سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون (جلد III)

ڪتاب جو نالو سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون (جلد III)
ليکڪ ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو
سنڌيڪار / ترتيب آزاد انور ڪانڌڙو
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-09-3
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (487) PDF  E-Pub
انگ اکر

29 October 2019    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     8882   ڀيرا پڙهيو ويو

سنڌي ٻولي جو سماجي ڪردار


اھا ڳالھھ سچي آھي تھ ”ٻوليءَ جو خالق سماج آھي“، پر ھن تر جيتريءَ ڳالھھ ۾ ٻوليءَ جي جوڙجڪ ۽ اوسر جا تمام گھڻا گــُر سمايل آھن. جيستائين انھن سڀني کي سمجھڻ جي ڪوشش نھ ڪئي ويندي، تيستائين ٻوليءَ جي سماجي ڪردار کي سمجھي نھ سگھبو.

چين جي عظيم ديوار جو خالق چيني سماج آھي ۽ مصر جي عظيم اھرامن جو خالق مصري عوام يا سماج ؛ پر ٻوليءَ جي حيثيت نھ چين جي ديوار جھڙي آھي ۽ نھ مصري اھرامن جھڙي. چين جي ديوار چيني ماڻھن ڪلھن تي پٿر ڍوئي ٺاھي ھئي ۽ مصري اھرامن کي فرعونن، ماڻھن کي بيگر وھائي کڙو ڪيو ھو. ان ڪري ’ديوار‘ اڄ چيني ماڻھن جي ھڪ دؤر جي عظمت جو يادگار آھي ۽ ’اھرام‘ مصري ماڻھن جي پورھين ۽ ڏاکڙن جا يادگار آھن، جيڪي انھن ماڻھن جي ھڪ دؤر يا زماني سان تعلق رکن ٿا.

پر اھي چيني گيت، جيڪي چيني سماج جي انھيءَ عزم جو اظھار ڪن ٿا، جنھن جي ڪري ھيءَ ديوار بڻجي سگھي، خود چين جي ھن ديوار کان وڏي حيثيت جا مالڪ آھن، ڇو تھ چيني گيت سماج جي گڏيل ذھن، مجموعي ھمت ۽ ارادي جي ھڪ اھڙي صورت آھي، جيڪا پنھنجي علمي پھلوءَ جي خيال کان چين جي ھن ديوار جھڙيون ڪيئي ديوارون جوڙائي سگھي ٿي، ڇو تھ ھنن گيتن ۾ چيني عوام ۽ چيني سماج جي من ۽ ذھن جي اھا ڪارڪردگي ڪم ڪري رھي آھي، جيڪا سدا سرگرم ۽ سدا جوان آھي. ھن مان ظاھر آھي تھ ٻولي پنھنجي سماج جي سڀني ماڻھن (Social groups) جي من (Mind) ۽ ذھن (Thinking) جي اھا تحريڪ آھي،جيڪا پاڻ سدا جوان ۽ سدا سرگرم رھي ٿي ۽ پنھنجي سماج جي ذھني تحريڪ کي قائم رکي ٿي. اھو ئي سبب آھي جو چين جي ديوار کان چين جي ٻولي گھڻو برتر آھي. ان ڪري، ٻولي ۽ سماج جو تعلق اھڙو نھ آھي، جھڙو چين جي ديوار ۽ سماج جو. ان ڪري سورھن آنا سچي فقط اھا ڳالھھ آھي تھ ٻولي سماج جي سچي ۽ امر قوت آھي، جا سماج جي زندگيءَ جي ضمانت طور ڪم ڪري رھي آھي ۽ ان جو واسطو سماج جي سڄي زندگيءَ سان آھي ۽ نھ ھڪ دؤر جي زندگيءَ سان.

ٻوليءَ جي علم (Linguistics) جي ڄاڻن، ٻوليءَ جي متعلق جيڪي حقيقتون رڪارڊ تي آنديون آھن، تن مان ھڪ ھيءَ بھ آھي تھ ٻولي پنھنجي سماج جي گڏيل سوچ (Collective thinking) جي لفظي صورت آھي. ھيءَ ڳالھھ بھ سمجھڻ جھڙي آھي. سماج جي علم (Sociology) مطابق سماج پنھنجو پاڻ بھ ھڪ منفرد (Concept) آھي، جنھن جي اڀارڻ ۽ پيدا ڪرڻ ۾ جدا جدا قوتن ڪم ڪيو آھي، جن مان ڪي آھن: ٻولي، نسل، عقيدو، طبعي حالتون ۽ معاشي ضرورتون. اھي سڀئي ڳالھيون ھڪ سماج ۾ ترڪيبي جزن (Elements) وانگر قائم آھن. انھيءَ خيال کان ٻولي پاڻ بھ سماج تي اثرنداز ٿي سگھي ٿي. ٻوليون اھڙو ڪردار بھ ادا ڪنديون رھيون آھن. ٻوليءَ جو ھي ڪردار ڏاڍو اھم آھي. ھن خيال پٽاندڙ ٻولي ڪنھن سماج جي سڄي ساري ’تاريخ‘، ’داستان‘ (Legend) يا ’مھا ڪھاڻي‘ آھي، جيڪا صدين، دؤرن ۽ زمانن کان بي نياز، پنھنجي سماج جي اتم صلاحيت (Genius) جي اصولن تي ڪم ڪري رھي آھي. ان ڪري ھر ڪو نسل يا دؤر پنھنجي اندروني ڪارڪردگيءَ لاءِ ٻوليءَ جي قوت مان قوت حاصل ڪندو آھي. ٻوليءَ جي ھن ڪردار جي خيال کان، يوناني ۽ چيني ٻولين جا مثال وڌيڪ اثرائتا آھن. يوناني سماج يوناني ٻوليءَ کان ٻاھر سمجھي نٿو سگھي ۽ اھڙيءَ ريت چيني سماج جو روح بھ چيني زبان آھي. ٻولي، اھڙيءَ طرح پنھنجي سماج جي علامت آھي.

سماج کي ٻوليءَ سان سڃاتو ويندو آھي ۽ ٻوليءَ کي سماج سان. ٻولي سماج جو اھڃاڻ (Symbol) آھي ۽ سماج ٻوليءَ جو. ٻوليءَ جو تصور (Concept) بھ سماج جي تصور وانگر منفرد ۽ واحد آھي. يونانيت جو تصور فقط يوناني سماج ۾ ئي قائم رھي ٿو سگھي ۽ يھوديت جو تصور فقط يھودي سماج ۾. اھڙيءَ ريت، يوناني زبان جو تصور بھ فقط يوناني سماج ۾ قائم ھي ٿو سگھي. سنڌي ٻوليءَ جو تصور بھ فقط سنڌي سماج جي تصور سان گڏ رھي ٿو سگھي. سنڌي ٻولي پنھنجو سماجي ڪردار رڳو سنڌي سماج ۾ ادا ڪري ٿي سگھي، جنھن ۾ ھن سماج جي ھزارن سالن جي ھڪ ’مھا ڪھاڻي‘ پوشيده آھي. ٻوليءَ جي ھن جادوگريءَ جو ڪمال لفظ ”ڪرمچن“ ۽ لفظ ”ھومرڪ“ ۾ ڏسي ٿو سگھجي. يوناني قوميت، وقار، غيرت، سنجيدگي، برداشت ۽ يوناني سماج جون ٻيون انيڪ خصوصيتون فقط ھڪ لفظ ھومرڪ (Homeric) يا ھيلينسٽڪ (Hellenistic) سان بيان ڪري ٿيون سگھجن، ڇو تھ اھم لفظ يوناني من ۽ ذھن جي ’مھا ڪھاڻيءَ‘ جا عنوان آھن.

