ڪتاب جو نالو | سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون (جلد III) |
---|---|
ليکڪ | ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو |
سنڌيڪار / ترتيب | آزاد انور ڪانڌڙو |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-9098-09-3 |
قيمت | 150 روپيا |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | (487) PDF E-Pub |
انگ اکر | 29 October 2019 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 8880 ڀيرا پڙهيو ويو |
ٻوليءَ جي تاريخ ٻڌائي ٿي تھ ٻوليون بدلجنديون ۽ مٽبيون رھنديون آھن، پر ٻوليءَ ۾ جا بدل سدل يا ڦيرگھير اچي ٿي، تنھن جا سبب بھ تمام گھڻا آھن. اسان لاءِ اھو تمام ضروري آھي تھ اسان انھن سڀني سببن کي سمجھون، پر ھن ڀيري اسان انھيءَ ڦيرگھير جو فقط ھڪڙو سبب بيان ڪري سگھنداسون. ٻوليءَ جو پھريون مرحلو ٻاراڻي ٽھيءَ کان شروع ٿئي ٿو، ان ڪري زبان جي وڌڻ، ٺھڻ، بدلجڻ ۽ وري بڻجڻ ۾ ٻار جو حصو چڱو چوکو آھي. ھاڻي ڏسڻو آھي تھ ٻوليءَ جي انھيءَ ڦيرڦار ۾ ٻار جو حصو ڪيترو ۽ ڪھڙو آھي؟
ھن باري ۾ اڪابرن جا خيال ٻھ آھن: ڪن عالمن جو چوڻ آھي تھ ٻار جنھن عمر ۾ زبان سکندا آھن، ان عمر جي تقاضا بھ اھا آھي تھ ٻار جي زبان پوري نھ پر اڌوگابري ھجي. ان عمر ۾ ٻار مجبور آھي تھ ڳالھائڻ ۾ جا ٻولي واپرائي، تنھن ۾ چڪون ڪندو وڃي. اھي ئي چڪون آھن جيڪي اڳتي ھلي ٻوليءَ ۾ تبديليءَ جو سبب بڻجي پونديون آھن.
ٻيءَ ڌر وارن جو چوڻ آھي تھ زبان جي ڦيرگھير ۾ ٻارن ويچارن جو ڪو ھٿ ڪونھي، ڦيرگھير جا سبب ئي ڪي ٻيا آھن.
ھن باري ۾ عرض آھي تھ جن طريقن سان ھڪڙي نسل جي ٻولي ٻئي نسل تائين ٿي پھچي، انھن مان ھڪڙو طريقو آھي ”اھل“ جو يا نقل ڪرڻ جو، (اھل کي سنڌيءَ ۾ آھل بھ چيو ٿو وڃي) پر طريقا ٻيا بھ آھن ۽ اھي بھ زبان جي ھن پنڌ ۾ زبان تي اثر ڪندا ٿا وڃن. اھل يا نقل ۾ ھڪڙي ڳالھھ اھا آھي تھ ان ۾ ھر ماڻھوءَ کان چڪون ٿي ٿيون سگھن. اھو ھن طرح جو جيڪڏھن ھڪڙو چوي ٿو ”سنھڙو“ تھ ٻيو ”سنرو“ بھ چوندو، توڙي جو پھرئين لفظ جي پوري اھل جي ڪوشش ڪندو، ڇوتھ ”ھھ“ جو اچار پھرئين لفظ ۾ ايترو لڪل ۽ ايتريقدر معمولي آھي جو نون کان پوءِ ان جو اچار ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ٿو لڳي. ھي مثال عام جام آھي، پر ھھڙي مثال مان ظاھر آھي تھ زبان کي ڏاڍو ڇيھو ٿو رسي. ”سنھڙو“ لفظ تھ قد بت يا اڏاوت سان واسطو ٿو رکي، پر ”سنرو“ لفظ جي معنيٰ آھي، مچاڻ، ٻڌڻ ۾ تيز، ”سپڙڪنو ۽ ڦڙت“. چڱي صحت واري ٻار کي بھ ”سنرو“ چوندا آھيون. پر غلطيءَ جو ھي مثال اھڙو آھي جو ھن جو شڪار نھ رڳو ٻار پر وڏا بھ ٿي ٿا سگھن. توڙي جو ٻارن جي باري ۾ ھيءَ غلطي عام چئي ٿي سگھجي. ھھڙيءَ غلطيءَ کي درست ڪرڻ جي ڪوشش تمام ضروري آھي، نھ تھ ٻيءَ حالت ۾ زبان جو بڻياد ۽ اصل ئي ميٽجي ويندو.
ٻارن جي معاملي ۾ ھيءَ غلطي اھڙي آھي، جو ٻار ويچارا مجبور آھن، ۽ ان ڪري ھھڙي چڪ ۽ ان جي ڪري زبان ۾ تبديلي فطري ۽ سڀاويڪ آھي، پر چڱي ڳالھھ آھي جو ھڪ تبديليءَ جي ڪري ٻوليون تمام گھٽ بدلجي ۽ ڦري سگھيون آھن، ڇوتھ ھن چڪ کي ڪنھن نھ ڪنھن منزل تي درست ٿيڻ جو موقعو ملي ٿو وڃي. پر تڏھن بھ اھا ڳالھھ وسھڻ جھڙي آھي تھ ٻوليءَ ۾ بدل سدل جو ھڪڙو ڪارڻ اھا غلطي آھي، جيڪا ٻار ڪري ٿو.
ٻار جي ھن غلطيءَ ڏي ڌيان سڀ کان اڳ سويٽ صاحب ڏنو ھو. ھي صاحب وڏي تحقيق کان پوءِ انھيءَ نتيجي تي پھتو ھو. تھ ٻارن جي اھل ۽ نقل ڪرڻ جي ڪري، زبان تي ڪو اثر ڪونھ ٿو پوي. ھن جو مطلب ھي آھي تھ جيڪڏھن ٻار ڪا غلطي ڪري بھ وجھندو تھ اھا غلطي گھڻي وقت تائين ڇو ھلندي ۽ اھا غلطي درست ڇونھ ٿي ويندي. سويٽ صاحب جائي ٿو چوي. سماج ٻار جي زبان جي غلطي درست ڪري ٿو ڇڏي، پر تڏھن بھ ٻارن جون غلطيون سندن زبان ۾ گھڻو وقت ھلنديون رھيون آھن ۽ انھن، زبان جي چڱي حصي تي اثر ڪيو آھي، اھا ڳالھھ مڃبي.
سويٽ صاحب جنھن نڪتي ڏانھن اسان جو ڌيان ڇڪايو آھي، اھو آھي ”سنوار“ وارو خيال. سنوار جو اصول زبانن ۾ ڪم ڪندو رھيو آھي، ۽ ان اصول پٽاندر نھ رڳو ٻار پر وڏو بھ زبان جي سنوارڻ جي ڪم ۾ مدد ڪري ٿو. جيڪڏھن زبان جي تاريخ ۾ سنوار کي دخل نھ ھجي ھا تھ پوءِ ٻولي ھيٺ ڪرندي وڃي ھا ۽ اڄوڪيون زبانون ڪنھن دٻي ۾ ٺڪرين جي آواز جي آواز جھڙيون ھجن ھا!
