سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون (جلد III)

ڪتاب جو نالو سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون (جلد III)
ليکڪ ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو
سنڌيڪار / ترتيب آزاد انور ڪانڌڙو
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-09-3
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (487) PDF  E-Pub
انگ اکر

29 October 2019    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     8878   ڀيرا پڙهيو ويو

ٻوليءَ جو ٻٽو سرشتو (Bilingualism)


(١) ٻٽي سرشتي جو مطلب ڇاھي؟

بنيادي طور تي انسان جو ذھن پنھنجي اوسر واري دؤر ۾ فقط ھڪڙي ٻولي سکڻ جي قابل ۽ لائق آھي. اھوئي سبب آھي جو ٻار پنھنجي ٻالپڻي واريءَ وھيءَ ۾ جيڪي بنيادي آواز ۽ اچار ڪري ٿو، سي سڀ ھڪڙيءَ ئي ٻوليءَ جا بنيادي آواز ۽ اچار ھوندا آھن. مثال طور سنڌ ۾ پيدا ٿيل ٻار منڍ ۾ آ، با، بَان، مان ۽ ان جا اچار ڪري ٿو. غور ڪبو تھ معلوم ٿيندو تھ ٻار جا اھي آواز يا اچار جيڪي ھو بيخبريءَ ۾ يا ڪنھن مقصد کان سواءِ ڪري ٿو سي سنڌي ٻوليءَ جي ڍانچي جا بنيادي آواز آھن؛ توڙي جو ھنن آوازن ڪرڻ وقت ٻار ڪابھ ٻولي ڪانھ ٿو ڳالھائي. اھا ڳالھھ يقين جھڙي آھي تھ ٻار ڪنھن نھ ڪنھن ٻوليءَ جي ڳالھائڻ لاءِ ادم ڪري رھيو آھي ۽ ھن حالت ۾ اھڙن اچارن ڪرڻ وارو ٻار اڳتي ھلي سنڌي ٻولي ڳالھائڻ وارو ٻار ٿيندو.

ھن قسم جو اڀياس ڏيکاري ٿو تھ:

الف- ٻار پنھنجي بنيادي صلاحيت جي لحاظ کان منڍ ۾ فقط ھڪڙي ٻولي سکڻ جي لائق آھي.

ب- اھا ھڪڙي ٻولي جا ٻار منڍ ۾ سکي ٿو. سندس آسپاس، ماحول ۽ سندس ماءُ واري ٻولي آھي، سا ھن جي ٻالپڻي واري شخصيت (Child personality) ۾ ھڪ سڀاويڪ ڳالھھ (Natural Factor) آھي. جيڪا ٻار جي سڄي ۽ پوري شخصيت کي ٺاھڻ ۾ مدد ڪري رھي آھي.

ٻار جا بنيادي اچار ۽ آواز لفظن جا ”ضروري پد“ ھوندا آھن. ھي پد ٻين پدن کان وڌيڪ طاقتور ھوندا آھن. مثال طور ”ابا“ لفظ ۾ ضروري ۽ طاقتور پد آھي ”با“ ۽ اھوئي آواز آھي جيڪو ٻار بنيادي طور تي ڪري ٿو.

ٻي ڳالھھ تھ ٻار جا بنيادي آواز ڊگھا ھوندا آھن.

مثال طور: ٻار بَ ۽ ا وارن اچارن کان اڳ ۾ ”با ۽ آ“ وارا اچار ڪري ٿو. ھن مان پڌرو ٿو ٿئي تھ ٻار جا پھريان اچار رڙ ۽ ڪوڪ کي ويجھا ھوندا آھن! جن جو آواز ڊگھو ٿو ٿئي. ڇاڪاڻ تھ ھنن آوازن ڪرڻ ۾ ساھھ ڊگھو ٿو کڄي ان ڪري ٻار کي ڊگھا آواز ڪرڻ ۾ آساني بھ ٿئي ٿي.

ٽين ڳالھھ تھ بار جڏھن لفظ ٿو اچاري تڏھن ڏسجي ٿو تھ پھريان لفظ جيڪي ھو اچاري ٿو سگھي، سي اھي لفظ آھن جن ۾ ھن جا اچاريل بنيادي آواز يا پد چٽا ۽ ظاھر آھن. مثال طور سنڌي ٻار پھريان لفظ جي اچاريندو سي ھوندا ابا، اما، ماما، وغيره. ھنن لفظن ۾ ڏسبو تھ با ۽ ما وارا ڊگھا آواز جيڪي ٻار منڍ ۾ ڪندو ھو سي چٽا ۽ نمايان آھن.

ھن قسم جو اڀياس ڏيکاري ٿو تھ:

(١) ٻوليءَ جو مامرو ٻار جي سڀاءَ جو مامرو آھي.

(٢) ٻوليءَ جو مامرو ٻار جي ماحول جو يا سماج جو مامرو آھي.

(٣) سڀاويڪ طور تي ٻار جي ٻوليائي قابليت (Linguistic ability) وڌيڪ مضبوط ۽ اتم فقط انھيءَ ٻوليءَ ۾ ٿئي ٿي جا ھو ٻالپڻي ۾ اچاري ۽ اوري ٿو.

ھن طرح سان ٻار جيڪا ٻولي ٻالپڻي ۾ اوري ۽ ٻاراڻي اوسٿا ۾ ڳالھائي ٿو سا ھن جي پھرين ٻولي ٿي سڏجي. جيڪڏھن ڪو ماڻھو فقط پنھنجي پھرين ٻولي، جنھن کي مادري ٻولي سڏيو ويو آھي، پنھنجي سڄي ڄمار ۾ سکندو ۽ ڳالھائيندو ھلي ۽ ھي ڪم ”سڀاويڪ طريقن سان“ ٿيندو ھلي تھ اھو ماڻھو فقط ھڪڙي ٻولي ڳالھائڻ وارو (Mono lingual) سڏيو ويندو.

پر جيڪڏھن ٻار کي ٻولي سيکارڻ ۾ ھٿراڌو طريقا اختيار ڪيا ويندا تھ انھيءَ ڳالھھ جي گنجائش نڪري پوندي ۽ جاءِ پيدا ٿي پوندي تھ ٻار پنھنجي ٻوليائي اوسر ۾ ڪنھن نھ ڪنھن ٻوليءَ سان لھھ وچڙ ۾ اچي وڃي.