انگريز پنھنجي سماجي ڪردار کي لفظ ’ڪرسچن‘ سان ادا ڪندا آھن. اھي پنھنجي مثالي ماڻھن (Heroes) کي ’ڪرسچن‘ سڏيندا آھن. ڪنھن جي لاءِ چوڻو ھوندن تھ ھي بھادر آھي تھ چوندا تھ ’ھي  ڪرسچن آھي‘. اھڙيءَ ريت، پنھنجين قومي خصوصيتن جو اظھار ۽ بيان ھڪ لفظ ’ڪرسچن‘ سان ڪندا آھن. انگريزن جو سڌريل ۽ مھذب ماڻھو (Gentleman) بھ ڪرسچن آھي. اھڙيءَ ريت، سنڌي ماڻھو بھ پنھنجين سماجي خصوصيتن ۽ قومي امتياز جو اظھار ’سنڌي ماڻھو‘ جي لفظن سان ڪندو آھي. روايتي نماڻائيءَ جو بيان ڪرڻو ھوندس تھ چوندو، ”جنھن جي واٽ نھ وڃجي، ان جو پنڌ ڇو پڇجي. اسين سنڌي ماڻھو، پنھنجيءَ ۾ پورا.“ ڪنھن تي ڪاوڙبو چوندو،”اسين سنڌي ماڻھو، ڪنھن جي گــَرز ڪا نھ ڪڍبي، خوشامد اسان جي ڪتي جو وڙ بھ ناھي، خوش رھي پنھنجي گھر، گھر مري تھ پنھنجا پٽنس.“ اھڙيءَ ريت، پنھنجين سماجي خصوصيتن سان ”سنڌي ماڻھو“ جو لفظ شامل ڪندو ويندو. ”سنڌي ماڻھو“ سنڌي سماج جي عظيم ناٽڪ ۾ ”ھيرو“ جھڙو ڪم ڪري رھيو آھي. ھر قوم جي ھڪ اندرين آکاڻي ٿيندي آھي ۽ ھر سماج جو ھڪ ڳجھو ڳر، جنھن کي نمائنده لفظن سان ادا ڪري سگھبو آھي. (ھن ڳالھھ تي وري موٽي ايندس). ان ڪري ٻولي پنھنجي سماج جي گڏيل سوچ جي رڳو صورت نھ آھي، پر ھڪ متحرڪ قوت بھ آھي، جا پنھنجي مخصوص سماجي تصورن مطابق سرگرم رھندي آھي.

ٽين ڳالھھ جا ٻوليءَ جي معاملي ۾ چئي وئي آھي، سا اھا آھي تھ ”ٻولي اظھار جي وسيلي جي حيثيت ۾ پنھنجي سماج جي سڀاويڪ حالتن جو آئينو آھي.“

ھت غور ڪرڻ جھڙا الفاظ آھن: ”اظھار جو وسيلو“ ، ”سڀاويڪ حالتون“ ۽ ”آئينو“. اظھار جي وسيلي جي حيثيت ۾، ٻولي ھڪ ڪارآمد ۽ ڪارائتي ھٿيار جي حيثيت رکي ٿي، جيڪو پوري معاشري کي ڪنھن ”مقصد“ حاصل ڪرڻ جي لاءِ مدد ڪري ٿو. ظاھر آھي تھ اھو مقصد آھي ”اظھار“. پر اظھار اجتماعي طور تي بھ ٿيندو آھي ۽ انفرادي طور تي بھ ٻولي ٻنھي قسمن جي اظھار جو وسيلو آھي. انفرادي طور تي ڪنھن بھ ھڪ دؤر ۾، ھر سماج ۾، ڪو نھ ڪو ماڻھو ڪڏھن ڪڏھن اھڙي صلاحيت ۽ قابليت وٺي لکندو يا چوندو آھي جوٻوليءَ جو ’ضمير‘ ان وٽان پنھنجي وڌاءَ ۽ خوشحاليءَ لاءِ وڌيڪ مواد حاصل ڪندو آھي ۽ ڪري سگھندو آھي. چاسر، ملٽن ۽ شيڪسپيئر انگريزي زبان کي وڌايو آھي ۽ شاھھ سنڌي زبان کي. ھن باري ۾ انقلابي حيثيت جا اديب ۽ شاعر ٻوليءَ کي اصطلاح، استعارو، علامت، عڪس (Image) ۽ محاورو ڏيندا آھن. (اصطلاح ۽ محاوري جي پھرين حيثيت فقط ھڪ اظھار جي موزون وسيلي جي ھوندي آھي، جنھن کي بعد ۾ سماج قبول ڪري وٺندو آھي ۽ پوءِ اھي اصطلاح ۽ محاوري جي حيثيت وٺندا آھن.)

اجتماعي حيثيت ۾، ٻولي ھڪ سماج جي اندر ھڪ سامونڊي وھڪري جيان رڙھندي، ور ۽ وٽ کائيندي، چڙھندي ۽ لھندي، وھندي ھلندي آھي. ”سڀاويڪ حالتن“ مان مطلب آھي سماج جو سڀاءُ، اندر، فطرت يا ضمير. مٿي سماج جي جنھن منفرد تصور جو ذڪر ڪيو اٿم، ان جو تعلق فقط انھن سماجي حالتن سان آھي. ”آئيني“ (Reflection) سماج جي انھن حالتن جو ھڪ پاڇولو يا اولڙو آھي،جنھن ۾ سماج جو اندر ۽ اصل ظاھر ھوندو آھي.

سو،پڌرو ٿيو تھ ٻولي ھڪ اھڙي قوت آھي، جا پنھنجي سماج جي ھر رنگ ۽ ھر رنگ تي محيط ۽ حاوي آھي.

وري ھرڪو سماج پنھنجي سڀاءُ ۾ نرالو آھي. جھڙو سماج جو سڀاءُ ھوندو ، اھڙي ٻوليءَ جي لئي، سماج جي سڀاءُ ۾، جئن مٿي ڏيکاريو اٿم، طبعي حالتن جو بھ ھٿ آھي. جابلو علائقن جون ٻوليون رکيون ۽ کھريون آھن. سامونڊي علائقن جون زبانون پنھنجي لوڏي ۾ ويرن جي چڙھڻ ۽ لھڻ جھڙو لاھھ ۽ چاڙھھ رکن ٿيون ۽ طوفان جھڙيءَ تيزيءَ ۽ سمنڊ جھڙي گھرائيءَ سان مالا مال آھن. اھڙ:ءَ ريت،ميدان ۽ زرعي علائقن جي ٻوليءَ جون لوڏون ۽ لھجا بھ پنھنجا پنھنجا آھن. طبعي حالتن کان سواءِ، ھر سماج ۾ تصور، وھم گمان ۽ عقيدا بھ وڏو ڪم ڪن ٿا. ان ڪري ٻوليءَ تي انھن جو بھ اثر پوي ٿو.

