سنڌي لوڪ گيت- ٻوليءَ جي اوسر

ڪتاب جو نالو سنڌي لوڪ گيت- ٻوليءَ جي اوسر
ليکڪ ڊاڪٽر پرسو جيسارام گدواڻي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-44-4
قيمت 1000    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (684) PDF  E-Pub
انگ اکر

11 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     160664   ڀيرا پڙهيو ويو

ھوجمالو: ھڪ ناچ گيت


ھوجمالو ھڪ تمام پيارو ناچ گيت آھي، جيڪو سنڌ ۾ خوشيءِ جي ھر موقعي تي ڳايو ويندو آھي. ان جي خوبي اھا آھي ته ان کي شھرن، ديھن، ۽ ڳوٺن ۾ ڳايو ويندو آھي. پر ان جي ان کان به وڏي خاص ڳالهه اھا آھي ته ان کي ھر مذھب ۽ جاتيءَ جا ماڻھو ڳائيندي نچندا آھن. سنڌي-ھندو اُن کي جھولي لال جي پوڄا جي موقعي تي، خاص ڪري جڏھن نئين سال جي موقعي تي جھولي لال جي پوڄا ٿيندي آھي، تڏھن خوب ڌوم ڌام سان ڳائيندا ۽ نچندا آھن. اچو ته سڀ کان پھرين ھن ناچ گيت جو مزو وٺون:

”ھوجمالو، ھوجمالو!

جيڪو کٽي آيو خير سان

ھو جمالو، ھوجمالو!

او جيڪو لڙي آيو لاڙ مان

ھــوجـمـالـو، ھــوجــمـالـو!

جنھن کي سوني منڊي چيچ ۾

ھوجمالو،  ھوجمالو!

جنھن کي سائو لڪڻ ھٿ ۾

ھوجمالو، ھوجمالو!

جنھن جا وار گھنڊيدار ٿئي

ھوجمالو، ھوجمالو!

 

جنھن جون اکيون رب رکيون ٿئي

ھوجمالو، ھوجمالو!

جنھن جا ڏند دلبند ٿئي

ھوجمالو، ھوجمالو“!

اصل ۾ ھن لوڪ گيت جي خوبصورتي ان ۾ ئي  آھي ته ھر موقعي جي مناسبت سان ان ۾ مصرعون جوڙيون وينديون آھن. ۽ اھو سدا بھار گيت ھر موقعي جي زينت ٺھي ويندو آھي، جيئن ھيٺيون سٽون ڏسو:

”جنھن جا پير پنج سير ٿئي

ھوجمالو، ھوجمالو“!

جنھن جو پيٽ لمليٽ ٿئي

ھوجمالو، ھوجمالو“!

يعني ھر خوشيءِ جي موقعي تي کل ڀوڳ ڪرڻ به خوشيءِ جي اظھار جو ھڪ لازمي حصو ھوندو آھي.

جناب الھداد ٻوھيي پنھنجي ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جي سماجي ڪارج“ ۾ ڪجهه وڌيڪ مصرعون به جوڙيون آھن:

”جيڪو مور شهه زور لا“

يا

منھنجو جمالو جتن سان“؟

 

ٿي سگھي ٿو ان کان سواءِ ٻيون ڪي مصرعون به ڪنھن ڪتاب ۾ ھجن يا وري ڪٿي سنڌ يا ڀارت ۾ ڳايون وينديون ھجن، جيڪي مون کي ٻڌڻ ۾ نه آيون آھن.

اچو ته سڀ کان پھرين ھوجمالو جي اشتقاق کي ڏسون:

جناب الھداد ٻوھيي پنھنجي ڪتاب ۾ ”ھوجمالو“ جي اشتقاق      جي باري ۾ لکيو آھي: ”ھوجمالو-محنت ڪرڻ وارن جو ھڪ گيت آھي ھوجمالو گيت جي پھرين ٻولن ”ھوجمالو“ جو اشتقاق ٿيندو: ”ھيج-ما-لو“ جنھن ۾ ”ھيج لفظ جي معنيٰ خوشي ٿيندي ۽ انھيءَ ريت ”ھيج مان“ جو مطلب ٿيندو واهه واهه خوشيءِ آھي ۽ اسان الاھي خوش آھيون. جڏھن ته ”لو“ ڌنڪ جو آواز آھي. جنھن مان ھن لوڪ گيت يا لوڪ ناچ جي راڳ جي ادائگيءَ جو اشارو ملي ٿو.“ (ص106).