ھٿراڌو طريقن مان پھريون طريقو اھو آھي تھ ماڻھو پنھنجي خيال، سوچ فڪر ۽ ويچار کي ڪنھن اھڙي ٻئي ماڻھوءَ تائين پھچائي جيڪو سندس ٻولي يا مادري ٻولي نھ سمجھندو ھجي. وڏي ۽ ويڪري دنيا جڏھن ويڙھجي سيڙھجي ننڍڙي اصل کينھوءَ جھڙي ۽ ننڍڙي ٿي وئي، تڏھن ھڪڙي ٻوليءَ ڄاڻڻ وارا ماڻھو ھڪ کان وڌيڪ ٻوليون سکڻ لڳا ۽ ھرڪو پنھنجي سڀيتا ساھت، ويچار ۽ پراڻ کي کڻي ٻئي جي گھر لنگھي ويو ۽ ھن تائين پنھنجو خيال ھن جي ئي پنھنجي ٻوليءَ ۾ پھچائڻ جي خيال کان ٻي ٻولي سکڻ لڳو.

ھيءَ نوبت انھيءَ حد تائين پھتي جو آخر ھڪڙي ئي ملڪ ۽ ھڪڙيءَ ئي قوم ۾ انيڪ ۽ اڪيچار اھڙا ماڻھو پيدا ٿيا جي ھڪ کان وڌيڪ ٻوليون ڳالھائڻ لڳا. پر ھي مامرو اڃا بھ اڳتي ھليو، تان جو حڪومتن پنھنجي تعليمي نظامن ۽ پنھنجن سرڪاري ۽ منصبي ڪمن ڪارين ۾ ھڪ کان وڌيڪ ٻولين جو استعمال ڪيو، اھڙيءَ ريت ھڪ ”سرشتو“ پيدا ٿيو جنھن ۾ ھڪڙي ئي ملڪ ۽ ھڪڙيءَ ئي قوم ۾ ھڪ کان وڌيڪ ٻولين جو استعمال ٿيڻ لڳو، اھڙيءَ ريت ٻوليءَ جو ٻٽو سرشتو وجود ۾ آيو.

(٢) پھرين ٻولي ۽ ٻي ٻولي:

جيئن مٿي ڏيکاريو اٿم، ٻار جي پھرين ٻولي ھن جي ماءُ جي، ھن جي آسپاس جي، ھن جي گروھھ يا ھن جي ويڙھھ جي ٻولي آھي. پر ٻار جي ٻي ٻولي اھا آھي جيڪا ھو ڪن ضرورتن جي ڪري ھٿراڌو طريقن مان سکي ٿو، جن مان رسمي تعليم (Formal education) بھ ھڪ طريقو آھي.

رسمي تعليم کان سواءِ ڪٿي ڪٿي ائين بھ ٿيو آھي جو ڪي ماڻھو ھڪ ئي ھنڌ تي ھڪ کان وڌيڪ ٻوليون سکي ويا آھن، ڇوتھ جدا جدا ٻولين ڳالھائڻ وارا ان ھنڌ تي ھڪٻئي سان تمام ويجھي ۽ گھاٽي لاڳاپي ۾ رھيا آھن. ھن طرح جي لاڳاپي جا مثال سئزرلينڊ ۽ ڪئناڊا وارا ملڪ آھن. سنڌ ۾ بھ اردوءَ جي رواج جو سبب ويجھو ۽ گھاٽو لاڳاپو آھي. اھا ٻي ڳالھھ آھي تھ ھن لاڳاپي جو اثر اصولي ۽ سڀاويڪ نھ نڪتو آھي. ڪن بھ ٻن ٻولين ڳالھائڻ وارن جي ويجھڙي لاڳاپي جو اثر اھو نڪرڻ گھرجي تھ ٻولين جي وچ ۾ رڳو ”ڏيڻ“ نھ، پر ”ڏيڻ ۽ وٺڻ“ وارو سرشتو قائم ٿي وڃي. ھن سرشتي ۾ جدا جدا ٻولين جي ڳالھائڻ وارن جو تعداد ھڪڙيءَ ئي رفتار سان وڌندو رھندو آھي، انگريزيءَ جو بھ سنڌيءَ سان پاند اٽڪيو ھو. انگريز سنڌ ۾ تمام ٿورا آيا ۽ تمام ٿورڙا ھت گھر ڪري ويھي رھيا ھئا، پر تھ بھ جيترا بھ آيا انھن سنڌي ٻولي سکي، انھيءَ حالت ۾ جيڪڏھن انگريزي ۽ سنڌي ڳالھائڻ وارن جو تعداد ھڪ رفتار سان نھ وڌيو تھ ان جو واجبي سبب موجود آھي. وري انگريزن ۽ سنڌين يا مقامي ماڻھن جا سماجي مامرا ۽ قومي اقتصادي ۽ پنگتي مامرا بھ جدا جدا ھئا؛ ان ڪري اھو ممڪن ئي نھ ھو تھ ھو ٻيئي طبقا ھڪٻئي جي ٻوليءَ سکڻ جي وسيلي ھڪٻئي جي تمام ويجھڙو اچڻ قبول ڪن يا پسند ڪن.

وري ھڪڙي ھيءَ ڳالھھ بھ آھي تھ انگريزيءَ وارو انگريز پنھنجي گھر ۾ ويھي پاڻ کي ڌاريو سمجھندو ھو. ھن جو بنيادي ويچار اھو ھو تھ ھو انگريز تھذيب يا يورپي تھذيب ۽ انگريزي سياسي نظرين ۽ انگريزي قومي ضرورتن ۽ تقاضائن جي پوري ڪرڻ لاءِ تمام پري ايشيا جي ھڪ ڪنڊ ۾ ھڪ اڻسڌريل گرم ۽ خشڪ ملڪ ۾ فقط پنھنجي فرض کي پوري ڪرڻ ۽ حڪمرانيءَ واريءَ جوابداريءَ کي منھن ڏيڻ لاءِ ويٺو آھي، وري ھڪڙي ھيءَ ڳالھھ بھ ھئي تھ گوري ۽ ڪاموري کي پتو ھو تھ ھو روءِ زمين جو بادشاھھ ھو ۽ ھن جا مٿيان حاڪم ھن کي زمين جي ھن ٽڪري کان ڪنھن ٻئي ٽڪري تائين بھ موڪلي ٿي سگھيا، اھڙي حالت ۾ ھو ڪنھن مقامي ٻوليءَ کي سکي ڀلا ڇا ٿي ڪري سگھيو.