سماجي ۽ پنگتي حالتن جي حساب سان، ھر سماج جا مکيھ ڪردار ٻھ رھيا آھن: ھڪ ظالم جو ۽ ٻيو مظلوم جو. ھنن ڪردارن جا وري جدا جدا روپ پيدا ٿيندا رھيا آھن. ظالم کي ڪٿي عادل بادشاھھ، خدا جو خليفو، رعيت جو خدا، خدا جو پاڇو، ماڻھن جو ابو- امان، ۽ دين ديال چيو ويو آھي تھ ڪٿي امير، حاڪم، سورھيھ، سورمو ۽ وير چيو ويو آھي. ظالم کي ڪٿي ڪٿي بچائيندڙ، نجات ڏياريندڙ، فاتح اعظم، سالار ۽ انقلابي بھ سڏيو ويو آھي.  اھڙيءَ ريت، مظلوم جا بھ ڪيئي روپ رھيا آھن: چور، ڌاڙيل، ڦورو، ڄٽ، جاھل، جھنگلي، بزدل، ڀڄڻو، حرام خور، سست، ٽوٽي، غدار، راڄ ڊوھي، ملڪ جو دشمن، ڪافر، ملحد، دين جو دشمن، عصبيت پکيڙيندڙ، سماج دشمن اھي ۽ ٻيا ايترا ۽ اھڙا نالا ڪٿي ڪٿي مظلوم لاءِگھڙيا ويا آھن. ڏاڍي کي جئن پئي وڻيو آھي، تئن ڪيو اٿس. ڏاڍو ڪڏھن ھيڻن جو پاڻي بند ڪندو آھي، ڪڏھن انھن کي ڏنڊا ھڻائيندو آھي، ڪڏھن انھن کي جيل موڪليندو آھي، ڪڏھن جلسن ۾ ھڪلون ڏيندو آھي ۽ چٿرون ڪندو آھي، ڪڏھن ھمدردي ڏيکاريندو آھي ۽ رحم ڪندو آھي، ڪڏھن مھرباني ڪري کين زنده رھڻ جون سھولتون ڏيندو آھي، ڪڏھن رحم ڪري ھيڻن جي ٻوليءَ جا ٻھ چار لفظ ڳالھائيندو آھي، ھيڻن جو لباس پائي فوٽو ڪڍائيندو آھي، ھيڻن جي خرچ تي شڪار ڪندو آھي، کين عزت بخشي وٽن مھمان ٿيندو آھي ۽ انھن سان کلي ڳالھائيندو آھي. جيڪڏھن ڪنھن ”چور ۽ ڄٽ“ ھڪل جي جواب ۾ ھڪل ڪئي تھ بندوقون ڀرائي، ھزارين ٿلھن پٽن ۽ ڊگھن بوٽن وارا ڦيٿن تي ’لڏائي‘ موڪليندو تھ جيئن ”ملڪ بچي“. انھن بندوقن وارن جو منطق ھو بھو اھڙو آھي، جھڙو چارلس نيپئر يا ميجر آئوٽرم جو ھو. ھيڻا شرط مڃيندا ويندا ۽ ھو شرط وجھندا ويندا، تان جو ملڪ مان لڏائي ٻاھر ڪڍندا يا گوليون ھڻي ڍير ڪندا. وري اھو سڀ ڪجھھ ٿيندو بھ وطن – دوستيءَ جي نالي تي، امن ۽ صلح جي خاطر، ڀائپي ۽ برادريءَ جي قائم ڪرڻ لاءِ ۽ ملڪ جي خوشحالي ۽ مذھب کي بچائڻ لاءِ ماڻھن سان ڇا نھ ٿيو آھي ۽ ڏاڍ مڙسيءَ جو ڪھڙو طريقو آھي جو آزمايو نھ ويو آھي. ماڻھوءَ جي تاريخ ۾ مزا لڳا پيا آھن. سو، عرض آھي تھ جنھن سماج ۾ ڏاڍ مڙسي، ھوڏ، تونگري ۽ بيٺلائپ جو تصور غالب ھوندو، اھو سماج جابراڻو ھوندو ، ڏاڍ ۽ ظلم تي ٻڌل ھوندو ۽ وري جنھن سماج ۾ ڌيرج، ٺاپر، سنجيدگي، تور تڪ ۽ پختگيءَ جو تصور غالب ھوندو، اھو سماج حق، سچ ۽ انصاب وارو ھوندو. اھڙيءَ ريت، جنھن سماج ۾ صبر، شڪر، توڪل، برداشت، لوڙڻ ۽ سھڻ جي طاقت سورن سان سنگت ۽ ڏکن سان دوستيءَ وارو تصور ھوندو، اھو مظلوم سماج ھوندو.

جدا جدا سماجن جي اھڙين سڀاويڪ ڳالھين جو جدا جدا ٻولين تي اثر پوندو رھيو آھي. سماج جو سڀاءُ ماڻھوءَ جي سوچ تي اثر ڪري ٿو ۽ ماڻھو ڳالھائي يا لکي بھ اھو ٿو، جيڪي سوچي ٿو. اھڙيءَ ريت،ٻولي سڌو سنئون پنھنجي سماج جي سڀاءَ جي ترجماني ڪندي آھي. سو ھن طرح جو سکئي ۽ آسودي سماج جي ٻوليءَ ۾ ظرافت، ظنز ۽ مزاح گھڻو ھوندو آھي. بکئي ۽ ڏتڙيل سماج جي ٻوليءَ ۾ ڏاھپ ۽ حڪمت گھڻي گڏ ٿيندي آھي، ويچار ۽ اونھا خيال وڌيڪ پيدا ٿيندا آھن. ھمدردي، برادري، ڏکن جي اور، سڌ سماءَ ۽ خبر چار وٺڻ واريون ڳالھيون ڏتڙيل، لٽيل ۽ ڦريل سماج ۾ ملنديون آھن.

ڪنھن سماج جي سڌريل تاريخ اھا آھي،جا سندس ٻوليءَ جي تاريخ آھي ۽ وري ٻوليءَ جي سڌريل تاريخ اھاآھي، جا سندس سماج جي تاريخ آھي. (عجب آھي، غضب آھي، جو ھن خيال کان اسين نڪو ٻوليءَ جي تاريخ لکي سگھيا آھيون ۽ نھ سماج جي. اسين تھ پنھنجي ادب جي تاريخ بھ لکي نٿا سگھون، ڇو تھ پنھنجيءَ ٻولي ۽ پنھنجي سماج جي تاريخ کان سواءِ ڀلا پنھنجي ادب کي ڪيئن سمجھي سگھنداسون.)

چوٿين ڳالھھ تھ ٻوليءَ جي سماجي ڪردار جو ادب تي وڏو اثرپوي ٿو. ويڙھاڪ قومن وٽ ايپڪ ليجينڊ (Epic legend) ۽ بھادراڻو شعر وڌيڪ ٿو لکجي. جيئن پراڻي يونان ۾ ٿيو آھي. دولتمند ۽ خوشحال قومن ۾ ناول، افسانو، گيت، نيچري شعر وڌيڪ لکيو ويو آھي. وري ڏتڙيل، ڦريل ۽ لٽيل سماج ۾ نڙ جا بيت (ڇو تھ انھن ۾ ڪوڪارون ۽ دانھون ڪري ٿيون سگھجن)، لوڙائو (ڇو تھ انھن ۾ ديس ۽ پرديس جا پور ۽ سور سمائي ٿا سگھجن). ڇلڙا (ڇو تھ انھن ۾ پنھنجي روءِ سوءِ ھيڪلائيءَ ۾ سڪ ۽ سور جو اظھار ڪري ٿو سگھجي)، ڳجھارت ۽ ڏور (ڇو تھ ھنن ۾ اظھار ڳجھو ۽ لڪائي ڪري ٿو سگھجي تھ جيئن لوڪ لکا نھ پوي) ۽ اھڙيءَ ريت بيت، دوھو ۽ ڪافي لکيا ويا آھن. آھي ڪو جو ان ڳالھھ کان انڪار ڪري تھ سنڌ ۾ بين، بنسري،مرلي، بوڙينڊو، چنگ، تنبورو ۽ سرندو، سڀ دل جي دانھن، اندر جو اوٻر، دک جو دونھون ۽ ڪوڪ واڪو ۽ ڏوراپو ڏيڻ جا بھترين وسيلا آھن ۽ ھن سماج ۾ اھي ئي ساز ايجاد ٿيڻ کپندا ھئا.

