سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون (جلد III)

ڪتاب جو نالو سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون (جلد III)
ليکڪ ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو
سنڌيڪار / ترتيب آزاد انور ڪانڌڙو
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-09-3
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (487) PDF  E-Pub
انگ اکر

29 October 2019    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     8879   ڀيرا پڙهيو ويو

لسانيات ۽ جديد نظريا


سماجياتي لسانيات ۾ ساپر ۽ ھورف جو مفروضو:

١- لسانيات جي باري ۾ عالمن جي تحقيق گھڻو ڪري، انھيءَ کان پوءِ زور ورتو تھ ان سوال تي ساپر ۽ ھورف ھڪ نرالو مفروضو ڏنو. ايڊ ورڊ ساپر Edward Sapir ۽ بنجامن لي ھورف Benjamin Lee  Whorf چون ٿا: ”ٻوليءَ جا نمونا اسان لاءِ اھا ڳالھھ مقرر ڪري ٿا ڇڏين تھ اسان ڪوبھ حسي تجربو ڪيئن ڪريون ۽ ان جي معنيٰ ڪيئن ڪريون ۽ ان جي معنيٰ ڪيئن سمجھون.“ ٻوليءَ جي باري ۾ ھي خيال ھڪ جدا لسانيات جو بنياد وجھي ٿو. جنھن کي اسان اڄ ڪلھھ ”سماجياتي لسانيات“ Socio- Linguistics ٿا چئون. ھي مضمون اڄ ڪلھھ انسان ذات جا تمام گھڻا مسئلا حل ڪري رھيو آھي. خاص ڪري تعليمي، تدريسي ۽ نصابي سوالن تي ھي مضمون تمام گھڻو مقبول بڻجي ويو آھي.

پر ھن خيال جي بھ ھڪ تاريخ آھي. ھي خيال ١٨٣٥ع ۾ سٽر ھمبولٽ بھ ڏنو ھو، پر ان وقت ھي سوال صاف نھ ھو. ھمبولٽ Humbolt کان پوءِ وري رچرڊ ويور Richard Weaver ھن باري ۾ ڪجھھ چيو:

”ٻولي تورات جو ھڪ جسم آھي، جنھن مان ماڻھو وڌندڙ صورتحال Phenomenon جو مقابلو ڪري سگھي ٿو.“

سماجياتي لسانيات ۾ ھي جملو بھ ڏاڍو اھم آھي، جو ان جو مفھوم اھو آھي تھ ھر مادي ۽ روحاني ترقيءَ جي لاءِ لساني ترقي تمام ضروري آھي.

٢- ساپر صاحب ١٩٢٩ع ۾ لکيو تھ انسان رڳو غيرجاندار ۽ خارجي دنيا ۾ ڪونھ ٿا رھن. نھ وري انسان رڳو سماجي چرپر يا عمل جي دنيا ۾ رھن ٿا. انسان تھ حقيقت ۾ رڳو ڪنھن نھ ٻوليءَ جي رحم ڪرم تي آھن، جيڪا سندن معاشري ۽ اظھار جو وسيلو اختيار ڪري چڪي آھي.... سڄي حقيقت ھن طرح آھي تھ سچي پچي دنيا تمام گھڻيءَ حد تائين ڄاڻي واڻي اھڙي ٺاھي وائي آھي جو ان جو بنياد ٻوليءَ جي عادتن تي آھي. جيڪي وري ھڪ ٽولي يا گروھھ ۾ ئي ڪم ڪن ٿيون.

٣- ھورف جو چوڻ ھي آھي: ”ماڻھو رڳو انھيءَ مادي دنيا ۾ ڪونھ ٿا رھن، جيڪا انسان جي اس پاس موجود آھي. يا ماڻھو رڳو سماجي دنيا ۾ ڪونھ ٿا رھن، جنھن کي ھنن پاڻ ٺاھيو آھي. ماڻھو اصل ۾ پنھنجي مادري ٻوليءَ جي دنيا ۾ بھ رھن ٿا. حقيقت ۾ مادري ۽ سماجي دنيا بھ ائين ٺھي آھي. جيئن ان کي مادري ٻوليءَ جي دنيا ٺاھيو آھي.“

”ٻوليءَ ۾ تبديلي ايندي ٿي رھي ۽ انھيءَ تبديل ۾ اھي تبديليون بھ شامل آھن، جيڪي ٻوليءَ جي ڳالھائيندڙن کي ويڙھيو ويٺيون آھن.“

”رڳو ھڪڙي ٻولي بھ پنھنجيءَ ارتقا جي ڪري مختلف منزل تي دنيا کي مختلف نمونن سان ٺاھي ۽ ڊاھي ٿي.“

ھورف ھن طرح چيو: ”اسان تھ لفظن جا غلام آھيون.“

ننڍڙائپ ۾ تھ اسان اڻ ڄاڻائيءَ ۾ پنھنجيءَ ٻوليءَ جا قانون ۽ اصول پنھنجي ئي طريقي سان سکي ٿا وڃون. پر مادري ٻوليءَ جو ڪمال اھو آھي جو انھيءَ جي مدد سان اسان اڻ ڄاڻائيءَ جو سوچڻ جو ھڪ خاص انداز بھ پرائي ٿا وڃون. اھڙيءَ ريت اسان ھڪ ڳجھي روحاني دنيا جيڪا فوق الطبعياتي آھي اھا بھ معلوم ڪري ٿا وڃون.“

ڏسڻ ۾ ٿو اچي تھ ھورف ٻوليءَ جو ڪونڪو سائنسي بنياد ڳولي رھيو آھي. ھو چوڻ اھو ٿو گھري تھ مادي دنيا اڳي موجود ھئي، يا پيدا ٿي چڪي ھئي، پر ان جو شعور پوءِ پيدا ٿيو. شيون اڳي ھيون. اسم پوءِ ٺھيا. ھن طرح شين کي نالا مليا.

ھورف تي تنقيد:

(١) ڇا ٻولي سوچ تي بھ اثر ڪري سگھي ٿي؟

ھائو ٻولي سوچ تي بھ اثر ڪري ٿي سگھي، پر اھو اثر رڳو سوچ جي فني صورتن Techniques تي پوي ٿو ۽ نھ سوچ جي نوعيت يا حقيقت تي.

(٢) ھورف ھڪ اھم پر نرالو سوال وساري ڇڏيو. اصل ڳالھھ اھا آھي تھ سوچ تي اثر پوي ٿو، حقيقت جو جيڪا انسان جي تجرباتي بنيادن تي ٺھي ٿي. ۽ انھيءَ ئي سوچ تي مدار آھي، سڄي زندگيءَ جو. سو ھن طرح اصل ڳالھھ اھا آھي تھ اصل ۽ وڏي ڪردار ادا ڪرڻ واريون ڳالھيون آھن، زندگيءَ جون حقيقتون. ۽ نھ ۽ نري ۽ رڳي ٻولي. (ھورف آمريڪن ھو).

(٣) پر اھو بھ ھڪ سچ آھي تھ ”ھرڪا ٻولي پنھنجي ڳالھائيندڙن جي چوڌاري ھڪ جادوءَ جو دائرو ٺاھي ٿي ۽ اھو دائرو اھڙو آھي جو ان مان ان وقت تائين نڪري نھ ٿو سگھجي، جنھن وقت تائين ڪنھن ٻئي دائري جي پناھھ نھ ٿي وٺجي.“

ساپر ۽ ھورف جي نظرين کي اڄڪلھھ جي علم جي مدد سان لسانيات جي سوال تي ڪنھن ٻيءَ تحريڪ جي وسيلي وڌائي ٿو سگھجي ۽ انھن جون اوڻايون ڀري سگھجن ٿيون. عالمن ھن سوال تي ھڪ رستو ٺاھي ٻڌايو آھي، جنھن کي اسان ”لفظن جي دائري جو نظريو“ ٿا سڏيون. (١ ڏسو ليکڪ جو مضمون مھراڻ-١، ١٩٨٩ع)

لفطن جو دائرو (Theory of Lexical Field) آخر آھي ڇا؟

لفظن جو دائرو اھو سماجي دائرو آھي، جنھن ۾ ھرڪو لفظ (Lexicon) پنھنجو لساني ڪردار ادا ڪري ٿو ۽ اھڙي ڪردار لاءِ ڳالھائيندڙن وٽ موجود رھي ٿو.

ھن سوال کي اڳي ھٿ ۾ کنيو نھ ويو ھو. اسان ان جي ابتدا ڪئي آھي.

ھن باري ۾ ٻيو جيڪو نظريو ڏٺو ويو آھي، اھو آھي. Morpho Smanitic Field جو نظريو، جنھن کي صوتي- علامتي دائرو ئي چئي ٿو سگھجي. ھن نظريي تي بھ ڪو ڪم اڄ سوڌو ڪونھ ٿيو آھي. ھن نظريي ۾ لفظن جي بجاءِ آواز ڪم اچن ٿا ۽ اھي آواز علامتي ڪردار ادا ڪن ٿا. اسان ھن باري ۾ تاڙيءَ، سينڍ، سڏ، رڙ، ڪوڪ، ڪنجھھ، ڪيھھ، ڇوڪاري، ٿڌي ساھھ ۽ ٽھڪ جا مثال ڏنا آھن. ھي سڀ آواز آھن، پر ھنن کي مفھوم آھي، جيڪو علامت جو ڪم ڪري ٿو.

پر آخر علامت آھي ڇا؟

اسان پنھنجيءَ تحقيق جو تمام وڏو علم علامت ۽ علامت جي نوعيت کي بھ ڏنو آھي (سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج). پر پوءِ بھ ھت ٿورو گھڻو ضرورت مطابق لکي رھيا آھيون.

علم علامت اسان کي ٻڌائي ٿو تھ ٻولي اظھار جي لفظي وسيلن جي ھوندي ڪھڙو نرالو ڪم ڪري ٿي. يا وري انساني ٻولي جانورن يا شين جي ٻوليءَ کان ڪيئن مختلف آھي. ٻولي تھ اظھار جي وسيلي طور مڃيل آھي، پر اٿڻ ويھڻ جا آداب Etiquette انسان جي ڪارڪردگيءَ يا مجموعي عملي زندگيءَ جي خاص ٻولي آھن. اسان ھن ٻوليءَ کي عام رواجي زبان جي وسيلي ادا ڪيو آھي، جيڪا تھذيبي آھي ۽ علامتي آھي.