”راجا ۽ پرجا“ واري تصور کان سواءِ ھڪڙي ھيءَ ڳالھھ بھ ھئي تھ اوڻيھين صديءَ ۾ جمھوريت جي اوسر ۽ ويھينءَ صديءَ جي مقبوليت گوريءَ سرڪار کي اھا مت ڏني ھئي تھ ھڪڙي ڏينھن جمھوريت سندن خلاف جھنڊو کڻندي ۽ ’راجا راڄ‘ جي بجاءِ ’سوراج‘ جي حڪومت ٺھي پوندي. تنھن ڪري کين ملڪ کي ڇڏڻو ۽ ڀڄڻو پوندو ان ڪري جيڪڏھن انگريز سنڌي نھ سکيو تھ بھ ان جا سبب ڪافي مضبوط آھن.

باقي ھونئن اصول اِھو آھي تھ لاڳاپي جي ڪري جيڪڏھن ڪنھن ھنڌ تي ٻھ ٻوليون استعمال ڪيون وينديون، تھ پوءِ ترقي ٻنھي جي ٿيندي. پر شرط اھو آھي تھ حالتون اھڙيون نھ ھجن جھڙيون انگريزن واري زماني ۾ سنڌ ۾ ھيون.

فقط ھڪڙي ٻولي ڳالھائڻ وارو ملڪ تھ دنيا ۾ شايد ئي ڪو ھجي، پر اھڙا ملڪ ضرور آھن، جتي تمام گھڻا ماڻھو رڳو ھڪڙي ٻولي ٿا ڳالھائين ۽ تمام ٿورا ماڻھو آھن، جيڪي ھڪ کان وڌيڪ ٻوليون ڳالھائين ٿا. چين تمام گھڻن ماڻھن وارو ملڪ آھي، پر ھن ملڪ جا تمام گھڻا ماڻھو رڳو ھڪڙي ٻولي ٿا ڳالھائين.

دنيا ۾ اھڙا ملڪ تھ ڪيترائي آھن، جيڪي فقط ھڪڙي ٻوليءَ کي وڏي ۾ وڏي اھميت ڏين ٿا. توڙي جو انھن ملڪن ۾ ھڪ کان وڌيڪ ٻوليون بھ ڳالھايون ٿيون وڃن. جپان، جرمني، فرانس، انگلينڊ اھڙن ملڪن جا مثال آھن. آمريڪا بھ اھڙن ملڪن ۾ شامل آھي.

دنيا ۾ شايد ئي ڪو اھڙو ملڪ ھجي جتي مقامي ۽ ٻاھرين ٻوليءَ کي ھڪجھڙي حيثيت حاصل ھجي، ڇوتھ پھرين ٻولي ۽ ٻي ٻوليءَ جا ڪارج جدا جدا آھن.

(١) پھرين ٻوليءَ جا ڪارج:

پھرين ٻوليءَ جون پھريون ڪم آھي ٻار ۾ ٻولي سکڻ جي بنيادي صلاحيتن کي وڌائڻ ۽ مضبوط ڪرڻ. ٻوليءَ جي اڀياس مان اڪابرن اھو نتيجو ڪڍيو آھي تھ ٻار پھرين ٻوليءَ ۾ ڀڙ ٿيڻ کان سواءِ ٻي ڪابھ ٻولي آسانيءَ سان سکي نٿو سگھي. اھو ئي سبب آھي جو دنيا جي جدا جدا تعليمي نظامن ۾ پھرين ٻوليءَ کي وڌيڪ اھميت ڏني وڃي ٿي.

(٢) پھرين ٻوليءَ جو ٻيو ڪم آھي ڪلچري روايتن (Cultural traditions) کي سانڍڻ ۽ قائم رکڻ جو.

ھي روايتون خود ٻوليءَ ٺاھڻ ۾ مدد ڪن ٿيون ۽ پاڻ ٻوليءَ جي ترقيءَ ۾ ڀاڱي ڀائيوار رھن ٿيون (ھن باري ۾ وڌيڪ پنھنجي ھڪ ٻئي مضمون ”ٻولي ۽ ڪلچر“ ۾ لکيو اٿم.)

(٣) ڪلچري روايتون ڪنھن گروھھ، ملڪ ۽ سماج جي سڀني ماڻھن جي گڏيل ماحول، سماجي ڀائيچاري، ڍنگ ۽ اتم ڪارڪردگيءَ جون اھي روايتون آھن جن جي بنياد تي ڪا قومي، ملڪي ۽ سماجي زندگي پيدا ٿئي ٿي. ھن جو مطلب اھو آھي تھ پھرين ٻولي قومي ملڪي ۽ سماجي زندگيءَ جو سڀ کان پھريون شرط آھي.

(٣) پھرين ٻوليءَ جو ٽيون ڪم آھي بنيادي اظھار (Innate expression) ۽ سوچ (Thinking) جي ضرورتن پوري ڪرڻ لاءِ جمالياتي، روحاني توڙي سماجي ۽ پنگتي وسيلا موجود ڪري ڏيڻ. ھن وسيلن مان تمام مضبوط، اھم ۽ طاقتور وسيلو آھي شعر. تمام وڏي ۽ شاعراڻي خصوصيتن وارو شعر جمالياتي ضرورتون پوريون ٿو ڪري ۽ سماج جي تنقيد ۽ ھارايل جي طرفداريءَ وارو شعر سماجي ضرورتون پوريون ٿو ڪري.

ان ڪري پھرين ٻوليءَ جي صحيح ۽ ضروري طور تي استعمال جي لاءِ ان ۾ شعر جو وڏو ذخيرو ھئڻ تمام ضروري آھي. شعر کان خالي يا ان لحاظ کان کٽل ۽ اڻ پوري اڌوري ۽ سڃي ٻولي سماج ۾ اثرائتو ڪردار ادا ڪري نٿي سگھي.

(٤) منھنجي خيال ۾ پھرينءَ ٻولي جو چوٿون ڪم آھي قومي ادب کي پيدا ڪرڻ جو. قومي ادب فقط پھرين يا مادري ٻوليءَ ۾ پيدا ڪري ٿو سگھجي. اھا منھنجي راءِ آھي، پر ان لاءِ مون وٽ ڪي دليل بھ آھن:

(١) سڀ کان پھريون دليل تھ اھو آھي تھ پھرين ٻولي ڪنھن سماج ۾ ”قوميت“ واري شعور، تصور ۽ احساس لاءِ بنيادي شرط آھي. (جيئن مٿي عرض ڪيو اٿم).

(٢) قومي ادب قوم جي بنيادي تقاضائن تي ٻڌل ھوندو آھي، جن مان پھرين تقاضا آھي ڪلچر جي سنڀال ۽ ان جو ڦھلاءُ. ھاڻي ڇاڪاڻ تھ ڪلچر فقط پھرين ٻوليءَ ۾ جاءِ وٺي ٿو سگھي، ان ڪري قومي ادب بھ فقط پھرين ٻوليءَ ۾ پيدا ڪري سگھجي.

(٣) قومي ادب جو مطلب آھي عام ادب Popular literature پيدا ڪرڻ. ظاھرا عام ادب يا مقبول علم ادب يا اھو ادب جيڪو ھڪ گروھھ، قوم يا سماج ۾ وڌ ۾ وڌ مقبول ھجي، اھو فقط ان ٻوليءَ ۾ پيدا ڪري سگھيو جيڪا وڌ ۾ وڌ طاقتور وسيلي جي صورت ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪري سگھندي. اھا ٻولي پھرين ٻولي ئي ھوندي.

(٤) قومي ادب جو ھڪڙو ڪم آھي قوم جي اسرندڙ وڌندڙ ۽ متحرڪ جمالياتي، قومي ۽ سماجي وٿن کي محفوظ رکڻ ۽ انھن جي ڪم ڪرڻ واري حيثيت ۾ صلاحيت کي وڌائڻ. ظاھر آھي ڪم بھ پھرين ٻوليءَ کان وڌيڪ ۽ بھتر ڪنھن ٻيءَ ٻوليءَ ۾ ڪري ڪونھ ٿو سگھجي.

پھرين ٻوليءَ جا اھي چار وڏا ڪم تھ اھڙا آھن جن ۾ ھوءَ ڀائيچارو قبول ڪري ئي نٿي سگھي. انھيءَ ڪري اھو تمام ضروري آھي تھ ٻوليءَ جي حيثيت تي فيصلي صادر ڪرڻ کان اڳ ۾ انھن ڳالھين تي ويچار ڪيو وڃي.

ھن باري ۾ ٻي ٻوليءَ جو جيڪو دائرو ٿي ٿو سگھي، ان لاءِ ھيٺيون ڳالھيون خيال ۾ رکڻ جھڙيون آھن:

١- ٻئي سرشتي کي اختيار ڪرڻ کان اڳ ۾ ئي اھو ڏسڻ جڳائي تھ پھرين ٻوليءَ ۾ اھي ڪھڙيون اوڻايون يا گھٽتايون آھن، جن جي ڪري اھو ضروري ٿي پيو آھي تھ ڪاروبار کي بھتر طريقي سان ھلائڻ لاءِ پھرين ٻوليءَ سان گڏ ڪنھن ٻي ٻوليءَ کي بھ رائج ڪيو وڃي. مثال طور انگريزيءَ کي جڏھن مقامي ٻولين جي مقابلي ۾ رائج ڪيو ويو ھو تھ ان جا ڪي سبب بھ ڏنا ويا ھئا، اھي سبب ھيٺيان آھن:

(١) مقامي ٻوليون اڃا ترقيءَ جي ابتدائي دؤر مان لنگھي رھيون ھيون، ان ڪري منجھن ادبي يا ٻوليائي مواد ۽ صلاحيت ايتري نھ ھئي، جيتري ان وقت انگريزيءَ کي ھئي.

(٢) انگريزي ٻولي رائج ڪرڻ جي ڪري تمام گھڻن انگريزن کي سرڪاري عھدن ماڻڻ ۽ ھلائڻ ۾ مدد ملي رھي ھئي، جيڪڏھن رڳو مقامي ٻوليءَ تي ڀاڙي ويھي رھجي ھا تھ عھدن ۾ وڏو حصو مقامي ماڻھن جو ٿي وڃي ھا، جا ڳالھھ گوري سرڪار کي نٿي وڻي.

(٣) انگريزي ڏيساور ۽ ولائتن ۾ بھ ڳالھائي ٿي ويئي ۽ سمجھي ٿي ويئي، پر مقامي ٻولين جو دائرو انگريزيءَ جي مقابلي ۾ تمام ٿورو ھو.

(٤) ملڪ ۾ تعليم جي سھولتن جي ڏاڍي کوٽ ھئي ۽ اعليٰ درجي جي تعليم تھ بلڪل اڻلڀ ھئي، ان ڪري ملڪي ماڻھن کي تعليم لاءِ ٻاھر وڃڻو ھو ۽ ٻاھر وڃڻ ۽ پڙھڻ لاءِ انگريزيءَ کان سواءِ ٻيو ڪو ذريعو موجود نھ ھو.

(٥) حڪومت جي نئين نظام ۾ نون عھدن لاءِ تمام گھڻن پڙھيل ماڻھن جي ضرورت ھئي، پر ملڪي ماڻھو تمام ٿورا اھڙا ھئا، جيڪي پڙھيل ھئا، ان ڪري تڪڙي ڀرتيءَ لاءِ انگريزيءَ پاڙھڻ جو ڪم تمام ضروري ھو.

(٦) انگريزي ڇاڪاڻ تھ نھ مقامي ٻولي ھئي ۽ نھ مادري ٻولي، ۽ خود گوريءَ سرڪار کي پتو ھو تھ مادري ۽ مقامي ٻوليءَ کان سواءِ ملڪ جو آئيندو روشن ٿي نٿي سگھيو، ان ڪري ملڪ ۾ ٻوليءَ جو ٻٽو سرشتو رائج ڪيو ويو، جنھن ۾ مقامي ۽ انگريزي ٻولين کي ھڪجھڙا حق حاصل رھيا.

اھڙيءَ طرح ھر انھيءَ ملڪ ۾ جتي ٻٽو سرشتو رائج ڪيو ويندو آھي، اھو ڏٺو ويندو آھي تھ مقامي ۽ پھرين ٻوليءَ جون گھٽتايون ڪھڙيون آھن ۽ ٻوليءَ جي رائج ڪرڻ جا سبب ڪھڙا آھن ۽ ضرورتون ڪھڙيون آھن.

