ڪتاب جو نالو | سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون (جلد III) |
---|---|
ليکڪ | ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو |
سنڌيڪار / ترتيب | آزاد انور ڪانڌڙو |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-9098-09-3 |
قيمت | 150 روپيا |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | (486) PDF E-Pub |
انگ اکر | 29 October 2019 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 8875 ڀيرا پڙهيو ويو |
(١) ٻولي ۽ اڻ ڳالھايل ٻولي: انھيءَ سوال تھ ”ٻولي ڇاکي چئجي؟“ جو جواب ٻن طريقن سان ڏئي ٿو سگھجي. پھريون ھي تھ ”ٻولي لفظن جي اھا صورت آھي، جنھن کي ڳالھائڻ وارن عضون پيدا ڪيو آھي، ٻڌڻ وارن عضون (ڪنن) سئو آھي“ ۽ ٻيو ھي تھ ”ٻولي چئبو آھي مطلب معنيٰ ۽ خيال کي ھڪ ھنڌ کان ٻئي ھنڌ تائين پھچائڻ واري وسيلي کي.“ پھرئين جواب ۾ ڏٺو ويندو تھ معلوم ٿيندو تھ ٻوليءَ لاءِ اھو ضروري آھي تھ اھا آوازن تي ٻڌل ھجي ۽ ٻيو تھ اھي آواز اھڙا ھجن جو انسان جا ڪن انھن کي ٻڌن. ھن جواب ۾ جا ڳالھھ رھجي وئي آھي سا اھا آھي تھ ھن ۾ ڳالھائڻ، اچارڻ يا ٻڌڻ جو اصل مقصد خيال ۾ ئي نھ آندو ويو آھي. ٻڌڻ ۽ ڳالھائڻ جو مقصد آھي ئي سمجھڻ ۽ سمجھائڻ، ۽ سمجھڻ ۽ سمجھائڻ جو ڪم رڳو تڏھن ٿي سگھندو، جڏھن اچارن، آوازن يا لفظن کي ڪا معنيٰ ھوندي. ڍڳي جي رنڀ ۽ ٻڪر جي ٻيڪاٽ ۾ بھ ڪي لفظي صورتون، اچار ۽ پد آھن ۽ انھن کي بھ ٻڌڻ وارا ڪن ٻڌي ٿا سگھن، پر ڀلا ائين چئجي ڇا تھ ڍڳن جي بھ ھڪ زبان آھي ۽ ٻڪر بھ ڪا ٻولي ٿا ڳالھائن؟ بيشڪ ڍڳن ۽ ٻڪرن جي معاشرن ۾ انھن آوازن ۽ اچارن کي ڪا معنيٰ ھوندي، پر انساني معاشري ۾ انھن آوازن ۽ اچارن کي ”ٻولي“ چئي نٿو سگھجي اسان تھ ٻولي انھيءَ ٻوليءَ کي ٿا سڏيون جيڪا ماڻھو ڳالھائيندا ھجن. ٻئي جواب ۾ زور ڏنو ويو آھي ”معنيٰ“ تي- ھن جواب ۾ بھ ٻن ڳالھين طرف ڌيان ڇڪايو ويو آھي. پھريون ھيءَ تھ ٻولي لفظن جي اھا صورت آھي جنھن ۾ ڪانھ ڪا ”معنيٰ“ موجود ھجي، ۽ ٻي ھيءَ تھ اھا معنيٰ جيڪا لفظن ۾ يا لفظي صورتن ۾ موجود آھي، سا پنڌ ڪندي رھندي ھجي. يعني ھڪ ھنڌ کان ٻئي ھنڌ تائين پھچي سگھي- لفظن جي اھا معنيٰ جا رڳو ھڪڙي ھنڌ سمجھي ٿي سگھجي، يا جنھن کي رڳو ڪي ٿورڙا ماڻھو سمجھي ٿا سگھن، سا ٻولي سڏائي نٿي سگھي- ان ڪري سماج ۽ زمين جو تصور بھ ٻوليءَ جي تصور سان گڏوگڏ رھندو آيو آھي- ھينئر اسان ڪنھن سماج ۽ ڪنھن زمين جي تصور کان سواءِ ڪنھن ٻوليءَ جو تصور نٿا ڪري سگھون. اھوئي سبب آھي جو اسان چوندا آھيون تھ ٻوليون مرنديون بھ آھن ۽ ٻوليون ڄمنديون بھ آھن. زبان جو ھي ٻيو نظريو ھاڻوڪو آھي ۽ ان جو تصور سائنسي طريقي سان سوچڻ بعد ڏنو ويو آھي. ھي نظريو زبان جي بنياد، تاريخ ۽ اوسر جي نظرين جي پٺڀرائي بھ ڪري ٿو. پھرئين ۽ ٻئي خيال جي وچ ۾ جيڪو اختلاف آھي، اھو بھ بنيادي، نظرياتي يا اصولي آھي، ڪي ٿا چون تھ زبان جي شروعات آوازن پيدا ڪرڻ سان ٿي، ان ڪري ترقي يا اوسر بھ انھن ئي آوازن جي ٿي، ان ڪري بنيادي ڳالھھ ڇونھ آوازن کي سمجھيو وڃي. ٻيا ٿا چون تھ ٻوليءَ جي شروعات ڪير ٿو چوي تھ آوازن پيدا ڪرڻ سان ٿي ھئي. ٻوليءَ جي شروعات تھ اشارن ڏيڻ سان ٿي ھئي ۽ اڄ تائين بھ اھي اشارا ئي آھن، جيڪي ٻوليءَ جو منڍ ۽ اصل بنيا بيٺا آھن. اسان جڏھن ڪا ڳالھھ زبان سان چڱيءَ ريت سمجھائي نھ سگھندا آھيون، تڏھن ھٿن، اکين، ڀِرن ۽ چپن کان ڪم وٺندا آھيون، پوءِ ڇونھ اشارن کي ئي زبان جو بُڻ بنياد سمجھيو وڃي. باقي رھيو سوال آوازن پيدا ڪرڻ جو، سو اھا ھڪ رسم آھي جا انسانن، پکين ۽ جانورن جي ماحول سان لھھ وچڙ ۾ اچڻ سان حاصل ڪري ورتي آھي. ھنن صاحبن جو ھڪ ڳورو دليل ھي آھي تھ انسان جڏھن منڍ منڍ ۾ پنھنجا عضوا ڪم آڻڻ سکندو ھوندو، تڏھن ھن سڀ کان اڳي اھو عضوو استعمال ڪيو ھوندو، جيڪو وڌيڪ طاقتور ھوندو يا اھو جيڪو وڌيڪ ڪمزور ھوندو. ھاڻي جڏھن تھ ”اظھار“ انسان جي بنيادي ضرورت آھي ۽ جڏھن تھ گلي جو اھو حصو جيڪو آواز پيدا ٿو ڪري، ٻين عضون کان گھٽ طاقتور آھي، تنھن ڪري آواز پيدا ڪرڻ ”اظھار“ جو پھريون وسيلو ٿي نٿو سگھي. ھن منزل تي پڇي ٿو سگھجي تھ پوءِ آخر ماڻھن جي پھرين زبان کي ڇا ٿيو جو ترقي نھ ڪيائين ۽ ٻيءَ زبان کي آخر ڪھڙا پــر لڳا جو تھذيب واري زماني جي تمام اھم شئي بڻجي وئي. ھن اعتراض جو جواب ھي آھي تھ ماڻھوءَ جي ترقيءَ جو راز ئي انھيءَ ڳالھھ ۾ آھي تھ ھو جدا جدا عضون کان، جدا جدا ڪم وٺي ۽ ھن ۾ بھ تھ انسان ھڪ عضوي کان گھڻا ڪم وٺي. جڏھن ھٿن ۽ ٻين طاقتور عضون کي گھڻا ڪم مليا، ۽ جدا جدا ڪم مليا، تڏھن انھن جا ڪي ڪم ٻين عضون کان بھ ورتا ويا، تان جو زبان بھ چراڻ لڳي ۽ چپ بھ ھلڻ لڳا ۽ آخرڪار گلي جھڙي نازڪ عضوي بھ پنھنجو ڪم سنڀاليو. ايتري ۾ انسان کي ٻڌڻ جي تجربي مان اھو سبق حاصل ٿيو تھ گلو، زبان ۽ چپ ملي نھ رڳو اظھار جو ڪم ڏيئي ٿا سگھن، پر ان مان جيڪو آواز پيدا ٿو ٿئي اھو راحت بھ بخشي ٿو. وري پکين جي پڪارن ۽ جانورن جي آوازن بھ ھن ڳالھھ کي ٽيڪو ڏنو. ھڪڙي ٻي ڳالھھ جا مددگار ثابت ٿي سا اھا آھي تھ گلي، چپن ۽ زبان کان اظھار جي ڪم وٺڻ سان انسان ھڪ ئي وقت گھڻا ڪم ڪري ٿي سگھيو، ڇوتھ اشارن کان واندڪائي وٺي انسان جا عضوا ٻيا ڪم بھ ڪري ٿي سگھيا. ھڪ ھيءَ ڳالھھ بھ ضرور سمجھڻ گھرجي تھ اشارن واري اظھار کي سمجھڻ لاءِ ڏسڻ تمام ضروري ھو، پر آواز وارو اظھار بنا ڏسڻ جي بھ سمجھھ ۾ اچي ٿي سگھيو، جيئن سڏ يا ڏاڍيان ڳالھائڻ جي حالت ۾ ٿيندو آھي. انسان بنيادي طور تي سھل پسند آھي، ان ڪري ھن اظھار جي لاءِ پويون طريقو وڌيڪ استعمال ڪيو، تان جو ٻوليون ٺھي پيون. وري