آداب جي ٻولي انسان جي تھذيب جي ٻولي آھي، پر ان کي غلطيءَ کان يا اڻ ڄاڻائيءَ کان گھٽ درجي جي ٻولي مڃيو ويو آھي. ان ڪري ان کي ”لوڪ زبان“ ۽ ڪتابي زبان کي ”معياري زبان“ سڏيو ويو آھي. ھن طرح انھيءَ ڳالھھ جو خيال نھ رکيو ويو آھي تھ لوڪ زبان کي معياري زبان ڇو نھ ٿو سڏي سگھجي. اصل ۾ ھي سوال لسانياتي بنياد تي پرکيو ئي نھ ويو آھي. ان کي طبقاتي بنيادن تي پرکيو ويو آھي، جو اسان جو معاشرو ئي طبقاتي آھي ۽ ھت پڙھيل ماڻھوءَ جي مرتبت اڻ پڙھيل ماڻھوءَ جي مرتبت جي برابر سمجھڻ ھڪ تصور آھي.

ھن غلطيءَ ٻولين ۾ حڪومتون، رياستون ۽ قومون بڻايون آھن، جن کي عام ماڻھوءَ تي حڪومت ڪرڻ جو حق ڏنو ويو آھي. آداب جي ٻولي انسان جي تھذيب جي ٻولي آھي. ھر سماج ۾ ماڻھن جا مڃيل ڪي آداب ٿين ٿا. اھي آداب ان سماج جي رڳو انھن ماڻھن کي معلوم آھن، جيڪي تھذيبي دنيا ۾ رھن ٿا. ھن طرح بدقسمتيءَ سان ڪن معاشرن ۾ پڙھيل ماڻھو غيرمھذب بڻجي ويا آھن.

مھذب دنيا جو ھڪ اخلاقي نصاب ٿئي ٿو. ان کي اسان آداب چئون ٿا. اھائي آداب جي ٻولي سماجياتي لسانيات جو اصل آھي.

انسان جي عام رواجي ٻولي آداب ۽ علامتن جو ھڪ سرشتو آھي، جيڪو سماج ۾ موجود رھي ٿو ۽ سماج ۾ ئي ڪم اچي ٿو. ڪن ملڪن ۾ بدنصيبي چئجي جو انھيءَ طاقتور زبان کي تدريسي طريقن ۽ وسيلن ۾ ڪم آندو نھ ٿو وڃي. سبب ھن حالتن ۾ ساڳيو آھي. ھڪ خاص طبقي جي جڙتو تھذيب کي بچائڻ جون ڪوششون ڪيون ٿيون وڃن.

اھا بھ حقيقت آھي تھ جنھن ٻوليءَ کي اسان ”عام رواجي“ زبان ٿا سڏيون، سا گھڻو مشڪل آھي. جو اھا نھ رڳو لسانياتي پر علامتي بھ آھي. البت مادري زبان جي حالت ۾ اھا آسان ٿي لڳي تھ اھو انھيءَ ڪري آھي جو ان جو استعمال تعليم شروع ڪرڻ کان بھ اڳ شروع ٿي ويندو آھي. پوءِ اھا زبان عادت بڻجي ويندي آھي ۽ ھن طرح تدريسي طريقن ۾ اھا آسان ۽ وڌيڪ ڪارائتي ثابت ٿئي ٿي. اھو ھن ڪري بھ جو اھا ٻولي انسان جو ثقافتي ۽ تھذيبي ورثو آھي.

ياد رکڻ گھرجي تھ صرف لفظ ئي آھن جن کي علامتون چئي ٿو سگھجي. آواز يا تھ علامتون نھ آھن، پر جيڪڏھن آواز علامتون آھن تھ پوءِ اھي بھ ثقافتي ٻوليءَ ۾ شامل ٿيندا.

البت ڪي آواز جن ۾ مفھوم ڪونھي، ڇا اھي مادي دنيا ۾ ڪنھن بھ شيءِ سان لاڳاپو ڪونھ ٿا رکن تھ اھي علامت بھ بڻجي نھ ٿا سگھن.

ڪوڊن جي ٻولي:

ھڪ عام رواجي ٻوليءَ ۾ اظھار جي طريقن جا سڀ وسيلا اچي ٿا وڃن. مثال طور جھنڊن وسيلي اظھار، نشانن وسيلي اظھار، اشارن وسيلي اظھار عام طور تي ھر ملڪ ۾ آمد و رفت جي سھولت کان سواءِ ٻين بھ ڪيترن ئي نمونن ۾ اظھار جا ڪوڊ ڪم آندا ٿا وڃن. ھنن نمونن کان سواءِ موسيقيءَ جي تحريري شڪل، ڪامپيوٽر جي ڪارڪردگي، فوجي طريقن جو استعمال ۽ ڪيترن ئي قسمن جا آواز ڪوڊن جو ڪم ڪن ٿا. مورس ڪوڊ کان وٺي اڄوڪي بنا تند تار جي ڪوڊن جي نمونن ۾ انسان جو اظھار ھاڻي عام ۽ رواجي آھي.

چون ٿا تھ آئن اسٽائن Einstein چيو ھو تھ ”ڪوبھ سائنسدان فامولو ڪونھ ٿو سوچي. اسان تھ ٻوليءَ جي مدد سان سوچيون ٿا، ٻيا علامتي طريقا سڀ مددي يا ثانوي حيثيت رکن ٿا ۽ ان ڪري ناڪافي آھن. اھي اٽل (رجڊ) Rigid بھ آھن. ۽ روايتي ۽ غير متحرڪ بھ آھن. انھن جي ڀيٽ ۾ عام رواجي ٻوليءَ ۾ اھي عيب ڪونھ آھن.“

ھن طرح نسلي لسانيات ۽ شمارياتي لسانيات  Statistical Linguistics ۽ Ethno- Linguistics جي باري ۾ معلومات موجود آھي.

ھن طرح ساپر ۽ ھورف جو مفروضو ھن دور جي دنيا جي ھڪ اھم حقيقت بڻجي پيو آھي ۽ اڄ دنيا سماجياتي لسانيات کي لسانيات جي ميدان تي اولين جاءِ ڏيڻ جي لاءِ تيار ٿي وئي آھي.

ٻولي ۽ ذھني دنيا:

١- پنھنجي ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج“ ۾ اسان ڪن خاص سوالن ۽ نڪتن جي باري ۾ لکيو آھي، جن مان ڪي ھيٺ ڏئي اڳتي ھلنداسيون:

١- انسان ۽ زمين جو سٻنڌ.

٢- انسان جي ارتقا جو بڻيادي تصور

٣- زندگيءَ جو بڻيادي تصور.

٤- سماج انسانيءَ جو بڻيادي تصور.

٥- جدا جدا نسل ۽ گروھھ.

٦- سنڌ ۽ ھند جي آباديءَ جو دور ۽ ان جون خصوصيتون.

٢- ھن جاءِ تي اسان .سماجياتي لسانيات“ جي مضمون (Discipline) جي اصولن جي تحت ھڪ جدا لسانياتي حوالي (Linguistic reference) جي باري ۾ لکي رھيا آھيون. جيئن اسان ڪٿي ڪنھن ٻئي ھنڌ (مھراڻ جي لاءِ لکيل مضمون ۾) ڄاڻايو آھي تھ لسانياتي حوالو معاشرتي زندگيءَ ۾ موجود انيڪ مفھومن جي دائرن مان ڪونھ ڪو ھڪ والاري ٿو. ھن طرح ھن مضمون ۾ ”زمين“ لفظ کي ڄڻ تھ اسان ھڪ لسانياتي دائري جي حيثيت ۾ پيش ڪري رھيا آھيون. جنھن ۾ اسان ”ٻوليءَ جو زميني نظام“ حوالي طور ڪم آڻينداسون.

٣- زمين ۽ انسان پاڻ ۾ گھاٽا دوست رھيا آھن. شايد ھيءَ ھڪ خاص دوستي آھي، جنھن ۾ دشمنيءَ جو ڪو گمان ئي پيدا ٿي نھ سگھيو آھي. سبب ھي آھي تھ تعصب Prejudice جيڪو دشمنيءَ جو سبب بڻجي ٿو، اھو رڳو ھڪڙيءَ ڌر تي پيدا ٿئي ٿو، جيڪا ڌر ماڻھوءَ جي آھي. ٻي ڌر تعصب جي جذبي کان ئي پاڪ آھي. ان ڪري ھن انسان جي ھر ڏاڍائيءَ کي برداشت پئي ڪيو آھي. انھيءَ ڌر پنھنجي سيني تي انسان جي پيدا ڪيل ساريءَ گندگيءَ ۽ غلاظت کي جبر سان برداشت بھ پئي ڪيو آھي. ھن طرح زمين جي ھن عمل جي باري ۾ بھ انسان پنھنجو ردعمل ظاھر ڪيو آھي. ھن طرح انسان جي ٻوليءَ ۽ زمين جي دنيا جو ھڪ لاڳاپو قائم ٿي ويو آھي. جيڪو لسانيات جي علمن جو ھڪ اھم موضوع بھ آھي.

(١) زمين مان انسان پنھنجي غذا حاصل ڪئي آھي.

(٢) زمين تي انسان پنھنجو پھريون اجھو بڻايو آھي.

(٣) زمين تي انسان پنھنجو خاندان قائم ڪيو آھي.

(٤) زمين تي انسان پنھنجي ماضيءَ جا يادگار ڇڏيا آھن.

(٥) زمين تي ئي انسان جا پاڙيسري (جانور) آباد آھن.

(٦) زمين مان انسان دولت ھٿ ڪئي آھي، جنھن ۾ ھيرا، لال، جواھر ۽ توانائيءَ جون صورتون شامل آھن.

(٧) انسان جي پيدائش جو تصور، زمين سان شامل آھي ۽ ان جي موت جو بھ.

(٨) زمين انسان جو وڏي ۾ وڏو فائديمند ماحول آھي.

٤- زمين جي تصور کان سواءِ انسان قوميت، راڄ، خاندان، ترقي ۽ گروھھ جو تصور بھ رکي نھ ٿو سگھي. انسان جي وڏي ۾ وڏي ڪاميابي يعني ”آئيني رياست“ بھ زمين جي تصور کان سواءِ ڪوبھ وجود ڪونھ ٿي رکي. جو ھت زمين ۾ Territory چيو ويو آھي، جنھن جي معنيٰ آھي ايراضي.