”سنوار“ (Correction) ٻن طريقن سان ٿئي ٿي. پھريون طريقو اھو آھي تھ ٻڌڻ جي حس ۽ وسيلي مطابق آواز ٻڌڻ وارو آواز جھٽي ٿو، ۽ پوءِ ذھن ان کي ھٿ ڪري ٿو ۽ ان کان پوءِ ذھن ان آواز کي وري اچارڻ لاءِ ضرورت ماتحت آواز جي عضون کي تحرڪ ۾ ٿو آڻي. غلط اچار کي ذھن قبول نٿو ڪري، ڇوتھ ھن وٽ ھڪ وڌيڪ پختو ۽ موزون آواز بھ موجود آھي، جنھن کي ھن سماج جي سند مان قبول ڪيو آھي، ان ڪري پنھنجي طرفان واپرائڻ وقت ذھن غلط آواز کي ۽ اچار کي درست ڪري ٿو وڃي. ھي طريقو سڀاويڪ آھي ۽ ھن ۾ ڪنھن بھ تربيت جي ضرورت ئي ڪانھ ٿي پوي.
سنوار جو ٻيو طريقو آھي تعليم ۽ تربيت وارو طريقو. ھن طريقي ماتحت برک زباندان ۽ ٻوليءَ جا ماھر ڪي قانون ٺاھي رکندا آھن، جن ماتحت زبان ۾ غلط اچارن ۽ لفظن جي غلط استعمال ۽ جملن جي غلط سٽا کي سنواري سگھبو آھي.
سويٽ صاحب کان سواءِ ميرنجر صاحب بھ انھيءَ ڳالھھ کي ٽيڪو ڏنو آھي تھ زبان جي معاملي ۾ ٻارن جو ڪوبھ ھٿ ڪونھ آھي. ھو صاحب چوي ٿو تھ ٻولي بھ ھڪ سماجي معاملو آھي، ان ڪري ان تي اثر فقط سماج جي طاقتور حصي جو پئجي ٿو سگھي. جھڙيءَ طرح سماجي زندگيءَ جي ٻين معاملن ۾ مٽ سٽ جو سبب، بالغ مرد ۽ عورت آھن، تھڙيءَ طرح زبان واري معاملي ۾ فقط انھن کي ئي دخل حاصل آھي. زبان جي معاملي ۾ بالغ عورتن ۽ مردن جو جيڪو حصو آھي، اھو پنھنجي جاءِ تي ھڪ اھم معاملو آھي، ۽ ان تي ھڪ وڌيڪ مضمون لکڻ جي ضرورت آھي. ھت فقط ايترو چوڻو آھي تھ ٻارن کي بھ سماج جي سٽا ۾ وڏو ھٿ آھي. سماجي زندگيءَ جا ڪيترائي اھڙا معاملا آھن، جن تي ٻارن جي حالتن جو ۽ زندگيءَ جو اثر ٿئي ٿو. ٻوليءَ جي معاملي ۾ تھ ٻار بنيادي پٿر جي حيثيت رکي ٿو، ان ڪري ائين چوڻ تھ ”ٻوليءَ سان آخر ٻارن جو ڇا؟“ سا ڪجھھ اڻسوھندي ڳالھھ آھي.
وڌيڪ وزنائتو خيال، اوٽو جيسپرسن جو آھي. ھن صاحب جو خيال آھي تھ زبان ۾ مٽ سٽ جو وڏو سبب ھي آھي تھ ماڻھو جنھن وقت ڪنھن ڳالھھ تي ڳالھائيندو ٿو وڃي، تنھن وقت ھيئن ٿو ٿئي، جو ڪنھن معنيٰ جي اظھار لاءِ وٽس ھڪدم موزون ۽ مروج لفظ ھڪيا تڪيا حاضر نٿا رھن، ان ڪري ھو پنھنجي ذھن جي زور تي ساڳيءَ معنيٰ جي اظھار جي لاءِ نوان لفظ ٺاھي ٿو وٺي. اھڙيءَ طرح اھڙو ماڻھو بيخبريءَ ۾ ھڪ انقلاب جو بنياد ٿو رکي، جو اڳتي ھلي پنھنجي جاءِ پاڻ ٿو ٺاھي. ھن ڳالھھ جي بنياد تي اوٽو صاحب ھن خيال جو آھي تھ زبان ۾ ڦيرگھير جي لاءِ جيتريقدر ٽن سالن جو ٻار جوابدار آھي، اوتريقدر ٽياسي سالن جو پوڙھو.
ھن باري ۾ ھرزاگ صاحب جو خيال بھ ويچارڻ جھڙو آھي. ھرزاگ صاحب جو نظريو صوتي تبديلين جي اصول تي قائم ڪيو ويو آھي. ھن صاحب جو خيال آھي تھ زبان ۾ صوتي تبديليون ان ڏاڪي تي ٿيون اچن جنھن تي اھل يا نقل ڪم ڪندا آھن، توڙي جو ٻار اھل ڪرڻ ۾ غلطي نٿا ڪن. ھن صاحب جي خيال ۾ ٻاراڻي ٻوليءَ ۾ ٻارن جي ڳالھائڻ وارن عضون جي ڪمزور، نامڪمل ۽ اڻپوري ھئڻ جي ڪري ڪي اھڙيون ڳالھيون رھجي ٿيون وڃن، جيڪي ٻار وڏي ٿيڻ کان پوءِ وري سنواري ٿو وٺي. اھڙيءَ طرح ھڪڙي نسل کان ٻئي نسل تائين ٻولي وڃي ٿي بگڙندي ۽ سڌرندي، تان جو ڪي تبديليون پنھنجي جاءِ پڪي ڪري ٿيون وٺن ۽ ٻوليءَ ۾ ھڪ پڪي تبديلي اچي ٿي وڃي. ھرزاگ صاحب جي نظريي جو بنياد ھن ڳالھھ تي آھي تھ ڳالھائڻ وارن عضون جي ننڍ وڏائي ۽ ڊول ھر ٻار ۾ پنھنجو پنھنجو ھوندو آھي، ان ڪري ساڳئي لفظ کي جدا جدا ٻار جدا جدا نمونن سان اچارڻ لاءِ مجبور آھن.
ھن صاحب جي خيال کي بھ ردڪد ڏنو ويو آھي. چون ٿا تھ ڳالھائڻ وارن عضون جي ننڍ-وڏائيءَ جو معاملو ايترو اھم تھ نھ آھي، جيترو ھرزاگ صاحب سمجھيو ويٺو آھي. ڳالھھ ھيئن آھي تھ ٻار زبان سکي ٿو ٻڌڻ سان، ان ڪري جيڪڏھن شروعات ۾ ھن کان ڪا غلطي ٿي بھ ويئي تھ بھ ھو اڳتي ھلي اھا غلطي سڌاري ويندو. حقيقت ھيءَ آھي تھ ٻار جي چوڌاري سڀني عمرين جا ماڻھو رھن ٿا، ۽ ھو سڀني عمرين جي ماڻھن وٽان زبان سکي ٿو، ان ڪري ٻار جي غلطيءَ جو پڪو ٿي وڃڻ، چون ٿا تھ مڃڻ جھڙي ڳالھھ نھ آھي.