ھاڻي جيڪڏھن مٿي ٿيل ”ھوجمالو“ جي اشتقاق جي بنياد تي ھڪڙي سٽ ”ھوجمالو جتن سان“ جو جائزو وٺنداسين ته پوءِ ”ھوجمالو“ جي ٿيل اشتقاق کي سمجھڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي، ان ڪري صحيح طور ھوجمالو جي اشتقاق کي ”ھو+او“ سان ئي سمجھي سگھجي ٿو، نه ڪي ”ھي+ جمال+او“ يا ”ھيج +م+لو“  سان. ”ھيج“ مطلب ”خوشي“

سان ھن گيت جو ھرو ڀرو ڪو به تعلق نه آھي. ”ھوجمالو“ جي اشتقاق کي ھيٺينءَ ريت سمجھي سگھجي ٿو:

                             ”ھو+جمال+او= ھوجمالو“

ھاڻي اچو ته ٽنھي لفظن جي تفريق ڪريون. سڀ کان پھريون لفظ آھي ”ھو.“ ڊاڪٽر بلوچ ”جامع سنڌي لُغات“ ۾ ”ھو“ جو مطلب ڏنو آھي ”اھو، ھا، آھا“. سنڌ ۾ صوفي سماج ۽ صوفي سنگيت ۾ ”ھُو ھُو“ چئي ناچ ڪرڻ جو رواج ھو. ليڪن ھوجمالو گيت جي ”ھو“ جو سڌو مطلب ٿيندو ”ھا! ھا! ھا!ھا!“ يعني ”آھا! آھا!“ ھيءَ اھا معنيٰ آھي، جيڪا ڊاڪٽر بلوچ ڏني آھي.

ھاڻي اچو ته ٻئي حصي ”جمال“ کي ڏسون، جنھن جو مطلب ڊاڪٽر بلوچ ٻڌايو، آھي ”جمال= جَمَل (عربي لفظ جمل جو مطلب آھي خوبصورت ھجڻ). يعني جمالو جي معنيٰ حُسن، وقار، خوبصورتي، روپ، ديدار. آخري حصي ”او“ جو مطلب جيڪو ڊاڪٽر بلوچ ڏنو آھي، اھو آھي، ”او: اڙي ۽ اي“ يعني سڏ ڪرڻ لاٰءِ استعمال ٿيندڙ اصطلاح يا آواز.

ھاڻي مٿي ڏنل ٽنھي لفظن جي مطلب کي ڏسندي، منھنجو جمالو جتن سان“ سٽ جو مطلب ٿيندو ”آھا! منھنجو سھڻو ته آھي جتن سان گڏ“. بلوچ صاحب ھڪڙو مطلب ديدار به ڏنو آھي. جنھن جي آڌار تي ھيٺين مصرع جو مطلب ڏسو.

”ھــوجـمـالـو، ھــوجـمـالـو“

جيڪو کٽي آيو خير سان

”ھــوجـمـالـو، ھــوجـمـالـو“

مٿينءَ مصرع جو مطلب ٿيو:

”آھا! ديدار ٿيو!،

”جيڪو جيت حاصل ڪري خير سان موٽيو“

ٻيءَ سٽ جو مطلب ”جيڪو پرڏيهه مان ڪمائي خير ۽ عافيت سان واپس آيو، ٿي سگھي ٿو. يعني سنڌي تھذيب ۾ وِھانءَ کان پوءِ گھوٽ جڏھن گھر واپس ايندو آھي ته ائين مڃيو ويندو آھي ته ڄڻ ھو جنگ ۾ کٽي آيو آھي. سندس ڪنوار کي گھر آڻڻ ھڪ طرح سان ان جو فاتح ٿيڻ سمجھيو ويندو آھي. ان کان پوءِ لوڪ گيت ۾ اڳيان چيو ويو آھي ته:

”جنھن کي سوني منڊي چيچ ۾“

مطلب جنھن کي ننڍي آڱر ۾ سوني منڊي پاتل آھي. يعني ھوجمالو گيت ڳائي، ان ۾ اھو ٻڌايو ٿو وڃي ته ”پنھنجي ان پياري جي ديدار لاءِ، جيڪو خيريت سان فاتح ٿي موٽيو آھي ۽ جنھن جي چيچ ۾ سون جي منڊي پاتل آھي“. ھڪڙي ٻي سٽ آھي:

”او جيڪو لڙي آيو لاڙ مان“

ان جو  مطلب سمجھڻ لاءِ وري ھن گيت جي گھرائيءَ ۾ وڃڻو پوندو. ھن سٽ جي باري ۾ جناب ٻوھيو صاحب لکي ٿو ته ”لڙي اچڻ“ جو مطلب آھي ”رستو بدلائي ٻئي پاسي کان ڦري اچڻ“. ۽ ڊاڪٽر بلوچ صاحب پنھنجي سنڌي-سنڌي ڊڪشنريءَ ۾ لکيو آھي. ”لڙڻ= مُڙن، پاسو ڪرڻ، لھڻ، سنئين رستي تان مُڙڻ، ڦڙتي کائڻ“.

منھنجي خيال ۾ ”لڙي آيو“ ھن لوڪ گيت ۾ ھڪ محاوري طور استعمال ٿيو آھي، جنھن جي معنيٰ آھي، ”مڙي اچڻ، يا ٿي اچڻ“ مطلب ”لاڙ جي طرف کان ٿي اچڻ“ يا ”لاڙ جي طرفان مڙي يا چڪر لڳائي اچڻ“ جنھن کي انگريزيءَ ۾ Via چيو ويندو آھي. اھا ته تاريخي سچائي آھي ته اسان جا پرڏيهه ويندڙ واپاري جڏھن سمنڊ جي رستي چين، يورپ وغيره ويندا ھئا ته ڪراچي بندرگاهه يا ٻيو ڪو بندرگاهه سنڌ ۾ نه ھوندو ھو، ۽ کين پرڏيهه وڃڻ لاءِ ڪڇ جي بندر گاهه لکپت يا جَکائو وغيره مان ٿي اچڻو وڃڻو پوندو ھو ۽ ان جو رستو ڪڇ جي ڪوري ڪريڪ علائقي کان ٿيندو سنڌ جي لاڙ علائقي مان ئي ويندو ھو. ان کان سواءِ ٻيو ڪو رستو نه ھوندو ھو. 1985ع ۾ آءٌ جڏھن شاگردن کي لکپت وٺي ويو ھئس ته تڏھن به اتي ھڪڙو سنڌي گُردارو  ھو، جتي خوبصورت ڪمرا وغيره ٺھيل ھئا. ھڪڙو وڏو رڌڻو به ٺھيل ھو. اتي جي پاٺي ءَ ٻڌايو ته ڪراچي بندرگاهه ٺھڻ کان پھرين سڀئي واپار ڪرڻ وارا سنڌي واپاري پرڏيهه ۾ لکپت کان ٿيندا ويندا ھئا. ان ڪري گيت ۾ چيل ٻول پراڻي دؤر جي ڳالھين کي به ثابت ڪن ٿا. ”لڙي آيو لاڙ مان“ سٽ جي وڏي تاريخي اھميت آھي، ان ڪري ھن لوڪ گيت جي ھيٺين سٽن کي ٻيھر جاچڻ ضروري آھي.

”ھــوجـمـالو، ھــوجـمـالـو!

جيڪو کٽي آيو خير سان

”ھــوجـمـالو، ھــوجـمـالـو!

او جيڪو لڙي آيو لاڙ مان

”ھــوجـمـالو، ھــوجـمـالـو!

او جنھن جو جمالو جتن سان

”ھــوجـمـالو، ھــوجـمـالـو!