لکڻ ۽ پڙھڻ وارن طريقن تھ ٻنھي اظھار جي ھن وسيلي کي وڏي طاقت وٺي ڏني. پر تنھن ھوندي بھ ڪمال انھيءَ ”زبان“ جو چئبو، جا اھڙين سھولتن نھ ھوندي بھ جيئري جاڳندي ھلندي آئي آھي ۽ اڄ بھ ان کي ڳالھائڻ وارا ۽ سمجھڻ وارا ٻيئي موجود آھن. مان سمجھان ٿو تھ ھيءَ ڳالھھ تعجب جھڙي نھ آھي، ڇوتھ اشارن واري ٻولي ماڻھوءَ جي بنيادي ٻولي آھي ۽ ماڻھوءَ کي پنھنجي بنيادي ڳالھھ سان ھرحال ۾ سچو رھڻو آھي، جھڙيءَ طرح ٻين زبانن لاءِ جدا جدا معاشرا ھڪ ميدان ٺاھي بيٺا آھن، تھڙيءَ طرح اڻ ڳالھايل زبان جي لاءِ پوري انسانذات ھڪ معاشري جھڙي آھي. ھيءَ زبان ان ڪري انسانذات کي ھڪڙي ئي ڀائيچاري ۾ ڳنڍڻ ۽ ھڪ ئي خاندان جي صورت وٺائڻ ۾ بھ مددگار ثابت ٿي آھي. ھيءَ ٻولي ھڪڙي ئي وقت تي فن جي زبان بھ تھ ان سان گڏ سائنس جي بھ زبان آھي. ھيءَ زبان، اوپيرا، بيلي، جھمر، ھنبوڇي ۽ ناچ جي زبان بھ آھي تھ فوجي معاملن ۾ بھ ڪم ٿي اچي (سگنلن جي وسيلي). ھن زبان جي مدد سان اسڪائوٽ تحريڪ وارا پنھنجو ڪم ھلائيندا آھن. ھيءَ زبان سائيءَ ۽ ڳاڙھيءَ جھنڊيءَ جي زبان آھي. اچ وڃ کي ضابطي ۾ رکڻ جو ڪم بھ ھن زبان جي وسيلي ڪري ٿو سگھجي، ان ڪري اشارن جو مطلب بھ ڪشادو ٿيندو ٿو وڃي. اڳي اشارا رڳو عضون سان ڪيا ويندا ھئا، پر ھاڻي رنگن ۽ روشنين سان بھ اشارا ڪري ٿا سگھجن. (٢) ٻھ – ٽي ڪارائتا مثال: مٿي اشارو ڪيو اٿم تھ اڻ ڳالھايل زبان پھرين ۽ آخري زبان آھي انسانذات جي. اڻ ڳالھايل ٻولي ڳالھايل ٻوليءَ سان لڳولڳ پر جدا جدا رستي تي ترقي ڪندي رھي آھي. ھٿ سان سلام ڪرڻ وارو طريقو بھرحال آجيان ۽ آڌرڀاءُ جي مطلب سان گھڻو ڪري دنيا جي سڀني ملڪن ۾ اڄ بھ چالو آھي. اھڙيءَ طرح ننھنڪر ۽ ھائوڪر جا اشارا بھ بنيادي اشارا آھن. اھا ڳالھھ ٻي آھي تھ ھنن اشارن جي ادائگيءَ ۾ ھن وقت طريقا ٿورو گھڻو ٻيا ٻيا ۽ نرالا آھن، پر مطلب ۽ معنيٰ وري سڀني طريقن ۾ ھڪجھڙا آھن. ھاڻي جڏھن تھ ”معنيٰ“ واري ڳالھھ کي زبان جو اصل سمجھي رھيا آھيون، ان ڪري اسان کي جدا جدا طريقن جي ڪري مونجھارو محسوس ڪرڻ نھ گھرجي. پراڻي يونان ۾ ”ڪنڌ ھيٺ ڀرو ڌوڻڻ“ وارو اشارو ھائوڪر جو مطلب ڏيندو ھو، تھ اسان وٽ ھن اشاري ۾ ڪنڌ ھيٺ ڪرڻ سان گڏ ڪنڌ مٿي ڪرڻ بھ شامل ٿي ويو آھي. غور سان ڏسبو تھ بنيادي اشاري ۾ ھيءَ ڦيرگھير ڪا خاص ۽ اھم ڦيرگھير نھ آھي، اھڙيءَ طرح ھٿ جي اشاري سان سڏ ڪرڻ ۽ تڙي ڪڍڻ وارو اشارو بھ ٿوري گھڻي فرق سان دنيا جي ڳچ جيترين قومن ۾ ساڳئي نموني ۾ موجود آھي. ٻيا جيڪي عام اشارا آھن، سي آھن ٻڪ ٺاھي چپن تائين آڻڻ. يعني پاڻي گھرڻ ۽ ھٿ جي آڱرين کي کاڏيءَ تي رکي ڏاڙھيءَ جو اشارو ٺاھڻ يعني مرد جو مطلب ڏيڻ. (٣) نثر ۽ نظم جي زبان ۾: جھڙيءَ ريت آوازن واري ٻوليءَ ۾ نثر ۽ نظم جو فرق محسوس ڪيو ٿو وڃي، تھڙيءَ طرح اشارن واري