سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون (جلد III)

ڪتاب جو نالو سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون (جلد III)
ليکڪ ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو
سنڌيڪار / ترتيب آزاد انور ڪانڌڙو
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-09-3
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (487) PDF  E-Pub
انگ اکر

29 October 2019    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     8881   ڀيرا پڙهيو ويو

ٻولي ۽ آواز


ٻوليءَ جي معاملي ۾ اسان جي دلچسپيءَ جو ھڪڙو سبب ھيءُ بھ آھي تھ اسان جو ويساھھ آھي تھ ڳالھائڻ جي سگھھ، جا ماڻھوءَ جي ٻچڙي کي ملي آھي سا ٻيءَ ڪنھن بھ مخلوق کي نھ ملي آھي، ۽ اھا سگھھ سڀني نعمتن مان وڏي ۾ وڏي نعمت آھي. نھ رڳو ايترو پر ھن دؤر جي زبانن کان واقفيت رکڻ وارن جو ويساھھ آھي تھ انسان جو وڏي ۾ وڏو ڪارنامو اھو آھي تھ ھو ڳالھائي سگھي ٿو ۽ ڳالھائڻ جي وسيلي ھو علم ۽ دانش پرائي بھ سگھي ٿو ۽ پکيڙي بھ سگھي ٿو. اڄڪلھھ جو انسان پاڙھي ٿو، سمجھائي ۽ سيکاري ٿو، لکي ٿو ۽ لفظن ۾ فن، حسن ۽ خوبي، فڪر، فلسفو، ويچار، ويساھھ، مذاق، محبت، ھمدردي، اخلاص، پڪار، للڪار، دانھن، فرياد، شڪايت ۽ شڪر جو اظھار ڪري ٿو، ۽ غور سان ڏسبو تھ ھي سڀ شيون رڳو پنھنجي وجود لاءِ بھ انسان جي اظھار جي قوت جون محتاج آھن. موجوده دنيا جو سڄو ٺٺ ئي انسان جي قوت اظھار جي ڪري آھي. ھن دؤر جي تھذيب ۽ تمدن جو اھڙو ڪوبھ پھلو ناھي جنھن جو واسطو سڌوسنئون انسان جي اظھار سان نھ ھجي. حقيقت ۾ جنھن شيءِ کي سائنس يا علم ٿو چئجي اھا بھ انسان جي قوت گويائيءَ جي اپت آھي. ھاڻي ڇاڪاڻ تھ قوت گويائي يا اظھار جو وسيلو ٻولي ۽ فقط ٻولي آھي، ان ڪري ھن دؤر جي ھر انسان جي لاءِ ٻوليءَ جو معاملو تمام اھم، بلڪھ انساني معاملن مان ھر معاملي کان وڌيڪ اھم آھي.

جيئن مون پنھنجي ھڪ ٻئي مضمون ”اسان جي اڻ ڳالھايل زبان“§ ۾ ڏيکاريو آھي. ڳالھائڻ کان سواءِ اشارن ۽ رمزن، مھميزن ۽ ميڇن سان بھ اظھار ٿي ٿي سگھيو، پر انسان انھن طريقن، سان نباھھ ڪري نھ سگھيو، ڇوتھ اظھار جي قوتن جي تقاضا اھا ھئي تھ انسان ھنن ابتدائي وسيلن کان مٿي، اتم ۽ طاقتور وسيلا ھٿ ڪري. ھيءَ ڳالھھ سڀاويڪ ھئي ۽ ماڻھو پنھنجي سڀاو ۽ فطرت جي تقاضائن کان مجبور ھو.

ٻوليءَ جي ايڏي وڏي ضرورت ۽ اھميت جي ڪري اسان لاءِ اھو ضروري آھي تھ اسان ٻوليءَ جي بنياد، ڪارڪردگي، واڌاري ۽ حسن جي باري ۾ معلومات رکون. ھن معاملي ۾ ويھين صديءَ جي شروعات کان وٺي ڪم ٿيو آھي ۽ اڄ تائين چڱو خاصو مواد گڏ ٿي چڪو آھي. زبان جي عالمن ھن ڏس ۾ تاريخ ۽ نفسيات جي علمن جي بھ مدد ورتي آھي ۽ ھن وقت اسان وٽ رڳو ٻوليءَ جي ابتدا ۽ بنياد جي باري ۾ بھ ڪافي معلومات موجود آھي.

زبان جا عالم ٻڌائين ٿا تھ ٻولي ھڪ ارتقائي معاملو آھي. پھرين ٻولي، جا انسان استعمال ڪندو ھو، سا ھئي اشارن جي ٻولي. ان کان پوءِ ڪي آواز ۽ پد اچارڻ ۾ آيا ۽ ان کان پوءِ ھڪ اھڙو دؤر آيو جو ڌرتيءَ جي جدا جدا ھنڌن تي جدا جدا ٻوليون ٺھي پيون.

جدا جدا ھنڌن تي جدا جدا ٻوليون ٺھي سگھن ٿيون يا نھ؟ اھو ھڪ بنيادي سوال آھي ۽ انھيءَ سوال تي ڪتابن ۾ ڪافي بحث ٿي چڪو آھي. انھيءَ سوال جي جواب معلوم ڪرڻ لاءِ تھ ٻار ماحول کان ٻاھر ڪا زبان سکي سگھي ٿو يا نھ، پھرين ڪوشش مصر جي بادشاھھ سامٽيڪوس ڪئي ھئي. ھن جي حڪم سان ڪن ٻارن کي ماڻھن کان ڇني بند ڪيو ويو ھو تھ جيئن معلوم ٿئي تھ ھي ٻار ٻولي ڪھڙي ٿا ڳالھائين ۽ ڳالھائي سگھن بھ ٿا يا نھ؟ ٻي ڪوشش فريڊرڪ ثاني مسليءَ جي بادشاھھ ڪئي ھئي ۽ اھو تجربو ١٢٠٠ عيسويءَ ڌاري ڪيو ويو ھو. ٽين ڪوشش اسڪاٽلينڊ واري جيمس چوٿين ١٥٠٠ عيسويءَ ۾ ڪئي ھئي. ويجھڙائيءَ ۾ ڪن ٻارن کي ڪتن، ڀولڙن ۽ بگھڙن سان گڏ رکي ڏٺو ويو آھي تھ اھي ڪا ٻولي ڳالھائي نھ سگھيا آھن. انھن تجربن زبان جي ابتدا جي باري ۾ ھڪ وڏو راز کولي وڌو آھي. ھن ڳالھھ مان ٻوليءَ جا ماھر اھو ٿا ڪاٿو لڳائين تھ ٻولي انسان جي مخصوص سڀاءَ جو معاملو آھي، ان ڪري اھو سڀاءَ جانورن جي سڀاءَ جو اثر قبول ڪونھ ٿو ڪري. ٻار ۾ ڪانھ ڪا زبان ڳالھائڻ واري قوت تھ سڀاويڪ آھي، جا ھن کي انساني فطرت تي قائم ھئڻ ڪري ملي آھي، پر ٻار لاءِ ڪنھن نھ ڪنھن خاص زبان جي ڳالھائڻ وارو معاملو ايترو آھي تھ ٻار ماحول کان متاثر ٿئي ٿو ۽ پھرين زبان جا ھو سکي ٿو سا ان ماحول جي عام زبان آھي. ٻار جي اھا پھرين زبان سندس مادري زبان ٿي ڪوٺجي، ڇوتھ ماءُ ٻار جو سڀ کان پھريون ۽ سڀ کان ويجھڙو ماحول آھي.

ٻار پنھنجي پھرين زبان ڪيئن ٿو سکي؟ ھن سوال جو جواب بھ ڏنو ويو آھي. ٻار سڀ کان اڳ صوتي اشارا ٿو ڪري. صوتي اشارا (Sound mimicry) اھي آواز آھن، جي لفظن جي بنيادي صورتن لاءِ بنياد جو ڪم ٿا ڏين. ٻار پھريائين اھي آواز ٿو پيدا ڪري جن ۾ ڳالھائڻ وارن عضون جو گھڻو ڪم ڪونھي. ھن لاءِ ڪي نفسياتي سبب آھن. ڳالھائڻ وارن عضون جو استعمال ٻار جي حالت ۾ چڱو خاصو مشڪل آھي ۽ انسان سڀاويڪ طور تي سھل پسند آھي. پھريان آواز، جي ٻارن وٽان ٻڌڻ ۾ ايندا، سي ھوندا ”اون“، ”اين“ ۽ ”آ“ وغيره. اھي آواز اھڙا آھن جو انھن ۾ چپن، زبان ۽ تارونءَ جو استعمال گھڻو ڪري ڪونھ ٿو ٿئي. ان ڪري انھن آوازن کي اسان بنيادي آواز (Fundamental Syllables) ٿا سڏيون. ھنن آوازن کي Pure Syllables سڏبو آھي. ان کان پوءِ وارا آواز آھن ”بابا“، ”بو“ وغيره. ان کان پوءِ ٻاتائڻ وارو زمانو ٿو اچي ۽ اھڙيءَ طرح ڇھن يا ستن سالن جي عمر تائين مس وڃي ٿو ٻار مادري زبان پوريءَ ريت ڳالھائي. پر ھن باب ۾ ٻھ ڳالھيون اھڙيون آھن، جي بنيادي طور تي ٻارن ۾ ڳالھائڻ ۽ سکڻ جي قوت کي متاثر ڪنديون آھن: پھرين ڳالھھ آھي ڳالھائڻ جي عضون جي نشو و نما، ۽ ٻي ڳالھھ آھي ماحول جي زبان سکڻ جا موقعا.

