مدح نامه سنڌ

ڪتاب جو نالو مدح نامه سنڌ
ليکڪ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي
سنڌيڪار / ترتيب علامه محمد ادريس ڏاهري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
قيمت 80    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

16 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     426746   ڀيرا پڙهيو ويو

اعتراض: 6


سنڌ ۾ مڙئي ماڻهو سادا ۽ بي عزت آهن.

جواب: 1

هيءَ به زبان درازي آهي، ڇو ته سنڌ جا ماڻهو نياز ۽ نوڙت ڪندڙ آهن، هٺ ڪندڙ نه آهن ۽ اهڙا به نه آهن، جو زبان سان تڪبر نه ڪن ۽ دل ۾ تڪبر رکن يا جيڪو نياز ۽ نوڙت ڪري، اُن سان تڪبر ڪن.

تواضع  کند  ہر  کہ ھست آدمی

نہ  زیبد  ز  مردم  بجز   مردمی۔

’جيڪو انسان آهي، اهو نوڙت ڪندو، ڇو ته انسان کي ماڻهپي وارن ڪمن کان سواءِ ڪجهه به نٿو سُونهي.‘

تواضع   مدار   از   خلائق   دریغ

کہ گردن ازاں بر کشی ھم چو تیغ۔

’ماڻهن کان نوڙت لڪل نه رک، ڇو ته اُن جي ڪري تلوار وانگر ڪنڌ کڙو رکندين.‘

تواضع  کند  ہو شمّندِ گزیں

نہد شاخ پُر میوہ سربر زمیں۔

’داناءُ نوڙت قبول ڪندو (ڇو ته) ڀريل ٽاري زمين تي مٿو رکندي (نوڙندي) آهي.‘

تڪبر جي خرابي بيان ڪندي، مولانا سعدي رحه فرمايو آهي:

تکبرّ    ز  دانا      بود     ناپسند

غریب آید ایں معنیٰ از ہوشمند۔

’داناء کان تڪبر جو هجڻ پسند ڪيل نه آهي، داناء کان اهڙو ڪم ٿيڻ حيرت ۾ وجهندڙ آهي.‘

تکبّر عزازیل  را   خوار کرد

بزندانِ لعنت  گرفتار  کرد۔

’تڪبر شيطان کي خوار ڪيو، لعنت جي قيد ۾ گرفتار ڪيو.‘

تکبّر    بود   مایہء   مد بری

تکبّر بود  اصل بد گوہری۔

’تڪبر بد بختيءَ جي مُوڙي آهي، تڪبر بڇڙي موتيءَ جو اصل آهي.‘

ٻئي شاعر فرمايو آهي:

بہ  تکبّر   مباش   یک   ساعت

و   از   تواضع بروں مشویکدم۔

’هڪ گهڙي به تڪبر سان نه هج ۽ نوڙت کان هڪ پساهه به ٻاهر نه ٿيءُ ؟‘

از  تکبّر  ذلیل   گشت  ابلیس

و   از  تواضع عزیز شد آدم۔

’تڪبر سان شيطان ذليل ٿيو ۽ نوڙت جي ڪري آدم ؑ  عزت وارو ٿيو.‘

شيطان چيو هو ته:

”اَنَاخَيۡرُ مِنۡہُ خَلَقۡتَنِيۡ مِن نَّارِوَّخَلَقۡتَہٗ مِنۡ طِينٍ“

’مان ان (انسان) کان ڀلو آهيان، مون کي باهه مان پيدا ڪيو اٿئي ۽ ان کي مٽيءَ مان.‘*

”وَقَالَ اَءَسۡجُدُ لِمَنۡ خَلَقۡتَ طِيۡنًا“

’۽ چيائين ته ڇا مان ان کي سجدو ڪريان، جنهن کي تو مٽيءَ مان پيدا ڪيو آهي؟‘·

۽ حضرت آدم ؑ  چاليهه (40) سالُ رنو، پوءِ ان جي دعا قبول ٿي ۽ نوڙت اختيار ڪيائين ته الله تعاليٰ جو پيارو بڻيو.

مولانا روميرحه  به اها ئي معنى بيان ڪئي آهي:

نرد   بانِ    آدمی    ماؤ  منی   است

عاقبت زیں نرد بان افتادنی است۔

’انسان جي ڏاڪڻ پاڻي ۽ مني آهي، نيٺ انهيءَ ڏاڪڻ تان ڪرڻو آهي.‘

ہر کہ  بالا تر   رود   ابلہ تر است

استخوانش چوں بتر خواہد شکست۔

’جيڪو گهڻو مٿي ويندو، وڏو بيوقوف آهي، انهيءَ جا هڏا ڀڄندا.‘

در بہاراں چوں شود سرسبز سنگ

خاک شِو تا گل بروید رنگ رنگ۔

’بهار جي مند ۾ جيئن پٿر سرسبز ٿيندو (آهي، تيئن).‘

مٽي ٿيءُ ته تو مان رنگارنگي گل ڄمن.