ٻوليءَ ۾ بھ نثر جي زبان ھڪ آھي تھ نظم جي ٻي آھي. نثر واري زبان اھا آھي، جنھن ۾ لطيف انساني جذبن جو اظھار نھ ڪبو آھي. زبان جو ھي حصو چند رسمي، بنيادي ۽ پڪن پختن خيالن جو اظھار ٿو ڪري. ھن ڏس ۾ ھائوڪر، ننھڪر، سڏ ۽ اجازت وٺڻ جا اشارا اچي ٿا وڃن. پر نظم واري زبان اھا آھي جنھن ۾ لطيف جذبن جو اظھار ڪري ٿو سگھجي، ان ڪري ھيءَ زبان ناچ، جھمر ۽ ھنبوڇيءَ يا اوپيرا ۽ بيلي جي زبان آھي، ڇاڪاڻ تھ ھن زبان جي سڌي سنئين اپيل انسان جي جمالياتي حس کي آھي، ان ڪري ائين بھ چئي ٿو سگھجي تھ اڻ ڳالھايل زبان ۾ بھ شاعري ڪري ٿي سگھجي. سنڌي ڳالھائڻ وارن وٽ چميءَ، ميڇ ۽ چھنڊڙيءَ جا اشارا بھ لطيف جذبات جو اظھار ڪندا آھن. مانائنو ماريو پي Mr: Mariopie صاحب پنھنجي ڪتاب The Story of Language ۾ ڏيکاريو آھي تھ رڳو ايسٽ انڊيز جي ماڻھن وٽ محبت کي ظاھر ڪرڻ لاءِ ٻھ سو اشارا موجود آھن. (٤) اڻ ڳالھايل زبان جا قسم: مانائني ماريو پيءَ پنھنجي ڪتاب ”ٻوليءَ جي آکاڻيءَ“ ۾ اڻ ڳالھايل زبان جا ٽي قسم ڏيکاريا آھن: ھڪڙو قسم تھ اھو آھي جنھن کي مون ھيسيتائين اشارن واري زبان پئي ڪوٺيو آھي. ان جو ذڪر مٿي چڱو خاصو آيو آھي. باقي ٻن قسمن مان پھريون قسم آھي اھا زبان، جا ڳالھايل زبان کي ويجھو ھجي، ۽ ٻيو آھي اھا زبان جا لکيل زبان کي ويجھو ھجي. سنڌي ٻولي ڳالھائڻ وارا جڏھن سواءِ چپن چورڻ ۽ زبان ھلائڻ جي ”ھون“ جو آواز ٿا پيدا ڪن، تڏھن ان مان مطلب اھڙو ئي ٿو نڪري جھڙو ”ھائو“ جو ۽ ان ”ھون“ جو اچار بھ ”ھائو“ جي اچار جي ويجھو اچي ٿو وڃي. اھڙيءَ طرح ساڳي ”ھون“ جو ۽ ”ڳٽِ“ جو مطلب نھنڪر آھي، ۽ ان جو آواز بھ ”نھ“ جي ويجھو آھي. تنھن کان سواءِ بين، الغوزي يا مرليءَ ۾ آوازن ڪڍڻ سان اسان زبان ۾ ڳالھايل لفظن جي لڳ ڀڳ آواز ڪڍندا آھيون، اھوئي سبب آھي جو الغوزي ۾ ”پيرين پوندي سان“ يا ”ڪانگل ادا کڻي وڃ“ واريون ڪافيون اسان الغوزي جي آواز پٺيان ڳائي بھ سگھندا آھيون. پر پڌرو آھي تھ بين مان اھي نڪتل آواز ٻولي ڪوٺجي نٿا سگھن. ڇوتھ ٻولي تھ فقط انھن آوازن جي آڌار تي ٺھي آھي، جيڪي گلي، چپن ۽ زبان جي مدد سان ڪڍي سگھجن. ھھڙي قسم جي اڻ ڳالھايل زبان ڳالھايل زبان جي ويجھو آھي. ٻئي درجي ۾ اھو نمونو آھي جو لکيل زبان جي ويجھو ھجي. ڪن عالمن جو چوڻ آھي تھ اھڙي قسم جي اڻ ڳالھايل زبان پاڻ لکيل زبان کي ترقي ڏني آھي. ھن نموني ۾ اسان آڳاٽي زماني ۾ پٿرن تي اڪريل مورتن، لفظن ۽ حرفن جي نشانن کي شامل ڪري ٿا سگھون. ھنن سڀني ۾ ھڪڙو مطلب ۽ ھڪ معنيٰ موجود آھي جا ڏسندڙ تائين پھچائي وئي آھي ۽ پھچائي سگھجي ٿي. (٥) اڻ ڳالھايل زبان جو ڪارج: اڻ ڳالھايل زبان جي باب ۾ ٽي ڳالھيون تھ اھڙيون آھن جن تي اسان اکيون ٻوٽي اتفاق ڪري ٿا سگھون. پھرين ڳالھھ ھيءَ تھ اشارن واري زبان ڳالھايل زبان کان