ھڪ ڀيرو ”لڙي آيو لاڙ مان “ سٽ مروج ٿي وئي ته پوءِ ان جو رواج پئجي ويو، پوءِ چاھي ڪو لاڙ مان ٿي اچي يا نه اچي، ان سٽ کي گيت ۾  ڳايو ضرور ويندو ھو. ان ڪري ھڪ صديءَ کان به وڌيڪ عرصو گذري وڃڻ کان پوءِ به ان جو استعمال جيئن جو تيئن ھلندو اچي. ان ۾ ٻي مصرع ”او جنھن جو جمالو جتن سان“ ان ڳالهه جو ثبوت آھي ته سنڌي وڻجارا پرڏيهه مان واپسيءَ تي ٻيڙيءَ مان لھي اُٺ تي ويھي ايندا ھئا. ھيءَ تاريخي حقيقت تي ٻڌل سچائي آھي، ته انگريزن جي اچڻ کان پوءِ به سنڌ جي اندر اُٺن ذريعي سفر ڪرڻ ۽ مال کڻي وڃڻ جو ڪم ڪيو ويندو ھو. جنھن ڪري جتن جي اچڻ وڃڻ جي وسيلن ۾ اُٺن جو وڏو ڪردار ھو. ھاڻ ته رستا ٺھي ويا آھن. ٽريڪ اچي ويا آھن. پر سنڌ ۾ جڏھن گاڏي ۽ ٽريڪ وغيره ھليا تڏھن به سفر ڪرڻ ۽ مال کي اُٺن تي کڻي وڃڻ ۽ کڻي اچڻ جي ريت قائم رھي. ان سٽ جي معنيٰ ته واضح طور چِٽي آھي ته ان جي زينت ته جتن سان آھي مطلب ”سنڌي وڻجارو اٺ تي ويھي جتن سان گڏ  اچي رھيو آھي ۽ ان وقت سندس سونھن ڏسڻ وٽان آھي“. ھتي ”جنھن جو“ وڻجاري ڏانھن اشارو ڪري ٿو. جڏھن گھوٽ وِھانءَ کان پوءِ ڪنوار کي وٺي اُٺ تي ويھي گھر واپس ايندو ھو ته تڏھن اُٺ کي ھلائي وٺي اچڻ وارو جت ئي ھوندو ھو. ان ڪري ”جنھن جو جمالو جتن سان“ سٽ ان لاءِ ڪافي معقول آھي. (اُٺ تي عورت کي وھارڻ لاءِ ٺاھيل جڳهه ڪجائو، ان نموني ٺھيل ھوندو ھو، جو ان ۾ عورتون چڱيءَ طرح ويھي سگھنديون ھيون).

 ھوجمالو لوڪ گيت کي جت جي نشاني مڃيو ويندو آھي، ان باري ۾ الھداد ٻوھيو چوي ٿو ته، وِھانءَ کي به جيت تصور ڪيو ويندو آھي“.

وِھانءَ جي وقت کل ڀوڱ جو اھم درجو ھوندو آھي. ان ڪري ھيٺيون مصرعون ان بابت بيان ڪن ٿيون:

”جنھن جو پير پنج سير ٿئي“

۽

”جنھن جو پيٽ لمليٽ ٿئي“!

مٿي ڏنل سٽن مان واضح آھي ته وِھانءَ مھل ماحول خوشيءِ جو ھوندو آھي جنھن ۾ کل مذاق به خاص طور ڪئي ويندي آھي. مٿين مصرعن ۾ ”خير سان“ لفظ به تمام با معنيٰ آھن. ڇا جي ڪري جو پراڻي زماني ۾ سفر ڪرڻ دوران ماڻھن کي تمام گھڻيون مشڪلاتون پيش اينديون ھيون. مسافرن کي ڪڏھن ننڍين ننڍين ٻيڙين ۾ به وڃڻو پوندو ھو. انھن کي موجوده دؤر جون سھولتون ميسر نه ھيون ۽ علم جي به ايتري روشني نه ھوندي ھئي. آمدرفت جا ذريعا ۽ ايس ٽي. ڊي وغيره به نه ھئا. خبرون ٻڌڻ لاءِ به ڪو وسيلو نه ھوندو ھو. جنھن ڪري ھڪ ڀيرو گھر مان نڪرڻ کان پوءِ ڪير زنده واپس ايندو ھو ته ان کي خوش نصيبيءَ جي ڳالهه سمجھي ويندي ھئي. ان ڪري ”خير سان“ جي معنيٰ عافيت سان واپس اچڻ آھي. ان دؤر جي حالتن کي سمجھڻ کان پوءِ ھن لوڪ گيت کي سمجھڻ آسان ٿي ٿو وڃي.