اھل ۽ نقل جي معاملي کان پوءِ وري ٻيو معاملو آھي چيٻاڙن ڪڍڻ، يا ويچارن ڪڍڻ جو. چيٻاڙن ۽ ويچارن ڪڍڻ ۾ ھڪڙي ماڻھوءَ جي جملي، آواز يا لفظ کي ورجايو ويندو آھي، پر اھڙيءَ طرح جو ورجائڻ وارو پنھنجن چپن، ڄڀ ۽ گلي کي رواجي صورت مان ڦيرائي ٻي صورت ڏيندو آھي، ان ڪري ورجايل جملي، لفظ يا آواز جي ادائگي نھايت ئي نرالي نموني ۾ ٿيندي آھي. زبان جي آوازن، اچارن ۽ ادائگيءَ جو ھي طريقو مصنوعي آھي ۽ ھٿرادو آھي. اسان وٽ ھن کي برو سمجھيو ٿو وڃي، پر ان ھوندي بھ اسان کي ھن طريقي جو اڀياس ضرور ڪرڻ گھرجي. اسان جي پنھنجي تجربي جي ڳالھھ آھي تھ ويچارا يا چيٻاڙا اڪثر ٻار ڪڍندا آھن، ۽ وڏن ۾ ھن قسم جي عمل کي ورلي ڏٺو ويو ھوندو. ھاڻي ڏسڻو آھي تھ ٻار ھن قسم جو عمل ڇوٿا ڪن.
چيٻاڙن ڪڍڻ جو پھريون سبب تھ اھو آھي تھ ھرڪو ٻار پاڻ کي ٻئي جي نسبت زبان جو بھتر ڄاڻو تصور ڪري ٿو، ۽ سمجھي ٿو تھ ان ڪري ھو ٻئي جي ٻوليءَ ۽ ڌنڪ يا لھجي تي ٽوڪ ٿو ڪري، ۽ اڳلي کي ٻڌائي ٿو تھ ھن جي ڌنڪ اھڙي آھي، جا ھو چيٻاڙن ڪڍڻ سان ڪري ٿو. ظاھر آھي تھ ھھڙي قسم جو عمل ٻارن ۾ اندر ئي اندر ڳجھھ ڳوھھ ۾ ھڪ چٽاڀيٽيءَ جي ثابتي ڏئي ٿو، جيڪا زبان سکڻ ۾ ٻارن جي وڏي مدد ٿي ڪري.
پر اسان جي ماحول ۾ وڏي ڳالھھ ھيءَ آھي تھ اسان چيٻاڙن کي گار سمجھندا آھيون. اسان جو ھي تصور ڏيکاري ٿو تھ اسان پنھنجي زبان جي قابليت کي، پنھنجي عزت جو سوال بڻايو آھي. ان ڪري پنھنجي لھجي، لوڏ ۽ ڌنڪ تي ٺٺول ڪرڻ کي اسان پنھنجي عزت جو معاملو سمجھي رھيا آھيون. اسان کي معلوم آھي تھ ٻارن ۾ چيٻاڙن ڪڍڻ ۽ ويچارن ڪرڻ تي اڪثر جھڳڙو ٿيندو آھي.
ھن کان پوءِ اچون ٿا ٻارن کي ٻولي سيکارڻ جي ڪن طريقن تي.
ٻار جن طريقن سان ٻولي سکي ٿو تن مان ڪي تھ سڀاويڪ آھن ۽ انھن ۾ ٻار جي ويجھڙي ماحول جو ڪو ھٿ ڪونھ آھي. اھي طريقا آھن ٻار جي سڀاويڪ ۽ فطري قوتن ۽ صلاحيتن وارا، ۽ انھن ۾ خود ٻار جي پنھنجي ڪوشش جو بھ ڪو ھٿ نھ آھي. انسان جي جسم جي نظام جو ھڪ وڏو راز ھي آھي تھ ڪيترائي عضوا خود اسان جي پنھنجي ضابطي کان ٻاھر آھن، ۽ اھي ڪنھن اھڙي مخفي نظام جي تحت ھلن ٿا، جنھن سان اسان جو ڪو واسطو ڪونھي. ڄمڻ کان پوءِ ڪجھھ عرصي تائين ٻار جا سڀ عضوا ڪم ڪن ٿا، پر پنھنجي فطري حالت ۾ ڪن ٿا ۽ انھن تي ٻاھرين دنيا جو اثر ڪونھ ٿو ٿئي. ھن حالت ۾ وڏي ۾ وڏو ڪم، ڪن ۽ اکيون ٿا ڪن. جو بھ آواز پيدا ٿئي ٿو سو ڪن ٻڌن ٿا، ٻار چاھي يا نھ چاھي اکين جي ڏسڻ جو ڪم بھ انھن جي قوتن جي آھر پنھنجو پاڻ ئي ٿئي ٿو. اسان چاھيون يا نھ چاھيون، پر اکيون ضرور ڏسنديون. (جيڪڏھن انھن کي بند نھ ڪيو وڃي) ھاڻي ڇاڪاڻ تھ زبان جي معاملي ۾ ٻڌڻ واري فعل کي وڏي ۾ وڏو ھٿ آھي، اھا ڳالھھ مڃڻ جھڙي آھي تھ زبان جو ڳچ جيترو حصو ٻار سڀاويڪ وسيلن سان سکي ٿو ۽ ھي وسيلا ايترا مضبوط آھن، جو ھنن جو مقابلو ڪوبھ ھٿرادو وسيلو ڪري نھ سگھيو آھي. زبان سيکارڻ جا جيڪي ھٿرادو وسيلا اڄ تائين آزمايا ويا آھن، انھن ۾ بھ سڀاويڪ وسيلن کان وڏي مدد ورتي ويئي آھي. مثال طور (Direct method) سڌوسنئون طريقو جيڪو ٻوليءَ سيکارڻ لاءِ، يورپ ۾ ۽ اسان وٽ استعمال ڪيو ويو آھي، ان ۾ وڏي ۾ وڏو خيال اھو رکيو ويو آھي تھ ٻار کي سڀاويڪ طريقن مان فائدي وٺڻ جي وڏي ۾ وڏي سھولت موجود ڪري ڏني وڃي. اھوئي سبب آھي جو سڌي سنئين طريقي ۾ ٻڌڻ جي مشق کي بنياد طور قبول ڪيو ويو آھي. مادري زبان ۾ تھ ھي طريقو پنھنجو پاڻ ئي ڪم ڪري ٿو، پر ڌاريءَ زبان ۾ ھن طريقي کي ڪم ڪرڻ لاءِ خود آواز پيدا ڪرڻ، ڳالھائڻ ۽ اچارڻ جي عملن کي سڌاري پوءِ استعمال ڪيو ويو آھي تھ جيئن ٻار، جو ڪجھھ بھ ٻڌي ۽ حاصل ڪري سو بي عيب ۽ سٺيءَ ٻوليءَ جو مواد ھجي. انڪري سڌي سنئين طريقي جي تحت زبان سيکارڻ وارو زبان جي پاڙھڻ جي علم جو ماھر تھ ھوندو آھي، پر ان کي زبان جي مھارت بھ حاصل ڪرڻي پوندي آھي. ھنن ڳالھين کان پوءِ پاڙھڻ وارن لاءِ رڳو اھا ڳالھھ ضروري آھي تھ جا معياري ۽ مڪمل ٻولي ھو پاڻ ڳالھائن ٿا تنھن جي ٻڌڻ جو موقعو ٻارن کي موجود ڪري ڏنو وڃي. اھوئي سبب آھي جو ڌاريءَ زبان جي پاڙھڻ وارو ڪلاس ۾ وڏي ۾ وڏو زور چوڻ ۽ چوائڻ تي ڏيندو آھي. ھي طريقو بھ سڀاويڪ طريقي جو مقابلو ڪري نھ سگھيو، ان ڪري انگريزي زبان جي تعليم پاڪستان ۾ ناڪام ٿي ويئي. وڏو مونجھارو ھن ڪري پيدا ٿيو جو ٻار مادري زبان جي مقابلي ۾ ڌاريءَ زبان کي قبول ڪري نھ سگھيا. خاص ڪري انھيءَ حالت ۾ جو ٻنھي زبانن جي سکڻ جو عمل ٻار ساڳئي وقت ڪري رھيو ھو. ھن جي لاءِ اھو مشڪل ھو تھ ھو فطري ۽ سڀاويڪ طريقن جي مقابلي ۾، مصنوعي طريقن ڏانھن وڌيڪ توجھھ ڏئي. ڪلاس ۾ ڪوبھ شاگرد وڌ ۾ وڌ ڏيڍ ڪلاڪ روزانو زبان جي طرف متوجھھ رھي ٿي سگھيو، پر ٻاھر ھرڪو ٻار چوويھن ڪلاڪن مان باقي سڄو وقت پنھنجي مادري زبان جي ماحول ۾ رڌل ٿي رھيو، ان ڪري ڌاريءَ زبان کي ھو پنھنجي فطري قابليت ۾ شامل ڪري نھ سگھيو.