٢- جيڪڏھن ڪنھن ھنڌ سياسي سببن جي ڪري اھو ضروري ٿي پوي تھ ھڪ کان وڌيڪ ٻوليون رائج ڪيون وڃن تھ پوءِ ڏسڻ گھرجي تھ خود سياسي اعتبار کان ملڪ کي ڪھڙو فائدو پھچندو. ھيءَ صورتحال گھڻو ڪري انھن ملڪن ۾ ٿي پيدا ٿئي، جتي ھڪ کان وڌيڪ ٻوليون مڃيل حيثيت وٺي ظاھر ٿيون ٿين، ھن حالت ۾ جيڪڏھن ٻن گروھن ۾ سٺي لاڳاپي لاءِ ٻن ٻولين جو رواج ضروري ھجي تھ پوءِ ھن باري ۾ سياسي اعتبار کان سوچڻ غلط نھ آھي، پر جيڪڏھن سٺو لاڳاپو ٻئي سرشتي کان اڳ ۾ ئي موجود ھجي يا اھڙو لاڳاپو ٻئي سرشتي جو محتاج نھ ھجي تھ پوءِ ٻارن جي صلاحيتن جي قيمت تي ٻٽي سرشتي جو رواج جائز ڄاڻائي نٿو سگھجي.

٣- وري اھو بھ ڏسڻ گھرجي تھ ٻٽو سرشتو ڪٿي ڪلچري تصادم (Cultural conflict) جو سبب تھ نھ ٿي پوندو! انگريزيءَ جي رواج جي حالت ۾ بھ ڪلچري تصادم ٿيو ھو، پر انگريز جي رواداري ۽ حڪمت عمليءَ جي ڪري ھن تصادم باھھ ڪانھ لڳائي ۽ سون سالن کان پوءِ مس وڃي مقامي ماڻھن انگريزي طريقن کي اختيار ڪيو، پر ھن حالت ۾ بھ انگريزي ٻوليءَ جي ناڪامي اھڙي ڳالھھ آھي، جنھن مان سبق حاصل ڪرڻ تمام ضروري آھي.

ٻوليءَ جو ٻٽو سرشتو ڪلچر جي ٻٽي سرشتي اختيار ڪرڻ کان سواءِ رائج ڪري نٿو سگھجي. انگريزيءَ جي ناڪاميءَ جو سبب فقط اھو آھي تھ اسان ڪلچر جي ٻٽي سرشتي کي قومي حيثيت سان قبول نھ ڪيو ھو.

ان ڪري اھو ظاھر آھي تھ ٻوليءَ جي ٻٽي سرشتي مان ڪلچري تصادم ڪڏھن بھ ٽاري نٿو سگھجي، ۽ اھو بھ ظاھر آھي تھ ٻٽي سرشتي مان ڪلچري تصادم ضرور پيدا ٿيندو.

جيڪڏھن ڪنھن ھنڌ تي اھو ڏٺو وڃي تھ تمام ضروري ۽ اڻٽر سببن جي ڪري (ھي سبب مون مٿي ڏيکاريا آھن) ٻوليءَ جو ٻٽو سرشتو رائج ڪرڻو آھي تھ پوءِ ڪلچري تصادم کي ٽارڻ جا اپاءَ بھ اڳ ۾ وٺڻ گھرجن.

ھن تصادم کي ٽارڻ جا ممڪن طريقا فقط ٻھ آھن:

(١) ٻٽي سرشتي وارين ٻنھي ٻولين مان ھرھڪ جو دائرو ۽ ان جون ضرورتون مقرر ڪري ڇڏڻ.

(٢) ڪنھن بھ ھڪ گروھھ جي ڪلچري برتري ۽ وڏائيءَ کي قبول ڪرڻ.

ظاھر آھي ھن حالت ۾ فقط پھريون طريقو ئي ممڪن آھي، ڇوتھ ٻيو طريقو ايترو مشڪل آھي جو خود حڪومتون بھ انھيءَ مامري ۾ ڪامياب ٿي ڪونھ سگھيون آھن.

انگريزيءَ جي حالت ۾ انگريزي سرڪار جي ھڪ چوڻيءَ مطابق ”سيزرس کي ايترو ڏنو جيترو، سيزرس جو حق ھو، ۽ خدا کي ايترو ڏنو جيترو خدا جو حق ھو“، ان ڪري ان دؤر جو ٻٽو سرشتو ھاڃيڪار نھ ٿيو.

٤- وڏو خطرو.

ٻوليءَ جي ٻٽي سرشتي ھلائڻ جي نقصانن ۽ فائدن تي پوري دنيا ۾ ٽيڪا ٽپڻي ٿيندي رھي آھي. ٻوليءَ تي تحقيق ڪرڻ وارن عالمن بھ ھن مامري تي سوچيو آھي ۽ دنيا کي ھن خطري کان آگاھھ ڪيو آھي. ھن ھيٺ آءٌ پڙھندڙن جي پنھنجي ويچارن لاءِ ھڪ اڪابر جا لفظ بھ ڏيئي رھيو آھيان:

”ٻولي ماڻھوءَ جي ذات ۽ قوميت سان تمام ويجھو لاڳاپو رکي ٿي، ان ڪري اِھو ڏٺو ويو آھي تھ بادشاھھ ۽ شھنشاھھ (ڏاڍا مڙس) پنھنجي حڪومتن جي حدن اندر پنھنجي رعيت تي پنھنجون ٻوليون ڏاڍ مڙسيءَ سان مڙھيندا آھن. ڪم عقلي ۽ اڻڄاڻائيءَ جي ڪري اھي ماڻھوءَ انھيءَ ڳالھھ تي ويچار ڪري نھ سگھندا آھن تھ ٻوليون ڇو ٿيون سيکاريون وڃن ۽ ڪيئن ٿيون سيکاريون وڃن. تاريخ اھڙن واقعن سان ڀري پئي آھي، جنھن ۾ ارھھ زور طبقو ھيڻي طبقي تي پنھنجي ٻولي مڙھي رھيو آھي ۽ ھيڻو طبقو پنھنجي ٻوليءَ جو بچاءُ ڪري رھيو آھي ۽ ڏاڍ مڙسيءَ جو مقابلو ڪري رھيو آھي. اھڙيءَ ڇڪتاڻ جي ڪري ھڪ ڌڪار جنم وٺي ٿي، پکڙجي ٿي وڃي ۽ پوءِ صدين تائين پنھنجو اثر قائم رکندي ٿي اچي. ڏاڍن مڙسن جا اھڙا ڪارناما ناڪام ٿي ويا آھن. ياد رکڻ گھرجي تھ ٻولين جي عمر بادشاھتن ۽ حڪومتن جي عمر کان وڏي ٿيندي آھي.“

ھي آھي عالم ۽ اڪابر رابرٽ لاڊو، جيڪو جارج ٽائون يونيورسٽيءَ جي ٻولين واري شعبي ۾ ڊين آھي.