ھن سڄي بحث مان ھڪڙي ڳالھھ ھيءَ بھ ثابت ٿئي ٿي تھ پھريون انسان پيدا ٿيڻ سان ئي ڪا زبان پوريءَ طرح ڳالھائي نھ سگھيو ھوندو. پر مان سمجھان ٿو تھ ھيءَ ڳالھھ زبان جي معاملي ۾ بحث ڪرڻ جھڙي نھ آھي. ڇوتھ جنھن نظريي مطابق اھو ويساھھ رکيو ويو آھي تھ انسان ۽ پھريون انسان ئي زبان ڳالھائڻ جو اھل ھو، تنھن نظريي مطابق انسان جي خلقت ئي اھڙي طريقي سان ٿي آھي جنھن کي زبان جي علم جا عالم نرالو ۽ منفرد ٿا سمجھن. پھريون انسان ڌرتيءَ تي اچڻ وقت خدا جو خليفو ھو، مڪمل انسان ھو، خدا جو ڪو پيغام کڻي آيو ھو ۽ پاڻ سان شين جو علم وٺي آيو ھو. اھي سڀ ڳالھيون اھڙيون آھن جو انھن جو زبان جي ارتقا ۽ اوسر جي علم سان ڪو واسطو ڪونھي. قرآن جي سند سان تھ اھا ڳالھھ بھ پڌري آھي تھ جڏھن انسان پيدا ڪيو ويو ھو، تڏھن ھيڻو ۽ ڪمزور ھو. انسان کي ڊؤ ڪندڙ مٽيءَ مان پيدا ڪيو ويو ھو، يعني اھڙي مٽيءَ مان جنھن ۾ آواز ھو ۽ انسان جي ابتدا ۾ بھ انسان نر ۽ ماديءَ جي حالت ۾ موجود ھو ۽ انسان ان وقت بھ ڪا نھ ڪا زبان سمجھندو ھو، تڏھن تھ کيس چيو ويو ھو تھ ”ھن وڻ جي ويجھو نھ وڃو“. قرآن حڪيم مان انسان جي ابتدائي ماحول جو پتو بھ پئجي ٿو سگھي ۽ اھو بھ معلوم ٿو ٿئي تھ انسان پنھنجي آسپاس وارين شين جو پھريائين اڀياس ڪيو آھي ۽ پوءِ انھن مان سبق حاصل ڪيو آھي. انھن ڳالھين مان ڪيتريون ئي اھڙيون ڳالھيون آھن جيڪي زبان جي اوسر جي باب ۾ بھ رھنمائي ڪري ٿيون سگھن، پر تھ بھ زبان جي بنياد جو ھي نظريو تھ انسان پيدا ٿيڻ سان ئي ھڪ مڪمل انسان ھو ۽ ڪانھ ڪا زبان ڄاڻندو ھو، پنھنجي جاءِ تي ھڪ نظريي جيان موجود آھي ۽ ان جي ثابت ڪرڻ لاءِ ڪنھن نئين تحقيق جي ضرورت آھي. جيستائين مذھبي اعتقاد جو تعلق آھي، جيڪڏھن پھريون انسان پيغمبر آھي تھ پوءِ ان جي تربيت ۽ ترقيءَ جو معاملو عام ماڻھن جھڙو نھ آھي ۽ خدا کان اھا ڳالھھ بعيد بھ نھ آھي تھ پھريون انسان مڪمل انسان ھجي.

بھرحال، زبان جي ارتقا جي سوال تي ھيءُ معاملو ويچار ھيٺ نھ آيو آھي، ان ڪري اسان جنھن سوال تي ڪجھھ چئي ٿا سگھون اھو اِھو آھي تھ ٻولي ماحول ۽ سماج جو معاملو آھي، ۽ زبان جي باري ۾ ڪوبھ ماڻھو ڄمندي ئي ڄام نھ آھي. ٻولي رڳو انسان جي تمدني زندگيءَ ۽ سماجي زندگيءَ ۾ ظاھر ٿي ٿي سگھي ۽ اِھوئي خيال آھي جنھن جي بنياد تي زبان جي جوڙجڪ، ارتقا، اوسر، ترقي ۽ ڪمال جي باري ۾ تحقيق ٿي آھي.

پر تڏھن بھ زبان جي بنياد جي باري ۾ ھيءُ خيال تھ ٻولي خدا جي عطا ڪيل ھڪ نعمت آھي، تمام آڳاٽي زماني جي انساني ماحول ۾ بھ موجود ھو. شايد انھيءَ جي موجودگيءَ جو سبب اِھو آھي تھ ٻوليءَ جھڙي ھڪڙي وڏي ڪارنامي لاءِ اھو سمجھھ ۾ نھ اچي سگھيو تھ ڪو انسان ٻوليءَ کي پاڻ پيدا ڪيو ھوندو. بھرحال، ٻوليءَ جي ابتدا جي باري ۾ جيڪي نظريا اسان جي اڳيان موجود آھن، ھيءُ نظريو انھن ۾ پھريون نظريو آھي ۽ سڀني کان پراڻو پڻ آھي.

ھن پھرئين نظريي جي بنياد تي ھڪ ٻئي نظريي جو بنياد رکيو ويو آھي. اھو نظريو ھيءُ آھي تھ ڪيترين قومن دعويٰ ڪئي آھي تھ سندن ٻولي بھشتي ٻولي آھي ۽ بھشت ۾ رھڻ وارا ماڻھو سندن ٻولي بھشت ۾ ڳالھائيندا ھئا يا بھشت ۾ ڳالھائيندا. ماريو پي صاحب جي لکئي پٽاندر سويڊن جي ھڪڙي زباندان اھا دعويٰ ڪئي ھئي تھ ”خدا جي زبان سويڊش ھئي، آدم جي ڊينش ۽ شيطان جي فرينچ!“ سال ١٩٣٤ع ۾ ترڪيءَ ۾ ھڪڙو ميڙ ٿيو ھو جنھن ۾ زبان جي باري ۾ سوچيو ويو ھو. انھيءَ ميڙ ۾ وڏن وڏن عالمن اھا راءِ ڏني ھئي تھ ”ترڪي انسان جي پھرين زبان آھي“. دليل اھو ڏنائون تھ ”سج“ کي ترڪي زبان ۾ “Gune” چئبو آھي، جنھن مان انگريزي لفظ Language نڪتو آھي، جنھن جي معنيٰ آھي ٻولي. ڇاڪاڻ تھ سج پھرين شيءِ آھي جنھن لاءِ انسان ڪو لفط تلاش ڪيو ھوندو، ان ڪري ترڪي زبان تمام آڳاٽي زبان آھي. عربي زبان جي قدامت بھ اھڙيءَ طرح مذھبي اعتقاد جي بنياد تي مسلم آھي.

پر جنھن شيءِ کي اسان سائنسي تحقيق ٿا سڏيون، تنھن جي ابتدا مانواري ڊارون صاحب ڪئي. ڊارون جو خيال آھي تھ ”منڍ ۾ ٻولي چپن ۽ زبان جي بي آواز چرپر ھئي ۽ ھٿن جا اشارا بھ اھو ڪم ڪندا ھئا“. انھن اشارن، چيٻارن ۽ اھلن ۾ آواز پوءِ پيدا ٿيو ۽ انھن ويچارن سان لفظ ۽ پد تھ گھڻو پوءِ ٺھيا.

ٻوليءَ جي عالمن وٽ اڃا بھ ڪيترائي نظريا آھن، جن کي ھنن ڏاڍا وڻندڙ نالا ڏنا آھن. اھڙا نظريا ماريو پي صاحب پنھنجي ڪتاب “The Story of Language” (ٻوليءَ جي ڪھاڻيءَ) ۾ ڏنا آھن. مان ھت اھي سڀ نظريا، پنھنجي زبان ۽ پنھنجي لفظن ۾ مختصر طور تي، بحث کي سمجھڻ جي خاطر ڏيئي رھيو آھيان:

”بائو بائو“ (Bow Bow) يا ”ھائو ھائو“ وارو نظريو.