پر اڃا بھ وڏي ڳالھھ ھيءَ آھي تھ ٻوليءَ جو معاملو ٻار جي لاءِ ڪلچر جو معاملو بھ ھو، ان ڪري جنھن وقت سنڌ ۾ انگريزيءَ جو ڪلاس شروع ٿئي ٿو، ان وقت ھڪ ئي ڪلاس ۾ رڳو ٻھ ٻوليون نھ، پر ٻھ ڪلچر بھ ڪم ڪري رھيا ھئا. انھن ٻن مان ھڪڙو ڪلچر تھ ٻار جو پنھنجو ۽ ويجھو ڪلچر ھو، ۽ ٻيو اھو ڪلچر ھو جو ٻوليءَ جي معرفت يعني بالواسطھ ٻار جي ذھن ۾ داخل ڪيو ٿي ويو. ڇاڪاڻ تھ ٻار جي ذھن ۾ پنھنجي ڪلچر کان سواءِ ڪنھن بھ ٻئي ڪلچر جي جاءِ موجود نھ ھئي، ان ڪري ھو انگريزي سکڻ کان پوءِ بھ سنڌي رھيو، ۽ ان ڪري انگريزي ٻوليءَ کي بھ جيءَ ۾ جاءِ ڏئي نھ سگھيو.
وري ھڪ ڳالھھ ھيءَ بھ آھي تھ طريقو ڪھڙو بھ ھجي، پر ٻوليءَ جي سکڻ ۾ وڏو سوال آھي سوچڻ جو. اسان وٽ جنھن وقت ٻار انگريزي دھرائي رھيو آھي، ان وقت بھ ھو سنڌيءَ ۾ سوچي رھيو آھي، جا ڳالھھ ھن لاءِ سڀاويڪ آھي، ان ڪري اسان جو ٻار سنڌيءَ جي مقابلي ۾ ڪنھن بھ ٻيءَ ٻوليءَ کي قبول ڪري نٿو سگھي.
وري ٻي وڏي ڳالھھ ھيءَ آھي تھ ٻار جي سڀني صلاحيتن مان ٻولي سکڻ واري صلاحيت ئي آھي، جا ٻوليءَ سکڻ ۾ ٻار جي مدد ڪري سگھندي. جيڪڏھن ھڪڙي صلاحيت کي جدا جدا زبانن جي سکڻ ۾ صرف ڪبو تھ پوءِ ظاھر آھي تھ ڪنھن بھ ھڪ زبان جي طرف ٻار جو توجھھ مڪمل طور تي وڃي نھ سگھندو، ان ڪري سڄي صلاحيت ورھائجي ويندي، ۽ ٻار ڪابھ ٻولي پوري صلاحيت سان حاصل ڪري نھ سگھندو، ان ڪري ٻوليءَ جي قابليت ٻار ۾ پوريءَ طرح پيدا نھ ٿيندي، يعني ھو ڪنھن بھ زبان ۾ مھارت حاصل ڪري نھ سگھندو. اھڙيءَ حالت ۾ وري بھ ھن جي وڏي ۾ وڏي صلاحيت مادري زبان ۾ ھوندي ۽ ان ڪري، باوجود تعليم جي سڌريل طريقن جي بھ، اسان جو ٻار ھڪ زبان جو ڄاڻو ئي رھندو.
ھنن خطرن کي پاڪستان ۾ انگريزي زبان پاڙھڻ وارن گھڻو اڳي ئي محسوس ڪيو ھو، ان ڪري ھن صديءَ جي پنجين ڏاڪي ۾ اسان جي تربيتي ادارن ۾ ٻولين پاڙھڻ وارا استاد روزانو اھا ڳالھھ ڪندا ھئا تھ انگريزيءَ جو معاملو تھ رڳو ايترو آھي تھ ھن ٻوليءَ کي ڪم ھلائڻ لاءِ سکڻ گھرجي، جنھن جو مطلب اِھو ھو تھ ڪم جيڪڏھن ھلي ٿي سگھيو تھ رڳو انگريزي ٻوليءَ ۾ ۽ نھ ڪنھن ٻيءَ ٻوليءَ ۾ ظاھر آھي تھ اھو تاثر بھ برٽش ڪائونسل جو پيدا ڪيل ۽ ڏنل ھو، ۽ اھڙو تاثر ڏيڻ ھنن لاءِ ان وقت تمام ضروري ھو، ڇوتھ پاڪستان انگريزي ٻوليءَ کي مادري زبان جي مقابلي ۾ رکڻ ۾ ناڪام ٿي رھيو ھو.
ان کان پوءِ زبان پاڙھڻ ۽ ڌاريءَ زبان پاڙھڻ جا نظريا اسان جي ملڪ ۾ ڦري ويا، پر اسان جي آفيسر صاحبن ۽ وڏن ماڻھن وقت جي ھن حقيقت کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو ۽ وڌ ۾ وڌ تعداد ٻارن جو انگريزي اسڪولن ۽ Convents ۾ وڃڻ لڳو.
اڄ حالت ھيءَ آھي جو سڀني زبان جا ماھر متفق آھن تھ تعليم رڳو مادري زبان ۾ ڏئي ٿي سگھجي، ۽ ڏيڻ گھرجي، پر اسان جي ملڪ جي انگريزي اسڪولن ۾ اڄ بھ ٻار وڏي انداز ۾ شامل ٿي رھيا آھن.
پاڪستان ۾ تعليم جي ناڪاميءَ جو وڏو سبب تھ اھو آھي تھ ٻار کي مادري زبان کان ڇني ۽ جدا ڪري ڌاريءَ زبان جي ٻوھي ۾ ڏنو ويو آھي. يورپ ۽ آمريڪا ۾ سائنس ۽ فني تعليم جي ترقيءَ جا جيڪي سبب آھن، انھن مان ھڪ تھ ھي آھي تھ ھنن ملڪن ۾ تعليم انگريزيءَ ۾ ڏني ٿي وڃي، جيڪا اتي مادري زبان آھي، ان ڪري انھن ملڪن ۾ ٻارن کي ڪلچرن جي مقابلي ۽ صلاحيتن جي تفريق جو شڪار ٿيڻو ڪونھ ٿو پوي.