(ڏسجي سندس ڪتاب ”ٻوليءَ جي سکيا“ Language Teaching page 17-18.)

ظاھر آھي مقامي ٻولي ڪنھن بھ غلبي ۽ برتريءَ جي اثر ھيٺ تھ رھي سگھي ٿي، پر ختم ٿي نٿي سگھي. پر جيڪڏھن انھيءَ ڳالھھ کي سمجھيو وڃي، جيئن رابرٽ لاڊو چيو آھي تھ ٻولين جي سيکارڻ جي ضرورت ڪھڙي آھي تھ شايد ھي خطرو ٽري وڃي.

٥- ٻوليءَ ۽ ضرورت:

مناسب ۽ موزون ٿيندو جيڪڏھن ٻھ لفظ ٻوليءَ جي ضرورت ۽ اھميت تي بھ لکي ڇڏجن تھ جيئن ٻٽي سرشتي جو سڄو معاملو سمجھھ ۾ اچي وڃي.

شين جي واپري، استعمال ۽ جوڙ جا سبب انسان جي تاريخ پڙھڻ سان فقط ٻھ ٿا ملن. (١) ضرورت (٢) سھولت. سڀيئي ايجادون ھنن ٻن محرڪن جي ڪري ٿيون آھن ۽ جيئن جيئن انساني معاملا وڌندا ويندا، تيئن تيئن نيون شيون ايجاد ٿينديون وينديون. زمين کيڙڻ جون مشينون ۽ اوزار، سفر ڪرڻ جون مشينون، اٽي، لٽي ۽ اجھي جي ضرورتن جي پورائيءَ لاءِ مشينون ۽ ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جي سھولت لاءِ مشينون، سڀ ضرورت ۽ سھولت جي دٻاءَ ھيٺ ايجاد ٿيون آھن.

ٻولي بھ انساني ضرورت ۽ سھولت جي ڪري پيدا ٿي آھي، ھن خيال کان ٻولي بھ ھڪ وسيلو آھي، ھڪ اوزار آھي، ھڪ عمل آھي، ۽ ھڪ طريقو آھي، جنھن سان انسان پنھنجون ڪي ضرورتون پوريون ٿو ڪري ۽ سھولتون حاصل ٿو ڪري.

ھاڻي وڌيڪ ڏسڻو آھي تھ انسان جون اھي ڪھڙيون ضرورتون آھن، جن جي پورائي ھو ٻوليءَ جي وسيلي ڪري رھيو آھي ۽ اھي ڪھڙيون سھولتون آھن، جيڪي ھو ٻوليءَ جي وسيلي حاصل ڪري رھيو آھي.

(١) بنيادي تھھ تھ آھي سوچ، سوچ کي انسان جي طبع جي روشني چئي ٿو سگھجي. سوچ جي پنھنجي طبع اھا آھي جو ويٺي ويٺي من ۾ ھڪڙو ڏيئو ٻري ٿو پوي، ۽ ماڻھوءَ جي آسپاس جي ڪائنات جون سڀ شيون حقيقتون ۽ مسئلا بڻجي ماڻھوءَ جي اڳيان اڀري ٿيون ورن. اھي شيون جيڪي اڳ ۾ اکرن جي ليڪن جيان ڏنگيون ڦڏيون ۽ بي معنيٰ ھيون، سي سوچ جي ڪري حقيقتون ۽ سچ بڻجي ٿيون پون. اکر اڳيان اڀري واڳون ٿي وريام. مامرا ۽ مسئلا جيڪي ماڻھوءَ جي پنھنجي جند سان واسطو رکن ٿا، سي انسان تي دٻاءُ ٿا وجھن ۽ ڄڻ کيس کائڻ ٿا اچن. اھي مسئلا ماڻھوءَ جي ھنيائن ۾ ھرن ٿا ۽ ڪنڊا ٿا چڀن. سيئي سيلھھ (ڪنڊا) ٿيام پڙھيام جي پاڻان.

انسان، سوچ جي انھيءَ چڀڪي، ھرکر ۽ دٻاءُ کي گھٽائڻ لاءِ وسيلو تلاش ڪيو ھو ۽ آخرڪار اظھار جي وسيلي يعني ٻوليءَ جي مدد سان ھن پنھنجي انھيءَ بار کي جھڪو ڪيو ھو. اھڙيءَ ريت ٻوليءَ جي پھرين ضرورت يا بنيادي ضرورت آھي اظھار جي.

سوچڻ ۽ ڳالھائڻ نفسياتي اعتبار کان جدا جدا نھ آھن. پر ڳالھائڻ جي ضرورت گھڻين ضرورتن کان نرالي آھي. انسان گھڻين ضرورتن جي پوري ڪرڻ ۾ خودمختيار آھي. کيس اختيار آھي تھ اھي ضرورتون پوريون ڪري يا نھ ڪري. ليڪن ڳالھائڻ جي معاملي ۾ انسان مجبور آھي. اھوئي سبب آھي جو ٻوليون انسان جي معاشري ۾ بنيادي حيثيت رکن ٿيون.

ھن ضرورت جي خيال کان ڪارگر وسيلو فقط انسان جي پھرين ٻولي آھي ڇوتھ اھا ھن جي پنھنجي من جي پنھنجي روشنيءَ مان اڀري نڪتي آھي ۽ اظھار جي احتياج جي مقابلي ۾ اھا ٻولي ھن جي ويجھي ۾ ويجھي واھر آھي.

(٢) پاڻ ظاھر ڪرڻ جي ھن بنيادي ضرورت کان مٿي ٻوليءَ جون ٻيون ضرورتون بھ آھن، جن مان ھڪڙي آھي سکڻ يا پرائڻ، ھن حيثيت ۾ ٻولي علم جو دروازو آھي، جنھن جي وسيلي علم انسان جي من ۾ داخل ٿئي ٿو. ٻڌڻ ۽ پڙھڻ ھن دروازي جا ٻھ طاق آھن.

(٣) ٻوليءَ جو ٽيون ڪم آھي پاڙھڻ ۽ سيکارڻ. ھي ڪم لکڻ ۽ ڳالھائڻ وسيلي ٿئي ٿو.

(٤) ٻوليءَ جو چوٿون ڪم آھي پروپئگنڊا، اشتھاربازي، ۽ ڦھلاءُ ڪرڻ جو. ھن مامري اڄڪلھھ ھڪ فن جي صورت اختيار ڪري ورتي آھي ۽ ريڊيو، ٽيليويزن ۽ فون سڀ ھن ڪم ۾ استعمال ٿي رھيا آھن. سئنيما ۽ رڪارڊ بھ ھن ڏس ۾ وڏي مدد ڏين ٿا.