ھاڻي اڳيان وڌو:

”جنھن کي سوني منڊي چيچ ۾“ ۽ ”جنھن کي سائو لڪڻ ھٿ ۾“. ھتي سوني منڊي دولت جي نشانيءَ طور استعمال ٿي آھي، ڇا جي ڪري جو جڏھن وڻجارا پرديس مان ڪم ڪري واپس ايندا ھئا ته اھي تمام گھڻي دولت ڪمائي ايندا ھئا ۽ سنڌ کي اچي مالا مال ڪندا ھئا. جڏھن ته ”سائو لڪڻ“ نشاني آھي ”فصلن جي آباديءَ“ جي دراصل وڻجارا پر ڏيهه مان ڪمائي ايندا ھئا ۽ پوءِ خاص طور پنھنجي زمينن ۾ سڌارا آڻڻ لاءِ تمام گھڻو خرچ ڪندا ھئا. ان سان به سنڌ جي فصلن ۾ ئي اضافو ٿيندو ھو. ھتي ڀارت ۾ اسان ڏسون ٿا ته بمبئيءَ، پوني، انڊور وغيره شھرن ۾ سنڌي وڻجارن ڪافي ڪاليج ۽ اسپتالون تعمير ڪرايون آھن.

مٿي ھڪڙي ٻي ڳالهه به ڌيان طلب آھي. ھن سنڌي لوڪ گيت ۾ ’چيچ ۾ منڊي پائڻ‘ جي ڳالهه ڪئي وئي آھي. مون ڪڇ جي ٻني علائقي ۾ خاص ڪري جتن ۽ ٻين جاتين کي ان ئي آڱر ۾ منڊي پائڻ جو رواج ڏٺو آھي. ٿي سگھي ٿو پراڻي دور ۾ منڊي ان ئي آڱر ۾ پائڻ جو رواج ھجي.

انھن مصرعن کان پوءِ ٻي مصرع آھي:

”جنھن جا وار گھنڊيدار ٿئي“

۽

”جنھن جون اکيون رب رکيون ٿئي“

مٿي ڏنل پھرين مصرع ۾ مرد جا وار گھنڊيدار ٻڌايا ويا آھن. ممڪن آھي ان وقت گھنڊيدار وارن کي سونهه سمجھيو ويندو ھجي. ٻي سٽ ۾ ان جون اکيون خدا کي وڻندڙ مڃيون ويون آھن. اھا سٽ مذاق ۾ چيل لڳي ٿي. ٽين سٽ ۾ ڏندن کي دل کي قيد ڪرڻ وارو چيو ويو آھي. مطلب دل کي ڇڪڻ وارو چيو ويو آھي. ان گيت جي باري ۾ اھو چوڻ مبالغو نه ٿيندو ته ھر خوشيءِ جي موقعي تي ڳائجندڙ ھي  لوڪ گيت بينظير آھي. ان کي جيڪڏھن پاپ موسيقيءَ تي ڳائجي يا ان کي پنجابيءَ جي ڳائڻي گُروداس جھڙو ڪو انوکو موسيقار، ڳائڻو ۽ نچڻ وارو ملي وڃي ته ھي گيت ان کان به وڌيڪ پُراثر ٿي ويندو ۽ ممڪن آھي ته دنيا ۾ ٻين سڀني گيتن کان اڳيان نڪري وڃي. ان ۾ مون کي ڪو شڪ ناھي ته ھي گيت ٻوليءَ جون حدون ٽوڙي دنيا جي ھر جوان جي دل جي ڌڙڪن ٿي سگھي ٿو. پنجابيءَ جو ”ھي جمالو“ گيت مون ڪيترن ڳائڻن کان ٻڌو آھي. ليڪن اھو سنڌي ”ھوجمالي“ جيڏو طاقتور نه آھي. بس ھن سدا بھار لوڪ گيت کي جيڪڏھن ضروري آھي ته فقط ھڪڙي گُرو داس جي.