ٻاراڻيءَ وھيءَ ۾ ٻاتائڻ جو معاملو بھ ڏاڍو دلچسپ آھي. ٻاتائڻ جو سبب ماھر اھو ٿا ٻڌائن تھ ٻار جا ڳالھائڻ وارا عضوا ۽ خاص ڪري زبان، پوريءَ ريت ڪم نٿي ڪري، ان ڪري ٻار لفظ جو اچار صحيح ڪري نٿو سگھي. ٻاتائڻ لاءِ ٻار جي پوري جسماني صحت کي بھ جوابدار ٺھرايو ٿو وڃي ۽ ان جي ويجھڙي ماحول کي بھ ٻاتن ٻارن جي وچ ۾ پلجڻ وارو ٻار بھ ٻاتائي ٿو، توڙي جو پنھنجي جاءِ تي ھو ٻاتو نھ آھي. ڪمزور ۽ ھيڻو ٻار بھ پنھنجا چپ ۽ زبان پوريءَ ريت ڪم آڻي نٿو سگھي، ڇوتھ ڪي بيماريون بھ اھڙيون آھن جن جو اثر زبان ۽ چپن تي پوي ٿو. پر ٻاتائڻ وارو ٻار بھ لفظ جو غلط اچار ۽ آواز قبول نٿو ڪري. ماحول ۾ ٻوليءَ جي معيار مطابق قبول ڪيل اچار ٻار جو بھ قبول ڪيل اچار آھي، توڙي جو ھو درست اچار پاڻ ڪري نٿو سگھي. اسان جي سامھون اھڙا مثال بھ آھن، جن ۾ اسان ڏٺو آھي تھ جيڪڏھن ھڪڙو ٻاتو ٻار ”ٻڪريءَ“ جو اچار ”ٻتڙيءَ“ جھڙو ٿو ڪري تھ ٻيو ٻاتو ٻار بھ ان جي اچار کي درست ڪرڻ لاءِ پاڻ بھ ”ٻتڙي“ ٿو چوي، جنھن جو مطلب اھو آھي تھ ٻار جي ذھن ۾ لفظ جو اچار جيڪو موجود آھي، سو معياري ۽ قبول ڪيل آھي، پر اھا رڳو ھن جي زبان جي ھٻڪ آھي، جنھن جي ڪري ھو اچار کي درست نموني ۾ ظاھر ڪري نٿو سگھي. اھڙيءَ حالت ۾ اھو نظريو تھ ٻار جي غلط اچار ڪرڻ جي ڪري ٻوليءَ ۾ تبديلي اچي ٿي وڃي، ڪجھھ وزندار معلوم نٿو ٿئي.
صوتي تبديلين وارو ويچار ھن ڪري بھ پختو نھ آھي، جو انھن تبديلين جي باوجود بھ زبان جي گنج ۾ ڪو فرق ڪونھ آيو آھي. رڳو سنڌ ۾ ئي لوڏا، ڌنڪون ۽ لھجا ڪيترائي آھن، پر تھ بھ زبان جو گنج انھن کان متاثر نھ ٿيو آھي، ۽ پوري زبان پنھنجي گنج ھئڻ واري حيثيت ۾ باقاعدي ڪم ڪري رھي آھي.
ھن وقت تائين اسان ڏٺو آھي تھ ٻار جي مجبورين، عادتن ۽ بيمارين يا ٻين سڀاويڪ حالتن جي ڪري، ٻوليءَ جو گنج متاثر نٿو ٿئي، پر تھ بھ ٻوليءَ جي بيھڪ ۽ ٻاھرينءَ شڪل ۾ تبديل جا اھڃاڻ ملن ٿا. معياري زبان اھا آھي جا عام ڳالھھ ٻولھھ ۾ ڪم اچي ٿي، ۽ اھڙي زبان ۾ اسان ڪيترائي اھڙا اھڃاڻ معلوم ڪري ٿا سگھون، جن مان ثابت ٿو ٿئي تھ ٻوليءَ جي ٻاھرين شڪل ۾ تبديلي اچي ٿي سگھي. سو ھيئن جو ڪيترائي اھڙا لفظ آھن، جن جي اڳياڙي ڪٽجي ٿي وڃي، ۽ ڪيترائي ٻيا اھڙا آھن، جن جي پڇاڙي. ٻنھي قسمن جي تبديلين جا سبب جدا جدا ڪري ٿا سگھجن. لفظن جي اڳياڙي ڪٽجي وڃڻ لاءِ سبب ھي ٿو ٿي سگھي تھ ٻار ٻڌل لفظ جو رڳو پڙلاءُ يا پڙاڏو ٿو ٻڌي، ڇوتھ آواز ھوا ۾ تحليل ٿي ٿو وڃي، ۽ ڇاڪاڻ تھ ٻار ۾ اڃا جھٽڻ ۽ ھٿ ڪرڻ واري صلاحيت نامڪمل آھي، ان ڪري ھو يا تھ لفظ جو اڳيون حصو ٻڌي ئي ڪونھ ٿو، يا ٻڌي ٿو تھ پوءِ جھٽي نٿو سگھي، يا جھٽي ٿو تھ ھٿ ڪري نٿو سگھي، يا ھٿ ڪري ٿو تھ ورجائي نٿو سگھي. ان ڪري ٻار ٻڌل لفظ جڏھن وري ٿو ورجائي يا چوي تھ لفظ جو پويون حصو وڌيڪ چٽو ٿو چوي، يا بنھين چوي ئي اھو ٿو ۽ اڳيون حصو ڇڏي ٿو وڃي. سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻار جي اڳيان جڏھن لفظ ”ابا“ چيو ٿو وڃي، تڏھن سنڌي ٻوليءَ جي بنيادي صلاحيت مطابق الف واري حرف علت کي ڊگھو ڪيو نٿو وڃي، ۽ ان ڪري لاشعوري طور تي بھ الف تي بيھڪ ۽ زور نٿو ڏنو وڃي، ان ڪري ساڳيو اچار جڏھن ٻار ٻڌي ٿو تڏھن ساڳي ئي اصول تحت ھو لفظ جو اھو حصو وڌيڪ ٿو ھٿ ڪري، جنھن ۾ حرف صحيح يعني ”ب“ جو استعمال ٿيو آھي. ان ڪري ابا لفظ جو اچار سنڌي ٻار اڳ ۾ ”ب“ ڪندو ۽ تنھن کان پوءِ اڳتي ھلي ”با“ ڪندو ۽ ”ابا“ رڳو تڏھن چوندو، جڏھن ھو وڏو ٿي ويندو ۽ ٻاراڻي اوسٿا ۾ نھ رھندو. اھڙيءَ طرح لفظ ”اما“ ۽ ”اڙي“ ۾ بھ پھريون اکر الف ٻار ڪيرائي ٿو ڇڏي. ٻار جي ھن سڀاويڪ مجبوريءَ جو اثر اسان جي ٻوليءَ جي سٽا تي اھو پيو آھي، جو اسان جي ڳالھائڻ واري ٻوليءَ ۾ لفظ ”ما“، ”با“ ۽ ”ڙي“ عام استعمال ٿي رھيا آھن.
وري ڪٿي ڪٿي حرف صحيح کي بھ اسان ڇڏي ڏنو آھي، جيئن لفظ ”عبدالرحمان“ کي اسان ”عد رحمان“ ٿا چئون، جيئن لفظ ابراھيم ۾ اسان ”الف“ کي ڪيرائي ۽ ”ي“ کي کائي اسان رڳو ”براھم“ وڃي بچايو آھي. اھڙي قسم جي ”ڪتر“ جو سبب رڳو ٻار نھ آھن، پر وڏا بھ ڪن اڻٽر حالتن تحت اھڙي قسم جي ڪتر جو سبب بڻجي پيا آھن.