(٥) ٻوليءَ جو پنجون ڪم آھي علم ۽ دانش کي سانڍي رکڻ جيئن ڪتابن لکڻ سان ڪيو ٿو وڃي. حمورابي ۽ ٽاھاٽيپ جي لکڻين کي اڄ بھ ماڻھو قدر جي نظر سان ڏسن ٿا. ھن طرح سان اسان جي حڪمت ۽ ڄاڻ کي محفوظ ڪري ٿو سگھجي.

(٦) ٻوليءَ جو ڇھون ڪم آھي جمالياتي تسڪين ڏيڻ جو. ھي ڪم عمدي شعر ۽ راڳ جي وسيلي ٿئي ٿو يا آرٽ ۽ آواز جي وسيلي. ھن مامري ۾ ڌن، لئي، تال ۽ رنگ بھ وسيلا آھن يا طريقا آھن ۽ وڏو ڪم بھ ھنن جو آھي- ٻولي ھن باري ۾ بنيادي ڪم ڪري سگھي ٿي پر وڏو ڪم آرٽ جو آھي.

(٧) ٻوليءَ جو ستون ڪم آھي قومن ۽ ملڪن جي اندرين ۽ ٻاھرين معاملن ۾ مدد ڪرڻ ۽ تقرير ۽ تحرير جي صورت ۾ پنھنجي ساک ۽ اثر کي قائم رکڻ ۽ ماڻھوءَ جي انفرادي طاقت ۽ عقل جي ساک ڀرڻ.

(٨) ٻوليءَ جو اٺون ڪم آھي تعليمي نظام کي ھلائڻ ۽ سکيا جي طريقن جي مدد سان ٻارن ۽ ماڻھن جي افرادي قوت ۽ انفرادي صلاحيت کي وڌائڻ.

(٩) ٻوليءَ جو نائون ڪم آھي ذھين ۽ عاقل اديبن ۽ شاعرن جي پنھنجي بنيادي صلاحيتن کي ادب ۽ سائنس جي تحريرن ۾ سانڍي رکڻ.

ڇاڪاڻ تھ ٻوليءَ جو سڄو واسطو انسان جي سوچ سان آھي، ان ڪري ٻوليءَ جو مامرو انفرادي نھ پر اجتماعي مامرو آھي، ان ڪري دنيا جون سڀئي ٻوليون انسانذات جي دولت ۽ گڏيل ملڪيت آھن. ٻولين جي ترقيءَ جو مطلب انسانذات جي ترقيءَ جھڙو آھي.

ٻولين جي سچائي انسانذات جي سچائي ۽ ٻولين جي شاھوڪاري انسانذات جي شاھوڪاري آھي. اھڙيءَ ريت ٻولين سان دشمني انسانذا ت سان دشمني جھڙي آھي ۽ ٻولين سان دوستي ماڻھن سان دوستيءَ جھڙي آھي.

پر ياد رکڻ گھرجي تھ ٻولين جي ضرورت ۽ ڪم کي معلوم ڪرڻ ۽ نظر ۾ رکڻ ۾ جذبات کي دخل ڪڏھن بھ حاصل نٿو ٿي سگھي.

جيئن مٿي ڏيکاريو ويو آھي، ٻولي ڪنھن بھ نظريي يا دين جي پيداوار نھ آھي. ٻولي اھڙي ڪابھ ضرورت پوي ڪانھ ٿي ڪري، جيڪا دين يا نظريو پوري ڪندو ھجي. اھو بھ سبب آھي جو ڪنھن بھ نظريي ۽ مذھب جي بنياد تي ڪنھن خاص ٻوليءَ جي حمايت ڪري ئي نٿي سگھجي. ھائو، ٻوليءَ جي حمايت تھذيبن، ڪلچرن ۽ قوميتن جي بنيادن تي ٿي ٿي سگھي، ٻولي نھ اخلاقي معاملو آھي ۽ نھ نظرياتي. ٻولي تھ قومي ۽ تھذيبي معاملو آھي، ان ڪري مذھبي ۽ نظرياتي وارا لفظ ٻوليءَ سان لڳن ئي ڪونھ ٿا.

جيڪي ماڻھو ٻوليءَ جي حمايت يا مخالفت مذھبي ۽ اخلاقي بنيادن تي ڪن ٿا، تن جي دليلن کي علم ۽ دانش تحقيق ۽ سائنس جي حمايت حاصل ٿي نٿي سگھي.

انھن ڳالھين کي خيال ۾ رکڻ سان ڏٺو ويندو تھ ٻوليءَ جي ٻٽي سرشتي ۾ انھيءَ ڳالھھ تي وقت وڃائڻ جي ڪا ضرورت ڪانھي تھ مذھب ۽ ڌرم ڪھڙي ٻولي ڳالھائڻ يا لکڻ مان خوش ٿيندا ۽ ڪھڙي ٻولي ڳالھائڻ يا لکڻ مان ناراض. يا مسلمانن جي ٻولي ڪھڙي آھي ۽ ڪافرن جي ڪھڙي، يا ھندو ڪھڙي ٻولي ڳالھائيندا ۽ مسلمان ڪھڙي.

ٻوليءَ جي ٻٽي سرشتي ۾ خيال فقط ٻوليءَ جي اھميت، ضرورت ۽ ان جي ڪارڪردگيءَ جو ڪرڻ گھرجي.

٦- ھڪڙو ٻيو مسئلو.

ڪن حالتن ۾ ٻٽي سرشتي کي ھلائڻ واري رستي ۾ ڪي خاص مسئلا بھ پيدا ٿين ٿا. مثال طور سنڌ ۾ ھاڻوڪين حالتن ۾ اردو ۽ سنڌيءَ جي وجودن کان سواءِ انگريزيءَ جو وجود بھ اھڙو آھي جو ان کان ڪنڌ موڙي ۽ نٽائي نٿو سگھجي. انگريزيءَ جي پوزيشن سنڌ ۾ ھن وقت ھيٺينءَ ريت آھي:

(١) پڙھيل ماڻھن جي سڄي تعداد جون ٽي پتيون اھڙيون آھن جن جي تعداد جيترا ماڻھو انگريزي پڙھيل آھن.

(٢) سنڌ سرڪار جا سڀئي ملازم ھن وقت تائين انگريزيءَ کي سرڪاري ڪاروبار ۾ واپرائڻ جي تربيت حاصل ڪري چڪا آھن.