اڳ ۾ پيدا ٿي آھي، ان ڪري ھيءَ زبان انسان جي پھرين زبان آھي. ٻي ڳالھھ ھيءَ تھ جيڪڏھن حالتون سازگار ھجن ھا تھ اڻ ڳالھايل زبان ڳالھايل زبان کان بھ وڌيڪ ترقي ڪري سگھي ھا. ٽين ڳالھھ ھيءَ تھ اشارن واري زبان ۽ اڻ ڳالھايل زبان ۾ شامل ٻيون زبانون اڄ بھ دنيا جي سڀني ماڻھن جي وچ ۾ رابطي جي زبان جي جاءِ وٺي ٿيون سگھن. ٻولين مان انسان جي تھذيب، تمدن، معاش ۽ معاشري جي خبر ٿي پوي. انسان جي تاريخ جو ڳچ سارو حصو تھ خود زبانن جي تاريخ مان ورتو ويو آھي. اھوئي سبب آھي جو اسان ٻولين جي تاريخ ۾ دلچسپي وٺڻ کان سواءِ رھي نٿا سگھون. ھت غور ڪرڻ جھڙي ڳالھھ ھيءَ آھي تھ جڏھن لکيل ۽ ڳالھايل زبانن مان، ايتري خبر پئجي ٿي سگھي تھ پوءِ اڻ ڳالھايل زبان تھ نج پج انساني وسيلن جي زبان آھي، تنھن ڪري ان جو اڀياس اسان کي انسانذات جي لاءِ وڌيڪ خبرچار ڏئي سگھندو. ھن زبان جي وسيلي اسان دنيا جي گولي تي رھندڙ قومن جو، ھڪٻئي سان ڳانڍاپو معلوم ڪري ٿا سگھون. اھڙيءَ طرح جدا جدا زبانن جي ڄم جي باب ۾ بھ معلومات ھٿ ڪري ٿي سگھجي. جھڙيءَ طرح ٺِڪر جي ٿانون تي نڪتل مورتن سان اسان انھن جي گھاڙيٽي جي تاريخ معلوم ڪري سگھيا آھيون، تھڙيءَ طرح اشارن مان اسان اھا ڳالھھ معلوم ڪري سگھنداسون تھ ڪنھن بھ ھڪ زبان جو واسطو دنيا جي ٻين زبانن سان ڪھڙو آھي- (مون کي پڪ آھي تھ ھن قسم جي کوج ۽ ويچار مان اسان کي سنڌي زبان جي ڄم ۽ واڌ جي باب ۾ تمام چڱي معلومات ملي سگھندي.) اڻ ڳالھايل زبان جو مستقبل بھ وڌيڪ روشن ٿو نظر اچي، ڇوتھ ھن وقت تائين اسان فقط اھي وسيلا ھٿ ڪيا آھن، جن مان ڳالھايل زبان کي مدد ملي آھي، پر ھاڻي اسان اھو وسيلو بھ آزمائي رھيا آھيون، جنھن مان فقط اڻ ڳالھايل زبان کي ھٿي ملندي. ڏٺِ- ٻڌ يعني ٽيليويزن (Television) جو وسيلو اسان کي اڻ ڳالھايل زبان جي ترقيءَ ۾ مدد ڪري رھيو آھي، اڳي فقط ڪنن جي وسيلي مطلب حاصل ڪبو ھو، پر ھاڻ اکيون بھ معنيٰ حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڪنديون. (٦) اڻ ڳالھايل سنڌي ٻولي: اڻ ڳالھايل سنڌي ٻوليءَ جي اڀياس مان اسان کي ھيٺيان فائدا حاصل ٿيندا: ١- اسان جي تقرير ۽ ڳالھائڻ جي صلاحيت کي ترقي ملندي. ٢- سنڌي ماڻھن جي تمدني حياتي ۽ سماجي جيون جو بھ اڀياس ڪري سگھبو. ٣- اسان کي سنڌي زبان جي منڍ ۽ ان جي ٻين زبانن سان لاڳاپي جو پتو پوندو. ان ڪري مان سمجھان ٿو تھ ھن قسم جي ڪوشش، زبان جي عالمن ۽ اڪابرن لاءِ ضرور دلچسپيءَ جھڙي ٿيندي. اسان وٽ سنڌ ۾ اڻ ڳالھايل زبان جا جيڪي چالو سڪا آھن، تن کي گھٽ ۾ گھٽ ايشيا جي گھڻن ھنڌن تي تھ ضرور ملھھ ملندو، ٻنھي ھٿن جو ٻڪ ٺاھي وات تي آڻڻ وارو اشارو اسان کي گھڻن ملڪن ۾ اڃ مرڻ کان بچائيندو، اھڙيءَ طرح ھٿ لوڏي يا ھٿ جون آڱريون ھيٺ مٿي ڪري اسان ڪنھن ملڪ ۾ ڪنھن ماڻھوءَ کي پاڻ ڏانھن آڻي سگھڻ ۾ ڪامياب ٿي سگھنداسون. ھن باب ۾ ھڪڙو اصول بھ ٺاھي ٿو سگھجي، جيڪڏھن ڌرتيءَ جي ڪنھن حصي تي ڪي اشارا سڀيئي ماڻھو يا گھڻا ماڻھو سمجھي سگھندا ھجن، تھ پوءِ سمجھڻ گھرجي تھ توڙي جو ڳالھايل زبانون ٻيون- ٻيون آھن، پر معنيٰ سڀني حصن جي ماڻھن جي ھڪ آھي. اھڙي قسم جو خيال اھا ڳالھھ سمجھائي سگھندو تھ انھيءَ حصي جي ماڻھن جي پھرين زبان ساڳي رھي آھي، ڇوتھ انھن جي معنيٰ بھ ساڳي آھي ۽ معنيٰ کي پکيڙڻ وارو طريقو يعني اشارو بھ ساڳيو آھي (خدا ڪري ڪو اسان مان ھن طرح جي اڀياس ڏانھن بھ ڌيان ڏئي). ھاڻي آءٌ اڻ ڳالھايل سنڌي زبان جا ڪي مثال ڏيندس، اک يا اکين جي چرپر تي ٻڌل محاورن جو عدد، سنڌي زبان ۾ گھڻو آھي. پر ڪن محاورن ۾ تھ ڳالھايل زبان جو محاورو اڻ ڳالھايل زبان جي اشاري سان بلڪل ٺھڪي ٿو اچي. مثال طور اسان جي ڳالھايل ٻوليءَ ۾ اک ڦوٽارڻ، اک ڦاڙڻ، اک ٻوٽڻ ۽ اک پٽڻ وارا محاورا اک جي چرپر يا اشاري مان ورتل آھن. اک ڦوٽارڻ جي معنيٰ آھي ڪاوڙجڻ، پر ھونئن بھ رڳو ڦوٽاريل اکين جي اشاري مان اسان مطلب ڪاوڙ جو ڪڍندا آھيون. اھڙيءَ طرح اک ٻوٽڻ جي معنيٰ آھي مري وڃڻ. يا ڪجھھ ڳالھائڻ کان سواءِ رڳو اکيون ٻوٽڻ سان بھ اسان ٻڌائي سگھندا آھيون تھ ڪو مري ويو آھي. مان ڀانيان ٿو تھ سنڌي زبان ۾ ھن قسم جا محاورا ٻڌائين ٿا تھ اسان جي زبان گھڻي ڀاڱي پراڻي بھ آھي تھ نرالي بھ آھي ۽ اھڙيءَ طرح دنيا جي پھرين زبانن کي ويجھي آھي. ھيءَ ڳالھھ اسان وٽ ويساھھ جھڙي آھي تھ انسان جي پھرين زبان ۾، ھٿن ۽ اکين جي چرپر کي وڏو دخل ھوندو. ھاڻي جيڪڏھن انسان سڀ کان اڳ اشارن سان اظھار ڪرڻ سکيو آھي تھ پوءِ پڪ آھي، تھ سنڌي زبان جي وسيلي اسان وٽ، ان زبان جو ڳچ سارو حصو پھچي ويو آھي. اک وارن اشارن جي باب ۾ ميڇ جو ذڪر عام دلچسپ ٿيندو. ميڇ: ميڇ اک جي ھڪ سادي چرپر جو نالو آھي. اک جي ٻين اشارن مان تھ اسان محاورا بھ ٺاھيا آھن، پر ميڇ تھ اسان وٽ اڄ بھ اڻ ڳالھايل زبان جي نمائندگي ڪري ٿي سگھي. شروعاتي دؤر ۾ جڏھن رڳو اکيون ڦاڙي ڏسڻ جي بھ ڪا معنيٰ ھوندي ھئي، تڏھن ميڇ ڏيڻ ضرور ھڪ فن جو نالو ھوندو ۽ ميڇ ڏيڻ واري ماڻھوءَ جو مقام ڪنھن شاعر يا اديب کان گھٽ ڪڏھن بھ نھ ھوندو. اسان وٽ اڄ بھ ميڇ ڏيڻ جي فن جو استاد وڏو مقام ٿو رکي. اڄڪلھھ ميڇ جون جدا جدا معنائون آھن. ھڪڙي ميڇ مان جنسي جذبات جو اظھار ٿو ٿئي، تھ ٻيءَ مان ڪنھن کي بيوقوف بڻائڻ جو. ھڪڙيءَ ميڇ مان اھو مطلب ٿو نڪري تھ ”تون بس ڪجانءِ“ تھ ٻيءَ مان اِھو تھ ”دل جي ڳالھھ دل ۾“. اھڙيءَ طرح ميڇ جا ٻيا مطلب بھ نڪرن ٿا. مان سمجھان ٿو تھ ھن جو مطلب اھو آھي تھ ھي اشارو پراڻو آھي ۽ ھاڻي ڪافي ترقي ڪري چڪو آھي. ھٿ جي اشارن جو اڀياس بھ ڏاڍو دلچسپ آھي، ھٿ جي اشارن ۾ اسان وٽ جيڪي معنيٰ جا سڪا موجود