي، ڇو جو رٻ کائڻ ۾ سوادي ھوندي آھي ۽ ٻارن لاءِ غذائيت سان ڀرپور ۽ جلد ھضم ٿيڻ واري ھوندي آھي. ٻوليءَ جي لحاظ سان ھن گيتَ ۾ پيار ظاھر ڪرڻ وارن لفظن جو تمام خوبصورت استعمال ڪيو ويو آھي. جيئن گھوڙڙا، ٿانوڙا ۽ ٻارڙا.

  1. چيڪلو بانگلو:

ھيءُ ٻاراڻو گيت سنڌي ٻوليءَ ۾ الڳ الڳ لفظن ۾ ڳايو ويندو آھي. ھي ٻاراڻو- گيت ھڪ سال کان ٽن يا چئن سالن جي ٻارن سان تعلق رکي ٿو. ٿيندو ائين آھي، جو ٻار جو ڏاڏو، نانو يا چاچو پُٺيءَ جي سھاري ليٽي ٻار کي پيرن کان گوڏن تائين ليٽائي، ان کي ھيٺ مٿي ڪري جھُولائيندو آھي، ھر دفعي جڏھن ٻار مٿي ويندو آھي ته ڏاڏو چوندو آھي:

چيڪلو بانگلو، چيڪلو بانگلو

ناناڻي ويندين يا ڏاڏاڻي؟

ھتي ٻار کان پڇيو پيو وڃي ته ھو نانيءَ جي گھر ويندو يا ڏاڏيءَ جي، جنھن تي ٻار جواب ڏيندو:

                                 ”ناناڻي“

                    مطلب نانيءَ جي گھر.

پوءِ ڏاڏو پڇندو ته:

                   ناناڻي ناني (چنٽُو/چينوءَ) کي ڇا کارائيندي؟

ھتي ٻار جو نالو وٺي، ان کان پڇيو پيو وڃي ته کيس نانيءَ جي ھٿن جي ٺھيل ڪھڙي  شيءِ کائڻي آھي، جيڪڏھن ٻار چوندو ”حلوو“ ته گيت ۾ چئبو آھي:

     ”ناناڻي ناني (چنٽو/چينوءَ) کي حلوو کارائيندي....“

 

اھڙي ريت سوال جواب ھلندا رھندا آھن. ھر ڀيري ٻار نانيءَ يا ڏاڏيءَ جي گھر ويندو آھي ۽ الڳ الڳ مٺائين جو سواد چکي ايندو آھي.