اھڙن لفظن کي اسان وڍيل لفظ ٿا سڏيون ۽ وڍيل لفظن ۾ ”منڍيل“ ۽ ”پڇڙيل“ لفظ اچي ٿا وڃن. منڍيل لفظ اھي آھن، جن جو منڍ ڪٽيل آھي، ۽ پڇڙيل لفظ اھي آھن جن جي پڇڙي ڪٽيل آھي.
ڪنھن ويچاري چيو آھي تھ ”انسان جي حياتيءَ جو وڏي ۾ وڏو ڪارنامو آھي ڳالھائڻ“. ڊارون صاحب کان پڇيائون تھ ”ميان، اسان جي عمر جو اھو ڪھڙو حصو آھي، جنھن ۾ ھو تمام گھڻو ڳالھائڻ ٿو سکي“. تڏھن چيائين ”بابا پھريان ٽي سال“.
ٻار جي زبان جا ٽي دؤر مقرر ڪري ٿا سگھجن. ١- ھنگڙيون ڏيڻ ٢- ٻاتائڻ ٣- ڳالھائڻ. پوئين دؤر کي وري ٻن دؤرن ۾ ورھائي ٿو سگھجي. ھڪ ٻاراڻي ٻوليءَ جو دؤر، ٻيو سماجي ٻوليءَ جو دؤر.
پھرئين دؤر ۾ ٻار کيکڙاٽيون ٿو ڪري، يا چيخون ۽ ڪوڪون ٿو ڪري، پوءِ روئي ٿو، سرڪي ٿو ۽ پوءِ ڏکارو ٿي ۽ ويچارو ٿي ٿو ڏيکاري ۽ پوءِ مرڪي ٿو، تنھن کان پوءِ ھلڪڙا ھلڪڙا ٽھڪ ٿو ڏئي. ھي سڀيئي ڏاڪا ٻار جي زبان جا پھريان ڏاڪا آھن ۽ ھنن مان ھڪ- ھڪ پنھنجي جاءِ تي زباندانن لاءِ اھم ۽ ضروري آھي. ڇوتھ ھاڻي ٻوليءَ جو مقصد ۽ اصل معنيٰ (Meaning) کي سمجھيو ٿو وڃي ۽ نھ لفظن کي. (ھن باري ۾ ڏسجي منھنجو مضمون ”اسان جي اڻ ڳالھايل زبان“) ھن دؤر جي ٻوليءَ جي خصوصيت اھا آھي تھ ھن دؤر ۾ ٻار جي اندر ذھن ۾ ھڪ ”معنيٰ“ جنم وٺندي آھي. معنيٰ جو ھن مقام تي پيدا ٿيڻ فطرت جو ھڪ وڏو ڪارنامو آھي ۽ سماجي زندگيءَ جو ھڪ تمام وڏو معاملو. ھاڻوڪي تحقيق مطابق ھيءَ معنيٰ ھڪ نفسياتي ڪيفيت جي آھي ۽ ھن جو اظھار اڳ ۾ سوچڻ (Thinking) سان ٿئي ٿو، ان ڪري ھاڻوڪن اڪابرن کي پڪ ٿي آھي تھ ٻولي رڳو اھا نھ آھي، جا لفظن جي صورت وٺي ظاھر ٿي ٿئي، پر ٻولي اھا بھ آھي جا ذھن ۾ چرپر ٿي پيدا ڪري. ھن مقام تي ٻار جي ھرڪا حرڪت ماءُ ۽ دائيءَ جي لاءِ ڪانھ ڪا معنيٰ ٿي رکي. ھن باري ۾ ھڪڙو دلچسپ سوال ھي آھي تھ آخر ٻار جي ذھن جي معنيٰ کي ماءُ ڪيئن ٿي سمجھي سگھي، ۽ وڌ ڳالھھ تھ دائي ڪيئن ٿي معلوم ڪري سگھي. ھن سوال جي جواب ۾ نفسيات جي عالمن ڪجھھ چيو ھوندو يا چوندا، پر منھنجو خيال آھي تھ اھو ھن ڪري آھي جو ”معنيٰ“ پنھنجي بنيادي حالتن ۾ انسان جي سڀاءُ ۽ فطري لڳاءُ ۽ لاڳاپي ۾ پيدا ٿيندي آھي. ھاڻي ڇاڪاڻ تھ فطري لڳاءُ ۽ لاڳاپي جي لحاظ کان فقط ماءُ ئي ٻار جو پھريون ۽ ويجھي ۾ ويجھو مائٽ آھي، ان ڪري ان کي ئي سڀ کان اڳ ۾ ھيءَ معنيٰ سمجھڻ گھرجي. (ھن سڄي ڳالھھ کي سمجھڻ جي لاءِ ”مامتا“ کي سمجھڻو پوندو، جنھن کي تفصيل سان لکڻ جي ھت گنجائش ناھي).
ٻار جي ھنن ڪيفيتن مان ماءُ ڪونھ ڪو اندازو لڳائي، ڪونھ ڪو تحرڪ وٺندي آھي، ۽ اھڙيءَ ريت ماءُ ۽ ٻار جي وچ ۾ ھڪ قسم جي معنيٰ جي مٽاسٽا ٿيندي آھي، ۽ انھيءَ مٽاسٽا کي ئي اسان ٻوليءَ جو بنياد تصور ٿا ڪريون.
جڏھن ٻار جي ذھن ۾ اھا ڳالھھ اچي ٿي وڃي تھ جڏھن بھ ھو رڙيون ٿو ڪري، روئي ٿو، ۽ ٻاڪاري ٿو، تڏھن ھن کي ڪانھ ڪا شيءِ کائڻ لاءِ يا ٿڃ پيئڻ لاءِ ملي ٿي وڃي تڏھن ھو ھاسيڪار روئڻ شروع ٿو ڪري. (ٻار ڪڏھن ڪڏھن ھنج ۾ کڻڻ سان، چوڙ کڻڻ سان، ڀاڪر پائڻ سان، پيار ڪرڻ سان يا مٺيون ڏيڻ سان بھ راضي ٿي ويندا آھن، ڇوتھ ھن طرح سان ھنن جي ڪنھن نھ ڪنھن ذھني خواھش ۽ بک جي تسڪين ٿي ٿي وڃي). سڌريل ۽ سمجھدار مائون ٻار جي ذھني خواھشن کي سمجھي سگھنديون آھن ۽ جدا جدا خواھشن جي حالت ۾ جدا جدا تحرڪ وٺنديون آھن. ھن منزل تي ٻار جي روئڻ جي نموني مان ئي ماءُ ٻار جو مطلب سمجھي وٺندي آھي. ٻار چٻ ڪڍندو تھ ماءُ سمجھندي تھ ڏکارو آھي، سو سيني سان لڳائينديس، اڃا نھ پرتو تھ مٺي وٺنديس، اڃا نھ پرتو تھ منھن منھن تي رکنديس ۽ ريجھائيندس، نيٺ پرچي ويندو.
روئڻ ۽ رڙين ڪرڻ جو اثر ٻار جي جسم تي بھ پوي ٿو. ڪن ماڻھن جو خيال آھي تھ جيڪي ٻار منڍ ۾ تمام ڏاڍيان روئيندا، سي اڳتي ھلي وڏي ۽ چڱي آواز وارا ٿيندا ۽ ٿي سگھي ٿو تھ ڳائڻا بھ ٿي پون.