ٻوليءَ جي سماجي ڪردار جي وڏي ثابتي ناٽڪ ۾ ملندي آھي، ڇو تھ ھن سماج جا ماڻھو ۽ نمونا (Types) جيئرا جاڳندا پيش ڪيا ويندا آھن. ھنن نمونن کي ڪردار (Characters) چيو ويو آھي. ناٽڪ سڀني سماجن ۾ لکيو ويو آھي ( سنڌي سماج جي لاءِ مان نٿو چئي سگھان)، پر ڪردار ھر سماج کي پنھنجا پنھنجا آھن. ھيلن ۽ اچيليس فقط يوناني سماج ۾ جاءِ وٺي سگھيا آھن؛ ليئر، ڪلو پئٽرا، بڪ، ڪئليبان ۽ مرانڊا فقط انگريزي سماج ۾ جاءِ وٺي سگھيا آھن؛ شڪنتلا ۽ دمينتي فقط ھندستاني سماج ۾ جاءِ وٺي سگھيا آھن ۽ اھڙيءَ ريت، ٻاگھي، نوري، مارئي، مومل ۽ سسئي رڳو سنڌي سماج ۾ پيدا ٿي سگھنديون، ڇو تھ سڀ ڏتڙيل، سڀ ڦريل، سڀ وسوڙيل، سڀ ويچاريون ۽ سڀ ھنيون ماريون آھن. ٻيو ڪھڙو سماج آھي جو ھنن کي سمجھي سگھندو ۽ قبول ڪري سگھندو؟ انگلستان جي ڪنھن بھ اسٽيج تي مومل – راڻو پيش نٿو ڪري سگھجي. اھڙيءَ ريت، شيڪسپيئر جو ڪو بھ ناٽڪ سنڌ ۾ پيش نھ ڪري سگھبو. اداڪار ڌاريا پيا لڳندا ۽ ڪھاڻيون اوپريون پيون ڄاڻبيون.

ڪردارن ۾ ’ھيرو‘ جو تصور سماج ۾ مثالي ماڻھوءَ يا ھيرو يا سڌريل ماڻھوءَ (Gentleman) جھڙو ھوندو آھي ۽ ھئڻ گھرجي. ناٽڪ واري ڳالھھ نڪتي آھي تھ عرض ڪري ڇڏيان تھ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪامياب ۽ نامياروناٽڪ ان وقت تائين لکي نھ سگھبو، جنھن وقت تائين اسان کي پنھنجي سماج جي نمونن ۽ مثالن (Types and symbols) جو پتو نھ پوندو. اسان کي پنھنجي ’ھيرو‘ جو ڪو جامع تصور پيش ڪرڻو آھي. دنيا جي جدا جدا قومن جا ناٽڪ پنھنجي سماج جا نمونا، ’ھيرن‘ يا وڏن ڪردارن ۾ ڏيکاريندا آيا آھن. رھيو سوال تھ اسين ڇا ٿا ڏيکاري سگھون؟ اسان جا تھ سورھيھ بھ ويچارا آھن، بادشاھھ بھ مظلوم آھن، محنت ڪش بھ ڪنگال آھن، تاجر بھ سڃا آھن، ڪڙمي بھ بکيا آھن، امام بھ مظلوم آھن، انقلابي بھ پوئلڳ آھن ۽ اڳواڻ بھ پوئوار.(مٿي مون سماج جي ھڪ تصور کي ”سنڌي ماڻھو“ جي لفظ ۾ لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. بھرحال، ھن تصور تي نالو ڪو ٻيو ٿي ٿو سگھي، پر ڳالھھ ويچارڻ جھڙي آھي.)

ھيءَ ڳالھھ ھت ھن ڪري ڪيم جو ٻوليءَ لاءِ اھو ضروري آھي تھ ھوءَ پنھنجي سماج جو جينئس (Genius) اتم ڪارڪردگي، مجموعي سوچ ۽ سماجي ڀروسا ۽ بانور ضرور پاڻ ۾ سمائي. ڇاڪاڻ تھ ھيرو جو تصور تھ انھن ڳالھين تي مدار رکي ٿو، تنھن ڪري وچ ۾ انھيءَ ڳالھھ تي بھ ڪجھھ چوڻو پيو.

سو، پڌرو ٿيو تھ ٻوليءَ پنھنجو سماجي ڪردار ادب ۾ بھ پڌرو ڪندي آھي، توڙي جو اھو ڪم عام گفتگو يا بي تڪلفيءَ وارو گفتو بھتر طريقي سان ڪري ٿو سگھي.

منھنجو ڀروسو آھي تھ اسين پنھنجي ”داستان“، ”مھاڪھاڻي“ (Myth) ۽ رمز (Secret) کي پنھنجي ٻوليءَ جي وسيلي بھ سمجھي سگھون ٿا.

سماجي زندگيءَ جي اڀياس جا وسيلا گھڻا بھ ٿي ٿا سگھن، پر مون پنھنجي سماجي تاريخ جو ماخذ فقط سنڌي ٻوليءَ کي سمجھيو آھي. منھنجو بانور آھي تھ ٻوليءَ جي مدد سان سماجي اڀياس ڪرڻ سان اسين سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪردار ظاھر ڪري ۽ سمجھائي سگھنداسون. (مون کي ھن مضمون لکڻ لاءِ مجبور بھ انھيءَ ”بانور“ ڪيو آھي.)

مٿي مون جيڪو ڊگھو اصولي بحث ڪيو آھي، اھو ھن موضوع جي مھاڳ لاءِ تمام ضروري ھو. سنڌي ٻوليءَ ۾ ھن قسم جي مٿاڪٽ ڪا نھ ڪئي وئي آھي، انڪري مون ھن موضوع کي بنياد کان وٺي شروع ڪيو آھي.

لکيل يا ڳالھايل ٻوليءَ جون جيڪي صورتون اسان وٽ اڳيان رکيون ويون آھن، انھن کي ٽن حصن ۾ ورھائي ٿو سگھجي: پھريون حصو نظم جو، ٻيو نثر جو ۽ ٽيون حصو آھي، ڳالھھ ٻولھھ واريءَ ٻوليءَ (Spoken or popular forms of Sindhi Language) جو. منھنجي موضوع لاءِ ٻوليءَ جي ھيءَ ٽين صورت وڌيڪ اھم آھي. ٻوليءَ جي ھيءَ صورت تحريري يا ڪتابي ٻوليءَ کان ھميشھ مختلف ۽ جدا رھي آھي. ائين سڀني زبانن ۾ ٿيو آھي. ٻوليءَ جو سماجي ڪردار رڳو روزمرھ جي گفتي ۽ ڳالھھ ٻولھھ مان پڌرو ڪري سگھبو آھي. شاعريءَ تي فن جون ڪي پابنديون آھن ۽ نثرکي ڍنگ (Style) ۽ ٽيڪنڪ جي نيمن جي پابندي ڪرڻي ھوندي آھي، ان ڪري اھڙيءَ ٻوليءَ ۾ سماج جو خالص ۽ ننگو روپ نروار ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آھي. اھو ئي سبب آھي جو آءٌ ٻوليءَ جو سماجي ڪردار ادبي صنفن جي بجاءِ روزمرھ جي ڳالھھ ٻولھھ ۾ تلاش ڪري رھيو آھيان.

