مدح نامه سنڌ

ڪتاب جو نالو مدح نامه سنڌ
ليکڪ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي
سنڌيڪار / ترتيب علامه محمد ادريس ڏاهري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
قيمت 80    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

16 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     426809   ڀيرا پڙهيو ويو

اعتراض: 1


سوال ڪيو اٿئي ته سنڌ ۾ عقل نه آهي، مڙئي بيوقوف آهن.

جواب: 1

هيءَ خالص خطا آهي. سنڌ ۾ عقل، سمجهه، سياڻپ، تمام گهڻي آهي، پر دشمن کي ڪجهه نظر نه ٿو اچي. ڀلا جيڪڏهن فرضي طور چئون ته سنڌ ۾ عقل نه آهي ته اعتراض ڪنهن تي ٿو ڪرين، جنهن پاڪ ذات سنڌ کي پيدا ڪيو آهي؟ سنڌ ملڪ کي ڪنهن پيدا ڪيو آهي؟ الله تعاليٰ پيدا ڪيو آهي. جيڪڏهن (تنهنجي چوڻ مطابق) هن ملڪ ۾ عقل گهٽ رکيو آهي، ته به الله تعاليٰ رکيو آهي ۽ مخلوق مان عيب ڪڍڻ، خاص الله مان عيب ڪڍڻ (جي برابر) آهي، ڇو ته جيڪي ڪري ٿو، اُهو ٿو ڪري. (جيئن هن آيت سڳوريءَ ۾ آيل آهي)

قُلِ اللّٰهُمَّ مَالِکَ الۡمُلۡکِ تُؤۡتِي الۡمُلۡکَ مَنۡ تشآءُ وَتَنۡزِعُ الۡمُلۡکَ مِمَّنۡ تَشَآءُ وَتُعِزُّ مَنۡ تَشَآءُ وَتُذِلُّ مَنۡ تَشَآءُ بِيَدِکَ الۡخَيۡرُ اِنَّکَ عَلى کُلِّ شَيءٍ قَدِيۡرٗط

فرمايو (اي حبيبؐ ) ته اي الله! اي ملڪ جا مالڪ، جنهن کي گهرين، تنهن کي بادشاهي ڏين ۽ جنهن کان گهرين، تنهن کان بادشاهي کسين ۽ جنهن کي گهُرين عزت ڏين ۽ جنهن کي گهُرين ذليل ڪرين. تنهنجي (قدرتي) هٿ ۾ ڀلائي آهي، بيشڪ تون سڀ شيء تي قادر آهين.*

گلا ڪرڻ داناءَ جي لائق نه آهي، گلا عظيم گناهه ۽ وڏي غلطي آهي. شايد ڀلارن جو قول تنهنجي دل تان وسريل آهي، جو فرمايو اٿن: ’(ڪنهن جي) برائي (بيان) نه ڪر، جو تون پاڻ برائيءَ ۾ پوندين ۽ (ٻئي لاءِ) کڏ نه کڻ، جو پاڻ اُن ۾ ڪرندين ۽ گلا ڪرڻ وڏي اونهي کڏ آهي، جا گلا ڪندڙ پنهنجي لاءِ کڻي ٿو.‘

’مطالع الانوار‘ ۾ امير خسرو آندو آهي ته، هڪ شخص بدشڪل ۽ خراب منهن وارو هو. (ٻئي) ڪنهن شخص ان ڏانهن ناپسنديءَ جي نظر سان نهاريو ۽ ان کي بڇڙي صورت وارو سڏيو. ته ان شخص کيس جواب ڏنو ته مون پنهنجي صورت پاڻ پنهنجي هٿ سان ته نه ٺاهي آهي (جو مون کي خراب شڪل وارو ٿو سڏين). جيڪڏهن تون ٺاهي ٿو سگهين ته منهنجي صورت کي سهڻو ڪري ٺاهه. اُهو (عيب ڪڍندڙ) شخص (اهو جواب ٻڌي) ڏاڍو شرمسار ٿيو.

’رشيد المجالس‘ ۾ آندو اٿس ته گلا ڪندڙن تي بهشت حرام آهي. هڪ ڪتاب ۾ مون ڏٺو آهي ته، هڪ شخص جي شڪل بڇڙي هئي. ڪو ماڻهو ان کي ڏسي کليو ته اُن شخص کيس چيو: مون تي ٿو کلين يا منهنجي پيدا ڪندڙ تي؟ اهو (کلندڙ شخص) ڏاڍو شرمسار ٿيو.

جواب: 2

هن ملڪ ۾ الله تعاليٰ کان ڊڄندڙ ۽ نماز ۽ روزي جا صاحب گهڻا آهن (۽ اهي ئي عقلمند آهن) ۽ جيڪو عقلمند ۽ داناءُ (سڏائيندڙ ته) آهي، پر الله تعاليٰ کان نه ٿو ڊڄي ۽ ان جو فرمان پورو نه ٿو ڪري ته ان کي داناءُ چئي نه سگهبو. حضرت رسول الله ﷺ فرمايو آهي! اهل الجنـﮣ بلـﮣ. ’(گهڻا) جنتي (دنيا جي لحاظ سان) ٿوري عقل وارا آهن‘، ۽ اهي الله تعاليٰ جي فرمان کي پورو ڪرڻ ۾ داناءَ هوندا. ۽ هي (سنڌي) ماڻهو جيڪڏهن (تنهنجي چوڻ مطابق) کڻي ٿوري عقل وارا آهن، ته به نماز پڙهڻ ۽ روزي رکڻ ۾ داناءَ آهن، جيڪي ماڻهو نماز نه ٿا پڙهن، اسان کي انهن جي عقل سان ڪهڙو ڪم ۽ انهن جي داناءَ هجڻ تي ڪهڙو اعتبار؟ ۽ هيءُ جو چيو اٿن ته ’العقل نصف الڪرامة‘. (عقل اڌ ڪرامت آهي)، ان مان مراد ديني ڪمن ۾ عقل جو هجڻ آهي، (صرف) دنياوي عقل نه آهي، ڇو ته جڏهن ڪوبه ماڻهو عقل وارو هوندو ته الله تعاليٰ کان ڊڄندو ۽ آخرت جو ڊپ رکندو ۽ هن ملڪ (سنڌ) ۾ غريب ماڻهو ۽ الله تعاليٰ کان ڊڄندڙ گهڻا آهن ۽ دانائي حق جي واٽ ۾ هجي، نه اها، جو رڳي دنيا ۾ ڪم اچي.

 

* سورة آل عمران آيت نمبر 25