ھن نظريي مطابق ٻولي ٻاھر فطرت ۾ پيدا ٿيندڙ يا اڀرندڙ آوازن يا سرن مان جڙي آھي. ھي آواز ھوا جي لڳڻ، مينھن جي وسڻ، جھڙ جي گجڻ ۽ جانورن جي آوازن مان ٺھيا آھن. ھھڙن آوازن سان ڪجھھ ملندڙ ۽ ويجھڙو آواز ڪتي جو آواز ”ھائو ھائو“ بھ آھي. ڪتو ڇاڪاڻ تھ انساني ماحول جو تمام پراڻو رھواسي ۽ انسان جو پراڻو ۽ پڪو يار آھي، ان ڪري ھن جي آوازن کي انساني ماحول ۾ دخل حاصل ٿي ويو ھوندو، ان ڪري شايد ھن قسم جا آواز زبان جو بنياد آھن. ھن نظريي تي اعتراض بھ آھن. زبان جي معاملي ۾ ھڪڙي حقيقت ھيءَ بھ آھي تھ ساڳئي ڪتي واري ”ھائو ھائو“ جو آواز جدا جدا قومن ۾، جدا جدا طريقن سان ورجايو ٿو وڃي. انگريزن وٽ جيڪو آواز Cock-a-doodle-doo آھي، سو فرينچن وٽ ڪوڪو ريڪو Cocorico آھي. اطالوين وٽ Chichi richi آھي، ۽ سنڌين وٽ ”ڪڪڙو ڪو“ آھي. حقيقت ۾ فطرت ۾ پيدا ٿيندڙ آوازن جي اھل ۽ نقل تي اسان انسانن ڪي لفظ ٺاھيا آھن، پر انھن جو مطلب اھو نھ آھي تھ اسان زبان ئي پکين ۽ جانورن وٽان سکي ورتي آھي. حقيقت ۾ انھن آوازن کي، جيڪي اسان ٻاھران ورتا آھن، اسان لاءِ ڪا معنيٰ آھي ئي ڪانھ، ۽ جن آوازن جي ڪا معنيٰ ڪانھي سي ٻوليءَ ۾ شامل ڪري نٿا سگھجن. سنڌ ۾ چتونءَ جي آواز کي ”ٽيون ٽيون“ ۽ ڳيري جي آواز کي ”گھگھو گھو“ جي آوازن سان دھرايو ويندو آھي، پر انھن آوازن کي ٻوليءَ ۾ معنيٰ آھي ئي ڪانھ. اھي فقط آواز ئي آواز آھن. ھي آوازن تي ٻڌل ٻوليءَ جي منڍ ۽ بنياد وارن نظرين مان ھڪڙو ھيءُ بھ آھي تھ “Ding Dong” وارا آواز ابتدائي آواز آھن ۽ ٻوليءَ جو بنياد آھن. ھي آواز چڙي جي آواز يا گھنڊ يا گھڙيال جي آواز جھڙو آھي، پر ھن نظريي تي بھ ساڳيائي اعتراض آھن. ھي خيال مئڪس مولر جو آھي.

ھڪڙو نظريو آھي انگريزي اچار Pooh Pooh يا ”ھو ھو“ وارو آواز. ھيءُ آواز انگريزيءَ ۾ ڪجھھ حيرت ۽ ڪجھھ نفرت لاءِ استعمال ڪبو آھي. سنڌيءَ ۾ ھن جو ترجمو ”ھيڙو ھيڙو“ يا ”گيسڙو گيسڙو“ آھي. ھن نظريي جو بنياد انھيءَ ڳالھھ تي آھي تھ انسان پھريائين نفرت يا حيرت جو اظھار ڪيو ھوندو، ان ڪري ھي آواز بنيادي آوازن مان ھڪ آھي.

ھن نظريي جھڙو ھڪ ٻيو نظريو آھي Yo-he-ho وارو نظريو، ھن کي سنڌيءَ ۾ ”اوف- فو“ وارو نظريو چئجي. ھن نظريي مطابق اھو ڀانيو ٿو وڃي تھ جسم کي تڪليف ۽ سور پھچڻ وقت ماڻھو ڪي آواز ڪندو آھي. ڪن عالمن جو خيال آھي تھ اِھي اچار يا آواز انسان جا پھريان اچار آھن، ڇوتھ انسان سڀ کان اڳ ۾ تڪليف جو اظھار ڪيو ھوندو. آڳاٽي انسان کي محنت، دشوارين ۽ ناخوشگوار حالتن سان منھن ڏيڻو پيو ھوندو ۽ انھن حالتن ھن کي جا تڪليف پھچائي ھوندي، تنھن کان ھن دانھون ڪيون ھونديون ۽ دانھن وارا آواز پھريان ۽ بنيادي آواز آھن.

اھڙيءَ ريت “Sing Song” ”ھي ھو“ ”وو وو“ يا ”ھو الا“ وارا آواز جن جو تعلق خوشيءَ جي اظھار سان آھي ۽ جيڪي آواز انسان ھنبوشي ھڻڻ، کڳين ھڻڻ يا ايگو ھڻڻ ۾ ڪندو آھي، انھن کي بنيادي آواز سمجھيو ويو آھي. ھي خيال نوئر صاحب ڏنو آھي.

“Ta Ta” يا ”ٺا ٺا“ وارو نظريو بھ ڪتابن ۾ آيو آھي. ھھڙي قسم جا آواز جسم جي عضون کي استعمال ڪرڻ سان يا ھونئن ٻاھرين دنيا ۾ پنھنجو پاڻ مشين جي گسڻ ڀڃڻ يا چرپر مان پيدا ٿيندا آھن. ھنن آوازن کي بنيادي آواز سڏيو ويو آھي.

پر ھينئر ھي سڀ پراڻا نظريا آھن، ۽ ھن وقت ھنن نظرين تي ويساھھ ڪري ڪونھ ٿو سگھجي، ڇوتھ اصل معاملو اھو آھي تھ ابتدائي آواز ڪھڙا آھن! اصل معاملو ھي آھي تھ انسان آوازن ۾ معنيٰ ڪيئن پيدا ڪئي، ۽ ڪڏھن پيدا ڪئي. ھنن سڀني آوازن جو تعلق انسان جي بنيادي ضرورتن ۽ مشاھدن سان آھي، ان ڪري انھن آوازن کي ٻوليءَ جو منڍ يا بنياد سمجھي بھ سگھجي ٿو، پر ھن طرح ٻوليءَ جي بنياد جو معاملو حل ڪونھ ٿو ٿئي.

يوناني تھذيب جي اوج واري زماني ۾ يونانين ٻھ خيال ڏنا: ھڪ ھيءُ تھ ٻولي انسان جي ضرورت جي ڪري پيدا ٿي، پر ڪيئن پيدا ٿي، اھو ھو صاحب بھ ڪونھ ٿا ٻڌائين. ٻيو خيال ھي ڏنائون تھ ٻولي رسومات ۽ عھدنامن جي ڪري پيدا ٿي، پر انھيءَ خيال جي پٺڀرائيءَ لاءِ بھ دليل ڪونھ ڏنا ويا آھن.

پھريون شخص جنھن اھو ويساھھ ڏنو تھ دنيا جي سڀني زبانن جي ماءُ ھڪ آھي، سو ھو ويھين صديءَ جو اطالوي عالم ٽرامبسي صاحب. ھن صاحب پنھنجو نظريو مشھور فلسفي ليبنز صاحب جي انھيءَ ويچار تي رکيو تھ زبان جي ابتدا انھن اچارن سان ٿي آھي، جيڪي آواز ۾ ھڪجھڙا آھن.

اسٽرٽيونٽ صاحب بھ پنھنجو ھڪ خيال ڏنو آھي. ھو چوي ٿو ماڻھوءَ جا پھريان جذبا آھن، ڪوڙ ڳالھائڻ يا ڌوڪي ڏيڻ وارا جذبا. ان ڪري اھي اشارا، جي ماڻھو اھڙن ڪمن لاءِ ڪري ٿو، سي بنيادي اشارا آھن.

ٻوليءَ جي بنياد جي باري ۾ ايترن خيالن ھوندي بھ اڄ اسان ڪنھن بھ نتيجي تي پھچي نھ سگھيا آھيون، اھوئي سبب آھي جو ڪن عالمن ھن قسم جي واٽ ئي ڇڏي ڏني، ۽ آوازن ۽ اچارن جي بحث کي ئي غيرضروري سمجھيائون. نون خيالن مطابق، جا تحقيق ٿي آھي، تنھن جو بنياد ٽن ڳالھين تي آھي:

(١) لکيل زبان جو تمام پراڻو ذخيرو.

(٢) ٻارن جي زبان جو مطالعو، (ڇوتھ ٻار انسان جي بنيادي حالت ۾ آھن.)

(٣) پراڻي زماني جي ماڻھن جا اشارا، (Unspoken forms of language).

جيستائين لکيل زبان جي پراڻي ذخيري جو تعلق آھي. اسان جي معلومات ھيءَ آھي تھ حضرت عيسيٰ کان چار ھزار سال اڳ ميسوپوٽيميا جي علائقي ۾ ھڪڙي زبان ڳالھائي ويندي ھئي، جنھن جي لکت جا ڪي اِنڊا اسان تائين پھتا آھن، اھا زبان اڄ ”سميري“ زبان ٿي سڏجي. اھا زبان حضرت عيسيٰ کان ٽي سؤ سال اڳ مري بھ ويئي، پر ان جو تعلق ۽ سلسلو اڄ تائين پھچي ويو آھي، سو ھن طرح جو سميريا جي علائقي کي بابل وارن ۽ اسيريا وارن حضرت عيسيٰ کان ٽي ھزار سال اڳ فتح ڪيو ھو، ان ڪري انھن ماڻھن جي زبان ۾ سميري زبان جا اکر مليا آھن. وري ”اڪاد“ قوم وارا سميري قوم وارن سان لھھ- وچڙ ۾ رھيا آھن، ۽ انھن اڪاد قوم وارن سان وري مصري ۽ چيني پراڻ ملي ٿو اچي، ان ڪري آتيئھ اھو آھي تھ مصري ۽ چيني زبانون، جي اڄ بھ جيئريون آھن، تن ۾ تمام آڳاٽي زبان ”سميرين“ موجود آھي.