ھي ڪم ٻوليءَ جي اڀياس (Linguistics) جي ھڪڙي ڀاڱي جي تحت ٿي ٿو سگھي، جنھن کي انگريزيءَ وارن Semantics  چيو آھي. ھن علم جو واسطو لفظن جي ٻاھرينءَ صورت (forms)سان نھ پر اندرينءَ معنيٰ سان آھي ۽ خيال سان آھي، جيڪو اسان جي لفظن جي اندر موجود آھي. انگريزي ٻوليءَ جو ھڪڙو خادم، مانائتو لوگن پيئرسل سمٿ (Logan Pearsall Smith)، لکي ٿو تھ ”ماڻھوءَ جي عملي کوجنائن کان وڌيڪ دلچسپ تھ ھن جي خيالات، نظريات ۽ احساسات جو رڪارڊ آھي، ڪا بھ تاريخ ايتري دلچسپ ۽ اھم نھ آھي، جيتري خود انسان جي ’روح‘ جي تاريخ ۽ لفظن جي اڀياس ۾ اسان کي ھڪ اھڙو طريقو ملي ٿو( جيڪو ھونئن کڻي ثانوي حيثيت جو آھي پر سچيءَ قيمت وارو آھي)، جنھن سان اسين انسان جي روح جي تاريخ کي وڌيڪ سمجھائي ۽ بيان ڪري ٿا سگھون.“ ڏسو لفظ ۽ محاورا“ (Words and Idioms) جو مھاڳ.

اسان جي ٻوليءَ ۾ بھ اسان جي سماج جي سچيءَ سھڻي تاريخ رکي آھي، جنھن کي اسين عام ڳالھھ ٻولھھ جي مدد سان سمجھي ٿا سگھون. اسان جي سماج جي روح جي سچي تاريخ اسان جي لوڪ ادب ۾ بھ آئي آھي. ”ٻيلاين جا ٻول“ ۽ ”سير ڪوھستان“  جھڙا ڪتاب ھن باب ۾ بيان ڪري ٿا سگھجن. پر تنھن ھوندي بھ، غير رسمي ۽ عام گفتگوءَ جا تمام گھڻا پاسا اڃا ڪتابن جي ھٿ نھ چڙھيا آھن.

جيڪڏھن سمٿ جو مٿي ڏيکاريل خيال صحيح آھي (۽ منھنجي خيال ۾ سراسر صحيح آھي) تھ پوءِ اسان لاءِ اھو ضروري آھي تھ اسين سماجي روح جي سچي تاريخ کي معلوم ڪرڻ، کولڻ ۽ سمجھائڻ لاءِ ان تاريخ جا جدا جدا باب سمجھون ۽ ھڪ سرشتو اھڙو اڳيان رکون، جنھن سان اسين پنھنجو ڪم پوريءَ ريت ڪري سگھون. ھن ڏس ۾ ھيٺ ڏيکاريل ڳالھين تي ويچار ڪيو وڃي:

(١) اھڙا لفظ، محاورا ۽ اڌ- جملا (Phrases) گڏ ڪريون، جيڪي اسان جي سماجي زندگيءَ جي ڪنھن بھ ھڪ ڌارا (Trait) کي بيان ڪندا ھجن.

(٢) سماجي زندگيءَ جي جدا جدا رخن ۽ ڌارائن جي تحت گڏ ڪيل لفظن جو ھڪ يڪو رڪارڊ ٺاھيون، جنھن ۾ اسان جي سماجي زندگيءَ جو سڄو وستار اچي وڃي.

ھن قسم جي ھڪڙي ڪوشش مون اڳ بھ ڪئي آھي (ڏسو سماھي ”مھراڻ“ ٢-٧١ ۾ ڇپيل منھنجو مضمون، ”اسان جي اڻ ڳالھايل زبان“).

ھت آءٌ اسان جي سماجي زندگيءَ جي ڪن ڌارائن لاءِ ڪم ايندڙ لفظ، محاورا ۽ اڌ- جملا گڏ ڪندس تھ جيئن سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪردار ڏيکاري سگھان.

مثال طور: ڏسجن سنڌي ٻوليءَ جا ھي لفظ: ٽھليو، ٻيلي، پورھيت، نوڪر، خادم، ٻانھون، ٽڪريل، گولو، گولي، خاڪ (پيرن جي)، پڻي (پيرن جي)، يا ھي محاورا: تنھنجي جتيءَ سان، اکين تي (نھنجا سور اھنج)، اکين سان (اکين سان ڏيندس)، ڳچيءَ ۾پابند پائي (نماڻو ويچارو ٿي)، تنھنجي ھٿ ۾ منھنجي ڳچيءَ ۾ (مان غلامن وانگر پنھنجي واڳ تنھنجي ھٿ ۾ ڏيندس)، تنھنجي پيرين لڳاسين، ٻيو خير، گھوريا پير سر سوڌا، جيءُ جيءُ ڪري ڏيو (ادا ڪبو)، سر بھ تنھنجي ملڪ آ، تون ساھھ جو سائين آن، واڳ ڌڻين جي وس، آءٌ ڪا پاڻ وھيڻي، ھلائين تھ ھلان، بيھارين تھ بس، وڪاڻن گھوڙن ڪھڙي بھا، يا زناني زبانيءَ ۾ صدقو، گھور، گھوري، پورھيت، ٻانھي، گھور وڃان، ٻلھار وڃان، تنھنجي ھٿن ۾ سرھي ٿيان(مران)، تنھنجي ھٿن ۾ اجري ٿيان (مران)، شل ڪلھو ڏينم، شل ڪانڌي ٿينم، شل لوڙھھ لٽيم، شل ھٿن سان نھيريم، وغيره.

ھھڙي قسم جي ھڪ ياداشت جون خاص ڳالھيون ھي آھن:

١. انھن سڀني جي معنيٰ جو واسطو اسان جي سماجي زندگيءَ سان آھي؛

٢. ھي لفظ ۽ محاورا اسان مان ھرھڪ روزانو ڪنھن نھ ڪنھن موقعي تي استعمال ڪري ٿو؛

٣. ھي لفظ اسين سڀ سمجھون ٿا ۽ ماڻي ٿا سگھون؛

٤. ھي سڀ لفظ اسان جي سماجي زندگيءَ جي فقط ھڪ ڌارا سان واسطو رکن ٿا.

اھڙي ريت، ھڪ طرف کان ھي لفظ اسان جي ٻوليءَ جون لفظي صورتون آھن، تھ ٻئي طرف کان ھي لفظ اسان جي سماجي تاريخ جي روح سان پنھنجيءَ معنيٰ جي ڪري ڳنڍيا رکيا آھن.

ھاڻي ڏسڻو آھي تھ اسان جي سماجي زندگيءَ جو اھو ڪھڙو نيم يا مول آھي، جنھن سان ھنن لفطن جي معنيٰ جو واسطو آھي. ھنن لفظن ۾ جيڪو ”احساس“ سمايل آھي، تنھن مان معلوم ٿو ٿئي تھ اسان پاڻ کي ٻين کان گھٽ سمجھيو آھي، انڪري ٻئي جي اڳيان پنھنجي نماڻائي ظاھر ڪرڻ ۾ حد ڪري ڇڏي اٿئون. ھھڙي قسم جو تاثر اھڙي سماج ۾ اڀرندو آھي، جنھن ۾ ترقيءَ ڪرڻ جا موقعا ملي نھ سگھندا آھن ۽ جنھن ۾ فردن کي اڀرڻ ۽ اسرڻ نھ ڏنو ويندو آھي. اھڙي قسم جو سماج ”ھيڻو سماج“ آھي ۽ ھيڻي ۽ نماڻي ۾ ڪو گھڻو فرق نھ آھي. وڌيڪ ڏسجن اسان جي ٻوليءَ جا اھي لفظ جن مان خدمت جي معنيٰ ئي نڪري. مثال طور:

ٽھور، ٽھل – ٽڪور، چاڪري، ٻيلھپو، گيسو، ٽوڪري، ٽوپي- ٽانڊو، ڇيڻ ٻھر، ڇنڊ – ڦوڪ، مھٽ سھٽ، ھٿ ڌوئارڻ(”اسان بھ ڪن جا ھٿ ڌوئرايا آھن“)، آئي وئي ڪرڻ، در تي ھئڻ، وغيرھ.