حضرت شيخ شمس تبريزرحه+ فرمايو آهي، جيڪڏهن پنهنجي نفس فرعون کي ڪُهندين ته زماني ۾  موسى بن عمرانعه (وانگر ٿيندين)

’ڪيميائي سعادت‘* ۾ لکيل آهي ته حضرت حذيفه رضه هڪ ڀيري نماز ۾ امامت ڪئي، پوءِ فرمايائين ته امامت لاءِ ٻئي ڪنهن کي هٿ ڪريو، ڇو ته منهنجي دل ۾ هي خيال آيو آهي ته مان اوهان کان ڀلو آهيان (تڏهن مون کي امام بنايو اٿو)

جڏهن اهڙا ڀلارا به تڪبر جي خيال کان ڊڄندا هئا ته ٻيا ڪيئن ٿا بچي سگهن. ٻيو فرمايو اٿن ته تڪبر شيطان جو ڪم آهي ۽ نوڙت انسان جو ڪم آهي. ها، تڪبر ڪندڙ سان تڪبر ڪرڻ ڀلو آهي، جيئن حديث شريف ۾ آيو آهي ته،

اَلتَکَبُّرُ مَعَ الۡمُتَکَبِّرِ صَدَقَةُ وَالتَّوَاضُعُ مَعَ المُتَوَاضِعِ صَدَقَتَةٗ

’هٺيلي سان هٺ ڪرڻ صدقو آهي ۽ نوڙت ڪندڙ سان نوڙت ڪرڻ صدقو آهي.‘ (جيئن حضرت ڀٽائي عليه الرحمة فرمايو آهي)

چڱا   ڪن     چڱائيون،     مَٺايون      مٺن

جو وڙ جُڙي جن سين، سو وڙ  سيئي ڪن۔

(شاهه)

تڪبر کان وڌيڪ بري عادت ڪابه نه آهي، ڇو ته تڪبر وارو ماڻهو ڪنهن کي به پنهنجي برابر نه سمجهندو آهي ۽ جيڪو اُن سان ڳالهائيندو، ان کي سختيءَ سان جواب ڏيندو. ’ڪيميائي سعادت‘ ۾ لکيل آهي ته (اصحابن سڳورن) سيدنا رسول الله ﷺ کان پڇيو ته فلاڻي عورت ڏينهن جو روزا ٿي رکي ۽ رات جو نمازون ٿي پڙهي، پر هيءَ بري عادت اٿس، جو ماڻهن کي زبان سان ڏکوئي ٿي. پاڻ فرمايائون ته ان جي جاءِ جهنم آهي·.

نوڙت، خوشي ۽ خوش خلقي ٿي پيدا ڪري، ڇو ته جڏهن نوڙت ڪندڙ هوندو ته سڀ ڪنهن سان نرمي ڪندو ۽ ڪنهن کي به برو نه چوندو ۽ بداخلاقي نه ڪندو ۽ اهو ئي سڀني نبين ۽ رسولن جو رستو ۽ دستور هو. خاص ڪري حضرت (حبيب ڪريم) ﷺ جن سڀني پيغمبرن کان وڏي اخلاق وارا ۽ مرڪندڙ هئا. الله تعاليٰ (سندن ئي شان ۾) فرمايو آهي.

”اِنَّکَ لَعَلى خُلُقٍ عَظيمٍ٥“

بيشڪ اوهان وڏي اخلاق وارا آهيو.o

’منهج الصادقين‘ ۾ آيل آهي ته، سرور عالم ﷺ جن هڪ يتيم جي سنڀال ڪندا هئا ۽ ان تي شفقت ۽ مهرباني ڪندا هئا. قضا سان ان يتيم جي وفات ٿي ته (حضرت) رسول (مقبول) ﷺ جن ان رات طعام نه کاڌو ۽ گهڻو افسوس ڪيائون. اصحابن عرض ڪيو ته، يا رسول الله (ﷺ) اوهان پنهنجي دل کي ڇو ٿا غمگين ڪريو. حڪم فرمايو ته خدمت ۾ ٻيو يتيم حاضر ڪريون. پاڻ فرمايائون ته اهو يتيم عادت جي لحاظ سان سخت هو، ۽ مون ان جي سختيءَ جي باوجود اُن سان نرمي ۽ موافقت ٿي ڪئي ۽ مون کي اُن جي ڪري گهڻو اجر ۽ وڏو ثواب ٿي مليو ۽ اهو مقصد ٻين مان حاصل نه ٿيندو. برڪت وارو آهي الله (جل شانه). هن ماڻهپي ۽ سهڻين عادتن سان نيڪ شخص نيڪيءَ کي پهتا.

سنڌ ۾ ايترو تڪبر نه آهي. تڪبر هندستان ۽ خراسان ۾ گهڻو آهي. سنڌ ۾ اهو آهي، جو تڪبر ڪندڙ سان تڪبر ڪن ٿا ۽ نوڙت ڪندڙ سان تڪبر نٿا ڪن. ۽ (سنڌ ۾) شريف ماڻهن ۽ عالي خاندانن جي عزت گهڻي آهي، سنڌي مرڻ کان سواءِ ان جي دعوى نٿا ڇڏين (جيئن هڪ شاعر جو شعر آهي)

سر نوشتہ  واژ گوں   راست  می  ساز   و   نیاز

نقش معکوسِ نگین  از  سجدہِء گردد   درست۔

’يعني جنهن جي مٿي تي بدبختي لکيل آهي، ان کي به نياز سڌو ڪري ڇڏيندو آهي ۽ مُنڊيءَ جو ابتو نقش سجدي ڪرڻ سان درست ٿيندو آهي.‘

الله تعاليٰ مسڪينن سان محبت رکندو آهي.

شعر

فرو تنی است دلیلِ رسیدہ  کاں کمال

کہ چوں سوار بمنزل رسد  پیادہ  شود۔

'هيٺانهين ڪرڻ ڪمال جو دليل آهي. جڏهن سوار منزل تي پهچندو، آهي پيادو ٿي هلندو آهي، ۽ الله تعاليٰ جي هٿ ۾ توفيق آهي.'