٥- رڳو ھنن ڏھن ڳالھين تي ويچار ڪجي تھ بھ ”زمين“ سنڌي ٻوليءَ جو ھڪ حوالو آھي، جيڪو زميني سماج ۾ مفھوم ۽ اظھار جو تمام وڏو حصو والاري ٿو. ھي حصو زميني سماج ۾ موجود ٻولين، گھڻي ڀاڱي محاورن ۾ محفوظ ڪري ڇڏيو آھي.

٦- اھا ڳالھھ دلچسپيءَ کان خالي نھ آھي تھ زمين انسان کي ايترو تھ گھڻو ڏنو آھي، پر انسان زمين جي پيدا ڪرڻ ۾ ڪجھھ بھ ڪري نھ سگھيو آھي. بيشڪ اھو سوال ڏاڍو اھم آھي تھ زمين ۽ انسان جي تعلق ۾ آخر انسان جو ڪردار ڪھڙو ٿي سگھيو آھي. ھن سوال تي وثوق سان چئي ٿو سگھجي تھ انسان بھ زمين تي گھڻو ڪجھھ ڪيو آھي، زمين کي گھڻو ئي ڏنو آھي. پر انسان زمين کي پيدا نھ ڪيو آھي.

٧- ھن طرح اھو بھ سمجھڻ گھرجي تھ آخر زمين پيدا ڪيئن ٿي آھي. ھن جاءِ تي مرڪزي طاقت ۽ قوت جي سوال کي بحث ھيٺ رکڻ کان سواءِ ڪن ڳالھين جي باري ۾ ڪجھھ نھ ڪجھھ چئي سگھجي ٿو.

مثال طور:

(١) تحرڪ.

(٢) ڪشش ۽ تصادم.

(٣) ڊھڻ ۽ ٺھڻ جا بنيادي اصول.

(٤) جسم ۽ وجود جا جسماني تصور.

(٥) زمين جھڙا ٻيا وجود. (The other plenatory forms)

زمين جي باري ۾ علم، جنھن کي جيالوجي چيو ٿو وڃي، تنھن جو سڄو مواد بھ انھن ڳالھين تي ئي ٻڌل آھي.

زمين جي باري ۾ پھريون تصور اھو ڏنو ويو تھ زمين اصل ۾ ھڪ تمام وڏو زميني وجود ھو. ھن وجود کي بيل صاحب Giant Star ”تمام وڏو سيارو“ سڏيو آھي.

انھيءَ وڏي جسم کان وٺي زمين جي ننڍي ٽڪري تائين پھچڻ جي بھ ھڪ واٽ ثابت ٿي آھي. مثال طور تمام وڏو سيارو بڻيو تھ ان ۾ ”تصادم“ Conflict ٿيو. ھن تصادم جي لاءِ ذميوار حقيقتون اندروني ھيون. نتيجي طور ننڍيون ڪائناتون ٺھيون ۽ سج رڳو انھن مان ھڪ اندروني وجود آھي. وري وڌيڪ تصادم جي ڪري سج مان بھ ڪي وجود پيدا ٿيا ۽ ھن طرح ڪائناتي يا خلائي وجود پيدا ٿيا. زمين بھ انھن وجودن مان رڳو ھڪڙو وجود آھي. ھت ياد رکڻ گھرجي تھ تصادم سان گڏ ھڪ ٻي قوت بھ زمين جي پيدا ڪرڻ ۾ ڪم ڪندي آھي، جنھن کي ڪشش چيو ويو آھي.

زمين جھڙا ٻيا بھ ڪئين وجود ٺھيا، جن ۾ تصادم ۽ ڪشش ڪم ڪيو. انھن وجودن کي Planetesimals چيو ٿو وڃي. اھي سڀ ھڪ قسم جا گرھھ آھن. اھي بھ بي حساب آھن. ڪشش ۽ تصادم کان سواءِ ٽين حقيقت آھي ”حرارت“ حرارت جي نتيجي ۾ پاڻيءَ، ٻاڦ، سمنڊ، برف، مينھن ۽ جبلن جو وجود ممڪن ٿيو، ھن طرح زمين جي نوعيت ۾ ”ڳوراڻ“ شامل ٿي. پوءِ زمين ڳوري ٿيندي وئي.

ھنن سوالن جي سمجھڻ جي لاءِ زمين جي سائنس يا جيولاجيءَ جو اڀياس ڪرڻو پوندو.

ھن مضمون ۾ اسان جو مقصد رڳو ايترو آھي تھ اھو ڏيکارجي تھ انسان پنھنجين زبانن ۾ تمام ويجھڙي ماحول جي لاءِ مفھوم جو ڪيترو وڏو ذخيرو ڏنو آھي ۽ انھيءَ مفھوم پوري زبان جو ڪيترو حصو مخصوص طور تي زمين جي باري ۾ ھنن سڀني سوالن لاءِ پيدا ڪيو آھي. ھن جو مطلب ھي آھي تھ زمين جنھن کي لسانيات ۾ Referent چيو ويندو، تنھن لاءِ Reference جو ڪيترو ۽ ڪھڙو حصو ڏنو ويو آھي. اھڙيءَ طرح اسان انھيءَ مفھوم کي ”لسانياتي حوالو“ يا لسانياتي دائرو چئون ٿا.

برابر زمين جي پيدائش يا وجود جي باري ۾ انسان جي ڪوشش کي بيان ڪرڻ تھ اسان لاءِ ممڪن نھ آھي، پر اھا ڳالھھ آسانيءَ سان چئي وئي آھي تھ زمين جي موجوده شڪل بڻائڻ ۾ انسان جو ھٿ آھي ۽ تمام نمايان آھي. انسان پنھنجيءَ ھن ڪوشش کي پنھنجي پنھنجي معاشرتي زبان ۾ بيان ڪيو آھي. سنڌي زبان بھ ھن باري ۾ پنھنجو حصو ادا ڪيو آھي.

ھن طرح ھڪ طرف زميني دنيا ٻوليءَ کي شاھوڪار بنايو آھي تھ ٻئي طرف انسان زمين جي باري ۾ اظھار جي مدد سان پنھنجي ٻوليءَ کي تمام گھڻو شاھوڪار بڻايو آھي. مثال طور:

(١) انسان زمين جي ھر حصي جي لاءِ ھڪ لغت ٺاھي ورتي آھي.

(٢) انسان زمين جي سونھن، سڪ ۽ ان جي افاديت کي بيان ڪيو آھي.

(٣) انسان زمين تي رياست پيدا ڪري آئين ۽ آئيني ٻوليءَ کي بڻايو آھي.

(٤) انسان ٻوليءَ جي وسيلي زمين سان محبت جو اظھار ڪيو آھي.

(٥) انسان زمين جي مالڪيءَ جي بنياد تي اقتصادي نظام ٺاھيا آھن.

(٦) انسان ھن سوال تي قوميت ۽ قومي رياست جا تصور ٺاھيا آھن.

(٧) انسان زمين مان پيٽ قوت ۽ پيداوار جي انيڪ شڪلين لاءِ لغت ٺاھي ورتي آھي.

ھن طرح انسان ھڪ نرالي لسانياتي حوالي جو بنياد وڌو ۽ ان کي وڌايو آھي. جنھن کي لسانيات جو زميني مضمون Geological Discipline of Linguistics چيو ٿو وڃي. بس ھن مضمون ۾ اسان جو بحث بھ انھيءَ مضمون جي باري ۾ آھي.

ھن حالت ۾ ٻوليءَ جي لفطن جو دائرو رڳو ھڪ ئي مضمون يعني ”زمين“ سان تعلق رکي ٿو، ان ڪري ٻوليءَ جي ھن حصي کي بھ ھڪ جدا حيثيت حاصل ٿي وئي آھي.

اھڙيءَ طرح لسانيات جي ھن سوال کي اسان حوالياتي دائرو ٿا سڏيون، جنھن ۾ ھن حالت جو لفظ زمين جو سڄو اظھار سنڌي زبان جي مدد سان ڪيو ٿو وڃي.

سنڌي ٻوليءَ جو ھن قسم جو لساني ڪردار حوالن، محاورن، اصطلاحن، عام گفتگوءَ ۽ اشارن جي وسيلن کان سواءِ انسان ۽ زمين جي لھھ وچڙ جي بنياد تي ايترو تھ وڏو ۽ ويڪرو آھي جو ان جو رڳو ڪو ٿورو وجود بھ اسان پاڻ وٽ آڻي نھ سگھنداسون.

پيداواري وسيلا، بودوباش جا طريقا، معدنيت ۽ شھريت، قانون ۽ آئين، قوميت ۽ رياست، اجھو ۽ پاڻي، گرمي ۽ سردي، ھوا ۽ خشڪي، برساتون ۽ طوفان، برف ۽ پھاڙ گرمي ۽ سردي، حيات ۽ موت ۽ ھن طرح ٻيا انيڪ سوال انھيءَ زبان جي مدد سان ئي سمجھھ ۾ اچن ٿا، جن کي زميني نظام جي ٻولي چئي ٿو سگھجي.

ھن طرح لسانيات جي علم جو گھرو ۽ گھاٽو تعلق ’علم الارض‘ سان قائم ٿئي ٿو.

وڌيڪ تحقيق جي لاءِ ھنن سڀني سوالن سان ھرھڪ تي ھڪ پختي ۽ اصولي تحقيق ڪري سماجياتي لسانيات کي وڌيڪ ويڪرو بڻائي سگھجي ٿو.

اميد آھي تھ ھن قسم جو اڀياس ھڪ ڏينھن سماجياتي لسانيات کي سڄي لساني علم تي محيط ڪري سگھندو.

ٻوليءَ جو حياتياتي قانون: (The Law of Linguistic Biology)

ميل ميلاپ يعني سماجي عمل جي بڻياد تي سماجي ھڪجھڙائي پيدا ٿئي ٿي، پر پري رھڻ يا ڪٽجي رھڻ مان اختلافي صورتحال پيدا ٿئي ٿي. ھن ھڪڙو سماجياتي قانون آھي.