ڏسجي پيو تھ اسين پنھنجي سماجي زندگيءَ ۾ ڏاڍا نماڻا ۽ ھيٺانھان آھيون. ھاڻي معلوم ڪرڻو آھي تھ ھھڙي قسم جي سماجي زندگيءَ لاءِ ڪھڙيون ڳالھيون جوابدار آھن. ھن سوال جو جواب بھ سنڌي ٻوليءَ کان وٺبو. ھنن لفظن تي غور ڪجي.

مٿي آئي، ڪونھي ڀائي- مٿي تي آھي- ڀلا جيڪي قسمت – ھائو يار، اچي وئي- جيڪو لکيو آھي، سو لوڙيو – لکيو منجھھ نراڙ- چوان پنھنجن ڀاڳن کي- نصيبن نھ ڀڙايو- ڀاڳ ڦٽا- وغيرھ.

يا:

بس ادا،مڙئي غريبي آ-غريبي حال آ- ڏٻڙي ڍور تي مڇر بھ گھڻا، غريبن رکيا روزا تھ ڏينھن بھ ٿيا وڏا- حال مسڪيني آ- اسين مسڪين ماڻھو، وغيره .

يا:

جيءُ بسم لله- مان جھول جھلي-اسان وڏي جھولي جھلي آ،

يا:

ھيڻي جو لله واھي- شل ھو رحم ڪري- شل ٻاجھھ پويس- آلا، منھنجي توبھھ – منھنجي گيسي- منھنجي زاري- شل حقئون بھ رکي، ناحقئون بھ رکي- شل چڱي وڻيس- خدا الائي ڇا ۾ راضي آھي- اسان جا ڏوھھ ٿا ڪنبن – اسان جا لڱ ٿا ڪنبن- سينو ٿو بکي- ساھھ سڪي ويو آھي- سڌ ڇڏي ويو آھي- شل عيب اگھاڙا نھ ٿين- ڏمرجي ڏاتار تھ ڏنگيون ڏيکاري- رب رسي تھ مت کسي.

يا:

گھوڙا گھوڙا- ايلي ايلي-ظلم ڙي ظلم- قھر ري قھر.

غور ڪبو تھ معلوم ٿيندو تھ سنڌي ٻولي سنڌي سماج ۾ھيڻائيءَ ۽ نماڻائيءَ جا جي سبب رڪارڊ ڪيا آھن، سي ھي آھن: ١. قسمت، ٢. معاشي بدحالي، ٣. صبر ۽ برداشت جو اخلاقي اثر، ٤. خدا جي قھر جو تصور.

ٻوليءَ کان ٻاھر، اسان جي سماجي تاريخ ۾ جيڪي بدحاليءَ جا سبب آھن، اھي ھي آھن:

١. آسماني آفتون، ٢. ڌارين جا حملا، ٣. گذران جي تنگي، ٤. ظالم حاڪم ۽ عدل جو ڪمزور نظام.

ٻنھي تاريخن کي ملائي پڙھبو تھ معلوم ٿيندو تھ اسان جي ٻولي اسان جي سماج جي حقيقي ۽ سچي تاريخ لکي آھي، جنھن ۾ سنڌي سماج جو روح شامل آھي.

ھڪڙي مظلوم ۽ ھيڻي سماج لاءِ اھو سڀاويڪ آھي تھ منجھس سھڻ جي طاقت پيدا ٿئي. اسان جي سماج ۾ ائين ٿيو آھي يا نھ، تنھن سوال جو جواب بھ سنڌي ٻوليءَ جي آڌار تي پيش آھي. ھيٺيان لفظ جاچي ڏسجن:

متان ڀاڙي ٿيو آھين- پرواھھ ناھي- آڱوٺي کي پرواھھ آھي- نڪ کي مر نھ لائبي- شينھن مري تھ بھ ڊڀ نھ چري- ڪراڙو اٺ ٻھ ڪنواٽ لھي- عمر نـِئي نـِئي مارئي نيندو، ٿرئون تھ ڪو نھ ٿيلھيندو- روز رب تي آھي- رزق جو ضامن لله آھي- ساھھ ڏنو اٿس تھ روز بھ ڏيندو- ڪڻي مان ڪيچ ڪرڻ وارو اھو آھي- پير پوئتي نھ ڪبو- مھلون مڙسن تي اينديون آھن. نھ وڃائبو ساءُ نھ وڃائبو.

اھڙي ئي سماج ۾ ائين بھ ٿيندو آھي جو ارادي ۽ قربانيءَ جي قوت اڀرندي ايندي آھي:

ڊڀ ناھن جو وري ڄمندا- سر ھڪ آھي، ٻھ نھ ٿيندا- مڙس مڙس جو مٽ- مڙس مڙس کي چوي منھن تي- ڏوري تي ھٿ آ- ڏينھن تپي تھ مڙس مچي- ڪم پرين آ، چم پرين ناھي- تتيءَ ٿڌيءَ ڪاھھ- سوڀون سر گھرن- مون سان ھلي سا، جا جيءَ مٺو نھ ڪري- جا نينھن ڳنھندي ناءُ، سا مون جئن پوندي مامري.

ڪجھھ طبعي حالتن جي ڪري ۽ ڪجھھ سماجي حالتون جي ڪري، ڊپ، ھراس ۽ بي يقيني بھ اسان جي سماج ۾  قائم رھندا آيا آھن. سنڌي ٻوليءَ اسان جي سماجي زندگيءَ جي ھن رخ کي بھ محفوظ ڪيو آھي. اجھو ھن طرح:

ھڪ سج ٻھ پاڇولا- دم تي ويساھھ ناھي- الائي حياتي ڇاھي- سر جي بلا سر سان – ڪو ڪنھن کي کڻي ڪو نھ ٿو ڏئي- اسان کي پنھنجي سر جي لڳي آ.

يا:

خدا خير ڪري- دستگير سولي ڪندين- لله مالڪ آ- مڙئي خير ٿيندو- خدا خير ڪندو.

يا:

ٻيڙي ٻڏي وئي- تختا نڪري ويا- لاھھ نڪري ويا- پاڙ پٽجي وئي-ايرا ڊھي ويا- ڇڪي کڄي وئي- بيخ نڪري وئي- ٻنجو اچي ويو- در تي ڍنگر اچي ويو. در اچي ويو- ڄڻ ٻچو ڪو نھ بچيو- رن نھ ملي رن کي – ٻھاري اچي وئي- تڏو کڄي ويو- تڏا ويڙھھ ٿي- پٽ ٿي ويا- پڌر ٿي ويا- راڪاس گھمي ويو- ڌوڙ ٿي اڏامي- پيئي اڏامي رک.

ھھڙي صورتحال جو مقابلو اسان جي سماج اعتماد، توڪل ۽ ڀروسي سان ڪيو آھي. اجھو ھن طرح:

لله مالڪ آ- ڏکيا ڏينھن ٿورا آھن- مارڻ واري کان بچائڻ وارو ويجھو آ- ايندي آ گھوڙي ڪاھھ، ويندي آ جونءَ پير، ويندا لڙ لھي- سج لٿي کان پوءِ اوير ڪانھي- مڙس ٿبو- مڙس مڙس جو مٽ آ- بندن کي پٽڪا ناھن- اسان جي اک ئي نٿي ٻڏي- مڇ تي پير آ- ڏوري تي ھٿ آ- سر ھڪ آ- مربو ھڪڙي ڏينھن.