ھا! ھا! لفظن جو اھو  استعمال ڪري ٻارڄڻ سچ پچ مٺائيءَ جو مزو وٺندو آھي. دراصل ان حقيقت ڏانھن منھنجو ڌيان 6-7 سال اڳ ويو. لڳ ڀڳ 6 سال پھرين اسين ڊيڪن ڪاليج جي اسٽاف ڪوارٽرز ۾ رھندا ھئاسين ۽ اسان جي پاڙي ۾ کٽمنڊو جي ليڪچرار شريمتي شانتي بَسنت رھندي ھئي. ھوءَ لسانيات (Linguistics) ۾ پي ايڇ ڊي ڪرڻ آئي ھئي. سندس پٽ اڀيشيڪ جي عمر لڳ ڀڳ ھڪ سال ھئي. ھو اڪثر اسان جي گھر راند ڪرڻ ايندو ھو ۽ منھنجي پيءُ کان الاھي ڪھاڻيون ٻڌندو ھو. ھڪڙي ڏينھن منھنجي پٽ روھتيش کي پنھنجي ننڍپڻ جي يادگيري اچي پئي ۽ پنھنجي ڏاڏي کي چيائين ته ”بابا اڄ توھان اڀيشيڪ کي چيڪلو بانگلو راند ڪرايو.“  ۽ والد صاحب اڀيشيڪ کي اھا راند ڪرائي ۽ ھر ڀيري جڏھن ھو اڀيشيڪ کان  پڇندو ھو ته ناني اڀيشيڪ کي ڇا ڇا ٿي کارائي، ته ھو ھر دفعي الڳ الڳ مٺاين جا نالا وٺندو ھو. ان راند ۾ ايڏو ته مزو ايندو ھو، جو ڏينھن ۾ ھڪ ٻه ڀيرا بابا کي چوندو ھو ته ”بابا، چيڪلو بانگلو“ بابا ڪڏھن به ھن کي مايوس نه ڪندو ھو. ڪجهه ڏينھن کان پوءِ اڀيشيڪ  جي ماءُ آئي ۽ بابا کان پڇيائين ته ”ھي چيڪلو  بانگلو آھي ڇا؟ اڀيشيڪ  گھر اچي چوي ٿو ته ھُن چيڪلو بانگلو ۾ الاھي مٺايون کاڌيون آھن. اڄ ھن ٻڌايو ته ھن الاھي سارا مامَوچا به کاڌا. اھا ته اسان جي نيپالي مٺائي آھي. آنٽيءَ کي ته ٺاھڻ به نٿي اچي. پوءِ اوھان مامَو چا ڪٿان آندا؟“ جنھن تي بابا ھن کي راند سمجھائي ۽ جيئن ته اڀيشيڪ به اتي ئي موجود ھو ته عملي طرح ان کي راند ڪري به ڏيکاريائين. ھوءَ  ڏاڍي خوش ٿي. ھن چيو ته، ”اوھان جي سنڌي ٻوليءَ جو ھي ٻار-گيت ته الاھي خوبصورت ۽ معنيٰ خيز آھي. سندس تعليمي لحاظ کان به وڏي اھميت آھي. ٻار راند راند ۾ ڪيترين ئي مٺاين، فروٽن ۽ ٻين شين جا نالا به سکي ٿو وٺي.“ اھو  ٻڌي مون کي ھن پياري ٻاراڻي گيت جو اصل قدر معلوم ٿيو. ھي ٻه لفظ چيڪلو بانگلو ايڏا طاقتور آھن، جو ھي ملڪ ۽ ٻوليءَ جون حدون به تمام آسانيءَ سان پار ڪري سگھن ٿا. مون اھو به محسوس ڪيو ته ٻار وڏي ٿيڻ تي به ھن ٻاراڻي گيت جي مزي کي وسارين ڪونه ٿا. روھتيش تڏھن 15 سالن جو ھو، جڏھن ھن پنھنجي ڏاڏي کي چيو ته اڀيشيڪ  کي چيڪلو بانگلو راند ڪرائي. اڄ جڏھن آءٌ ھن گيت تي نظرثاني ڪرڻ ويٺو آھيان ته ھن ننڍڙي ٻاراڻي گيت ۾ سمايل ڏاڏي ڏاڏيءَ ناني نانيءَ، مامي ماميءَ ۽ چاچي چاچيءَ جو پيار ڏسان ٿو. جڏھن مون اڀيشيڪ  کان پڇيو ته ھن کي چيڪلو بانگلو ۾ ڇا محسوس ٿيندو آھي ته ھن بنا ڪنھن ھٻڪ جي فوراً چيو ته ھن کي جھولو جھولڻ ۾ مزو اچڻ سان گڏو گڏ الاھي ساريون مٺايون به کائڻ لاءِ ملنديون آھن. ان جواب تان مون کي بلڪل به تعجب نه ٿيو ۽ ھاڻي به نه ٿي رھيو آھي، ڇو ته ٻار ڪنھن به شيءِ جو مزو وٺڻ لاءِ ساز ۽ ذريعو ڳولي لھندو آھي. جڏھن ننڍڙو ٻالڪ ننڍين ننڍين ڄنگھن جي وچ ۾ ڪاٺ رکي ھلندو آھي ته کيس گھوڙي تي چڙھي ھلڻ جو احساس ۽ تجربو ٿيندو آھي. اھڙي نموني ھو پنھنجي ڏاڏي جو چشمو ۽ جُتي پائي ڏاڏو ٿيڻ جي ڪوشش ڪندو آھي. ساڳيءَ طرح جڏھن چيڪلو بانگلو ۾ اڀيشيڪ ماموچا کائيندو آھي ته ھو تصور جي سھاري ماموچن کائڻ جو مزو وٺندو آھي. ان صورت ۾ ان ڳالهه ۾ اچرج جي ڪابه ڳالهه نه آھي. مون کي ته ائين لڳندو آھي ته ھن ننڍڙي ٻار-گيت ۾ ٻولي سکڻ ۽ سيکارڻ جو راز به سمايل آھي، ڇا جي ڪري جو مون الاھي دفعا ڏٺو آھي ته جڏھن ٻار کي ڪنھن مٺائيءَ جو نالو نه ايندو آھي، تڏھن ھو ڏاڏي کان پڇندو آھي. ڏاڏو ھن کي واري واري سان ڪيترائي مٺاين ۽ فروٽن جا نالا ٻڌائيندو آھي. ان نموني ڏٺو وڃي ته ھن ننڍڙيءَ عمر ۾ ٻار ٻولي سکڻ جي طريقي ڪار جو تجربو به حاصل ڪندو پيو آھي. انھيءَ عمر ۾ ھن جي ٻوليءَ جي سکڻ جي رفتار ڪافي تيز ھوندي  آھي، ۽ ان عمر ۾ ئي ھو گھڻي ۾ گھڻا لفظ ۽ فقرا به سکندو آھي، ان ڪري ھن ٻار-گيت ذريعي ٻار جي لفظن جي ذخيري ۾ واڌارو ايندو آھي. کيڏندي کيڏندي ھن گيت ۾ ٻولي سکڻ ئي ھن گيت جي اھم خوبي آھي.