ھاڻي اچو تھ ھن قانون کي لسانيات تي لاڳو ڪريون.  ھن قانون مطابق ڪي بھ ٻھ ٻوليون جيڪڏھن ھڪجھڙيون نظر اچن ٿيون يا پاڻ ۾ ڪونھ ڪو تعلق رکن ٿيون ۽ سندن سماج بھ ٿورو ڪي گھڻو ويجھو ۽ ھڪجھڙو آھي تھ پوءِ چئبو تھ ھي ٻھ ٻوليون ھڪ ئي ڪٽنب سان تھ تعلق رکن ٿيون، پر ھڪ ئي سماج ۽ تھذيب سان بھ سندن تعلق موجود آھي.

ٻولي يا لسانيات تي سنڌ ۾ ڪيل تحقيق انھيءَ سوال تي ھڪ رخي آھي جو اھا سنڌي ٻوليءَ جو ڪٽنب تھ ھجي ٿي، پر ان جي تھذيبي ۽ سماجي صورتحال تي اسان وٽ رڳو ھڪڙو ڪتاب آھي.

وري ٻيو قانون ھي آھي تھ جيڪڏھن ڪنھن سماج ۾ مختلف طبقا يا گروھھ تمام وڏو عرصو گڏ رھندا تھ انھن جي ٻوليءَ ۾ ٿورو گھڻو فرق معلوم ڪري سگھبو. ھن فرق جي باري ۾ بھ اسان وٽ ڪي غلط فھميون آھن، مثال طور اسان سمجھون ٿا تھ اھي ننڍيون گروھي زبانون جدا ٻوليون آھن، پر حقيقت اھا آھي تھ اھي ٻوليون نھ پر ھڪ ٻوليءَ جون رڳو ڪي صورتون آھن. ھنن صورتن کي Dialects چيو ويو آھي. ھن طرح جڏھن ڪوبھ عالم سنڌي زبان ۽ مثال طور پارڪريءَ جو ڪو تعلق ٿو ثابت ڪري تھ ان جو نتيجو اھو نھ نڪرڻ گھرجي تھ پارڪري ڪا جدا ٻولي آھي. اھڙي ڪوشش رڳو ھڪ مطالعاتي ڪارنامو آھي.

ھن سوال تي دنيا جي عظيم دانشورن جا خيال ھي آھن:

”لغت ھڪ ڪائنات آھي، جنھن کي الف- بي وار تحرير ڪيو ويو آھي.“

ھي قول انٽول فرانس جو آھي. ھو وڌيڪ چوي ٿو ”اھا حقيقت آھي تھ اھا ڪائنات حيرت ناڪ حقيقتن سان ڀري پئي آھي ۽ ان جا تفصيل وڏيءَ خوشيءَ ۽ دلچسپيءَ جھڙا آھن. (As quoted by Logan Pearoal Smith. In “Words and idioms” Page-4)

عالمن جا ھي خيال اسان کي سڌوسنئون حياتيات جي علم يا بائيولاجيءَ جي طرف وٺي وڃن ٿا.

(١) حياتياتي دنيا تھ گوناگون آھي، پر ان ۾ لاڳو قانون ھڪجھڙا آھن. اھڙيءَ ريت انسان جي زبان ھزارن صورتن ۾ موجود آھن، پر ان جا سماجياتي ڪارج ۽ قانون ھڪجھڙا آھن.

(٢) انسان جيڪو ٻوليءَ جي ھر عمل ۾ مکيھ ڪردار آھي سو حياتيات ۾ بھ مکيھ ڪردار آھي، جو اھو وڏي ۾ وڏو سڌريل جيو يا حيوان آھي، جنھن کي فقط انسان ئي سڏي ٿو سگھجي.

(٣) حياتياتي تحقيقون انھيءَ قانون ۽ اصول تي متفق آھن تھ ھرڪو ”حياتياتي جيو“ يا ”جيئندڙ“ (Living Thing) بچاءَ، دفاع ۽ قوت يا غذا ۾ موافق حالتن جي تلاش ۾ رھي ٿو. ڏسي ٿو سگھجي تھ انسان جيڪو حياتيات جو نمايان ڪردار آھي، تنھن جو ھر عمل بھ حياتياتي قانونن تحت زنده رھي ٿو ۽ ٻولي بھ انسان جي عملن مان وڏي ۾ وڏي ۽ بھتر عمل آھي.

(٤) حياتيات جا قانون نھ رڳو ”جيوت“ سان تعلق رکن ٿا، پر اھي ڦٽندڙ يا پيدا ٿيندڙ، وڌندڙ، جيئندڙ ۽ مرندڙ ھر شيءِ تي لاڳو ٿين ٿا. ٻوليون بھ پيدا ٿين ٿيون، وڌن ٿيون، جين ٿيون ۽ مرن بھ ٿيون. سو ٻولين جو سوال بھ ھڪ حياتياتي سوال ئي آھي.

(٥) حياتياتي اصولن تحت ڪنھن بھ ٻج جو ھڪ داڻو صدين کان پوءِ ھڪ جنس ٿي ويو آھي، بلڪ اھڙيءَ ئي طرح ٻوليءَ جو ھڪ بنيادي آواز ھزارن سالن جي عرصي ۾ ھڪ ڪائنات بڻجي ويو آھي، جيڪا اڄ حيرتناڪ آھي.

(٦) حياتيات جي ڪائنات ۾ جاگرافيءَ جون حالتون، موسمون، طبعي حالتون، زمين، نسليت، (انواع يا قسم) سڀ اثر انداز ٿين ٿا ۽ ساڳيا ئي عنصر زبانن تي بھ اثرانداز ٿين ٿا.

(اسان ھنن ڳالھين جو اڀياس اڳ ۾ پنھنجي ڪتاب ۾ ڪيو آھي).

(٧) ٻولين جو موت ٻولين جي بيمارين جي ڪري ئي ٿئي ٿو ۽ اھي بيماريون انسان وٽان ٻولين ۾ داخل ٿين ٿيون. جڏھن معاشرا ٻولين جي صحت جي باري ۾ بي پرواھي ۽ اڻ ڄاڻائپ جو شڪار ٿين ٿا، تڏھن زبانون ھيڻيون ٿينديون ٿيون وڃن. اھائي ڳالھھ حياتياتي نوعن ۾ بھ ساڳيءَ ريت عمل ڪري ٿي.

(٨) ٻوليءَ جي سگھھ، طاقت ۽ ان جو ڪارج حياتيات جي اھم موضوع ۽ ڪردار يعني انسان کي بھتر ۽ قابل عمل رکي ٿو. ھن طرح ٻولي حياتيات جي خدمت ۾ رڌل رھي ٿي ۽ ان جو حياتياتي اڀياس تمام ضروري بڻجي ٿو.

انسان جي ارتقا جو تصور ۽ ٻولي:

چين ۽ يونان وارن کي اڳ ۾ ايترو معلوم ھو تھ انسان ارتقائي دورن Evolutionary Times مان لنگھندو رھيو ھو، پر انھن کي ارتقا جي ميڪانيت جي باري ۾ ڪابھ خبر ڪانھ ھئي. ارتقا جي سوال تي پھرين سائنسي تحقيق اڻويھينءَ صديءَ ۾ ٿي ھئي. ان وقت ارتقا جا اصول پھريون دفعو طبعي ۽ سماجي اصولن جي بڻياد تي سمجھايا ويا.

لئنائيس Linaeus ١٧٧٨- ١٧٠٧ بھ ھڪ اھڙو سائنسدان ھو، جنھن سڀ کان اڳ حياتياتي دنيا جي زندھھ نمونن کي گروھن ۾ ورھايو ھو ۽ ھن انھن نمونن کي وري ھڪ جھڙاين ۾ تقسيم ڪيو ھو. پر ڊارون ھن جي تحقيق جو فائدو تمام ٿورو ورتو. ڊارون مطابق لائنائيس اھو نھ ڏسي سگھيو تھ ارتقا گھڻن دورن مان لنگھي آئي آھي ۽ وقت جي وڏي سلسلي مان سفر ڪندي رھي آھي. لئنائيس شين کي ھڪ ئي وقت جي مقرر ڪيل دور ۾ ڏٺو ۽ سمجھيو ھو. ان ڪري ھن طريقي کي Cynchronic چيو ويو.

ڊارون پھريون عالم ھو، جنھن پنھنجيءَ حياتيءَ (١٨٨٢- ١٨٠٩ع) ۾ شين جي ارتقائي سڄي سلسلي کي وقت جي سڄي سلسلي سان ملايو. ھن نظريي تي وڏو ڪم واليس (Wallace) بھ ڪيو ھو، ان جو دور ١٩١٣- ١٨٢٢ع جو ھو.

ڊارون بھرحال اھوئي ثابت ڪيو تھ ارتقا جو عمل ھر دور ۾ ڪم ڪندو رھيو آھي. ڊارون جي طريقي کي Diachronic چيو ويو آھي. ڊارون جي تحقيق ۾ ٻن ڳالھين کي خاص اھميت حاصل آھي.

(١) لائق ترين زندگيءَ جو لاڳيتو ترقياتي عمل.

(٢) سڀاويڪ سگھھ پٽاندر اختيار ۽ قوت. (The Survival of the fittest and Natural Selection)

ڊارون جي تحقيق ارتقا جي سائنس کي علوم عمرانيءَ ۽ سماجيات جي ميدان ۾ داخل ڪيو ۽ ھن طرح ان جو تعلق سماجي لسانيات سان بھ قائم ٿيو.

سماجيات ۽ ڊارون جو نظريو انقلابي نظريو آھي. ان سماجي تاريخ جي حقيقتن کي وھم ۽ گمان جي دنيا مان ڪڍي حقيقتن جي دنيا ۾ داخل ڪيو آھي. ڊارون جي زماني تائين انسان جي نسب جي اصليت (Genetics) کي پوريءَ ريت سمجھو نھ ويو ھو. ان ڪري ان جي دور تائين سماجيات جي علم کي بھ پختي صورت ملي نھ سگھي ھئي.

ٻولي ۽ علم ارتقا:

سماجي حقيقتن جي بدلجڻ سان گڏ ٻوليءَ جون بنيادي حقيقتون بھ متاثر ٿين ٿيون.