انڊو-يورپين زبانن ۾ تمام پراڻي زبان سنسڪرت آھي. ان کان پوءِ يوناني ۽ ان کان پوءِ اطالوي زبان جو نمبر ٿو اچي. سنسڪرت حضرت عيسيٰ کان ٻھ ھزار سال اڳ جي آھي، يوناني اٺ سؤ سال ۽ اطالوي پنج سؤ سال اڳ. خبر نٿي پوي تھ انڊو-يورپين زبان اوائل ۾ ڪھڙي ھنڌ ڳالھائي ويندي ھئي. سنسڪرت جو پراڻو مواد ”ويد“ آھن، يونان جي ھومر جي شاعري، ۽ اطالويءَ زبان جو سڀ کان پراڻو مواد ھڪ جملو آھي جنھن جو مطلب آھي ”مانوءَ مون کي نومبر جي لاءِ ٺاھيو.“

پراڻين زبانن جي لکيل مواد جي ھن ذڪر کان پوءِ باقي ٻن ڳالھين تي بحث ڪرڻ لاءِ اسان کي انھن ڳالھين جي حيثيت ۽ افاديت تي بحث ڪرڻو آھي. انسان جي پھرين اشارن کي ”مون اڻ ڳالھايل زبان“ جو نالو ڏنو آھي (ھن عنوان سان ھڪ مضمون اڳ ۾ ئي ٽماھي مھراڻ نمبر ٢، سال ١٩٧١ع ۾ ڇپيو آھي.)

باقي رھيو معاملو ٻارن جي زبان جو ۽ ابتدائي آوازن جو. انسان جي ابتدائي آوازن جي باري ۾ اسان اھو ڏسي آيا آھيون تھ توڙي جو اسان انھن آوازن جي بنياد تي ٻوليءَ جي ڪا تاريخ مرتب ڪري نٿا سگھون، ڇوتھ موجوده زبانن جا آواز بنيادي آوازن کان تمام گھڻو بدليل ھوندا ۽ اڄ جي ٻولين جا آواز اصلي ۽ ابتدائي زبانن مان ڪيئن ٺھيا، اھا ڳالھھ اڄ سمجھائي نٿي سگھجي.

آوازن جي باري ۾ پڪيون ڳالھيون ھي آھن:

(١) ھي سڀ نظريا ھڪٻئي کي رد ڪري رھيا آھن.

(٢) اھا ڳالھھ ڪا اھميت نٿي رکي تھ ماڻھوءَ اڳ اڳ ۾ ڪھڙو آواز ڪڍيو ھوندو؟

(٣) ماڻھوءَ تمام گھڻن قسمن جا آواز ڪڍيا آھن، ۽ ڪڏھن ڪھڙا ڪڍيا اٿس تھ ڪڏھن ڪھڙا؟

(٤) جن بنيادي احساسن ۽ ضرورتن جي بنياد تي آواز ٺھيا آھن، اھي سڀيئي ھڪڙي ئي وقت زبان ۾ موجود آھن، پر ھنن آواز وارن نظرين مان ھرڪو پنھنجو پنھنجو وجود ٿو ثابت ڪري. ان ڪري جيڪڏھن آواز ٻوليءَ جو بنياد آھن تھ بھ ھنن سان ھرڪو نظريو ٻوليءَ جي صرف انھن لفظن جو نمائندو ٿي ٿو سگھي، جيڪي بنيادي حس ۽ ضرورت جي خيال کان ھن آواز سان ڳنڍي ٿا سگھجن.

(٥) ھنن نظرين جي خيال کان ٻوليءَ جو سماجي پھلو روشن ٿي نٿو سگھي ۽ ٻوليءَ جي اوسر ۾ جيڪا خدمت انساني معاشري ڪئي آھي، ان جي قدرداني ڪري نٿي سگھجي.

(٦) ھڪڙي ھيءَ ڳالھھ بھ آھي تھ انھيءَ ڳالھھ جو امڪان بھ موجود آھي تھ ھنن آوازن، جن کي بنيادي آواز ٿو سڏجي. تن کان اڳ بھ ڪي آواز نڪتا ھوندا.

(٧) آواز وارن نظرين جو بنياد ھيءَ آھي تھ اسان زبان جي تاريخ ۾ ابتدا کان شروع ڪري انتھا تائين پھچون. توڙي جو اسان کي ابتدا معلوم آھي، اسان سفر شروع ڪري نٿا سگھون، ڇوتھ رستي جو پتو آھي ئي ڪونھ.

تنھن ھوندي بھ اسان ٻوليءَ جي بنياد ۽ اوسر جي باري ۾ آواز (Sound) جي اھميت ۽ بنيادي حيثيت کان انڪار ڪري نٿا سگھون. ٻوليءَ جو دارومدار آھي ئي آواز تي. ڇوتھ آواز (Sound) کي ٻوليءَ کان جدا ڪري نٿو سگھجي. ڳالھائڻ چئبو ئي آھي گلي مان پيدا ٿيل آوازن کي. اھي آواز چپن، زبان ۽ تارونءَ جي مدد سان سڌري بامعنيٰ ۽ مقرر ٿيل آوازن جھڙا بڻجي ٿا پون. سڌريل زبانن ۾ ان ڪري وڏي ۾ وڏو زور زبان جي اچارن تي ڏنو ٿو وڃي. ھن وقت اچارڻ جو علم ھڪ سائنس بڻجي پيو آھي، جنھن کي ”صوتيات“ ٿو سڏجي. ان ڪري آواز وارن نظرين کي رد ڪد ڏيڻ مان اسان جو مطلب اھو نھ آھي تھ اسان آواز کي ٻوليءَ جو بنياد نٿا سمجھون. ھيءَ ڳالھھ صاف ھئڻ گھرجي تھ اختلاف رڳو انھيءَ ڳالھھ سان آھي تھ آوازن مان ڪھڙا بنيادي آواز آھن ۽ ڪھڙا نھ آھن.

نون خيالن جي بنياد تي آوازن بھ ٻوليءَ جي تاريخ ۽ اوسر سمجھڻ ۾ مدد ڪئي آھي. آوازن جي اڀياس مان جيڪي ڳالھيون سمجھھ ۾ اچن ٿيون، سي ھي آھن:

(١) جيترو ڪا زبان آڳاٽي ھوندي، اوترو ئي ان زبان ۾ مشڪل اچار گھڻا ھوندا. ھن ڳالھھ جو بنياد ھن دليل تي آھي تھ تمام آڳاٽن ماڻھن جي زبان ۾ صوتيات جو عنصر وڌيڪ ھوندو ڇو تھ آواز اڃا پختي ٿيڻ جو سفر پورو ڪري نھ چڪا ھوندا. ان ڪري لفظن جا اچار گھڻن آوازن وارا ھوندا ان ڪري لفظ ڊگھا ھوندا.

(٢) جيترو ڪا زبان پراڻي ھوندي اوترو ئي ان ۾ موسيقيت يا سريلائپ وڌيڪ ھوندي، سر جو سڄو دارومدار بھ آواز تي آھي. سر يا لئي بھرحال آوازن (Sounds) مان ٺھن ٿا. ڪارلائل صاحب جو چوڻ آھي تھ سڀئي سڌريل زبانون ھينئر سنگيت سان ڀرپور آھن. ڪاوڙ ۽ غصي جي حالت ۾ بھ ٻولي سر کان خالي نھ آھي. رواجي گفتگو ۽ جذباتي گفتگوءَ جو فرق بھ آوازن وسيلي ئي پڌرو ڪري ٿو سگھجي. ڇاڪاڻ تھ آڳاٽي انسان کي جذبات تي پورو ضابطو نھ ھو، ان ڪري ان وقت جي زبان ۾ آوازن جو استعمال اڄڪلھھ جي ٻوليءَ جي بنسبت گھڻو ھوندو ۽ ان ڪري اھا زبان سريلي ھوندي. دنيا جو تمام پراڻو ادب بھ گھڻو ڪري ”غنائيھ“ يعني ڳائڻ جھڙو آھي، اھو بھ ھڪ دليل آھي. ھن جو ٻيو مطلب ھي آھي تھ جيترو ئي ڪا زبان پراڻي ھوندي اوترو ئي ان کي آسانيءَ سان ڳائي سگھبو.

(٣) ٻوليءَ جي تاريخ بھ آوازن جي خيال کان مذھب جي تاريخ جھڙي آھي. جيئن مذھب جي تاريخ گھڻن خدائن جي اعتقاد Poly theism وٽان شروع ٿي وحدانيت يا توحيد وٽ ختم ٿئي ٿي، تيئن زبان بھ گھڻن پدن وارن لفظن وٽان شروع ٿي ھڪڙي پد وارن لفظن تي پھتي آھي.