اسان جي سماجي زندگيءَ جو مطالعو ٻڌائي ٿو تھ اسان جي خود اعتمادي پيدا ٿي نھ سگھي آھي. اسان وٽ ڏوراپي، طعني، تنڪي، مھڻي، منٿ، ايلاز ۽ دعا جا جيڪي لفظ آھن، سي سماجي زندگيءَ جي ھن نھايت ئي لڪل مقام کي ظاھر ڪن ٿا. طعنو ۽ مھڻو ھيئن ڏبو:

حيف ھجيئي- ٿڪ ھجيئي- مڙس ناھين- توکان تھ رن زال چڱي- پٽ، چوڙيون پاءِ- ٻڏي مر- ڌرتي جاءِ ڏيئي تھ چڱو- بيغيرتو تھ ڪتو بھ چڱو ناھي- ماني تھ ڪتا بھ ٿا کائن- ڏاڙھيون تھ ٻڪرن کي بھ ھونديون آھن- ڪلنگي تھ ڪڪڙ کي بھ ٿيندي آ- ناس پتو ڪونھيس- مڙس آ پتي سان، بي پتو ڪتوبھ چڱو ناھي- لڄ ناھي تھ ڪجھھ ناھي.

منٿون ۽ ايلاز ھيئن ڪبا:

لله جو قسم ٿئي- واسطو ٿي رب جو- پيرين ٿو پوانءِ- ٻانھون ٿو ٻڌانءِ - منٿ ٿو ڪيانءِ-پٽڪو ٿي پيرن تي- ميڙ ڪري آيو آھيانءِ- تڏو ڪنو نھ ڪر.

دعا ھيئن ڪبي:

رب گنج ڏيندءِ- وڌون وڌو ھوندين- ڪوسو واءُ نھ لڳندءِ- وار ونگو نھ ٿيندءِ - ٻچڙن وڌندين- کائيندين ۽ اوٻاريندين- رب ڏڌ ۽ پٽ ڏيندءِ - جڙيو ھوندين- لله وڌائيندءِ سدا سلامت- خوش بھار- بلي بلي – خوش رھو، آباد ھجو.

ڪنھن بھ سماج ۾ رسمون ۽ رواج بھ سماجي زندگيءَ جي روح جي نمائندگي ڪندا آھن. ھر سماج کي ان ڪري رواج ۽ رسمون جدا جدا ھونديون آھن. لباس ۽ رسم (Custom and costume) ڪنھن سماج جي سماجي زندگيءَ جو پھريون نشان ھوندا آھن. رسمن ۾ سماجي زندگيءَ جا نھايت ئي نازڪ ۽پوشيدھ ڳر محفوظ آھن ۽ان ڪري رواج جي معاملي ۾ استعمال ٿيندڙ ٻولي بھ ڳالھايل ٻوليءَ جو بھترين نمونو ھوندي آھي. سنڌي زبان جي رسمن ۽ رواجن جي باري ۾ جا زبان ڪم آئي آھي، سان اسان جي ڳالھايل زبان (Spoken Language) جو بھترين نمونو آھي. ھن ٻوليءَ ۾ اسان پنھنجي قومي غيرت، وقار، عزت ۽ عصيبت جو اظھار نھايت ئي موزون نموني ۾ ڪيوآھي. آءٌ ھت فقط ھڪڙي رسم يعني پرڻي جي باري ۾ ڳالھايل زبان جو ھڪ مثال پيش ڪندس. ھن ٻوليءَ مان ظاھرٿيندو تھ اسان ھڪ سماج جي حيثيت  ۾عورت جو تصور ڪھڙو ٿا رکون، ڀائيچاري ۽ ڀائپيءَ جا تصور ڪھڙا ٿا رکون، ڪھڙيءَ ريت ھڪٻئي جي جذبات جو احساس ادا ڪندا آھيون ۽ پنھنجي سماجي زندگيءَ جي نازڪ معاملن ۾ اسان جو ڪردار ڪھڙو ھوندو آھي.

سڀ کان اڳ سڱ گھرڻ وارو معاملو جاچبو.

اڳ ۾ چار ڀائر (مٽ مائٽ) ويھي ويچاريندا. ٻولي ھيءَ استعمال ٿيندي: ادا فلاڻا، فلاڻي جي نياڻي ’ھاڻي دلو پاڻيءَجو کڻي ٿي.‘ يا (ٻھ گھڙا ٿي کڻي)- ’توکي بھ لله پٽ ڏنو آ‘- ’مائٽ مائٽن جا آھن‘- ’ڇڙھن جو ڳوٺ ڪونھي‘- ’ويٺيون نھ مڱجن،مڱيون نھ پرڻجن تھ جڳ ڪئن ھلي‘- تنھنجي ھن ۾ ’اميد‘ آھي- ’چڱيءَ ۾ سڀڪو راضي آ‘- خير ۾ لله بھ راضي آ، چڱيءَ ۾ سڀڪو راضي آ- راڄ ڀاڳ ۾ ڳڻ ٿيندي آ- نياڻي بھ ھن جي آ تھ تڏو بھ ھن جو ٿيندو- چار ڀائر لنگھي ٿا ھلونس- مڙس ھوندو تھ ويل نھ وڃائيندو- ھن تي بھ نياڻي جو بار آ- تون ٻڙي ٻڌ(تيار ٿيءَ) تھ ھليا ھلونس- اڳ ۾ دل من پڇ- ٽل ڪر- ڳالھھ ڪبي چٽي، جنھن کڙو نڪو مٽو- چٻي چٿي ڳالھائبو- مائٽي ڪوٺي چڙھي ڪبي آ- پيٽ، سڱ يا ڦلن مٺ، اھا تھ ٿي اڳلي جي مرضي- جنھن جو تڏو تنھن جي ڳالھھ- ھاڻي ڪڇ.

مٿي جن جملن کي سنگل ڪاما ڏني اٿم، انھن مان ھر ھڪ اسان جي سماجي زندگيءَ جي معاملن جي طرف اسان جو رويو (Reaction) ظاھر ڪري رھيو آھي. ھھڙي قسم جي رويي جا بھ ڪي سبب آھن، پر انھن کي لکڻ لاءِ ڪنھن ڪتاب لکڻ جي ضرورت پوندي.

ھاڻي وري پٽ- پيءُ ھيئن ڳالھائيندو:

ادا ڀائر آھيون پاڻ ۾- توھان چڱي ٽلي آ- ڳڻون مڙسن کان ٿينديون آھن- ٽل بھ ڪو ماڻھو ڪندو آ- ’چڱن کان نيٺ چڱي ٿيندي‘- توھان کي شابس آ- ’ ھاڻي ھن جو ھٿ منھنجي ڳچيءَ ۾‘(جئن چوندو تئن ڪندس)- ڀائر ڀائرن ۾ اميدون رکندا آھن. گھوڙي ڪن برابر آھن-

ھڏ رت آھيون- واھھ جو ڇڪينداسونس- سڌو ڳالھائي چونداسون، پٽ، ھت ٿي ويھھ- لاھھ لڙھندا اسان بھ ڪو نھ آھيون- ڀائر ڀائرن کي ڏيندا وٺندا- ادا، اڌاري ڀاڄي آ- اڄ ڏيندو، سڀان وٺندو- شرا ۾ شرم ڪونھي- شرا ۾ ڪنھن ٻانھن وڍائي ھئي تھ کلندو آيو ھو.