ڇوتھ ٻوليءَ جي وجود جي ذميواري ئي سماج تي آھي. ھن حقيقت سان ھڪ اھم ڳالھھ اھا بھ ٿي سمجھھ ۾ اچي تھ پراڻي انسان يعني پٿر جي دور واري انسان جي صورت ۽ حالت ترقي يافتھ ھئي، جو اھا بھ ارتقا جي اصولن تي زندھھ ھئي، جدوجھد کان پوءِ زندھھ ھئي. ھن جو مطلب ھي آھي تھ ايترو پراڻو انسان بھ ترقي يافتھ ھو ۽ اھو ٻين نسلن جي نسبت ”بچڻ جي سگھھ“ وڌيڪ رکندو ھو. ھن جو مطلب ھي بھ آھي تھ انسان ڪيترين حالتن ۾ ختم بھ ٿي ويو ھو، جو اھو بچڻ جي سگھھ ۾ پوئتي ھو. شايد اھوئي انسان وبائن ۽ ڪيترين ئي مصيبتن جي مقابلي نھ ڪرڻ ڪري ختم ٿي ويو ھو.

ھن طرح لسانيات جي دائري ۾ رھي اسان چئي سگھون ٿا تھ پيدا ٿيڻ يا ڄمڻ جي سائنس Genetics کي، لسانيات جي مضمون ۾ اڀياس ھيٺ رکڻ تمام ضروري آھي. ظاھر آھي تھ ٻولي بھ اھائي قائم رھي سگھي ٿي، جنھن جو ڳالھائيندڙ نسل قائم رھي ٿو. بيشڪ اھڙيءَ طرح انسان جي مذھبي ۽ سماجي زندگيءَ جو ھڪ نئون طريقو وجود ۾ ايندو تھ ٻولي بھ ان طريقي پٽاندر پاڻ کي زندھھ رکڻ جي جدوجھد ڪندي.

ارتقا ھاڻي رڳو ھڪ خيال جھڙي شيءِ نھ آھي. ھوويل Howell جي خيال ۾ اھا ”ايڏي وڏي حقيقت آھي جيڏي وڏي حقيقت ھاضمي جي آھي“.

زندگيءَ جو بنيادي تصور:

انسان جي زندگيءَ جون بنيادي ڳالھيون يعني:

(١) سمجھھ

(٢) اظھار

(٣) پيار

(٤) محنت

(٥) ۽ تجربو

اھڙيون حقيقتون آھن جو انھن کي ارتقا کان سواءِ سمجھي نھ ٿو سگھجي، پر ساڳئي وقت اھي ڳالھيون سماجياتي بھ آھن. ان ڪري صاف ظاھر آھي تھ انھن جو تعلق سماجياتي لسانيات سان بھ آھي. ھي سڀ ڳالھيون بھ ھڪ ارتقائي دنيا جو بنياد بڻائينديون. پر ٻيون ڪي ڳالھيون سڀاويڪ (Innate) بھ آھن. اھي جبلتي بھ آھن. مثال طور ”ڊپ“ ڊپ ھڪ طرف انسان جي اوسر ۾ رڪاوٽ وڌي آھي تھ ٻئي طرف ان انسان جي ترقيءَ ۾ مدد بھ ڏني آھي. ڊپ انسان کي سلامت رکيو آھي. ان ڪري اھو بھ باصلاحيت زندگيءَ جو ھڪ جزو آھي.

(١) انسان گھر بھ ڊپ کان ٺاھيو.

(٢) انسان اوزار بھ ڊپ کان ٺاھيا.

اھڙيءَ طرح بنياي انساني ڳالھين کي تھ انسان جي ارتقا کان جدا ڪري ئي نھ ٿو سگھجي.

اھڙيءَ طرح ارتقا جي اصولن کي ٽن وديائي اصولن کان بھ ڇني ڌار ڪري نھ ٿو سگھجي. ھن طرح شعور، لاشعور، جنسياتي ڇڪ، ڊاھڻ ۽ ٺاھڻ جو جذبو، سوچ جو نظام- اھي ڳالھيون بھ انسان جي ارتقا سان گڏ ھليون آھن، ان ڪري ارتقا کي سمجھڻ جي لاءِ سماجيات ۽ سماجيات کي سمجھائڻ لاءِ سماجياتي لسانيات ضروري ٿيو ٿي پوي.

”وري ھڪڙي ئي سماج ۾ ھڪڙيءَ ٻوليءَ جو ھجڻ اھو ڏيکاري ٿو تھ ان سماج ۾ ھڪ طاقتور عنصر روحاني زندگيءَ جي حيثيت ۾ ڪم ڪري رھيو آھي. ان عنصر مان ڀائيچارو پيدا ٿئي ٿو. اھو ڀائيچارو ئي ٻوليءَ جي سماجيات جو بڻياد بڻجي ٿو ۽ اھو ڀائيچارو ئي ارتقائي تبديلين جو سبب بھ بڻجي ٿو.

ٻولي انسان کي شخص بڻائڻ جي يا انسان بڻائڻ جي وڏي ۾ وڏي طاقت آھي ۽ ارتقا جو اصول بھ انسان کي مڪمل شخص بڻائڻ جي طرف روان دوان آھي.

اھڙيءَ ريت انسان جي مدني ۽ سماجي زندگيءَ جو ھڪ نئون طريقو وجود ۾ آيو آھي، جنھن مان انسان جي ارتقا جو بڻيادي اصول سمجھي ٿو سگھجي. اھا بھ ھڪ حقيقت آھي تھ انسان جي زندگيءَ جي نظام ۾ انھن شين ڪي قدر انسان جي بقا ۾ مدد بھ ڏني آھي، جيڪي شيون علم ارتقا جي متن ۾ شامل نھ رھيون آھن. انسان جي زندگيءَ جو نظام سڄو سارو طبعي Physical بھ نھ آھي ۽ سڄو سارو حياتياتي Biological بھ نھ آھي. اھو سماجي- طبعي سوشيوفزيڪل ۽ سوشو بايولاجيڪل ئي آھي. ھن طرح ھي نظام ٻوليءَ جي دائري کان ٻاھر ٿي نھ ٿو سگھي.

زندگيءَ جي بڻيادي حقيقت ۾ ھڪ وڏي حقيقت روح جي حقيقت بھ آھي. روح کي ڪٿي ”سول“ Soul تھ ڪٿي اسپرٽ Spirit بھ سڏيو ويو آھي. ھن ڳالھھ جي بنياد تي قومن، گروھن، سماجن ۽ ٽولن ۾ بھ روح جو تصور مڃيو ۽ قبول ڪيو ويو آھي. ھاڻي تھ اھا ڳالھھ بھ پختي آھي تھ ھر دور جو بھ ھڪ روح ٿئي ٿو. اصل ۾ اھو روح دور جو نھ پر دور جي معاشرن جو ئي ٿئي ٿو، ان ڪري ارتقا جي خيال کان انسان ھڪ اھڙي روح جو بھ اقرار ڪندڙ آھي، جيڪو ”ارتقائي، روحاني“ آھي. اھا ڳالھھ بھ علم ارتقا کي ٻوليءَ سان ملائي ٿي.

آڳاٽو انسان زندگيءَ جي تصور تي رڳو ايترو چئي سگھندو ھو تھ اھا ھڪ سگھھ آھي ۽ ارتقا ۾ بھ ”سگھھ“ (Power) ھڪ حقيقت آھي.

اھڙيءَ طرح آڳاٽي انسان وٽ وڏيون سگھون اصل ۾ Animistic Powers ھيون، جن کي ھو مثالي سگھون سمجھندو ھو. بس اھا مثالي سگھھ ارتقا اختيار ڪري اڄوڪيءَ منزل تائين پھتي آھي.

وري اھي شيون جن انسان جي زندگيءَ کي ممڪن بڻايو آھي، جيئن پاڻي، کاڌو، اجھو، سلامتيءَ جا وسيلا، انصاف، مدنيت، ميل ميلاپ، گروھي ڪارڪردگي گروھي سٻنڌ، سي سڀ ارتقا جي لاءِ وڏي اھميت واريون ڳالھيون آھن، توڙي جو اھي طبعي نھ آھن، پر تھ بھ اھي حياتياتي آھن ۽ ھن طرح علم ارتقا ”سماجياتي، حياتيات“ کي قبول ڪري ٿو.

ارتقا جي انھيءَ تصور کي ڏٺو وڃي، جيڪو زميني حالتن سان يا زندگيءَ جي خارجي حالتن سان تعلق رکي ٿو تھ بھ حياتياتي ۽ تمدني زندگيءَ ۾ جيڪو ٻوليءَ جو ڪارج ۽ ان جي اھميت آھي، سا ارتقا جي اصول لاءِ ھڪ اھم سوال پيدا ڪري ٿي.

مثال طور:

ھڪ دور جو سماج ھڪ وقت اتي ئي پيدا ٿئي ٿو، جتي زميني حالتون ان لاءِ سازگار آھن. ان ڪري انسان جي مذھبي ۽ سماجي زندگي بھ اتي ئي وجود ۾ آئي، جتي اھڙيون حالتون ھيون. ھن طرح حالتن (Conditions) جي خيال کان بھ ٻوليءَ ۾ ارتقا جو تعلق قائم ٿئي ٿو.

آڳاٽن نسلن جو اڀياس ٿو ڪجي تھ بھ معلوم اھو ٿو ٿئي تھ انھن ۾ ھيٺ ڏيکاريل ايراضين جا ماڻھو آڳاٽا آھن.

(١) جاوا وارا ماڻھو

(٢) چين وارا ماڻھو

(٣) فانٽي ڇويڊ ماڻھو

(٤) نيدر لينڊ وارا ماڻھو

(٥) ڪروميگنان ماڻھو

ٽئين قسم جي ماڻھن جي باري ۾ معلوم ٿئي ٿو تھ اھي اڄڪلھھ جي يورپي نسلن جو ويجھو آھن. ھنن ماڻھن جي زمين ڏکڻ اولھھ فرانس ۾ چئي وڃي ٿي.

ھنن نسلن جي موجوده نمونن ۾ جيڪا سگھھ ملي ٿي، ان مان اھو معلوم ڪري ٿو سگھجي تھ ھي نسل آخر ڪيئن ۽ ڇو زندھھ رھڻ جي لائق ھئا.