ٻار جي ٻوليءَ جو ٻيو ڏاڪو آھي ٻاتائڻ وارو. ان ڏاڪي تي ٻار ۾ ٻڌڻ، نقل ڪرڻ يا اھل ڪرڻ، ورجائڻ ۽ وري وري چوڻ جو عمل ڪارفرما ھوندو آھي. ھن دؤر ۾ ٻار ھٻڪندو آھي، ھڏڪندو آھي ۽ ڪن لفطن تي زور ڏئي سوچيندو آھي. لفظن سان گڏ ٻوليءَ جا ٻيا وسيلا جھڙوڪ، ”ھون“ ۽ ”اونھون“ بھ استعمال ڪندو آھي. ھن ڏاڪي تي ٻار وڍيل يا منڍيل لفظ پيدا ٿو ڪري. ھن ڏاڪي تي ٻوليءَ جا معيار ٻار جي لاءِ گھر جا ڀاتي ۽ خاص ڪري ابو- امان آھن، ڇوتھ ٻار جو ماحول محدود آھي. گھر جا ڀاتي ٻار جي ٻوليءَ تي جيڪو اثر ٿا ڇڏين، اھو ڪيترن ئي نمونن جو آھي. سڀ کان اڳي ٻار وڏن جا آواز ٿو جھٽي، ۽ پنھنجي صوتي زبان ٿو ٺاھي، جا ھن جي پھرين زبان آھي. تنھن کان پوءِ ٻار لفظ ٿو سکي ۽ اچاري تنھن کان پوءِ جملا. مثال طور کير گھرڻو ھوندس تھ ٻھ طريقا استعمال ڪندو، اڳي چوندو ”کير!“ جنھن جو مطلب آھي کير ڏيو، ۽ پوءِ ڪجھھ وقت کان پوءِ چوندو ”کير ڏيو“، يعني جملو ٺاھيندو. ان ڪري ٻوليءَ ۾ ٻاراڻيءَ حالت ۾ ھڪ لفظ بھ ٻوليءَ جي جملي جي حيثيت وٺي ٿو سگھي.
ٻوليءَ جي تربيت ھن طرح سان سڀاويڪ وسيلن ۽ طريقن سان ڏني ٿي وڃي، پر اسان جي گھرن ۾ اسڪول جي عمر کان اڳ ۾ ئي ھڪ نصاب زبان سيکارڻ جو رائج رھيو آھي. ھي طريقو ھٿراڌو طريقو آھي، ۽ ڀانئجي ٿو تھ ڪنھن آڙاھھ ڪاريگر ۽ زباندان سنڌي ٻوليءَ جي ھن نصاب کي مرتب ڪيو آھي. اھو نصاب منھنجي گھر ۾ بھ لاڳو ھو، ۽ مون پنھنجي سر پاڻ اسڪول وڃڻ کان اڳي يا ٻاراڻي واري سال ۾ اھو نصاب بھ پورو ڪيو ھو. انھيءَ نصاب جا ڪي قاعدا مان ھٿ لکي ٿو ڇڏيان ۽ ان کان پوءِ انھن قاعدن تي وڌيڪ سمجھاڻيءَ جي باري ۾ بھ عرض ڪندس. قاعدا ھي آھن:
١- ڏڌ چاڏيءَ ۾ چاڏيءَ ۾ ڏڌ.
٢- امڙ جي سڄي کٻي چيچ تي طوطو لنوين.
٣- ٻن مان ھڪ جو نالو آھي ”مانکو“ ٻئي جو ”ٻلو“ ھاڻي تڪڙ ۾ نالا وٺو.
٤- ”بو“ ۽ ”تو“ کي تڪڙ ۾ چوندا ھلو، پر ٻنھي جي وچ ۾ ڳٽڪر جو آواز بھ پيدا ڪندا ھلو.
پھرئين قاعدي جو مقصد آھي، انھن حرفن جا آواز ڪرڻ، ۽ انھن جي مشق ڪرڻ، جيڪي اچارڻ ۾ ڏاڍا ڏکيا آھن. ڏال، ڍال ۽ چي جا آواز تمام تڪڙ ۾ ڪرڻ سان، اھڙن ۽ ٻين ڏکين آوازن ۽ اچارن ڪرڻ ۾ ٻار کي ھڪ مشق ملي ٿي وڃي. ھن طرح سان اسان جي اڪابرن سنڌي ٻوليءَ جي آوازن واري علم جي باب ۾ خدمتون ڪيون آھن.
ٻئي قاعدي ۾ بھ ڏکين آوازن جي مشق آھي، ک، س، چ ۽ ط جو آواز ٻارن لاءِ خاصو مشڪل آھي، ان ڪري گھر ۾ انھن کي مشق ڪرائي ويندي آھي.
ٽئين قاعدي ۾ لفظن جي وچ ۾ دم کڻڻ جي مشق ڪرائي وڃي. ھن طريقي ۾ اسان جي گھروارن استادن ڏاڍو چرچو بھ رکيو آھي، ۽ ان چرچي ۾ دم نھ کڻڻ جي لاءِ ھڪ سزا بھ موجود آھي، جا پنھنجو پاڻ ئي ٻار کي ملي ٿي وڃي، ان ڪري ھي طريقو تمام ئي سڌريل طريقو آھي. جيڪڏھن مانکو ۽ ٻلو جي وچ ۾ دم نھ کڻبو تھ لفظ گڏجي پوندا ۽ پوءِ جملو ٿيندو ”مان کوٻلو“ کوٻلو سنڌي ٻوليءَ جو ھڪ اڻوڻندڙ لفظ آھي، جنھن کي اسان سڀ سمجھون ٿا. پاڻ کي گار ڏيڻ جي خوف کان ٻار ويچارو ٻن لفظن جي وچ ۾ دم کڻندو ويندو، ۽ اھڙيءَ طرح صوتي سرشتي جي سکيا کيس ملندي رھندي.
چوٿين قاعدي ۾ ”ڳٽڪر“ جو مطلب بھ دم کڻڻ جھڙو آھي، پر ھت ٻار جي لاءِ ڏکيائي ڪجھھ وڌيڪ رکي ويئي آھي، ان ڪري ھي قاعدو پوءِ پڙھايو ويندو آھي.
اھڙيءَ طرح جدا جدا ھنڌن تي جدا جدا قاعدا ھوندا. اسان کي گھرجي تھ انھن جو مطالعو ڪريون. پنھنجي ٻوليءَ جي ھجي، صوتي سرشتي ۽ اچارن جي سيکارڻ لاءِ انھن جو استعمال ڪريون. خبر نٿي پوي تھ اسان کي پنھنجي شيءِ پيش ڪرڻ کان لڄ الائي ڇوٿي ٿئي. اسان جا ٻار انگريزي سکڻ لاءِ تھ ٺينگ ٽپا ڏئي ٿا سگھن، پر سنڌيءَ ۾ مھارت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪجھھ بھ ڪري نٿا سگھن. ھن ڳالھھ جي دانھن ڪنھن کي ڏيون!
ٻاتائڻ واري زماني ۾ ڪي مائٽ ٻار کي جلدي جلدي ڳالھائڻ سيکارڻ لاءِ، ان جون غلطيون درست ڪندا ويندا آھن. طريقو غلط نھ آھي، پر اھڙيءَ تڪڙ جو فائدو ڪونھ ٿو ٿئي. مائٽن جو فرض اھو آھي تھ ھو پنھنجي ٻوليءَ جي ڳڻتي ڪن، ۽ پنھنجي زبان کي معياري ۽ درست ڪن، ٻار پنھنجي ڳڻتي پاڻ ڪندا.