ھن جو مطلب ھي ٿيو تھ (١) پراڻي زبان جا لفظ ڊگھا ھئا، (٢) پراڻي زبان جا لفظ اچارڻ ۾ ڏکيا ھئا، ۽ (٣) پراڻي زبان ڳالھائڻ کان وڌيڪ ڳائڻ ۾ آسان ھوندي.

سنڌي زبان جي قدامت واري معاملي تي ويچار ڪرڻ لاءِ ھنن ٽن ڳالھين کي بھ خيال ۾ رکڻ گھرجي. آءٌ ڀانيان ٿو تھ ھن طرح سان ھڪ نئين واٽ ملي ويندي. اسان جي ٻوليءَ جي لاءِ اھا دانھن آھي تھ ھيءَ زبان اچارڻ ۾ ڏکي آھي. آءٌ سمجھان ٿو تھ ھيءَ ڳالھھ ٻھ راز ٿي کولي: (١) تھ اسان جي زبان تمام پراڻي زبان آھي. (٢) تھ ھن جي ترقي تمام آھستي ٿي آھي جو ان ۾ اڃا تائين اصليت ۽ قدامت وارو رنگ موجود آھي. آڳاٽي سنڌي شعر کي فقط ڳايو ويو آھي. پراڻا قصا توڙي جو نثر ۾ آھن، ڳايا ويندا ھئا، جيئن ڀڳت. ڳائجڻ واري ھيءَ صلاحيت بھ ٻوليءَ جي قديم ھئڻ لاءِ ھڪ دليل آھي. سنڌي شعر جي سڄي جوڙجڪ موسيقيءَ تي ٻڌل آھي. جيڪڏھن زبانن جي ابتدا آوازن ۽ سرن سان ٻڌل آھي تھ پوءِ اسان جي زبان بھ ابتدائي زبانن جي ڪنھن نھ ڪنھن شڪل ۾ اڄ بھ موجود آھي. وائي ۽ ڪافي اڄ بھ آوازن ۽ سرن جي مدد سان موجود آھن. وائيءَ ۾ لفظ نھ پر آواز ئي آھن، جيڪي ان جي وجود کي منفرد حقيقت جي روپ ۾ ظاھر ڪري رھيا آھن.

اسان جو جيڪو شعر راڳ جي اصولن تي ٻڌل آھي، تنھن تي مزيد تحقيق ڪرڻ گھرجي. مسئلو ھي آھي تھ اسان جي شاعرن خصوصا شاھھ صاحب اڳ ۾ راڳ جا اصول سکي ۽ ڄاڻي، پوءِ شعر چيو آھي، يا شعر ئي اھڙو چيو آھي جو خودبخود راڳ جي اصولن تي پورو بيٺو آھي، يعني ھن باب ۾ اوليت زبان جي موسيقيت واري صلاحيت کي ڏجي يا راڳ جي فن کي. اسان جي ٻوليءَ ۾ متڪلم جون نشانيون ۽ اھي حرف، جيڪي اچارڻ ۾ ڏکيا آھن، انھيءَ ڳالھھ ڏانھن اشارو ڪن ٿا تھ زبان جا آڳاٽا لفظ ڊگھا ھئا، سو ھن طرح جو ’ڃ، ڱ‘ وغيره اھڙا حرف آھن، جن جو ھاڻوڪو آواز اھڙو آھي جو ڄڻ انھن آوازن ۾ ھڪ کان وڌيڪ آواز سمايل آھن. ”ڃ“ جي آواز کي ڊگھي ڪرڻ سان معلوم ٿو ٿئي تھ ھن ھڪڙي حرف ۾ ”ج، ا، ن“ جا آواز موجود آھن، ۽ اھڙيءَ طرح ”ڱ“ جي آواز کي ڊگھي ڪرڻ سان معلوم ٿو ٿئي تھ ھن ۾ ’گ، ا، ن‘ جا آواز موجود آھن. ان طرح معلوم ٿو ٿئي تھ اسان جي ٻوليءَ ۾ ترقيءَ جي ڪري اسان ڊگھن حرفن کي ننڍو ڪيو آھي، نھ تھ اصل ۾ ھن زبان جا لفظ ڊگھا ھئا ۽ حرف بھ ڊگھا ھئا. اھڙا لفظ بھ زبان جي قدامت جي نشاني آھن. آڳاٽي زماني ۾ جڏھن اظھار آوازن جي رستي ڪيو ٿي ويو، تڏھن ھڪڙي شئي (Referent) جي لاءِ گھڻا آواز ڏيڻا ٿي پيا. ٻِٽن يا ڏکين لفظن ۾ اسان تمام قديم ماڻھن جي نفسيات جي جھلڪ ڏسي رھيا آھيون. انھن جو ذھن ايترو پختو نھ ٿيو ھو، جو اھي مختصر ۽ عام فھم لفظن ۾ پنھنجو خيال پيش ڪري سگھن. سنڌي زبان ۾ ٻٽا لفظ اڄ بھ موجود آھن، جيئن اڪمڪڙو ۽ کٽمٺڙو. پر تڏھن بھ اسان جي زبان جي قديم ھئڻ جو وڏو دليل آھي. ”اسان جي اڻ ڳالھايل زبان“ (Our non linguistic forms of speech)

زبانن جي اوسر ۽ تاريخ جي باب ۾ يا انھن جي قديم ھئڻ جي باري ۾ وڏو انقلاب اوٽو جيسپرسن صاحب جي خيال آندو آھي. اوٽو صاحب آغاز کان شروع ڪرڻ جي بجاءِ حال کان ماضيءَ جي طرف وڌڻ کي پسند ٿو ڪري. ھن صاحب قديم اڻسڌريل قومن جي زبانن جو مطالعو بھ ڪيو آھي. ھن صاحب جو خيال آھي تھ ”اڻسڌريل قومن جا ماڻھو پنھنجن بنيادي ضرورتن يعني کائڻ ۽ پيئڻ جي معاملي ۾ وقت ۽ شين جي باري ۾ اٽل ۽ پڪا ھئا. ھنن ماڻھن جون رسمون ۽ رواج ڄڻ ھنن لاءِ مذھب جھڙا ھئا ۽ ان ڪري فرائض جي پابنديءَ ۾ بھ ھو اٽل ھئا، ان ڪري اھا ڳالھھ وسھڻ جھڙي آھي تھ اھڙن ماڻھن پنھنجي ٻوليءَ جي باري ۾ اٽل رھڻ کي پسند ڪيو ھوندو. ان ڪري اڄ بھ اڻسڌريل قومن جي زبانن ۾ تمام قديم زبانن جا اھڃاڻ محفوظ ھوندا. انھيءَ سوال جي جواب ڏيڻ لاءِ تھ قديم زبان جي نوعيت ڪھڙي ھئي، اسان کي اڄ دنيا جي سڌريل زبانن جو نھ پر اڻسڌريل زبانن جو مطالعو ڪرڻ گھرجي، ڇوتھ اھي سڌريل زبانن جي بنسبت قدامت کي وڌيڪ ويجھيون آھن. ھن خيال مطابق اسان کي سنڌ ۾ آباد اڻسڌريل قومن يعني ڍيڍن، ڀيلن، باگڙين، ڪولھين، اوڏن ۽ ٻين اھڙن قومن جي زبانن جو اڀياس ڪرڻ گھرجي.

زبان جي اوسر (Evolution) جي باري ۾ اسان کي پنھنجي زبان جي گھٽ ۾ گھٽ ٽن ڏاڪن يا مرحلن جو مطالعو ضرور ڪرڻ گھرجي. دنيا جي سڌريل زبانن جي ڄاڻن ھي مرحلا معلوم ڪري ورتا آھن، پر اسان اڃا تائين ڪا ڪوشش ڪانھ ورتي آھي. ھي ٽي ڏاڪا، جيئن اسان کي معلوم آھي، ھي آھن: (١) ڇڄڻ يا جدا ٿيڻ (Isolation) وارو ڏاڪو، جنھن تي زبان پنھنجي انفراديت ۽ جدا وجود اختيار ڪندي آھي. اھا ڳالھھ ۽ اھو ڏاڪو، ڄڻ زبان جو ڄم آھي. (٢) ٻولين جي چاڙھاڪي جو ٻيو ڏاڪو آھي (Glutination) ”نپ“ وارو ڏاڪو. ھن ڏاڪي تي آسان ۽ ننڍڙا لفظ وڏن لفظن ۾ ملي ويندا آھن، جيئن ڪنھن نپ ڪيو ھجين. ھي ڏاڪو زبان جي ترقي ۽ شاھوڪاريءَ جي طرف ھڪ اھم قدم آھي. (٣) ٽيون ڏاڪو آھي (Flexion) يا سڀاويڪ ڦيرڦار وارو ڏاڪو. ھن ڏاڪي تي زبانن ۾ نوان نوان لفظ ٺھندا آھن ۽ اھڙيءَ طرح زبان جو موجود ذخيرو وڌي گھڻو ٿي ويندو آھي. ھن ڏاڪي کي(Coinage)  يا سڪن گھڙڻ وانگر لفظ گھڙڻ وارو ڏاڪو بھ چئبو آھي.

اسان جي ٻولي ھن وقت ٽئين ڏاڪي تي پھچي چڪي آھي. فڪر ۽ سوچ جي وسعت، دنيا جي زبانن جي مطالعي، ٻاھرين ادب جي مطالعي، سائنس جي معلومات ۽ تصوراتي ادب (Fiction) ۾ نون نون تجربن ڪرڻ سان اسان جي زبان ۾ نوان الفاظ تمام گھڻا شامل ٿي رھيا آھن. ھن وقت اسان جو ڪم آھي تھ اسان زبان جي اھڙي واڌاري جو مطالعو ڪندا ھلون ۽ انھيءَ جو حساب- ڪتاب رکندا ھلون تھ ڪنھن مقرر وقت ۾ اسان ڪيترا نوان لفظ رائج ڪيا. ھيءُ ڪم اسان کي پنھنجي ٻوليءَ جي ارتقائي اڀياس ۾ اڳتي ھلي وڏو ڪم ڏيندو.

اھڙيءَ طرح پھريان ٻھ ڏاڪا بھ متعين ڪرڻ گھرجن. ھن ڏس ۾ ھڪڙو اھم ڪم ھيءُ ڪرڻو آھي تھ اسان جي زبان جي ابتدائي صورت ۾ جيڪي لفظ سڪا چالو ھئا، انھن جو ڪاٿو بھ ڪرڻ گھرجي. ڇوتھ اھي اسان جي زبان جا سچا سڪا آھن ۽ اسان جي اظھار جون مڪمل شڪليون آھن. اھي لفظ زبان جي ”ڪٺ“ آھن ۽ انھن کان سواءِ زبان جو ڪم واڌارو ۽ پختو نھ ٿيندو. ھيءُ ڪم تمام گھڻي ڀاڱي ”لوڪ ادب“ کي سھيڙڻ وارن ڪري ڇڏيو آھي. ھي ڪم ٻن نمونن سان ٿيو آھي: ھڪ طريقو تھ اھو آھي جنھن طريقي مطابق اسان جي ادب جي انھيءَ حصي کي جمع ڪيو ويو آھي، جيڪو اسان جي سماج ۽ معاشري ۾ ان جو سچو پچو اظھار ڪري رھيو ھو. ھي ڪم اسان جي عالمن ڪيو آھي ۽ انھن جي جيتري بھ تعريف ڪجي سا ٿوري آھي· ٻيو طريقو اھو آھي، جنھن مطابق اسان جي نوجوان شاگردن ۽ اديبن ٻاھرين زبانن مان ورتل لفظن جي بجاءِ پنھنجي ٻوليءَ ۾ ڪم ايندر لفظن کي سھيڙڻ جو ڪم ڪيو آھي. ھنن لفظن مان گھڻا لفظ اھڙا آھن، جيڪي اسان جي زبان جي اصل صورت ۾ بھ موجود ھئا، پر اسان ڪنھن طريقي سان انھن کي ڇڏي ڏنو ھو. ھن طريقي جي ھڪ ڪوشش سال ٧٠- ١٩٦٩ع ۾ لاڙڪاڻي جي لطيف ڪچھريءَ بھ ڪئي ھئي، جنھن جي ھڪ ميڙ ۾ ڌارين لفظن جي بجاءِ سنڌي لفظ استعمال ڪرڻ جو ڪم ٿيو ھو. ڪافي لفظ گڏ ٿي ويا ھئا ۽ ڪم زور شور سان ٿي رھيو ھو، پر ڪن حالتن جي ڪري ڪم رڪجي ويو. ھن قسم جي ڪوشش رڳو سنڌ ۾ ڪانھ ٿي ھئي، پر ٻين زبانن جي گھڻگھرن بھ ھيءُ ڪم ڪيو آھي. ھھڙي ڪوشس جو مقصد ھوندو آھي صاف، اصل ۽ نج زبان جو استعمال. ھن جو قاعدو ھي ھوندو آھي تھ ٻوليءَ جي بنيادي لفظن کي استعمال ۾ آڻڻ سان ٻوليءَ جي بنيادي صلاحيت بحال رھندي آھي ۽ ھھڙو ڪم رڳو ٻوليءَ جي علم جي باب ۾ ڪيو ويو ھو، پر ڪن ماڻھن ھن ڪم ۾ بھ سنڌي قوميت کي اڀرندو ڏٺو ۽ پوءِ ان کي ھڪ سياسي رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. گذريل دؤرن ۾ لطيف ڪچھريءَ (لاڙڪاڻو) جي گرانٽ بند ٿي ويئي، ان ڪري ڪم اڌ ۾ ئي رھجي ويو!

ھن قسم جي ڪوشش کي يا ڇنڊڇاڻ (Purism) واري تحريڪ چئبو آھي. دنيا جي ھر سڌريل زبان جي ترقيءَ لاءِ ھھڙيون ڪوششون ڪيون ويون آھن. ھن ڪوشش سان ٻولي ٻين زبانن جي غلبي کان بچي ويندي آھي.

پر ھن تحريڪ جو مقصد ڪٿي بھ نون لفظن جي ٺھڻ واري سڀاويڪ تحريڪ جي مخالفت ڪرڻ نھ ھوندو آھي. البت اڌارن لفظن کي وٺڻ ۽ پنھنجن لفظن کي ڇڏي ڏيڻ واري خيال جي مخالفت ھن تحريڪ ۾ موجود ھوندي آھي ۽ اھو ڪو برو ڪم نھ آھي. ھر زبان کي پنھنجي مزاج ۽ پنھنجي انفراديت ۽ پنھنجي سڀاءَ واري حالت ۾ ترقي ڪرڻ گھرجي. ”لاڙڪاڻي ادبي تحريڪ“ ۾ ڪم ڪرڻ وارا نوجوان سلامت ۽ خوش بھار آھن، ۽ وڏو آدم رکن ٿا. ھو ڪم ڪندا تھ مڪمل ٿي ويندو، پر ھيءُ ڪم سنڌ ۾ ھر ھنڌ پڻ ٿيڻ گھرجي.

حقيقت ۾ وڌڻ (Felexim) ۽ ڇنڊڇاڻ (Purism) کي گڏوگڏ ڪم ڪرڻ گھرجي، ڇو تھ ھي ٻيئي تحريڪون ھڪٻئي جي ضد ۾ نھ آھن.

ٻوليءَ جي اوسر ۽ تاريخ جي باب ۾ ”حال کان ماضيءَ ڏانھن وڃڻ“ واري اوٽو صاحب جي نظريي مطابق زبان جي قدامت واري سوال تي ڪي ٻيون ڳالھيون بھ ويچارڻ جھڙيون آھن. ھن باري ۾ ھڪڙو قانون ھيءُ مقرر ڪيو ويو آھي تھ، ”زبان جي چاڙھاڪي يا اوسر ۾ ڏنگن ڦڏن ۽ پاڻ ۾ ڳتيل بيڊولن جملن مان نڪري زبان کي سڌن سنون باقاعدي گڏجڻ وارن ننڍڙن جملن ۽ لفظن ڏانھن وڌڻ جي ھڪ اڻتڻ موجود آھي.“ سنڌي ٻوليءَ تي ڪم ڪرڻ وارن لاءِ ھيءُ قانون بھ ڏاڍو اھم آھي. ھن قانون پٽاندر اسان کي لکيل زبان جي اوائلي، ھاڻوڪن ۽ وچولن دؤرن وارين تحريرن مان مثال وٺي ھنن دؤرن جو ھڪ تقابلي جائزو وٺڻو آھي ۽ ان مان اھا ڳالھھ ثابت ڪرڻي آھي تھ قدامت کان جدت طرف ايندي اسان جي زبان ڪھڙا مرحلا طئي ڪيا آھن، انھن مرحلن طئي ڪرڻ ۾ ڪھڙن عنصرن ڪم ڪيو آھي ۽ ھر تبديل ۾ ڪل وقت ڪيترو لڳو آھي. ھن ڳالھھ کي اسان مان ڪيئي ڄاڻو ماڻھو پنھنجي ريسرچ جي آڌار تي موضوع بڻائي ٿا سگھن، ۽ ھن قسم جي ريسرچ اسان کي پنھنجي ادب جي چاڙھاڪي جي باري ۾ بھ وڏو ڪم ڏيندي. ھن قسم جي ريسرچ مان وڏي دلچسپ ڳالھھ اھا ثابت ٿيندي تھ اسان جي ٻوليءَ جي لفظن جي ڦيرگھير اچڻ وارو فعل ڪھڙي نوعيت جو آھي ۽ لفظ ڪيئن ٺھيا، ڪيئن بگڙيا ۽ ڪيئن جيئرا ٿيا آھن. ھن بابت ھڪڙو ھي قانون بھ ياد رکڻ جھڙو آھي تھ ”جيترو ڪا زبان وڌيڪ سڌريل ھوندي اوترو ئي ان ۾ نازڪ خيالن ۽ بندشن جي اظھار جي طاقت وڌيڪ ھوندي.“ ھن قانون کي خيال ۾ رکي اسان پنھنجي شاعريءَ جي ھڪ مستند تاريخ لکڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسون.