اھي ئي نسل وري وڃي ٿا مصر ۾ لين ۽ مصري نسل سان ملن ٿا، ڏکڻ اولھھ ايشيا ۾ جيڪا زمين ھڪڙو حصو سنڌ کي بھ ڏئي ٿي. ھي نسل پنج ھزار قبل از مسيح جا آھن. مصر ۽ سنڌ جون طبعي ۽ ميداني حالتون ھڪ جھڙيون ھيون. آب و ھوا بھ گھڻو ڪري ھڪ جھڙي ھئي. زمين جو ڪردار بھ ٻنھين حالتن ۾ ھڪجھڙو ھو.

پر اھا ھڪ غلط فھمي آھي تھ سنڌ ۽ مصر ۾ آباديءَ ۽ سماج جي ابتدا پنج ھزار سال اڳ ٿي ھئي. اصل ۾ اھو دور عروج جو دور ھو ۽ نھ ابتدا جو. ان کي ابتدا چوڻ ارتقا جي اصولن جي خلاف آھي. ھن طرح اھا ڳالھھ سواءِ ڪنھن شڪ جي چئي سگھجي ٿي تھ سنڌ توڙي مصر ۾ انھن جي عروج جي دور کان گھڻو اڳ سڌريل ماڻھو موجود ھئا. اسان وٽ سڄو مطالعو ان تھذيب جي زوال جي دور ۽ سببن تي ٿيو آھي. انھيءَ سوال تي ڪوبھ مطالعو نھ ٿيو آھي تھ ھن زوال پذير تھذيب جي ابتدا ڪڏھن ٿي ھئي.

”موھن جو دڙو ۽ ھڙاپا جو دڙو، جن شھرن جي تباھيءَ جا نشان آھن، اھي ھاڻي وري ٻيھر ٺاھي نھ سگھبا، ڇوتھ اھو غير مادي ڪلچر جيڪو انھن جي غير مادي ڪلچر پيدا ڪرڻ ۾ مدد ڪري رھيو ھو. ھاڻي ملي نھ سگھندو. نھ تھ اھي تعميري طريقا رھيا آھن ۽ نھ اھي تعميري تصور ۽ وٿون Values ھاڻي موجود آھن، جن انھن شھرن کي ٺاھيو ھو. اڄڪلھھ سماجي وٿن جي انھيءَ صورت جي ارتقائي صورت ئي موجود آھي، جنھن کي پوئتي موٽائي نھ ٿو سگھجي.“

ارتقا جو نظريو: (The theory of  evolution)

ڊارون جو مفروضو جيئن اھو Origin of Species ۾ آيو آھي، ’فطري چونڊ‘ وارو مفروضو چيو ٿو وڃي. (نئچر جي چونڊ) Natural Selection اھو نظريو ٿي ڏئي تھ:

(١) ھر نسل جا ماءُ پيءُ ايترن ’ٻارن‘ کي جنم ڏين ٿا، جو اھي سڀ زندھھ رھي نھ ٿا سگھن.

(٢) اھڙيءَ ريت ھڪ ڇڪتاڻ، ڪشمڪش يا جدوجھد وجود ۾ اچي ٿي. ان جدوجھد جا سبب آھن. کاڌي، اجھي ۽ گرميءَ واريون (سماجي) ضرورتون.

(٣) ھن جدوجھد ۾ سڀ فرد ھڪ جھڙو ڪردار ادا ڪري نٿا سگھن، ڇو تھ ڄمندي ئي اھي ھڪ جھڙا طاقتور نھ ھئا. يعني ڪي بھ ٻھ ٻار ھڪجھڙا نھ ھئا. ھن غير برابريءَ کي ڊارون غير برابري (Variation) ٿو سڏي. ڪي ٻار مضبوط ٿا ڄمن ۽ ڪي ھيڻا. ’مضبوطيءَ‘ جي باري ۾ ڊارون جو خيال آھي تھ ”ڪي جانور اھڙا عضوا وٺي ٿا ڄمن جو اھي پنھنجيءَ ٻاھرينءَ دنيا ۾ ڄمي ٿا وڃن يا ان جي تقاضائن کي پورو ٿا ڪن. اھي جانور پنھنجن دشمنن تي فتح حاصل ٿا ڪن. (ھنن عضون مان ڊارون سڱن ۽ چنبن (Claws) جو مثال ڏنو آھي.“

ھن جدوجھد ۾ ڪمزور يا ھيڻا يا ھارائڻ وارا فرد يا نسل جلد ئي مري ٿا وڃن يا ختم ٿي ٿا وڃن.

(٤) انھيءَ بڻياد تي ڊارون جو خيال آھي تھ ”اھا فطرت ئي آھي، جيڪا غير برابريءَ (Variation) جي بڻياد تي مضبوط نسل چونڊي ٿي ۽ انھن کي اھو موقعو ڏئي ٿي تھ اھي جٽاءَ حاصل ڪن ۽ وڌيڪ نسل پيدا ڪن. ھن کي ڊارون Reproduction ٿو سڏي.

ھن طرح ڊارون نون نسلن جي لاءِ تفاوت يا غيربرابري ۽ فطرت جي انتخاب (چونڊ) کي بڻيادي ڳالھيون ٿو سمجھي.“

(٥) ڊارون جي نظريي ۾ ھڪ وڏي ڳالھھ اھا آھي تھ ھن جو خيال آھي تھ طاقتور نسل پنھنجون طاقتون پنھنجن پوين نسلن جي ڄمڻ لاءِ ۽ وڌڻ لاءِ منتقل ٿا ڪن. اھي طاقتون پوءِ بي شمار نسلن تائين ڪم ڪنديون ٿيون ھلن، پر جڏھن انھن مان ڪي ڪمزور ٿي ٿيون وڃن تھ ٻيون نيون طاقتون انھن جي جاءِ وٺن ٿيون. اھڙيءَ ريت اھا ’ڪمزوري‘ وري نين طاقتن جي اڀرڻ ۽ وجود ۾ اچڻ جو سبب بڻجي ٿي.

(٦) ڊارون پنھنجو مفروضو رڳو جانورن ۽ ٻوٽن جي باري ۾ نھ آزمايو ھو، پر ھن ان نظريي کي انسان ذات لاءِ بھ موزون سمجھو ھو.

(٧) انسان ذات تي ھن نظريي جو اطلاق ھن ھڪ ٻئي ڪتاب ۾ ڪيو ھو، جنھن جو نالو ھو ’نسل انساني‘ (The Decent of Man).

ھن ڪتاب ۾ ڊارون لکيو آھي تھ انسانذات جو پھريون نمونو باندر جھڙو ھو. اھو جانور (Ape) ھاڻي موجود نھ آھي، پر اھو ھاڻوڪن باندرن ۽ ماڻھن جو مشترڪ ’بزرگ‘ ھو.

(٨) ڊارون جي نظريي تي بعد ۾ وڌيڪ تحقيق ٿيندي رھي، پر ان جي انھيءَ مفروضي کي ڪوبھ ٽوڙي نھ سگھيو تھ انسان بھ ٻين نسلن Species جيان ارتقا جي اصولن جو پابند آھي.

ڊارون جي نظريي جا سماجي پھلو:

(١) ھي نظريو انسان جي زندگيءَ کي بڻيادي طور تي ھڪ حياتياتي عمل ٿو سمجھي.

  (٢) ھن نظريي پٽاندر انسان ھميشھ ترقي ڪندڙ جانور آھي.

(٣) ھي نظريو نسلن جي چٽاڀيٽيءَ جو تقرر ڪري ٿو، جنھن مان انسان جي تاريخ جو ھڪ نئون نظريو بعد ۾ وجود ۾ آيو ھو.

(٤) ھي نظريو انسان جي بقاءَ ۽ جٽاءَ ۾ يا ان جي ارتقا جو بڻياد ڪشمڪش يا چٽاڀيٽيءَ جي اصولن کي ٿو سمجھي.

(٥) ھن نظريي پٽاندر ارتقا ’ڊھڻ‘ ۽ ٺھڻ جي عملن جو ھڪ سلسلو آھي، جيڪو ھميشھ ’ٺھڻ‘  جي مقصد جي لاءِ ڪم ڪري ٿو.

(٦) ھي نظريو ٻڌائي ٿو تھ فطرت سان ھم آھنگ ۽ ٺاھھ ۾ رھڻ جي لاءِ اھو ضروري آھي تھ نسل پنھنجي ذاتي صلاحيت کي ڪم آڻي ۽ ان کي وڌائيندو ھلي. ٻيءَ حالت ۾ ڪيتريون ئي انساني طاقتون ختم ٿي سگھن ٿيون، پر انسان ختم ڪونھ ٿو ٿئي، رڳو ان جي سماجي صورت بدلجي ٿي.

ٻولي ۽ علم رياضي:

ڪارل مارڪس جو قول آھي تھ: ”ان وقت تائين ڪوبھ علم مڪمل طور تي سائنس ڪونھ ٿو بڻجي، جنھن وقت تائين اھو رياضيءَ کان ڪم نھ ٿو وٺي.“ انگ وٽ ماپا يا ماڻ Mcasues تھ اڄ حياتيات، آرڪيولاجي، معاشيات ۽ نفسيات ۾ بھ ڪم اچن ٿا. اھڙيءَ ريت ٻوليءَ جي سائنس Linguistics بھ رياضيءَ جي مدد سان ھڪ مڪمل سائنس بڻجي رھي آھي. مثال ڏبا تھ چئبو تھ لفظن جو تعداد، اکرن ۽ آوازن جا تعداد، انگ اکر پاڻ لفظن جو تعداد يا شمارياتي استعمال Frequency of words بڻيادي لفظن جو ذخيرو Basic Language ۽ گھڻين ٻولين ۾ ھڪ جھڙا لفظ Comparative Linguistics سڀ بحث ھيٺ اچي سگھندا.