هاڻي تنهنجن سوالن جا جواب پورا ٿيا. ٻيو ڪو اعتراض نه رهيو. هاڻي مان ٿو سنڌ جي تعريف ۽ خراسان جا عيب بيان ڪريان. عقلمنديءَ جي ڳالهه ڪندس، چڱيءَ طرح سمجهائيندس، جيئن توکي معلوم ٿئي ۽ سمجهه ۾ اچي.

اوهان عقل ۾ گهٽ ۽ سمجهه ۾ ڪوتاهه آهيو، جيئن شيخ سعديرحه فرمايو آهي:

سعدیا!  روزِ  ازل حسن بہ ترکان دادند

عشق  باتاجک سر گشتہ  و  حیران  دادند۔

’اي سعدي! ازل جي ڏينهن کان حسن تُرڪن کي ۽ عشق پريشان ۽ حيران ٿيندڙ تاجڪن (عربن جو اولاد جيڪو عجم ۾ رهيو) کي ڏنائون.‘

خوبی  و  ناز کرشمہ ھمہ با عالم ہِند

دانش و بینش با مردمِ ایران دادند۔

’سونهن ۽ ناز سمورو هندستان وارن کي ۽ سمجهه ۽ دانائي ايران جي ماڻهن کي ڏني اٿن.‘

فتنہ  و  شور دشغب جملہ بخطِ کشمیر

خری وبے خردی جملہ بافغان دادند۔

’فتنو ۽ شور ڪشمير وارن کي، بي عقلي ۽ بيوقوفي افغان وارن کي ڏنائون.‘

ٻئي شاعر هن طرح چيو آهي.

اگر قحط  رجال افتد  ز سہ کس انس کم گیری

یکےافغان  دویم کنبوہ سویم بد ذات کشمیری۔

’جيڪڏهن مڙسن جو ڏڪار پوي ته به ٽن ماڻهن سان گهٽ وندر رک: هڪ افغان. ٻيو ڪمبوه، ٽيون نسل ڪشميري.‘

عرب ۾ ’سليماني پٺاڻ‘ چوريءَ ۾ مشهور آهن ۽ سنڌيءَ کي گڏهن جو چور ٿا چون، گار نٿا ڏين. افغاني اڪثر بي وفا آهن، پنهنجي سردار سان به وفا نٿا ڪن.

هڪ شاعر فرمايو آهي:

در  قزا  گند  مرد  باید  بود

بر مخنث سلاحِ جنگ چہ سود۔

’(جنگ جي ميدان ۾) ريشمي ڪپڙن ۾ مڙس جو هجڻ نه ٿو جڳائي، کدڙي کي جنگ جي هٿيارن سان ڍڪڻ مان ڪهڙو فائدو.‘

ٻئي شاعر فرمايو آهي ته:

چوں حیا  نہ بود  بر  افتد رسم عصمت  از  جہاں

گر حجاب درمیاں است از تقاضائے  حیا  است۔

’جيڪڏهن حياءُ نه هجي ته پاڪدامنيءَ جو طريقو جهان مان نڪري وڃي ها، ڇو ته وچ ۾ رڪاوٽ جيڪڏهن آهي ته حياء جي تقاضا آهي.‘

حديث شريف ۾ آهي ته:

اَلۡحَيَاءُ شُعۡبَةُ مِّنُ الۡاِيۡمَانِ

’حياءُ ايمان جي ٽاري آهي.‘

ٻيو ته ’افغان‘ مان الف ڪڍي ڇڏ ته ’فغان‘ رهندو يعني دانهن ڪرڻ ۽ ’سنڌيءَ‘ مان ’س‘ ڪڍي ڇڏ ته ’ندي‘ رهندو معنيٰ مجلس ۽ گڏ ٿيڻ. سنڌ جو پاڻي مٺو آهي ۽ سڄي خراسان کان سنڌ ۾ نيڪي گهڻي آهي ۽ سنڌ ۾ سخاوت به خراسان کان وڌيڪ آهي.

وَاَقۡرِضُوۡااللهُ قَرَضًا حَسَنًا

’۽ الله تعاليٰ کي سهڻو قرض ڏيو.‘ ·

- ۽ اڪثر افغان بخيل آهن.

حضرت شيخ سعديءَ فرمايو آهي:

بخیل از  بود  زاہدِ بحر و  بر

بہشتی   نباشد   بحکم  خبر۔

’بخيل جيڪڏهن پَٽ ۽ سمنڊ جو زاهد هجي، ته به حديث جي حڪم سان بهشتي نه ٿيندو!‘

حضرت عطاررحه  فرمايو آهي:

بخل شاخے از  درختِ  دوزخ است

و  آں بخیلک  از  سگان مسلخ است۔

’يعني بخيل هجڻ دوزخ جي وڻ مان ٽاري آهي ۽ اهو بخيلڙو جانورن جي ڪهڻ ۽ کل لاهڻ واري جاءِ جي ڪُتن مان آهي.‘

[هن کان پوءِ مصنف پنهنجو شعر آندو آهي]

سخاوت پیشہ کن اے مرد  دانا

سخاوت عادتِ پیغمبراں است۔

’اي داناء مڙس! سخاوت جو ڌنڌو ڪر، سخاوت نبين سڳورن جي عادت آهي.‘

بخیلی      می      کشد      سوئے     جہنم

ہمیں مشہور  و  ظاہر در جہان است۔

’بخيلي جهنم ڏانهن ڇڪي ٿي، اها ئي ڳالهه جهان ۾ ظاهر ۽ مشهور آهي.‘

مشعلم چوں حبُاحب اے خُدا  ترس

ز  ترش میہماں اندر  نہاں  است۔

’(تو وٽ) کڙَکٻيتي واري روشني مس آهي، خدا کان ڊڄ! تنهنجي اندر ترشي (ڪاوڙ) لڪل آهي! (سا درست نه آهي).‘·