زبان جي تاريخ ۽ اوسر جي باري ۾ نثر ۽ نظم جي ارتقا جو مطالعو بھ ھڪ ضروري قدم آھي. ھن باب ۾ ھڪڙو وڏو مرحلو ھيءُ آھي تھ آخر ائين ڇو آھي تھ پراڻي زماني ۾ زبان جو وڏو ذخيرو نثر ۾ نھ، پر نظم ۾ ملي رھيو آھي. حالانڪ نظم لاءِ تھ تمام سڌريل زبان گھرجي، جنھن ۾ نازڪ خيالي ۽ بندش جي قوت پڻ موجود ھئڻ گھرجي.

ٻوليءَ جي ڄاڻن ھن سوال جو جواب ھي ڏنو آھي تھ تمام گھڻو اڳي زبانن جا لفظ ڊگھا ھئا ۽ معنيٰ جا وڏا حصا پاڻ ۾ مڪمل طور تي موجود رکندا ھئا. ھيءَ ڳالھھ انھيءَ مان ثابت آھي تھ پراڻي شعر ۾ لفظن جو تعداد اڄڪلھھ جي شعر جي بنسبت گھڻو آھي. ھن خيال مطابق پراڻا شاعر ٿوري ڪوشش سان ھڪ مڪمل خيال پيش ڪري سگھندا ھئا، ان ڪري ھنن نظم کي ترجيح ڏني آھي. وري ھيءَ ڳالھھ بھ سمجھڻ گھرجي تھ پراڻي ادب ۽ پراڻي شعر ۾ محاورا ۽ اصطلاح تمام گھڻا ٿا ملن ۽ اھڙي قسم جي زبان اظھار جي مڪمل طور تي پيش ڪرڻ ۾ مددگار ھئي. ھن تي ٽيڪا ٽپڻي ڪئي ويئي آھي. چون ٿا تھ جڏھن آڳاٽي زبان ۾ اصطلاح ۽ محاورا عام جام ھئا، تڏھن انھن زبانن کي غريب ۽ اڻپوريون زبانون ڪيئن ٿو چئي سگھجي. محاورا ۽ اصطلاح تھ بھرحال زبان جي ترقي يافتھ صورت جون نشانيون آھن. ھن اعتراض جو جواب ھي ٿو ڏنو وڃي تھ محاورن يا اصطلاحن جي وجود جو سبب ئي آھي آسان طريقن سان اظھار ڪرڻ جي وسيلن جي کوٽ. ”شينھن جھڙو مڙس“ چوڻ يا ”شينھن مڙس“ چوڻ ٻوليءَ جي اعتبار کان ڏيکاري ٿو تھ بھادريءَ جو اظھار سڌوسنئون ڪري نٿو سگھجي. جيڪڏھن ساڳيءَ معنيٰ ڏيڻ لاءِ اسان سنڌي لفظ: وريام، وير، مٿير، ھنياءَ وارو، اموٽ، اڻٽر، سورھيھ، بھادر، جوڌو، ٻھڳڻ، ڪوپو ۽ ٻيا لفظ استعمال ڪري سگھون ٿا تھ پوءِ بھتر ائين آھي تھ بالواسطھ اظھار جو اھو طريقو جيڪو ”شينھن مڙس“ جھڙن محاورن ۾ آھي، تن کي ڇڏي اسان بلاواسطھ اظھار اختيار ڪريون. بلاواسطھ اظھار ڪرڻ لاءِ پڻ زبان ۾ ھڪ تحريڪ چالو ڪئي ويئي آھي، جنھن کي (Simplification) يا ’سھل ڪاريءَ‘ واري تحريڪ سڏجي ٿو. ساڳيءَ تحريڪ جي نتيجي ۾ ھڪ ٻي تحريڪ بھ شروع ٿي آھي، اھا تحريڪ انگريزي  زبان  وارن  ۾  مقبوليت  حاصل  ڪري  چڪي آھي، ھن تحريڪ کي (Basic Language movement) يا بنيادي زبان واري تحريڪ سڏجي ٿو. ھن تحريڪ مطابق ٿورن ۽ سادن عام فھم لفظن ۾ اظھار ڪرڻ کي اختيار ڪيو ويو آھي ۽ ھن تحريڪ مطابق انگريزيءَ جا وڏا ۽ ڏکيا ڪتاب وري لکيا ويا آھن، جيڪي آسان، عام فھم ۽ ننڍا آھن.

زبان جي باري ۾ پوئين- پيرين ھلڻ واري طريقي مان اسان اھڙي زبان تائين تھ ضرور پھچي وينداسون، جنھن جا لفظ ڊگھا ۽ بي تڪا ھوندا. اھڙي زبان ان وقت جي لحاظ کان خيال ۽ معنيٰ جي باري ۾ گھڻو غريب نھ ھئي. انھن ماڻھن وٽ معنيٰ ۽ مطلب ھو ئي ايترو جو ھو ظاھر ڪري رھيا ھئا. انھيءَ زبان ۾ لفظن کان وڌيڪ تعداد تھ اھڙن آوازن جو ھو جن کي ھو معنيٰ ۽ مطلب لاءِ استعمال ڪندا ھئا. اڄ بھ انسان خوشي، محبت ۽ جذبات ۾ اھڙي قسم جو آواز يا واڪا ڪري ٿو، جن کي لفظ ڪوٺي نٿو سگھجي، پر انھن مان ڪونھ ڪو مطلب نڪري ٿو. آڳاٽي سنڌي زبان ۾ ٻچڪر، ڳٽڪر، ڀڻڪي، ھونگر، ڇڇڪر، ايگي، کڳي، ڀڀڪي، الغار، سينڍ ۽ ٻين اھڙن آوازن کي استعمال ڪيو ويندو ھوندو، جيڪي اڄ بھ موجود آھن. جانورن کي ھڪلڻ، تڙڻ، ڪاھڻ، جھلڻ ۽ گھلڻ جي لاءِ بھ آواز موجود آھن، جيڪي جدا جدا جانورن جي باري ۾ جدا جدا آھن. ھي آواز زبان جو حصو نھ آھن، پر تھ بھ زبان جي فطرت ۽ جبلت ۾ ھنن جو وڏو ھٿ آھي.

انسان جو پھريون اظھار بھ جبلتن ۽ جذبات تي ٻڌل ھڪ ڪيفيت جو اظھار ھو ۽ اھائي ڪيفيت آھي جيڪا راڳ ۾ تمام ضروري ۽ پھرين ڪيفيت آھي. ھاڻي سوال ٿو اٿي تھ جذبات مان بھ اھي ڪھڙا جذبا ھئا، جن جو اظھار اڳ ۾ ڪيو ويو ھو. ڪن عالمن جو خيال آھي تھ بک ۽ ڏک وارين حالتن جو اظھار اڳ ۾ ٿيو ھوندو، پر ائين نھ آھي ڇوتھ گمان اِھو آھي تھ ھھڙو آواز ندائي لفظن ۽ مختصر آوازن ۾ ئي ٿي ٿي سگھيو، پر پراڻا لفظ ڊگھا آھن ۽ ڊگھن آوازن تي ٻڌل آھن.

جيسپرسن صاحب ھن باري ۾ بھ ھڪ رايو ٿو رکي. ھن جو خيال آھي تھ زبان جي ابتدا ڏک ۽ غم جي جذبن جي بجاءِ خوشيءَ ۽ موج مستيءَ جي اظھار سان ٿي آھي. ھن باري ۾ محبت جي بنيادي احساس بھ ڪم ڪيو ھوندو، ڇوتھ ڳائڻ واري ابتدائي زبان ۾ محبت جو اظھار وري بھ وڌيڪ آھي. جيسپرسن صاحب پنھنجي ڪتاب ”زبان، ان جي نوعيت، واڌارو ۽ بڻ بنياد“ جي صفحي ٤٣٤ تي ھيئن ٿو لکي:

”آڳاٽي زماني جي زبان ۾ مون کي ان وقت جا ٽھڪڙا ۽ خوشيءَ جون الغارون ٿيون ٻڌڻ ۾ اچن، جنھن وقت ننڍڙا ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون سينڍ ۽ سڏ سان ھڪٻئي جو ڌيان ڇڪائن ٿا، جنھن وقت ھر شخص پنھنجو سريلو آواز ٿو آلاپي ۽ پنھنجو بھترين ناچ ٿو ڏيکاري ۽ ٻنھي اکڙين سان پنھنجي لاءِ پسنديدگي ۽ واھھ واھھ جو اظھار ٿو ڪري. زبان ان وقت ٺھي ھئي، جڏھن نر ماد ھڪٻئي جي ويجھو ٿيا ھئا. مون کي ائين ٿو سمجھھ ۾ اچي تھ پھرين گفتار بلبل جي مٺڙي لات ۽ ٻليءَ جي وڻندڙ ’ميائو ميائو‘ جي وچ ۾ ڪنھن نھ ڪنھن آواز جھڙي ھوندي.“

ھنن خيالن جي بنياد تي زبان جو گھڻو حصو ٺھيو ۽ راڳ ۽ گيتن جي صورت ۾ پيدا ٿيو، پر رڳو محبت ئي اھو جذبو نھ آھي جنھن زبان ٺاھڻ ۾ ڪم ڪيو؛ پر محبت کان سواءِ ٻيا بھ طاقتور جذبا آھن جن مان جوش ۽ خوشيءَ جھڙو جذبو اھم آھي. تمام آڳاٽا نظم ۽ گيت پڙھي ڏسبا تھ معلوم ٿيندو تھ اھي شعر تمام طاقتور جذبن جي تحت چيا ويا آھن. انھن ۾ ڪنھن نھ ڪنھن سورھيائي، فتح يا واقعي جي باري ۾ لکيو ويو آھي. اھو شعر Epic ’ايپڪ‘ جھڙو ھو ۽ تمام مضبوط جذبن جي پيداوار آھي.