عام سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪي اھڙا لفظ آھن، جن جي مطالعي مان معلوم ٿو ٿئي تھ اھي ٻار جي ٻاتائڻ واري عمر کان ھليا آھن، ۽ پوءِ باقي سماج ۾ قائم رھجي ويا آھن. مثال طور: بحث جو بگڙيل لفظ ”بئنش“ ۽ محشر جو ”مھڄر“. ث جو اچار اسانجا ٻار ”ش“ جھڙو ڪندا آھن. اھڙيءَ ريت س جو اچار بھ ”ش“ جھڙو ئي ڪندا آھن، جيئن ”سائين“ کي ”شائين“ چوندا ۽ ”سون“ کي ”شون“. ان ڪري اھا ڳالھھ مڃڻ جھڙي آھي تھ ”بحث“ ٻاتائڻ واري حالت ۾ ئي ”بئنش“ بڻجي ويو ھو. پر لفظ ”محشر“ جو بگاڙو سنڌي صوتيات جي حساب- ڪتاب سان ٿيو آھي. ڇاڪاڻ تھ محشر ۽ مھڄر ۾ صوتي وزن ساڳيو آھي، تنھن ڪري سنڌيءَ پنھنجو لفظ بھ پيدا ڪري ورتو آھي، جنھن جي معنيٰ اھائي ساڳي آھي. اھڙيءَ طرح ”ھوش“ لفظ ”ھونش“ ٿي پيو آھي ۽ ”حوصلو“ ”حونصلو“ ھي بگڙيل لفظ ھينئر اسان جي زبان جا پنھنجا لفظ آھن، ۽ ھنن جي مطالعي مان اسان جي صوتيات جي سرشتي جو پتو پئجي ٿو سگھي.
ٻوليءَ ۾ پنھنجائڻ ۽ پنھنجائپ جو جيڪو اصول ڪم ڪري ٿو، انھيءَ ھت ’بئنش‘ لفظ کي اصل ’بحث‘ لفظ کان ھڪ جدا معنيٰ ڏني آھي. اسان وٽ بئنش ھوڏ ۽ ضد کي ٿو چئجي. ھاڻي جيڪڏھن اسان جا پڙھيل ماڻھو بحث کي سدائين ’بئنش‘ چوندا تھ ٻوليءَ جو ھڪڙو لفظ استعمال مان نڪري ۽ آخرڪار مري ويندو. لفظ مئو ڄڻ ھن ميخاني جي تنبوءَ جو ڪلو نڪتو ۽ ان کان سڄي ماحول ۾ بگاڙو پيدا ٿيندو.
ھن مان ظاھر ٿو ٿئي تھ خود ٻاراڻيءَ منزل تي بھ زبان پنھنجي واڌاري جو ڪم ڪندي ٿي رھي، ان ڪري اسان کي گھرجي تھ اسان ٻارن جي لفظن کي ھروڀرو ”درست“ ڪرڻ جي بجاءِ انھن جي ٻوليائي قوت ۽ ضرورت کي سمجھون. ٿي سگھي ٿو تھ ٻارن جا ٺاھيل لفظ اسان جي لاءِ ڪو وڏو ڪم ڏيندا ھجن.
ٻارن جي ٻوليءَ جي ڪري اسان جي ٻوليءَ جي اڳئين ۽ ھاڻوڪي ڇيد ۾ بھ لفظن جي حالت ۾ فرق آيو آھي. ھن تبديل کي (Metanalyris) اڀياس سان معلوم ڪري ٿو سگھجي. اسان جي ٻوليءَ ۾ ڪي اھڙا لفظ بھ آھن، جي مٿي ڏيکاريل طريقن کان ٻيءَ طرح بدليا ۽ مٽيا آھن. آوازن جي علم جي اصولن پٽاندر ٻار جڏھن لفظ ٻڌي ٿو، تڏھن لاشعوري طور تي ھڪڙي ئي لفظ جي آواز کي ننڍن ننڍن آوازن ۾ جھٽيندو ٿو وڃي. مثال طور لفظ کائڻ ۾ ٻھ آواز آھن: ”ھڪ ”کا“ ۽ ٻيو ”ئڻ“. جيئن مٿي عرض ڪيو اٿم اسان حرف علت کي کائي ويندا آھيون. ان ڪري ساڳيو لفظ ”کيڻ“ ٿي ويو ھو، ۽ اڃا بھ اڳتي ھلي اھو لفظ ”کڻ“ ٿي ويو. اھڙيءَ ريت ٻن پدن وارو لفظ وڃي ھڪ پد جو ٿيو. ھاڻي اھا ڦيرگھير ھن ڪري ٿي آھي، جو ٻار آواز ورھائڻ ۽ ڀڃڻ جي باري ۾ ڀل چوڪ جو شڪار بھ پئي ٿيو آھي، تھ زبان جي سڀاويڪ طاقت، جنھن مطابق ”علت“ کي کائي ٿو سگھجي، ان جو اثر بھ پئي قبول ڪيو اٿس. ان ڪري لفظ جي اصلي ۽ پوئين ڇيد ۾ فرق اچي ويو آھي.
سنڌي ٻوليءَ جو ھڪڙو لفظ آھي ”واندو“، جنھن جي معنيٰ آھي پالھو يا نکمڻو. ھي لفظ چون ٿا تھ اصل ۾ ”واھوندو“ ھو، جنھن جي معنيٰ ھئي واءُ جھڙو، يا اڃا بھ واءُ وھيڻو يعني جاڏي ھوا گھليس تھ اوڏانھن ھليو وڃي. اصل لفظ ۾ ٽي آواز ھئا ’وا- ھون- ۽ دو‘. ھينئر ھن ساڳئي لفظ جا آواز ٻھ آھن: ھڪ ”وان“ ٻيو ”دو“.
ڪٿي ڪٿي پدن جو واڌارو بھ ٿيو آھي، جيئن انگريزي لفظ (Dwindle) ڊئنڊل کي اسان ”ڊانوان ڊول“ ٿا چئون. ھي بھ ڇيد جي ڦيرڦار جو مثال آھي، پر سنڌي لفظ ”ويجھو“ مان ”ويجھڙو“ بڻجي پوڻ بھ ڇيد جي وڌاءَ جو ھڪ مثال آھي.
مٿئين بحث مان جيڪي ويچار ڦٽي ٿا نڪرن، اھي ھي آھن تھ جھڙيءَ ريت اھو خيال اڻپورو آھي تھ زبان جي تبديل جو رڳو ھڪڙو سبب آھي ۽ اھو آھي ٻار، تھڙيءَ ريت اھو خيال بھ اڻپورو آھي تھ ٻار جو زبان تي ڪو اثر ڪونھ ٿو ٿئي. حقيقت اھا آھي تھ ٻار ۽ وڏو ٻيئي زبان جي ڦيرڦار ۾ ھڪ جيترا حصيدار آھن. ٻوليءَ جي معاملي ۾ ٻار ۽ وڏي جي وچ ۾ ”ڏي وٺ“ جو قانون بھ عمل ڪندو ٿو رھي. ھت اسان ٻوليءَ جي انھيءَ پھلوءَ تي بحث ڪيو آھي، جنھن ۾ ٻولي ھڪ نسل کان ٻئي نسل تائين پھچندي ۽ رسندي ٿي ھلي. اڳتي ھلي اھو ڏسڻو پوندو تھ ٻيون ڪھڙيون ڳالھيون آھن، جيڪي ٻوليءَ تي اثرانداز ٿين ٿيون.
(ٽماھي ”مھراڻ“ ٢- ١٩٧٢ع)