اھڃاڻ، جيئن اڄ تائين غلط فھميءَ کان سمجھيو ويو آھي، رڳو ٻوليءَ ۾ نھ آھي. اھڃاڻ تھ اصل ۾ پيدا ئي ٿيا آھن رياضيءَ لاءِ. رياضيءَ جو ھرھڪ انگ ۽ ڪم ايندڙ نشان مثال طور: +، -، x، ¸، = ۽ ٻيا ڪيترائي نشان اھڃاڻوي زبان جا نمونا آھن. انگ ڪھڙو بھ ھجي، پر پنھنجي ليکي رڳو علامت آھي، جيڪا ھڪ تعدادي تصور ڏئي ٿي، جنھن مان شين جي تعداد جي معلومات ملي ٿي. مثال طور: انگ ٥ ھڪ مادي حقيقت نھ پر ڪن پنجن شين جي علامت آھي. ھيءَ علامت تعدادي Quantitative آھي. جنھن ۾ ڪي شيون پنج دفعا ملايون ويون آھن. ھن حالت ۾ ھرھڪ شيءِ ھڪ (١) جي علامت آھي.

اھڙيءَ ريت نئين رياضي تصورن Concepts تي زور ڏئي رھي آھي. مثال طور: جاميٽريءَ ۾ “.” نقطو ڪو نشان نھ پر ڪنھن مقام جي علامت آھي. ھن جاءِ تي نقطو رڳو ڪنھن مقام جو وجود ظاھر ڪري ٿو. اھڙيءَ طرح انگريزي اکر ايڪس (x) ۽ واءِ (Y) بھ اھڃاڻ آھن. ھن طرح اھو يقين آھي تھ سڄو علم رياضي اھڃاڻو علم آھي، ان ڪري اھو پنھنجي ليکي ھڪ علامتي زبان جي حيثيت رکي ٿو.

ھن راءِ کي آئن اسٽائن جھڙي عظيم فلسفي رياضيدان ۽ سائنسدان جي تائيد بھ حاصل آھي. جنھن ۾ ھن چيو آھي تھ اسان فارمولن ۾ نھ، پر ٻوليءَ ۾ سوچيندا آھيون. ھن راءِ مطابق علم رياضيءَ جو ھر اھڃاڻ ھڪ زبان جو اھڃاڻ آھي ۽ ھن طرح رياضي پاڻ ھڪ علامتي ٻولي آھي.

حقيقتون ۽ انھن جا تصور:

وڌيڪ اڀياس مان معلوم ڪري ٿو سگھجي تھ: ”رياضي انھن حقيقتن Concretes جي ٻولي آھي، جن کي تصورن Concepts ۾ بيان ڪيو ويو آھي.“ ھن ڳالھھ جي تائيد ۾ اسان ھيٺ مثال ڏئي رھيا آھيون، جن مان معلوم ٿيندو تھ ٻولي جي شڪل ۾ رياضي ڪيئن شامل آھي.

مشھور رياضيدان الغريڊ وائٽ ھيڊ White Head سان اھا ڳالھھ منسوب آھي تھ ھن چيو آھي تھ ”علم رياضي انگ Number تعداد Quantity ۽ مڪان Space جي پاڻ ۾ لاڳاپي جو نالو آھي.“ ان ڪري چيو ويو تھ ”علم رياضي ھڪ اھڃاڻوي منطق آھي.“

ھن بحث جو ھڪ اھم نتيجو اھو ئي نڪري ٿو تھ جيڪڏھن علم رياضي اھڃاڻن جي منطق جو نالو آھي تھ پوءِ اھو بھ ھڪ ٻوليءَ جھڙو آھي، ڇوتھ پوءِ اھو ٻوليءَ جون سڀ ضرورتون پوريون ڪري ٿو سگھي. مثال:

C=5 (F-32)9

ھي ھڪ رياضياتي فارمولو آھي، جنھن جي مدد سان سينٽيگريڊن کي فارن ھائيٽس ۾، فارن ھائيٽس کي سينٽيگريڊن ۾ بدلائي ٿو سگھجي. ھي فارمولو ھن طرح حرف C ۽ حرف F جو ھڪ اھڃاڻوي قاعدو آھي، جنھن ۾ ھڪ منطق موجود آھي. ساڳيءَ ريت ھن فارمولي ۾ حرف F ۽ F  ڪاٽو ٣٢ بھ ھڪ ضابطو آھن، جن سان انگ ٥ جو لاڳاپو اصولي ۽ رياضياتي ضابطو آھي، جنھن جو مطلب ھڪ منطق جي مدد سان مقرر ڪيو ويو آھي. ھن طرح حرف ڪوڊ يا نشان جيئن “-“ ڪاٽو ۽ “=” برابر آھي/ ڏنا ويا آھن. سي بھ اھڃاڻ آھن، جن جو بھ ڪو رياضياتي مفھوم آھي.

ھاڻي اچون ٿا ٻيءَ صورتحال تي. اھا ھيءَ آھي تھ ھڪ طرف حرف C ۽ حرف F لسانياتي حرف آھن تھ ٻئي طرف اھي ھن فارمولي ۾ رياضياتي ڪوڊ يا نشان بھ آھن. حرف پنھنجن سڄن لفظن يعني F جي حالت ۾ فارن ھائيٽ ۽ C جي حالت ۾ سينٽي گريڊ جي نمائيندگي ڪن ٿا، جو اھي سڄن لفظن جا مخفف يا پاڻ ۾ اکر يا حرف آھن.

منطق جيڪڏھن فارمولي ۾ ڪم اچي ٿو تھ اھو بدل سدل يا Conversion جو منطق آھي، جنھن کي لسانياتي جملن جي بجاءِ انگن ۽ حرفن ۾ بيان ڪيو ويو آھي. ھي طريقو گرامر ۾ اڳي ئي ٻوليءَ جي مدد ڪري ٿو. مثال طور ھاڪاري جملي مان ناڪاري جملو ۽ سادي جملي مان سوالي جملو بڻائڻ بھ ’بدل سدل‘ جو نمونو آھي. اھڙيءَ طرح رياضيءَ جي حالت ۾ بھ ھي فارمولو ھڪ وياڪرڻي طريقي جھڙو آھي، جيڪو لسانيات جي ڪم اچي ٿو.

ھن طرح رياضيءَ جي ھن مثال ۾ اسان کي ٽي شيون ملن ٿيون:

(١) لفظ

(٢) اظھار

(٣) اظھار جو اھڃاڻوي طريقو.

ھاڻي جيڪڏھن رياضيءَ جو ھي طريقو لسانياتي آھي تھ پوءِ اسان لاءِ اھو تمام ضروري آھي تھ اسان لسانياتي قانون کي بھ ھن رياضيءَ جي فارمولي تي لاڳو ڪريون ۽ ائين لسانيات جو ڪوبھ اسڪالر ڪري سگھي ٿو. جيڪڏھن لسانيات جو قانون جنھن کي وياڪرڻ يا گرامر ٿو چئجي، ھن اصول يا فارمولي تي بھ لاڳو ٿيو تھ اھو لسانيات جي چوٿين ضرورت پوري ڪندو ۽ ھن طرح رياضيءَ لاءِ وثوق سان چئي سگھبو تھ اھا بھ ھڪ زبان آھي.

ھي وياڪارڻي طريقو اسان کي انھيءَ ٽيڪنڪ ۾ ملي ٿو، جنھن سان اسان حرف C کي حرف F ۾ وري حرف F کي حرف C ۾ بدلائي ٿا سگھون. ھن طرح آسانيءَ سان رياضيءَ جي ھڪ فارمولي ۾ اسان ٻوليءَ جون چار ضروري ڳالھيون ڏسي ۽ بيان ڪري ٿا سگھون. ھن طرح رياضيءَ ۾ بھ اسان کي:

(١) لفظ

(٢) اظھار

(٣) اھڃاڻ ۽

(٤) گرامر ملي ٿا وڃن.

ھن طرح اھو ثابت ٿئي ٿو تھ رياضي بھ لسانيات ۾ ھڪ ٻوليءَ جو نمونو آھي.

اسان ھي نمونو عام رواجي زبان ۾ بھ بيان ڪيو آھي. اسان پنھنجي ڊاڪٽوريل مقالي ۾ لکيو آھي تھ انگن کي اسان ڪن مخصوص لسانياتي اھڃاڻن جي مدد سان بيان ڪندا آھيون. ھن طريقي کي بئر (بيع) ڪرڻ ۾ ڏسي ٿو سگھجي، جنھن ۾ ڪنھن جانور جي ملھھ ڪٿڻ لاءِ پلاند جي ھيٺان آڱرين تي ويھن، ايڪن ۽ ڏھاڪن ۾ ڪنھن جانور جو ملھھ مقرر ڪيو ويندو آھي.

ھن طرح جدا جدا عملن ۾ جدا جدا فارمولا ٻوليءَ جا جدا جدا علامتي نظام ٿين ٿا. ھن باري ۾ وڌيڪ ڏسجي، ليکڪ جو مضمون ”نشان، علامت ۽ اھڃاڻ“.

ٻوليءَ جو گھڙيال:

اسان ڪٿي ڪنھن مضمون ۾ بيان ڪيو آھي تھ رياضيءَ جي قاعدن ۽ فارمولن ۾ اھوئي منطق موجود آھي، جيڪو ٻوليءَ جي جملن ۾ موجود ھجي ٿو. ھن خيال جي تائيد ۾ ھاڻي اسان ھڪ ٻيو دليل ڏئي رھيا آھيون، جنھن کي اسان ”ٻوليءَ جو گھڙيال“ ٿا سڏيون. اسان جو مطلب ھت اھو آھي تھ ٻولي ھڪ ٽائم ڪلاڪ جو ڪم بھ ڪري ٿي. ھن ٽائم ڪلاڪ مان اھو بھ ثابت ڪري ٿو سگھجي تھ ٻوليءَ جي لفظن ۾ تبديل جي رفتار ڪھڙي آھي.

وقت جو مسئلو ھر طرح زندگيءَ جو ھڪ اھم مسئلو آھي. ڪو واقعو ڪھڙي وقت ٿيو، ڇو ٿيو ۽ ڪيئن ٿيو. اھڙا سوال ھاڻي وڏي اھميت حاصل ڪري ويا آھن. ڇوتھ انھن جي جواب کان سواءِ انسان جو اظھار ۽ مفھوم مڪمل نٿو ٿئي.