ھربرٽ اسپيئر صاحب پنھنجي ڪتاب “Essay on the Origin of Music” ۾ پراڻن قومن جي راڳن جا چند موضوع ڏنا آھن. لکي ٿو: ”ڪناري تي رھندڙ شيدي پنھنجي راڳ ۾ يا تھ ڪنھن عشق جي ڪارنامي يا ڪنھن نھ ڪنھن سھڻي عورت جو قصو بيان ٿا ڪن.“ اڳتي لکي ٿو: ”اوڀر آفريڪا جا ماڻھو پنھنجن راڳن ۾ اھڙا لفظ ٿا آڻين جن جي ڪا معنيٰ ڪانھي، پر انھيءَ حالت ۾ انھن لفظن کي انھيءَ حد تائين ٿا ڳائن جو آخر بيخود ٿي ٿا وڃن“. غور ڪبو تھ معلوم ٿيندو تھ اسان جي موجوده ’وائيءَ‘ جي حالت بھ اھڙي آھي. البتھ ترقيءَ جي ڪري اسان جي وائي بامعنيٰ ھڪ ادبي شيءِ آھي. سويڊن جو جونس اسٽولٽ لکي ٿو: ”مان اھڙو وقت بھ سنڀران جڏھن جوان ماڻھو مرد يا عورت صبح کان سانجھيءَ تائين راڳ ڳائيندا وتندا ھئا. انھيءَ زماني ۾ يا تھ گھر ۾ آتڻ تي راڳ ٿيندو ھو يا ٻنيءَ ۾ ھر تي.“

ھن مان معلوم ٿو ٿئي تھ آڳاٽي زماني جي راڳ جو موضوع نھ اونھو ھو ۽ نھ حڪمت سان ڀريل ھو. اھڙيءَ طرح انڊو آمريڪن ماڻھن لاءِ معلوم ٿو ٿئي تھ انھن جي زبان ۾ ”راڳ لاءِ جيڪو لفظ استعمال ڪيو ٿو وڃي، انھيءَ جي معنيٰ ھروڀرو اھڙي ناھي، جنھن مان پتو پوي تھ راڳ ۾ لفظن جو استعمال ڪيو ٿو وڃي. انھن جو واسطو زياده تر سر ۽ تار سان آھي، پر جيڪڏھن لفظ استعمال ڪيا بھ ويا آھن، تھ بھ انھن جو ڪو مطلب ڪونھ ٿو نڪري ۽ جملا اڻپورا آھن.“

ھتي راڳ مان اسان جو مطلب اھو راڳ نھ آھي، جيڪو ھاڻي عظيم فن جي حيثيت اختيار ڪري چڪو آھي، ڇوتھ فن تمام پراڻي راڳ کان بلڪل جدا شيءِ آھي.

اوٽو صاحب جو ھڪڙو خيال ھيءُ بھ آھي تھ ”آڳاٽي زماني ۾ مورتن ۾ ھرھڪ نشاني يا ليڪ جو مطلب اھڙو ھوندو ھو جو ان مان سڄو جملو ٺاھي سگھندا ھئا. انھيءَ جملي ۾ ڪنھن نھ ڪنھن واقعي يا ڪنھن نھ ڪنھن حالت جو بيان ھوندو ھو. اھڙين نشانين مان لفظ وجود ۾ آيا ۽ لفظن مان ’ھرھڪ‘ نشانيءَ وانگر جدا لکجڻ ۾ آيو. البتھ اھي تحريرون اڄڪلھھ جي تحريرن کان جدا ھيون. ھن کان پوءِ الف- بي وارو طريقو رائج ٿيو، جنھن ۾ ھرھڪ لفظ جدا آواز ٿو ٺاھي. جھڙيءَ طرح ھنن لفظن جو اصل يا منڍ آھي، ليڪون يا نشانيون آھن، تھڙيءَ طرح ٻوليءَ جي تاريخ اسان کي اھڙي ھنڌ تي پھچائي جتي اسان تمام آڳاٽن جملن کي ننڍڙن آوازن ۾ ورھائي سگھنداسون.“

اوٽو صاحب جو اِھو خيال تھ اڳوڻي زبان جي حالت ۾ معنيٰ ۽ مطلب جو اظھار ضروري نھ آھي، اھڙو آھي، جو ان سان اتفاق ڪري نٿو سگھجي. ھو صاحب پاڻ بھ ايترو تھ مڃي ٿو تھ پراڻن راڳن جو مطلب وندر ھو، پر ان ھوندي بھ ھو چوي ٿو تھ لفظن جي وندر واري ضرورت ڪا معمولي ڪونھي، لفظ رڳو وات ۽ ڳلي جي ورزش ڪندي وجود ۾ آيا آھن. اوٽو صاحب اھڙيءَ طرح تفريح طبع ۽ وندر لاءِ ڪنھن معنيٰ ۽ مطلب کي ضروري نٿو سمجھي.

اوٽو صاحب ڊارون کان متاثر آھي ۽ ان ڪري ماڻھو ۽ ٻئي جانور جي اوسر (Evolution) کي ھڪجھڙو ٿو سمجھي، ڇوتھ نظر ائين ٿو اچي. اسان جو خيال آھي تھ انسان ۾ خيال، جذبي ۽ جوش جو اظھار نرالي طريقي سان ٿيو آھي ۽ ان ڪري اشارن واري زبان جو وجود مڃڻ جھڙو آھي. جيڪڏھن راڳ جو بنياد جذبا ۽ امنگ آھن تھ جذبن ۽ امنگن جي حالت رڳو انسان سان لاڳو آھي ۽ اھي شيون ڪنھن جانور جي حصي ۾ نھ آيون آھن. تنھن کان سواءِ وندر ڪنھن نھ ڪنھن مطلب ۽ معنيٰ حاصل ڪرڻ کان سواءِ ڪيئن ٿي ٿي سگھي. جڏھن بھ ڪنھن شخص ڳايو ھوندو تڏھن ھو ڪنھن نھ ڪنھن طرح ڪن سئو ھوندو ۽ ڪنھن نھ ڪنھن ٻڌڻ واري ان جو ڪو مطلب ڪڍيو ھوندو. اھوئي تھ سبب آھي جو پراڻي زماني ۾ گڏجي ڳائڻ عام جام ھو. جنھن بھ جذبي جو اظھار راڳ ۾ ٿيو ھوندو ان جو تعلق ھڪ ماڻھوءَ سان نھ پر گھڻن سان يا عام ماڻھن سان ھوندو. راڳ ھن ڪري ھڪ انساني تحريڪ آھي، ۽ تمام انسانذات جي ھڪ گڏيل زبان آھي. اسان جو ويساھھ اِھو آھي تھ زبان جي بنيادي شڪل آھي ئي راڳ.

آخر ۾ عرض آھي تھ ھرھنڌ تحقيق ٿي رھي آھي ۽ ٻولي اڄڪلھھ جي انسان جي تحقيق جو مرڪز بنجي چڪي آھي. عالم ويچاري رھيا آھن، ۽ ايتريءَ حد تائين جو اڄڪلھھ ٻوليءَ مان انسان جي طبيعت، ان جا لاڙا ۽ خود اکرن جي شڪلين مان انسان جي من جا راز بھ پروڙجي رھيا آھن. نفسيات بھ ھن ڪم ۾ مدد ڪري رھي آھي ۽ جدا جدا زبانن جو مطالعو ۽ وري ٻولي ۽ تھذيب جو پاڻ ۾ ڳانڍاپو بھ پروڙجي رھيو آھي. مون ھت جو ڪجھھ بھ ڏنو آھي، موجوده دؤر جي تحقيق ھن کان بھ اڳتي وڌي چڪي آھي. اسان کي گھرجي تھ ٻوليءَ جي معاملي تي، خاص طرح سنڌي ٻوليءَ جي مسئلي تي بھ محنت سان ڪم ڪريون.

ھت جن مسئلن جو ذڪر ڪيو ويو آھي، سي بنيادي مسئلا آھن، پر انھن کي سمجھڻ سان وڌيڪ ڪم ڪرڻ ۾ ضرور مدد ملندي.

(مھراڻ: ١- ١٩٧٢ع)

 

  • ڊښۆ ”ڶێڎإڼ“ ښڶإێۑ، ڷڶبڎ٢، ڵ ١٩٧١ڠ، ڜڢقۆ
  • ښڷډۑ ڵۆڥ إڈب ضۑ إښڥۑڶ ڶجڠڵڤ ضڷإب ڋإڥخڎ ڷبۑ بكڛ كإڷ بڵۆغ ڥڶ ڥۑۆ آێۑ. إط جإیۑڷ ښڷډۑ إڈبۑ بۆڎڋ صإڎإڷ ”ڵۆڥ إڈب“ ضإ خۑێإڎۆ ڦڷ ڥجإب فصضۑ غڥإ آێڷ.