پوءِ نڪري ايندا ۽ اچي اڳلي جي در تي بيھندا. ھڪڙو سڏ ڪندو: ”ادا فلاڻا، آھين؟“ اندران آواز ايندو: ”ڪھڙو؟“ جواب ڏيندو: ”اسين فلاڻا آھيون: ڪتي کان بيھجان، اسين اچون ٿا.“

گھر وارو تڏو وڇائيندو يا کٽون سوري ويجھيون ڪندو، ڇوڪريءَ جي ماءُ مائي وڏي ڪن کڙا ڪندي ۽ ڇوڪري ٻڪر ھڻي، ڪنڌ ھيٺ ڪري پري ويھي رھندي يا ڪنڊ پاسي ھلي ويندي. گھر وارو ھڪ ھڪ کي ”خوشي ڀڙ“ ڪندو ويندو ۽ آخر ”جيءُ“ڪندو. آيل ماڻھن مان جيڪو عمر ۾ وڏو ھوندو، سو احوال ڏيندو: ”مٺو کير پيءُ ادا! سڀڪو پنھنجي ڪم ڪار سان، اھي احوال ادي کي ڏيان، پڪيءَ ٻير کي ڇاپر سڀ ڪو ھڻي. رت دانگيءَ تي بھ وري، پنھنجائپ پنھنجائپ آ، پنھنجو ماري ڇانو ۾ اڇلي ۽ ڌاريون ماري اس ۾ اڇلي. اڄ تون ۽ فلاڻو ورو وري سان رکيو ويٺا آھيو، قرب آ تھ سڀ ڪجھھ آ. اسان بھ تنھنجا ڀائر آھيون. نياڻيون نماڻيون، اڪن کاڌيون، وڃي پراوا گھر وسائينديون. اڄ نھ تھ سڀان وڃي شينھن ڪلھي چڙھنديون. نياڻيءَ جي ماني ڪنھن نھ لڌي آ. سڱ سھيندن جا. مائٽي آ ڏيڻ وٺڻ سان. چوندا آھن تھ گھر ۾ ھجي جاءِ تھ ٻھر ٻاھر نھ ڪڍجي. پاڻ ۾ آھيون، اڄ وقت ڏس تھ ڪھڙو لڳو آ. ھن جو ڇوڪرو بھ ڪمائيندڙ آ. ھڏ ڀڳل اٿس. اھنڊ (ڏنگو) بھ ناھي. سدورو بھ ڏاڍو آ. پيءُ جو ادب ايڏو ٿو رکي جو ڏاڙھي اٿس منھن ۾ (يا مڇن جي ساول اٿس)، اڄ بھ پڻس ھڪل ڏيندس تھ مجال جو ورندي ڏئي. اسان کي ڳالھھ وڻي آئي، جيڪر تھ توھان پاڻ ۾ ڳنڍجو. ننگ جھڙي ٻي ڳالھھ ڪانھي. مڙس ننگ بھ ڪندا آھن. پ جي نھ تھ بھ ھو حاضر آ. ڦلن مٺ چوين يا پيٽ. سڱ ھن وٽ اڄ ڪونھي. باقي اڳتي تھ اميدون ڀائرن جون ڀائرن ۾  آھن. اِھي احوال ادي کي ڏيان. اھو ارادو ڪري لنگھي آياسين، تنھنجي پيرين لڳاسين، ٻيو خير.

وري خوش ڀڙ ڪندا ۽ پوءِ آيل ماڻھو جنھن احوال ڏنا، سو ”جيءُ“ ڪندو ۽ گھر وارو احوال ڏيندو.

مٺو کير پيءُ. (جڙيو تنھنجو جيءُ) اِھي احوال ادي کي ڏيان. سڀڪو پنھنجي ڪم ڪار سان. ويٺڙا ھئاسين، توھان جو سڏ ٻڌم. ادا، فلاڻو اسان جو ٻچو آ،اکيون لله ڏسڻ لاءِ ڏنيون آھن. پاڻ ۾ ڀائر آھيون. نيٺ ان جو منھن جنڊ ڏي آ. مون کي بھ لله ٻچڙا ڏنا آھن. انھن جو بار بھ مٿي تي آ. اڄ ننڍا سڀان وڏا. ادا، مڙس مڙس کي چوي منھن تي. اھا ڳالھھ توھان ٻڌي ھجي. اِھو سوٺو (ذمو) فلاڻي کي کڻڻو پوندو. باقي ڦلن مٺ وٺي مان ڇا ڪندس- نياڻيءَ جا ھڏ وڪڻي آسودو ڪير ٿيو آ. اڃا ملڪ ھلي ٿو. توھان آيئو، توھان سان ملياسين، ٻيو خير.

ظاھر آھي تھ اسان جي زبان اسان جي سماجي زندگيءَ جي نازڪ معاملن ۽ موقعن تي اظھار جي جا ٻوليائي قوت آڇي ٿي، تنھن مان پڌرو آھي تھ سنڌي ٻولي اسان جي سماجي زندگيءَ جي سچي پچي ادائگي ڪري رھي آھي. عورت جو رتبو، مرد جي حيثيت، پرڻي جي ضرورت، ھڪٻئي ڏانھن فرض، ڀائپيءَ جا اصول، شرافت ۽ خانداني عزت جو اظھار جيڪو مٿي ڏيکاريو ويو آھي، اھو ثابت ڪري ٿو تھ ماٺ ئي ماٺ ۾ عام ڳالھھ ٻولھھ رستي اسان پنھنجي سماجي زندگيءَ جو ’روح‘ ڳالھائيندا ويندا آھيون.

ٻوليءَ جو ھي معاملو اھڙو آھي جو ھن تي ريسرچ جي وڏي ضرورت آھي (جنھن کان پڄي سو ڪري). ڪم تمام ضروري آھي. ھشياريءَ سان ۽ راتيون جاڳي ڪرڻو آھي.

آخر ۾ عرض ڪندس تھ سماج ھڪ متحرڪ ۽ بدلجندڙ شي آھي، ان ڪري ٻولي بھ ارتقائي رھندي آھي. سنڌي سماج ۾ پاڪستان کانپوءِ وڏي تبديلي اچي رھي آھي. ڪراچيءَ ۾ رھندڙ سنڌي ماڻھن جا ٻار، جن جي عمر سترھن يا ارڙھن سال آھي، اھي منھنجو ھيءُ مضمون پڙھي ڪجھھ بھ حاصل ڪري نھ سگھندا، ڇو تھ جنھن سماج جو مون ذڪرڪيو آھي، اھو ھنن پري کان ڏٺو آھي. ھيءَ ڳالھھ اسان لاءِ ڏاڍي وڏي ڳالھھ آھي. بھرحال، اسان جو فرض آھي تھ اسين پنھنجي سماجي حيثيت بھ برقرار رکون ۽ وقت جو ساٿ بھ ڏيون. ھي ٻئي ڳالھيون ممڪن آھن ۽ آسانيءَ سان برقرار رکي ٿيون سگھجن. ھن لاءِ رڳو ايترو ضروري آھي تھ اسين سنڌي زبان پڙھون ۽ ڳالھايون، باقي جيئن وڻي تئين ڪريون. ٻولي اسان کي سڀ ڪجھھ ڏئي ٿي سگھي. اڃا بھ وقت نھ ويو آھي. اسان کي گھرجي تھ نئينءَ تبديليءَ کي ٻوليءَ ۾ اوتيون، ٻوليءَ کي نوان محاورا ۽ اظھار ڏيون ۽ ٻوليءَ جو سماجي ڪردار قائم رکون.

مٿي مون سنڌي سماج جي جنھن رخ ۽ پھلوءَ تي لکيو آھي، اھو ھن سماج جو فقط ھڪڙو رخ آھي. سنڌي سماج ھڪ بيحد ۽ بي انتھا سلسلو يا سرشتو آھي ۽ ان جي سڄي ۽ مڪمل وستار ڪرڻ جو ڪم تھ اسان جو اھو اڪابرڪندو، جيڪو اسان جي سماجي تاريخ (Social history) لکندو. اسان جو سماج بھادر سماج بھ آھي تھ فضيلت وارو ۽ شريف سماج بھ. مون ان جي فضيلت، شرافت ۽ مظلوميت جا ويچارڏنا آھن.

(نئين زندگيءَ، مئي – جون ١٩٧٢ع)