آھن، انھن ۾ خاص آھن: بُجو، تاڙي يا چسي، چھنڊري ۽ ڪي ٻيا. ھٿ ۾ وري آڱوٺي جو ڪم جدا آھي تھ ڏسڻي- آڱر جو جدا، اھڙيءَ طرح چيچ يا ٻاچ ۽ وچينءَ جا بھ ڪي اشارا آھن. وري پنج ئي گڏجن ٿا تھ مطلب ٻيو ٿو نڪري. بُجو. بجي جو جيڪو مطلب اسان وٽ سمجھيو ٿو وڃي، سو شايد دنيا جي ٻئي ڪنھن بھ ملڪ ۾ سمجھيو نٿو وڃي. بجي ڏيڻ جي اشاري جي معنيٰ آھي پنج ڏيکارڻ يا پنجن جو مطلب ظاھر ڪرڻ، ان ڪري بجي ڏيڻ کي وڌيڪ اثرائتي ڪرڻ لاءِ اسان چوندا آھيون ”ھي پنج ٿئي“ يا ”ھي ٿئي پنج.“ ھيئن بھ چئبو آھي تھ ”ھي منھن ۾ ٿئي“. اھڙيءَ طرح بجو گھروڙي ڏيڻ يا گسائي ڏيڻ وارو اشارو، بجي ڏيکارڻ کان وڌيڪ اثرائتو آھي. ھاڻي اچو تھ ڏسون تھ آخر ھنن سڀني اشارن جو مطلب ڪھڙو آھي. منھنجو ھڪڙو معمولي خيال آھي تھ ھن اشاري ۾ اسان جي تمدني زندگيءَ جا ڪي نھايت اھم راز سمايل آھن. اھا ڳالھھ ھر دؤر ۾ ۽ ھر معاشري ۾ مڃي وئي آھي تھ منھن جو حصو جسم جي ٻين حصن کان وڌيڪ مانوارو سمجھيو ويو آھي. اسلام ۾ منھن تي ڌڪ ھڻڻ واري لاءِ تمام ڳري سزا رکيل آھي. ديوتائن جي مورتين ۾ بھ منھن جو حصو نھايت ئي اھتمام سان ڏيکاريو ويو آھي. ھار سينگار لاءِ بھ جسم جي ھن حصي تي وڌيڪ ڌيان ڏنو ويو آھي. حسن جي تصور ۾ بھ ھن حصي جو خاص خيال رکيو ويو آھي. پراڻي زماني جي آثارن مان منھن سينگارڻ جا زيور ڏاڍا گھڻا مليا آھن. سنڌي عورت تھ منھن سينگارڻ جي معاملي ۾ وس ڪيا آھن. ڪن، ڀرون، نڪ، کاڏي، ڳٽو، نرڙ ۽ اک- مطلب تھ ھر جزي جي لاءِ اسان وٽ ڳھھ موجود آھي، وري ھڪڙي- ھڪڙي جزي لاءِ گھڻا ڳھھ بھ موجود آھن. مرد جي عزت ڏاڙھي بھ، منھن ۾ آھي. ھاڻي ھي اسان وٽ بجو ڏيڻ تمام برو سمجھيو ٿو وڃي، سو چئبو تھ ھن اشاري مان ضرور منھن کي ”بيماني ڪرڻ“ يا ”بيمحابي“ ڪرڻ جي ڪا معنيٰ ٿي نڪري. ان ڪري چئبو تھ بجي ڏيڻ واري اشاري جو مطلب آھي، منھن تي ڌڪ ھڻڻ. سو جڏھن اسان چئون ٿا تھ ”ھي پنج ٿئي“، تڏھن اسان جو مطلب آھي، ”مان توکي سڄي منھن تي زور سان ڌڪ ٿو ھڻان“. بجو ھٿ سان ڏبو آھي، ڇوتھ ڌڪ بھ ھٿ سان ئي ھڻبو آھي. ھن اشاري جو اسان جي تمدني زندگيءَ ۾ مطلب ھي آھي تھ ھن ڏيھھ جا ماڻھو پنھنجي عزت جي معاملي ۾ ايتريقدر حساس آھن، جو ڌڪ ھڻڻ تھ ٺھيو، پر منھن تي ڌڪ جو اشارو ڪرڻ ئي اسان وٽ خون ڪرائي وجھندو آھي. ھاڻي ظاھر آھي تھ اسان جي اشاري واري زبان ڪيتري نھ معنيٰ واري ۽ صاف زبان آھي. ھٿ جي اشارن ۾ آڱوٺي ڏيکارڻ کي وڏي معنيٰ حاصل آھي، ھي اشارو نھنڪر، صاف انڪار، بيپرواھيءَ جا مطلب ٿو ڏئي. اھڙيءَ طرح ڏسڻي آڱر کي مٿي کڻڻ جو مطلب آھي، لله جي ھيڪڙائيءَ جو اشارو ڏيڻ. ھن مان اميد جو مطلب بھ نڪري ٿو ۽ اِھو مطلب بھ نڪري ٿو تھ ”لله واھي آھي“. چيچ جو مامرو مون کي خاصو دلچسپ ٿو نظر اچي. مون کي ياد آھي تھ ننڍڙائپ ۾ آءٌ ڪنھن سان ياري ڳنڍڻ لاءِ پنھنجي چيچ، ھن جي چيچ ۾ ڳنڍيندو ھوس. اسان چيچون ائين ملائيندا ھئاسون، ڄڻ زنجير جون ٻھ ڪڙيون مليون. چيچ سان چيچ ڳنڍڻ جو مطلب ھو ٻن جيئن جو پاڻ ۾ جڙجڻ. ھي جو چيو اٿن تھ ”جنھن جي چيچ سيد جي ھٿ ۾ تنھن کي لھر نڪو لوڏو“. تنھن جي مطلب ۾ بھ اِھو راز سمايل آھي. (فرضي قصن گھڙڻ سان اسان، ڪنھن جھڙي تھڙي کي تھ بدنام ڪري ٿا سگھون، پر ڀٽائي انھن ڳالھين کان مٿي ھو.) ڇاڪاڻ تھ پرپٺ اسان چيچ ملائي نٿا سگھون، ان ڪري چيچ ۾ ونگوڙي جي اشاري لاءِ اسان وٽ ويڙھھ، کير منڊي يا منڊيءَ جو ڳھھ ٺھيو آھي، شادين ۽ وھانون کان اڳ ۾ ياري ڳنڍڻ، اسان جي تمدن ۾ اھڙيءَ طرح جائز رھيو آھي، جيئن اسان اشارن ۾ ئي پنھنجو پيار ڏيکاريندا رھون. وري ياري رکڻ جو مطلب آھي، پنھنجو پاڻ ٻئي جي حوالي ڪرڻ. ان ڪري يار کي اسان سڏيون ئي ”سر جو سائين“، سو ظاھر آھي تھ اسان جي اڻ ڳالھايل زبان اڄ بھ اسان جي فطري زندگيءَ ۽ تمدني زندگيءَ ۾ وڏو ڪم ڪري رھي آھي. اھڙيءَ طرح چھنڊڙي بھ ھٿ جي ميڇ آھي ۽ ميڇ وارو ڪم ٿي ڪري. تاڙيءَ ۾ خوشيءَ جي معنيٰ دنيا جي گھڻو ڪري سڀني قومن وٽ آھي. پر اسان وٽ تاڙيءَ کي ٻيون معنائون بھ آھن. تاڙي ڪنھن سمي اسان کي ساز جو ڪم ڏيندي ھئي، بعد ۾ اسان ان جو مٽ ٺاھي ورتو، جو ھاڻي چپڙيءَ ۾ موجود آھي. ھن مان سھولت ھيءَ ٿي تھ ھاڻي تاڙي ھڪڙي ھٿ سان بھ وڄائي ٿي سگھجي. البت ان کي تاڙي نھ چئبو. اسان جڏھن چوندا آھيون تھ ”تاڙي ھڻ“ تڏھن اسان جو مطلب ھوندو آھي تھ ”امانت ڪر“ يا ”سودو نبير“. تاڙي ھڻڻ جو ڪم اسان ڪنھن معتبر ماڻھوءَ جي حوالي ڪندا آھيون. اسان تاڙيءَ واري فيصلي جي عزت ڪندا آھيون. ھڪڙي ڏينھن مون ھڪڙي اھڙي ”امانتو“ کان پڇيو تھ توھان تاڙي ھڻڻ لاءِ ھٿ، ھٿ جي مٿان ڇوٿا رکو. مون کي ياد آھي تھ ان جو ڏاڍو چڱو جواب ڏنو ھئائين. چيائين ”پھريائين ٻنھي ڌرين کي سوگھو ڪندا آھيون، اِھا اسان جي ڳنڍ آھي. مڙس ھٿ، ھٿ تي رکيو تھ ٻڌجي ويو. مريد ٿيندا آھيون تھ بھ مرشد جو ھٿ وٺندا آھيون. توھان ڪن بھ ٻن شين کي ملائڻ لاءِ مھر ھڻندا آھيو، لھاذا، تاڙي اسان جي مھر آھي. ڳنڍ جي مٿان مھر ھڻي ڇڏينداسون تھ ڳنڍ لوھھ ٿي ويندي. تسيءَ يا چسيءَ وارو اشارو بھ تاڙيءَ واري اشاري مان نڪتو آھي. سنڌ ۾ اڻ ڳالھايل زبان جا وڌيڪ جملا ھيٺ ڏجن ٿا: (١) ڪنڌ ھيٺ ڀرو ڪرڻ، (ھا) (٢) ڪنڌ ڪلھن جي طرف ڦيرائڻ، (نھ) (٣) ھيٺيون چپ اڳتي ڪرڻ، (روئڻ) (٤) ھٿ کي ٻھ – ٽي دفعا مٿي ڪرڻ (اٿ)، (٥) ھٿ کي ٻھ –ٽي دفعا ھيٺ ڪرڻ (ويھھ)، (٦) نڪ ۾ گھنج وجھڻ، نڪ تي ڏسڻي آڱر ڦيرڻ (توبه)، (٧) نرڙ تي گھنج وجھڻ، (ڪاوڙ) (٨) ڪن جي پاپڙيءَ کي ھٿ وجھڻ، (توبھھ تائب ٿيڻ) (٩) ڏوري تي ھٿ ھڻڻ، (طاقت) (١٠) سيني تي ھٿ ھڻڻ، (١١) ڏاڙھيءَ تي ھٿ ھڻڻ (وعدو)، (١٢) ڌرتيءَ تي گيسي پائڻ (توبه) وغيره. (مھراڻ: ٢- ١٩٧١ع)