(٣) سنڌ صوبي جي سڀني پڙھيل ماڻھن جي گھرن ۾ روزمره جي مامرن ۾ انگريزيءَ کي دخل حاصل آھي.

(٤) پيشيورانھ تعليم جي سڀني شعبن ۾ انگريزي ڪنھن بھ زبان جي ڀائيچاري کان سواءِ بالادستيءَ سان ڪم ڪري رھي آھي.

(٥) فني ۽ ٽيڪنيڪي اصطلاحن ۽ لفظن ۾ انگريزي زبان جا لفظ ايتريقدر تھ پکڙجي ويا آھن جو اڻپڙھيل ماڻھو بھ انھن جو استعمال آزاديءَ ۽ سولائيءَ سان ڪري رھيا آھن.

(٦) ڪل قومي اعتبار کان اردو ۽ سنڌيءَ کي ايتري ۽ اھڙي حيثيت حاصل نھ آھي جو اھي انگريزيءَ جي برابر ڪري سگھن.

(٧) اسان جو پڙھيل طبقو ذھني اعتبار کان انگريزيءَ کي اردو ۽ سنڌيءَ کان پوئين جڳھھ ڏيڻ لاءِ اڃا تيار ناھي.

(٨) حقيقت بھ اھا آھي تھ اسان جي معاشي ۽ حقيقي زندگيءَ ۾ انگريزيءَ ھڪ اھم جڳھھ حاصل ڪري ورتي آھي. ۽ ھينئر انگريزي اسان جون تمام گھڻيون ضرورتون پوريون ڪري رھي آھي.

(٩) سڀني اڀرندڙ ۽ وڌندڙ ملڪن ۾ انھيءَ ضرورت کي محسوس ڪيو ويو آھي تھ انگريزي، فرانسي، جرمن، روسي ۽ چيني ٻولين مان ڪنھن بھ ھڪ کي مقامي ٻولين يا ٻوليءَ سان گڏ رائج ڪرڻ تمام ضروري آھي.

(١٠) انگريزي ادب ۽ ٻوليءَ جو ھاڻوڪو معيار ايترو اعليٰ آھي جو اسان لاءِ تمام ضروري آھي تھ اسان ھن ٻوليءَ کي سکڻ ۾ پنھنجو چڱو خاصو وقت صرف ڪريون.

(١١) سائنس ۽ فن ۾ اسان ٿوري گھڻي جيڪا بھ ترقي ڪئي آھي، تنھن ۾ انگريزي ٻوليءَ اسان جي مدد ڪئي آھي ۽ اھوئي سبب آھي جو اسان ھاڻي ھن مقام تي انگريزيءَ کي الوداع چئي نٿا سگھون.

(١٢) تعليمي نظام ۾ انگريزيءَ ھن وقت تائين ٻٽي سرشتي ۾ ھڪڙي ٻوليءَ جو ڪم ڪيو آھي ۽ اھڙيءَ طرح سان انگريزيءَ کي پنھنجي تعليمي نظام ۾ نھايت ئي اھم جڳھھ ڏيندا آيا آھيون.

(١٣) انصاف جي ڳالھھ اھا آھي تھ زندگيءَ جي سڀني ڳالھين ۾ انگريزيءَ جي لفظن ۽ اصطلاحن جي جڳھھ تي سنڌي يا اردوءَ جا لفظ ۽ اصطلاح ھڪدم بيھاري نٿا سگھجن. ان ڪري انگريزيءَ کي ڇڏي ڏيڻ سان اسان جي معاشي ۽ معاشرتي حياتيءَ تي نھايت ئي برا اثر پوڻ جو انديشو آھي.

١- ھنن ڳالھين کي خيال ۾ رکڻ سان معلوم ٿيندو تھ:

(الف) سنڌ جھڙي صوبي ۾ ٻٽي سرشتي واري حالت ۾ جيڪڏھن اردو ۽ سنڌيءَ کي جڳھھ ڏني وڃي تھ انگريزيءَ جي باري ۾ بھ ڪونھ ڪو فيصلو ڪرڻو ئي پوندو.

(ب) جيڪڏھن انگريزيءَ کي ملڪ نيڪالي ڏني وڃي تھ پوءِ ان جو اسان جي ترقيءَ تي ڪو برو اثر تھ نھ پوندو؟ اھو بھ ڏٺو ويندو.

اھڙيءَ ريت سنڌ جھڙي صوبي ۾ اردو ۽ سنڌيءَ جي رواج واريءَ حالت ۾ انگريزي ھڪ مسئلي جي حيثيت وٺي سگھي ٿي ۽ انصاف جو اکر اھو آھي تھ ھن مسئلي کي حل ڪرڻ کان سواءِ اسان جو مامرو ٺيڪ طريقي سان مشڪل ھلندو.

٧- حرف حساب جو.

جن ڳالھين کان سواءِ ڪوبھ ٻٽو سرشتو ڪامياب ٿي نھ سگھندو، سي ھي آھن:

(١) ٻٽي سرشتي ۾ پھرين ٻوليءَ ۽ ٻي ٻوليءَ جي وچ ۾ ضرور فرق ۽ امتياز رکڻ گھرجي.

(٢) ٻنھي ٻولين مان ھرھڪ جي دائري ۽ عمل جو فيصلو ڪرڻ گھرجي.

(٣) ٻنھي ٻولين مان ھرھڪ کي ترقيءَ جون سھولتون رڳو ضرورت ۽ اھميت جي خيال کان ڏنيون وڃن ۽ نھ عقيدت يا محبت جي خيال کان.

(٤) ٻوليءَ جي مامري کي نظرين ۽ عقيدن کان پري رکڻ لاءِ قانوني وسيلا استعمال ڪيا وڃن.

(٥) تعليم فقط مادري ٻوليءَ ۾ ڏني وڃي ۽ ٻي ٻوليءَ کي فقط ثانوي اھميت سان جاري رکيو وڃي.

(٦) ٻنھي ٻولين کي ترقيءَ جي موقعن ڏيڻ وقت اھو ڏٺو وڃي تھ عام ماڻھن جي تھذيبي ۽ ڪلچري ورثي تي ڪو برو اثر تھ ڪونھ ٿو پوي. تھذيب ۽ ڪلچر جي حفاظت لاءِ قانوني وسيلا مھيا ڪيا وڃن.

(ٽماھي مھراڻ: ١- ١٩٧٤ع)