ھڪڙو  اھم سوال ھن گيت جي باري ۾ اھو اُٿي ٿو ته ”چيڪلو بانگلو“ لفظن جي معنيٰ ڇا آھي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ”جامع سنڌي لغات“ ۾ ”چيڪلو بانگلو“ لفظ گڏي ته ڪونه ڏنا آھن. پر فقط ”چيڪلو“ لفظ ڏنو آھي. جنھن جي ھو معنيٰ لکي ٿو ته، ”ٻارن جي جھولي جو ھڪڙو قسم“. بانگلو لفظ ان ڊڪشنريءَ ۾ ڪونه آھي. دراصل چيڪلو بانگلو ھڪ ورجائجندڙ مرڪب لفظ آھي، جنھن ۾ پھرئين لفظ جي ته معنيٰ آھي، ليڪن ٻيو لفظ بي معنيٰ آھي. جيئن پاڻ چوندا آھيون: ڀاڄي ٻاڄي، ڌوٻي سوٻي. انھن ٻنھي لفظن ۾ شروع وارا لفظ بامعنيٰ آھن، جڏھن ته ٻيا لفظ بي معنيٰ آھن. ھتي چيڪلي جي معنيٰ سان ھڪڙي ڳالهه ته واضح ٿي وئي ته ان جو مقصد ”جھولو“ آھي ۽ ھن ٻار-گيت سان ’جھولي جھولڻ‘ جو فعل جڙيل آھي. آخر ۾ ايترو چوڻ ضروري آھي ته ھن ننڍڙي ٻاراڻي گيت ۾ ڏاڏي ۽ پوٽي پوٽيءَ جي پيار سان گڏو گڏ ’گيت‘ ۽ ‘جھولڻ‘ جو ڏاڍو دلڪش ميلاپ آھي ۽ ٻالڪ کي ٻولي سکڻ جو سٺو موقعو به حاصل ٿئي ٿو.[2]

 

[1] شراوڻ ھندو ڪئلينڊر جو پنجون مھينو آھي ۽ مبارڪ مھينو آھي. ھن مھيني ۾ تمام گھڻا مذھبي ڏڻ ملھايا ويندا آھن ۽ ھن مھيني جو تقريباً ھر ڏينھن مبارڪ ھوندو آھي ھن مھيني جو ھر سومر ساوڻ جو سومر طور ڪوٺبو آھي. ھن مھيني سڀئي سومر ڀڳوان شِو جي پوڄا لاءِ وقف ھوندا آھن. ڪنھن به ٻئي مھيني جو ڪو سوموار ايترو تعظيم وارو نه ھوندو آھي. ھن مھيني دوران ھندو تمام گھڻي پوڄا ڪندا آھن ۽ ورت (روزا) رکندا آھن. ھي مھينو ھندن لاءِ انتھائي خاص آھي. ھن مھيني ۾ جيڪي ڏڻ ملھايا ويندا آھن سي ھي آھن:”ناگا- پنڇمي، ”ڪالڪياواتر“، ”ھِندولا“، نارالي پورنيما“، شِرواڻي پورنيما“، پَوتررو پانا“، رڪشا بنڌن“،”وارا لڪشمي وراتا“، رشي پنڇمي“، ”گوواستا ۽  باھو لا“، ستالا سپتمي“، ”جنماشٽي“، ”اجيڪاداسي“ ۽ پِٿوري پولا“.

[2]     (ھيءَ ڳالهه لڳ ڀڳ 1983ع جي آھي.)