خداوند   اُمبینان  رُوئے   او  را

کہ  او را  لقمئہ بہتر  ز  جان است۔

’اي الله! ان جومنهن نه ڏيکار، جنهن کي هڪ گرهه ساهه کان وڌيڪ پيارو آهي.‘

بکن خاموش اے  ہاشم کہ گُفتی

نکاری نیک مرداں جہاں است۔

’ماٺ ڪر اي هاشم! ڇو ته جيڪو تو چيو آهي، جهان جي نيڪ مردن جو ڪم نه آهي.‘

(ٻئي بزرگ فرمايو آهي)

چشم  اہل  کرم   از   لطف  بخیلاں   برتر

تشنہ  را  آتش یاقوت بہ  از  آب بقا  است۔

’ڪرم وارن جي اک بخيلن جي لطف کان مٿي آهي، اڃايل جي لاءِ ياقوت جي باهه، بقا واري پاڻيءَ کان ڀلي آهي.‘

- ۽ اهڙا هزارين نُڪتا ٻيا به آهن، مان ڇا چوان وقت ضايع ٿو ٿئي. ٻيو ته دوستي ۽ محبت افغان ۾ ناهي. جيڪڏهن (ظاهر ۾) آهي ته به وفا نه ٿا ڪن ۽ سنڌ ۾ (رهندڙ سنڌي) جيستائين جيئرا آهن، الفت ۽ محبت جو واسطو نٿا ڇنن ۽ (ٻه محبت وارا) هڪ ٻئي تي سر فدا ٿا ڪن. تڪبر به افغانين ۾ گهڻو آهي ۽ بي ادبي به بي حساب آهي، جيئن ته انهن مان گهڻا ماڻهو ڏٺا اٿم، جو الله تعاليٰ جي پاڪ گهر ڪعبي معظمه ڏانهن پير ڊگها ڪري ٿا سمهن ۽ سنڌين ۾ بي ادبي نه آهي.

ادب جي باري ۾ حضرت جلال الدين روميرحه هيئن فرمايو آهي:

از   خدا    خواہیم   توفیقِ  ادب

بے ادب محروم گشت از فصلِ رب۔

’الله تعاليٰ کان ادب جي توفيق ٿا گهرون (ڇو ته) بي ادب رب جي فضل کان بي نصيب آهي.‘

بےادب تنہا  نہ خود را  داشت  بد

بلکہ  آتش  در ہمہ  آفاق  زد۔

’بي ادب رڳي پاڻ کي بڇڙو نه ڪيو آهي، پر سڄي جهان ۾ باهه ٻاري ڇڏي.‘

- ۽ خاص ڪري الله تعاليٰ جي حق ۾ بي ادبي ڪرڻ نادانيءَ جو ڪمال آهي.

- ۽ گهڻا مرد ۽ عورتون اوهان مان نماز ادا نه ٿا ڪن، اها به الله تعاليٰ جي نعمت جي بي شڪري آهي، ڇو ته الله تعاليٰ قرآن مجيد ۾ ست سؤ (700) جاين تي نماز جو ذڪر آندو آهي. ۽ (ڪتاب) ’اصول العلم‘ جي صاحب (جيڪو حافظ عماد الدين بخاري رحه جو ڀاڻيجو ۽ آخري مجتهدن مان هو، ٻن سؤ جاين تي لکيو آهي ته ’جنهن کي الله تعاليٰ جو شرم نه آهي‘ ان جي نيڪي ڪهڙي ڪم جي آهي. ·

گرچہ مردن نکو  نباشد  لیکٍ

مردم  بے نماز  مردہ  نکو۔

’جيتوڻيڪ مرڻ ڪنهن لاءِ چڱو نه آهي، پر بي نمازي ماڻهو مئل چڱو آهي.‘

بے علم و عمل بہشت و حوراں م طلب

بے  روزہ  و  نماز   ایماں  م  طلب۔

’علم ۽ عمل کانسواءِ بهشت ۽ حورن جي طلب نه ڪر، روزي ۽ نماز کان سواءِ ايمان (جي بچڻ) جي طلب نه ڪر.‘

خواہی کہ  از  پُلصراط آساں گذری

آزارِ  دل  ہیچ  مسلماں  م  طلب۔

’جيڪڏهن تون گهرين ٿو ته پلصراط تان آسانيءَ سان لنگهي وڃين ته ڪنهن به مسلمان جي دل جو ايذاء طلب نه ڪر.‘

۽ افغاني الف ب ت ث (با تا ثا) قاعدو پڙهن ٿا ۽ جيڪڏهن اُن قاعدي جي معنى ڪنهن کان پڇان ٿو ته معنى نه ٿا ڄاڻن. هي فقير* هيٺ هر هڪ حرف جي معنى بيان ٿو ڪري:

’الف‘ مان مراد آهي ’الله‘ سڃاڻڻ. ’با‘ مان مراد آهي ’بااو‘ يعني اُن سان گڏ هجڻ. ’تا‘ مان مراد آهي ’توبهه‘ ڪرڻ ۽ تواضع يعني هيٺاهين قبول ڪرڻ. ’ثا‘ مان مراد آهي ’ثواب‘ جو ڪم ڪرڻ، ’جيم‘ مان مراد آهي غريبن تي جبر يعني سختي نه ڪرڻ، جيئن حافظ شيرازيءَ هن معنيٰ جي خبر ڏني آهي:

مباش درپئے  آزار  ہرچہ خواہی کن

کہ در طریقت ما غیر زیں گناہے نیست۔

’ڪنهن جي ايذائڻ جي پٺيان نه هج، باقي جيڪي وڻئي ڀلي ڪر، جو اسان جي طريقي ۾ اُن کان سواءِ ڪو گناهه نه آهي.‘

’حا‘ مان مراد آهي، حق جي حمايت ڪرڻ. ’خا‘ مان مراد آهي، خاموشيءَ جو اخلاق رکڻ. ’د‘ مان مراد آهي دين قبول ڪرڻ ۽ دين تي رهڻ. ’ذ‘ مان مراد آهي نفس ۽ شيطان جي پٺيان ذليل نه ٿيڻ، بلڪ انهن کي ذليل ۽ خوار ڪرڻ ۽ ’ذنوب‘ يعني گناهه نه ڪرڻ، ’ر‘ مان مراد آهي روزا رکڻ ۽ رات ۽ ڏينهن حق جي ياد ۾ رهڻ. ’ز‘ مان مراد آهي زُهد ڪرڻ، ’س‘ مان مراد آهي سخاوت ڪرڻ ۽ سبحان الله چوڻ. ’ش‘ مان مراد آهي شقاوت يعني پاڻ کان بد بختي دور ڪرڻ ۽ وحدت الاهيءَ جو شراب پيئڻ، ’ص‘ مان مراد آهي صلاحيت پيدا ڪرڻ ۽ صبر ڪرڻ. ’ض‘ مان مراد آهي ته ايمان مضبوط ڪرڻ ۽ دل ۽ ساهه سان اُن جي سنڀال ڪرڻ، ’ظ‘ مان مراد آهي ظل الاهي يعني قدرتي ڇانوَ ۾ رهڻ ۽ الله تعاليٰ جي رضا تي راضي رهڻ. ’ع‘ مان مراد آهي حق جي عبادت ڪرڻ ۽ عهد (وعدو) ڪرڻ. ’غ‘ مان مراد آهي غيرت رکڻ. (خصوصاً ديني) ڪمن ۾ ۽ غم رکڻ. ’ف‘ مان مراد آهي حق جا فرض ادا ڪرڻ ۽ حق سڃاڻڻ. ’ق‘ مان مراد آهي حق جو فرمان قبول ڪرڻ ۽ سڌيءَ واٽ تي قائم رهڻ ۽ قرآن ڪريم دل سان پڙهڻ. ’ڪ‘ مان مراد آهي گناهن کان ڪنارو ڪرڻ، حق جو  ڪلام چوڻ ۽ ڪاظم (ڪاوڙ کائيندڙ) هجڻ. ’ل‘ مان مراد آهي ديني لذت وٺڻ، لائق هجڻ ۽ شيطان تي لعنت ڪرڻ ۽ دين جي چمڪ ڪرڻ ۽ زبان کي گناهن جي (لوث) ڀرجڻ کان روڪڻ. ’م‘ مان مراد آهي حضرت محمد ﷺ جي دل ۽ جان سان تصديق ڪرڻ ۽ مسجد ۾ وڃڻ ۽ صالحن سان ملاقات ڪرڻ ۽ مراعات (رعايت) ڪرڻ ۽ مواعيد (وعدا) وفا ڪرڻ. ’ن‘ مان مراد آهي نماز پڙهڻ ۽ نياز ڪرڻ، نيڪ هجڻ، حق جي نعمت جو شڪر ڪرڻ ۽ حق جي طرف نظر ڪرڻ. ’و‘ مان مراد آهي معنائن جي اسرار جو واقف هجڻ. هه مان مراد آهي هدايت طلب ڪرڻ. ’ي‘ مان مراد آهي يقين رکڻ ۽ الله تعاليٰ کان (ياري) مدد گهرڻ ۽ الله تعاليٰ سڌي واٽ ٿو ڏيکاري. مون قاعدي جو بيان ڪيو آهي ۽ سهڻي نموني جواب ڏنو اٿم. شال الله تعاليٰ قبول فرمائي. آمين! يا رب العالمين!

ڄاڻ ته سنڌ ۾ عجيب ۽ غريب شيون تمام گهڻيون آهن. اول ته سنڌ جا ماڻهو مرشد ۾ اعتقاد گهڻو ٿا رکن ۽ افغان جا ٻار (جيڪي) هندستان ۾ (رهن ٿا) پيرن ۽ ولين جي شان جو انڪار ڪن ٿا، ۽ چون ٿا ته پيرن ُ ولين جي مزارن تي وڃڻ گناهه ۽ غلطي آهي..........· جڏهن ته اولياء سڳورا الله جَلّ وَ عَلا جو حڪم مڃين ٿا (جيئن هي شعر آهي:)

تو  ہم گردن  از  حکم  دا ورم  پیچ

کہ گردن  نہ  پیچد  ز  حکم  تو  ہیچ۔

’تون به الله تعاليٰ جي حڪم کان ڪنڌ نه ڦيراءِ ته تنهنجي حڪم کان به ڪو ڪنڌ نه ڦيرائي.‘

الله جا ولي مرن نه ٿا (هڪ جاءِ کان منتقل ٿي ٻي جاءِ ۾ وڃن ٿا) ۽  شيخ فريد الدين عطار رحه فرمايو آهي:

گر  ترا  عقل است  با  دانش  قرین

باش  درویش  و  بدرویشان  نشین۔

’جيڪڏهن توکي عقل ۽ سمجهه آهي ته درويش ٿي ۽ درويشن سان ويهه.‘

ھمنشینی جزبہ درویشان مکن

تاتوانی  غیبت  ایشاں  مکن۔

’درويشن کان سواءِ ٻئي سان صحبت نه ڪر، جيترو ٿي سگهي سندن گلانه ڪر.‘

حبِّ  درویشاں کلیدِ  جنّت است

دشمن ایشاں سزائے لعنت است۔

’درويشن جي محبت جنت جي ڪنجي آهي، انهن جو دشمن لعنت جي لائق آهي.‘

شيخ ضياء الدين نخشبي رحه فرمايو آهي،

بخشی  از  خدا  مشونا   امید

حق کریم است اک کرم بکند۔

’اي نخشبي! الله کان نااميد نه ٿي، اهو ڪريم آهي، ڪرم ڪندو.‘

گر تو گفتہ خدائے خود بکنی

ہرچہ گوئی خدائے ھم بکند۔

’جيڪڏهن تون پنهنجي الله جو چوڻ ڪندين ته جيڪي تون چوندين، الله تعاليٰ به اهو ڪندو.‘

اِنَّ اللهَ يُحِبُّ الۡمُحۡسِنِينَ

بيشڪ الله احسان ڪندڙن سان محبت ٿو رکي.

فقير ڀلو آهي ۽ ان جي چوڻ کي الله تعاليٰ ٻڌي ٿو ۽ فقير جي معنيٰ هيءَ آهي: ’ف‘ مان مراد فاقو يعني بک ڪڍڻ، ’ق‘ مان مراد قناعت ڪرڻ، ’ي‘ مان مراد آهي ته ان کان ياري (مدد) طلب ڪرڻ، ’ر‘ مان مراد روز و شب (ڏينهن ۽ رات) اُن جي فرمانبرداريءَ ۾ هجڻ. (اهو فقير) نه آهي، جو گودڙي ڍڪي ۽ ڪُندري ۽ لٺ ڪلهي تي رکي ۽ در در تي (پنڻ لاءِ) ڦرندو رهي. اهڙي کي حقير چوڻ گهرجي، اهو فقير نه آهي. فقر مان مراد مڙني شين ۾ طمع نه رکڻ آهي.

(جيئن هڪ شاعر جو شعر آهي)

طمع  را  سہ حرف است  ہر سہ تہی

ازاں  نیست   مر مطمعاں  را  بہی۔

’طمع جي لفظ جا ٽي حرف آهن (ط. م. ع) ٽئي (نقطن کان) خالي آهن، ان جي ڪري طمع ڪندڙن لاءِ ڀلائي نه هوندي آهي.‘

۽ اهڙي معنيٰ هن شعر ۾ به آهي:

خانہء  دیں آباد گردد  ازورع

لیک  می گردد  خرابی  از  طمع۔

’دين جو گهر پرهيزگاريءَ سان آباد ٿيندو آهي ۽ طمع سان ويران ٿيندو آهي.‘

ہر کہ  از  حق  دوستی  دارد  طمع

در محبت کا ذبش واں بے  ورع۔

’جيڪو الله تعاليٰ جي طرف دوستيءَ جي اميد ٿو رکي، اُن کي پرهيز کان سواءِ محبت ۾ ڪوڙو ڄاڻ.‘

اي داناءَ مڙس ڄاڻ ته ويراني طمع مان ايندي آهي:

جيئن ٻئي شاعر چيو آهي:

دستِ طمع  بہ  پیش  کساں کردہء  دراز

پُل بستہء کہ بگذری  از  آبروئے خویش۔

’ماڻهن جي اڳيان طمع جو هٿ ڊگهو ڪيو اٿئي، اِها هڪ پل ٻڌي اٿئي، متان پنهنجي عزت وڃائي ويهي رهين.‘

طمع سازد خراب اے مرد عاقل

تومی  دانی  و من  با  تو چہ گویم۔

’اي داناء مڙس! طمع خراب ڪندي آهي، تون پاڻ ڄاڻين ٿو مان توکي ڇا چوان.‘

طمع نا  کردن  کاری  است احسن

طمع کارِ بد است  داں  از سروبن۔

’طمع نه ڪرڻ سهڻو ڪم آهي. طمع رکڻ منڍ کان ئي بڇڙو ڪم آهي طمع ڪندڙ دل جو خراب ۽ هر زماني ۾ ڦٽيل آهي.‘

اي دانائن جا بادشاهه، هي نُڪتو آهي، سو قبول ڪر. طمع ڪرڻ الله کان ڊڄندڙ ٻانهن جو ڪم نه آهي. هي ڪنهن گمان کان سواءِ بڇڙيءَ ذات ۽ ڪميڻي جو ڪم آهي. آخرت ۾ افسوس ۽ ڏک جا هٿ مليندين ته ڇا ڪيم.

(الله تعاليٰ فرمايو آهي)

اُجِيۡبُ دَعۡوَةَ الدَّاعِ اِذَادَعَانِ فَلۡيَسۡتَجِيۡبُوۡالِيۡ وَلِيُؤۡمِنُوۡابِيۡ لَعَلَّهُمۡ يَرۡشُدُوۡنَ

’مان دعا گهرندڙ جي دعا قبول ٿو ڪريان، جنهن وقت به مون کي سڏي ٿو. پوءِ منهنجي حڪم کي به قبول ڪن ۽ مون تي ايمان آڻين، ته جيئن اُهي هدايت وارا ٿين.‘·

اي منهنجا ڀاءُ! اي منهنجا دوست! هاڻي مقابلو ڇڏي هڪ ٻئي کي نصيحت ڪريون، جو چيو اٿن ته نصيحت ڪرڻ نصيحت ڪندڙ لاءِ چڱي آهي. جڏهن اهو (جنهن کي نصيحت ڪجي ٿي) ڪم ڪندو ته هن (نصيحت ڪندڙ) کي ثواب ۽ اجر ٿيندو. شال الله تعاليٰ سڀني مومنن کي دينداري بخشي ۽ سڌي واٽ تي رکي. ڄاڻ رهي ته جهان فاني آهي ۽ سراسر واءَ وانگر آهي، جو صبح جي وقت لڳي ٿو ۽ مٽي آهي، جا فنا ٿيندي آهي.

