ڪتاب جو نالو | سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون (جلد III) |
---|---|
ليکڪ | ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو |
سنڌيڪار / ترتيب | آزاد انور ڪانڌڙو |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-9098-09-3 |
قيمت | 150 روپيا |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | (486) PDF E-Pub |
انگ اکر | 29 October 2019 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 8877 ڀيرا پڙهيو ويو |
قوم ٿي زندهه رهي پر جي زبان زنده هجي: دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ هر خطي جي مادري زبان جي ترقي ۽ ڦهلاءَ تي خاص ڌيان ڏنو ويندو آهي ۽ هر مادري زبان کي زنده رهڻ جا وسيلا مهيا ڪري ڏنا ويندا آهن، جيئن انهن خطن جي قومن جي مجموعي ذهني تشڪيل پنهنجي ماضيءَ کان ويندي حال تائين مجموعي ٿي سگهي. سنڌي ٻولي پنهنجي قدامت ۽ تاريخي ورثي کي سانڍيندي پنهنجي علمي، ادبي، لغوي ۽ تهذيبي سرمايي جي لحاظ کان ملڪ جي سمورن خطن جي مادري ٻولين کان نه صرف قديم ۽ تاريخي ٻولي آهي، پر پختي، جاندار۽ منفرد به آهي ته شاهوڪار به آهي. جيتوڻيڪ سنڌي ٻوليءَ ناسازگار حالتون به ڏٺيون آهن. ان جي باوجود اها اڄ به قائم ۽ دائم آهي ۽ ان جي ترقيءَ لاءِ سنڌ جا اديب، شاعر، عالم، محقق ۽ سڄاڻ پاڻ پتوڙيندا رهن ٿا. اهو چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ نه آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي مقابلي ۾ پنجابي، ملتاني، سرائڪي، براهوي، پشتو، بلوچي، گجراتي ۽ ڪڇي ٻوليون فني توڙي علمي حوالي سان ايتريون مالا مال نه آهن، انهن وٽ سنڌي ادب جيترو نه ڪو ذخيرو آهي نه ئي ڪو رڪارڊ. اها به حقيقت آهي ته خود اردو زبان به سنڌي ٻوليءَ جي مقابلي ۾ نئين ڄاول آهي ۽ ان جي لفظن جو ذخيرو به تمام گهٽ آهي. ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو، سنڌي ٻوليءَ جو ڄاڻو، محقق، نقاد ۽ عالم هو. هن پنهنجي علمي ۽ تحقيقي ڪاوشن ذريعي سنڌي ٻوليءَ ۾ موجود اهڙا خال ڀرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جيڪي اڄ تائين ائين ئي رهندا پئي آيا. ڊاڪٽر الهداد ٻوهيي جي هن ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون(جلد ٽيون)“ ۾ شامل مضمون ۽ مقالا مواد ۽ تحقيق جي حوالي سان شاهڪار جي حيثيت رکن ٿا. هن ڪتاب ۾ ٻوهيي صاحب جو مقالو ”سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪردار“ به شامل آهي، جنهن جي ان وقت ڇپجڻ کان پوءِ سنڌ جي نامياري محقق ۽ اديب ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڊاڪٽر تنوير عباسي ۽ عبدالحئي چانڊيي کيس ان موضوع تي پي ايڇ ڊي ڪرڻ لاءِ اتساهيو. هونئن به ڊاڪٽر ٻوهيو صاحب پنهنجي حياتيءَ ۾ ٻوليءَ جي هڪ وڏي ڄاڻو، عالم،محقق ۽ نقاد جي نگاهه سان سنڌي ٻوليءَ کي ڏسندو رهيو هو. ٻوليءَ جي ترقي، ٻوليءَ جي مختلف حوالن سان اهميت، ڦهلاءَ ۽ ٻوليءَ جي بگاڙ کان بچاءَ جي حوالي سان هُو سدائين فڪرمند رهيو، جيڪا ڳالهه هنن مقالن ۽ مضمونن مان به ظاهر ٿئي ٿي. سنڌي ٻوليءَ جي ترقي، واڌاري ۽ بهتريءَ لاءِ ڊاڪٽر الهداد ٻوهيي صاحب جي علمي جدوجهد، سائنسي تحقيق ۽ جاکوڙ کي موجوده توڙي ايندڙ نسل ڪڏهن به وساري نه سگهندو. مان سنڌي لئنگويج اٿارٽيءَ جو تمام گهڻو ٿورائتو آهيان، جنهن ٿورڙي وقت ۾ هن ڪتاب جي ڇپائيءَ کي يقيني بڻايو. سنڌي ٻوليءَ جي ترقي ۽ سڌاري لاءِ سنڌي لئنگويج اٿارٽيءَ جي اهڙين ڪوششن کي داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهجي. آزاد انور ڪانڌڙو- ميهڙ