اسان ڪيئن ٿا چئون تھ فلاڻو واقعو B.C 1881 ۾ ٿيو ھو. ان لاءِ اسان وٽ ڪابھ غيرگواھي تھ موجود آھي ڪانھ. اصل ڳالھھ ھاڻي اھا آھي تھ اسان غير مشاھدين جي بجاءِ اھڃاڻ تلاش ڪريون. ھي اھڃاڻ ماضيءَ جي ڳالھھ، کوٽائيءَ جي شين جي مدد سان ظاھر ڪن ٿا. ھن ڳالھھ جي لاءِ تحريرون بھ ڪم اچن ٿيون، يعني ھڪ ئي دور جي تحريرن کي ان کان اڳ ۾ واري دور جي تحرير سان يا ان کان پوءِ واري دور جي تحرير سان ڀيٽي اسان چئي سگھون ٿا تھ ڪو واقعو اصل ۾ ڪھڙي سن يا سال ۾ ٿيو ھو.

پر ڪيترائي واقعا دنيا جي انھيءَ دور جا آھن، جڏھن لکڻ جو ھنر اڃا انسان کي ھٿ نھ آيو ھو. اھڙن واقعن جي تاريخ يا دور معلوم ڪرڻ لاءِ وري ريڊيو ڪاربن تاريخي اصول Radio Carbon Dating ڪم اچي رھيو آھي. يعني اصول ھن طرح آھي تھ ھر شيءِ ۾ ڪاربن ٿئي ٿي، جيڪا ريڊيو ايڪٽو آھي. ڪنھن جي مري وڃڻ سان يا دٻجي وڃڻ سان ان وجود وارو بي بقا ائسوٽوپ Un stable Isotope کٽڻ شروع ٿو ڪري. ان کٽڻ يا کپي وڃڻ يا مري وڃڻ جي بھ ھڪ رفتار مقرر آھي، جيڪا ھميشھ ساڳي رھي ٿي. ھن طرح ڪاربن جو بھ ھڪ فارمولو بڻجي پيو آھي. ھن طرح ھر شيءِ جيڪا پاڻ ۾ ڪاربن رکي ٿي سا ڄڻ تھ ھڪ گھڙيال آھي. ان گھڙيال جي وسيلي وقت ۽ رفتار جي اھڃاڻ جي مدد سان اھو معلوم ڪري ٿو سگھجي تھ ڪا شيءِ ڪيڏي پراڻي آھي.

ھن ئي اصول تي ھڪ فارمولا ٺھيو آھي، جنھن کي C14 ”سي چوڏھن اصول“ ٿو چئجي. ھن قانون جي ھڪ عالم ۽ محقق حساب ڪتاب سان بائيبل مقدس ۾ بيان ڪيل ڪن ڳالھين کي غلط ثابت ڪيو آھي. ان عالم جو نالو آھي. S.B Leakey ايس- بي ليڪي. بائيبل مقدس ۾ انسان جي وجود جي ابتدا جي باري ۾ چيو ويو ھو تھ انسان جي عمر ھڪ ھنڌ جي تحرير مطابق ٧٠٠٠٠٠ ست لک سال ۽ ٻئي ھنڌ ٧٠٠٠٠ ستر ھزار سال تھ ڪٿي وري ١٠٩٠٠٠ ھڪ لک نو ھزار سال ٻڌائي وئي ھئي.

جناب ليڪيءَ ثابت ڪيو تھ انسان جي عمر ١٥٠٠٠٠٠ پندرھن لک سال آھي. ھن طرح تحقيقي نمونن آسماني ڪتابن تي بھ شڪ نھ پر يقين ڏيکاري حملو ڪيو آھي. عالم ھن طريقي کي بھ ٻوليءَ جي گھڙيال جو ھڪ نمونو سڏين ٿا.

ٻوليءَ جي گھڙيال جو ٻيو نمونو:

پر جيڪڏھن معلوم ئي اھا ڳالھھ ڪرڻي ھجي تھ ڪا ٻولي ڪيڏي پراڻي آھي تھ پوءِ ڇا ڪجي. ٻوليءَ جو تھ نھ وجود مستقل آھي نھ ان ۾ ڪاربان آھي ۽ نھ ئي وري اھا ڦيرگھير واري يا آئسوٽوپڪ Isotopic ھوندي آھي، يعني ان ۾ ائسوٽوپڪ خصوصيتون بھ ڪونھ ھونديون آھن.

ھاڻي اھڙيءَ حالت ۾ ٻوليءَ جي قدامت لاءِ گھڙيال جو طريقو ڪيئن ڪم آڻبو؟

رستو اھو آھي تھ جڏھن اسان کي اھو معلوم آھي تھ ٻوليون تبديل جي عمل کان ٻاھر نھ آھن ۽ اھي بھ تبديل ٿينديون ٿيون رھن، تڏھن اسان اھا تبديل ڏسي ڪونھ ٿا سگھون. البت اھا تبديل اسان پاڻ ٻوليءَ جي وياڪرڻي ۽ پنج گھڙ جي طريقن سان محسوس ڪري ٿا سگھون. مثال طور ڪنھن دور ۾ لفظ ڪم آيو ”وڃيجاه“ يا ”مارئين“ يا ”ڪجِ“ تھ ھاڻي اسان وٽ انھن جي شڪل درجي وار آھي. ”وڃجانءِ“ يا ”مارن وٽ“ ۽ ”ڪر“. ھاڻي ڏسڻو ھي آھي تھ ھيءَ تبديلي ڪيئن عمل ۾ آئي. ھن طرح اسان کي ھڪ وسيلي ۽ طريقي جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي.

غور ڪبو تھ معلوم ٿيندو تھ ھن ڪم لاءِ اسان سنڌي زبان جو ڪوبھ ھڪ دور مقرر ڪري پوءِ اھو نوٽ ڪريون تھ ان مخصوص دور ۾ حرفي ۽ صوتياتي جوڙجڪ ۽ فائلي ۽ مفعولي حالتون ڪھڙيون ھيون. ھن طرح جي ٻولي اسان وٽ ھڪ ڌر يا ھڪ نمونو Sample بڻجي پوندي. ان کي مقرر ڪرڻ کان پوءِ اسان ساڳئي ئي اصول مطابق ٻوليءَ جو ڪو ٻيو دور وٺي ان دور جي زبان جو اڀياس بھ ساڳيءَ طرح ڪنداسون تھ ان طرح اسان کي ٻوليءَ جو ھڪ ٻيو نمونو Sample ملي ويندو.

پوءِ انھن ٻن نمونن کي لسانياتي گھرجن ۽ فائدن پٽاندر پيش ڪنداسون ۽ اسان اھو ڏسي سگھنداسون تھ ھڪ ئي زبان ۾ ھڪ ئي دور گذرڻ کان پوءِ ڪھڙيون تبديليون نمايان طور تي نظر اچن ٿيون ۽ ٻيو تھ اھي تبديليون ٻوليءَ جي ڪھڙي شعبي ۾ اچن ٿيون، يعني اھي صوتياتي آھن، جوڙجڪي آھن، ڇيد واريون آھن يا صرف لھجي واريون آھن. جيڪڏھن اھي سڀ نمونا ملن تھ پوءِ نتيجو نرالو نڪرندو ۽ جي انھن مان ڪوبھ نھ ملي تھ بھ نتيجو نرالو نڪرندو ۽ جيڪڏھن ڪي لڀن ۽ ڪي نھ لڀن تھ بھ نتيجا نرالا نڪرندا، پر ھن طرح لسانياتي تبديلي معلوم ضرور ٿيندي. ھن طرح جڏھن ٻوليءَ جي باري ۾ وقت ۽ حالتن جو تعلق قائم ٿيندو، تڏھن ھرھڪ حالت لاءِ وقت جو تعين ڪري سگھبو. ھن طرح ھن طريقي کي ٻوليءَ جي گھڙيال وارو طريقو چئبو.

ھن طريقي جي وسيلي اھو بھ معلوم ڪري ٿو سگھجي تھ مثال طور حضرت لطيف جي حيات مبارڪ جي فلاڻي سال ۾ سندس شاعريءَ ۾ ڪل ھيترا لفظ ڪم آيا، انھن مان ھرھڪ ھيترا ڪي ھيترا دفعا ڪم آيو. پوءِ سال ١٩٨٨ع ۾ انھن مان ھيترا لفظ کٽا، وڌيا، مري ويا يا لڪي ويا يا مفلوج ٿي ويا. ھنن حالتن مان ھرھڪ جي لاءِ دليل قائم ڪبو تھ ٻوليءَ جي حياتيات کان ڪم وٺبو يا ٻوليءَ جي ارتقا جي اصولن کان ڪم وٺبو، جن جي باري ۾ اسان اڳ ۾ لکي آيا آھيون.

ھن طرح لفظن جي تبديل، استقلال، ۽ موت جي باري ۾ نظريا ۽ قاعده قائم ڪري سگھبا. ھن طرح نئينءَ تحقيق جو بنياد وجھي سگھجي ٿو. ھن ليکڪ سال ١٩٧١ع ڌاري پنھنجي ھڪ مضمون ”ٻولي ۽ آواز“ ۾ حال کان ماضيءَ ڏانھن وڃڻ ۽ ماضيءَ کان حال ڏانھن اچڻ جي ٻن تحقيقي نمونن جو ذڪر ڪيو ھو، پر ھن باري ۾ پوءِ ڪا چرپر ڪانھ ٿي.

اسان جنھن طريقي جو بيان ھت ڪيو آھي، ان کي گلوٽو ڪرونولاجي Glotto Chronology چيو ٿو وڃي. ھي اصطلاح يوناني ٻوليءَ مان نڪتو آھي. يونانيءَ ۾ Glotta معنيٰ ”زبان“ ۽ Chronos معنيٰ ”وقت“ سڄي لفظ جي معنيٰ تي ”وقت جي زبان جو طريقو“. جنھن کي اسان ٻوليءَ جو گھڙيال سڏيو آھي.

ٻوليءَ جي سون خصوصيتن ۽ ان جي موت ۽ زندگيءَ جي قانونن ۽ طريقن تي اسان پنھنجي تحقيقي مقالي ۾ بحث ڪري آيا آھيون. ھن باري ۾ اسان ڇھن ڳالھين تي بحث ڪيو آھي. اھي يادگيريءَ لاءِ ھيٺ ڏيون ٿا:

(١) مھارت

(٢) عموميت

(٣) تباھي Deterioration

(٤) وڌاءُ Elevation

(٥) تشبيح ۽ استعارو Analogy and Metapher

(٦) عام آزادي Folk Etymology

(ماھوار ”ساڃاھھ“ حيدرآباد، سيپٽمبر، ١٩٩٣ع)