شعر

ندارد   کارِ    دنیا    اعتبارے

وگر  دارد  دو روزے یا  چہارے۔

’دنيا جو ڪم ڪوبه ڀروسو نه ٿو رکي ۽ جيڪڏهن رکي ٿو ته ٻه يا چار ڏينهن.‘

اگر  دنیا  بہ کس پایندہ  بودے

ابوالقاسم  محمد ؐ زندہ   بودے۔

’جيڪڏهن دنيا ڪنهن سان هميشه رهڻ واري هجي ها ته ابوالقاسم محمد (ﷺ ظاهري طرح به دنيا تي) زنده هجي ها! ‘o

فائدو

دنيا فاني آهي ۽ اُن مان فائدي کان سواءِ صرف غم حاصل آهي ۽ دنيا جو غم کائڻ ڪا شيءِ نه آهي.

الله تعاليٰ قرآن مجيد فرقان حميد ۾ فرمايو آهي:

اِعۡلَمُوۡااَنَّمَاالۡحَيٰوةُ الدُّنۡيَا لَعِبُ وَّلَهۡوُوَّزِيۡنَةُ وَتَفَاخُرُبَيۡنَکُمۡ وَتَکَاثُرُفِي الۡاَمۡوَالِ وَالۡاَوۡلَادِ“

يقين ڄاڻو ته دنيا جي حياتي راند ۽ بيفائدي ۽ سينگار ۽ اوهان جي وچ ۾ فخر ڪرڻ (لاءِ) ۽ مال ۽ اولاد ۾ گهڻائي آهي.+

۽ ٻيءَ جاءِ تي ارشاد آهي:

وَمَاالۡحَيٰوةُ الدُّنۡيَاالَّامَتَاعُ الۡغُرُوۡرِ

۽ دنيا جي حياتي صرف ٺڳيءَ جو سامان آهي.*

(ٻي جاءِ تي آهي):

”کُلُّ نَفۡسِ ذَائِقَةُ الۡمُوۡتِ“

’۽ هر نفس موت (جو مزو) چکندڙ آهي‘·

ان جي باري ۾ شيخ سعدي رحه فرمايو آهي:

ترا  بکوئی  اجل ہم گذار خواہد بود

قرار ِگاہ  تو  دار  القرار   خواہد  بود۔

’تنهنجو به موت جي گهٽيءَ مان لنگهڻ ٿيندو ۽ تنهنجي جاءِ دارالقرار ۾ ٿيندي.‘

ترا بہ تختہء تابوت شستہ شو سازند

تنِ تو لقمہ  ہر مور و  مار خواہد بود۔

’توکي تابوت جي تختي تي ڌوئيندا، تنهنجو جسم ڪيڙين ۽ نانگن جو لقمو ٿيندو.‘

طمع  ز یار  برادر  ز  خویش  ہم بردار

مگر  عمل  کہ  ترا  یار  غار  خواہد بود۔

’پنهنجي دوست، ڀاءُ، مٽ مائٽ کان طمع کڻي ڇڏ، پر عمل تنهنجو گهاٽو دوست هوندو.‘

گناہ میکنی  و  از  خدا نمی ترسی

مکن گنہ  کہ  گنہگار  خواہد  بود۔

’گناهه ڪرين ٿو ۽ الله تعاليٰ کان نٿو ڊڄين. گناهه نه ڪر، جو گنهگار ٿيندين.‘

بدیں عمل کہ تو  داری بہشت می طلبی

بہت  منزل  پرہیزگار   خواہد  بود۔

’هيءُ عمل جيڪو تون رکين ٿو، اُن سان بهشت جي طلب ٿو ڪرين، بهشت ته پرهيزگار جي منزل هوندو.‘

بسے سوار  کہ آن جا  پیادہ  خواہد  شد

بسے  پیادہ کہ آن جا  سوار  خواہد  بود۔

’گهڻا سوار اُتي پيادا ٿيندا ۽ گهڻا پيادا اُتي سوار ٿيندا.‘

بساز توشہء  رفتن  کہ ھمرہاں  رفتند

کہ سعدی  از  تو  سخن  یادگار خواہد  بود۔

’وڃڻ جو ثمر ٺاهه، جو ساٿي ويا. سعدي! تُنهنجا سخن (به) يادگار رهندا!‘

بهشت نيڪ بختن جو نصيب آهي، نه بدعتيءَ ڀنگ کائيندڙ جو. پڇندا ته تنهنجو عمل ڪهڙو آهي، نه پڇندا ته تنهنجو پيءُ ڪير آهي؟ دنيا جي حياتيءَ جو هميشه هجڻ. هي ڪچو خيال آهي ۽ بي لذت طمع آهي. جيڪو به ڄائو آهي، اهو نيٺ مرندو، بلڪ حق هيءُ آهي، ته نه ڄمڻ واريون شيون (جيئن پٿر وغيره) به فنا ٿينديون. هيءُ جهان آئينو آهي ۽ اسان جو وجود چٽن جي مثال آهي. چٽ آئيني ۾ نظر ايندو، گهڻو وقت نه رهندو. آخرت جو ثمر هن جهان مان کڻ، جو هي ثمر جا اسباب پوءِ نه رهندا. جيڪڏهن ڏينهن جو عمل نه ڪندين، رات جو مري وڃڻ جو خطرو آهي. جيڪو هڪ الله، جبار کان ڊڄندو، ان کي ڪو خوف، ڊپ ۽ خطرو نه رهندو. حافظ شيرازي رحه فرمايو آهي:

گر تا  قیامت  زندہء  آخر   فنا  فنا

ور ہمچو  مہ تا بندہء  آخر فنا، آخر فنا۔

’جيڪڏهن قيامت تائين جيئرو رهين، ته به نيٺ فنا نيٺ فنا ۽ جيڪڏهن چنڊ وانگر چمڪندڙ آهين ته به نيٺ فنا، نيٺ فنا.‘

عشق  زلیخانی  کجا،  تخت  سلیمانی  کجا

و  آں  ماہ  کنعانی کجا  آخر  فنا،  آخر فنا۔

’يعني زليخا جي محبت ڪٿي آهي سليمان رحه جو تخت ڪٿي ۽ اُهو ڪنعان جو چنڊ  ڪٿي؟ نيٺ فنا، نيٺ فنا.‘·

حوا  کجا،  آدم  کجا،  آں  دانہء گندم کجا

ایں دم کجا، آں  دم کجا، آخر فنا،  آخر فنا۔

’(بيبي) حوا ڪٿي، آدم ڪٿي آهي؟ اهو ڪڻڪ جو داڻو ڪٿي آهي. نيٺ فنا، نيٺ فنا.‘

او حشمتِ سکندری، بر فرق عالم سردری

واں شاہ  والا  برتری، آخر  فنا،  آخر  فنا۔

’اهو سڪندرجو دٻدٻو سڄي جهان تي سرداري ۽ اهو بادشاهه مٿاهينءَ جو صاحب، نيٺ فنا نيٺ فنا.‘

دریا کجا، کشتی کجا، و  آں  نوح کشتیباں کجا

و آں موج طوفانی  کجا، آخر  فنا ،  آخر فنا۔

’ڪٿي اهو درياهه آهي، ڪٿي ٻيڙي ۽ ڪٿي اهو ٻيڙي هلائيندڙ نوح رحه ۽ اها طوفان جي موج ڪٿي آهي؟ نيٺ فنا، نيٺ فنا.‘

نے شاہ  مانند  درجہاں نے آسماں یا بد اماں

نے  ماہ  اندر  آسماں،  آخر  فنا،   آخر  فنا۔

’نه جهان ۾ بادشاهه رهندو، نه آسمان ۾ امن لهندو، نه آسمان ۾ چنڊ رهندو، نيٺ فنا، نيٺ فنا.‘

احوالِ عالم  را ببیں یکسان نماند بر زمین

گاہے چُنیں، گاہے چناں، آخر فنا، آخر فنا۔

’جهان جي حالات کي ڏس ته زمين تي ڪي به برابر نه ٿا رهن، ڪڏهن هيئن ته ڪڏهن هونئن، نيٺ فنا، نيٺ فنا.‘

اے صوفیء   فرخندہ دل خود را  بسازِ آب و گلِ

دنیائے  دیگر  را   بحل،   آخر  فنا،  آخر  فنا۔

’اي چمڪندڙ دل وارا صوفي! پاڻ کي پاڻيءَ ۽ مٽيءَ کان (پاڪ) ڪري، ٻيءَ دنيا ۾ رهه، نيٺ فنا، نيٺ فنا.‘

گر سعدیء  شیریں زباں، گر خُسروی طوطی بیاں

گر  حافظِ  غیب  اللساں،   آخر  فنا،   آخر  فنا۔

’جيڪڏهن سعدي مٺيءَ زبان وارو هو. جيڪڏهن خسرو مٺي ٻولي ٻولڻ وارو هو. جيڪڏهن حافظ غيبي زبان وارو هو. نيٺ فنا، نيٺ فنا!‘

شيخ سعديءَ به بوستان ۾ اهڙو اشارو ڪيو آهي:

بیا  اے کہ عمدت  بہ ہفتا د  رفت

مگر  خفتہ   بودی   کہ  برباد   رفت۔

’اي فلاڻا! اچ، جو تنهنجي عمر ستر سالن کي پهتي آهي، شايد تون سُتل هئين، جو عمر اجائي وئي!‘

ھمہ برگ بودن ھمے ساختی

بتدبیر  رفتن،  نہ  پرداختی۔

’مڙئي رهڻ جو سامان ٺاهيو اٿئي (آخرت ڏانهن) وڃڻ جي تدبير نه سوچي اٿئي.‘

چوں پنجاہ سالت بروں شد ز دست

غنمیت ثمر پنج  روزے کہ ھست۔

’جڏهن تنهنجي عمر جا پنجاهه سال هٿ مان ويا ته باقي پنجن ڏينهن جو ثمر، غنيمت سمجهه.‘

اگر مردہ مسکیں زباں داشتے

بہ فریاد زاری،  فغاں داشتے۔

’جيڪڏهن مري ويل مسڪين (ڳالهائڻ جي طاقت واري) زبان رکي ها ته فرياد ۽ زاريءَ سان دانهون ڪري ها.‘

کہ اے زندہ  تا ہست امکان گفت

لب از  ذکر چوں مردہ برھم مخفت۔

’اي جيئرا، جيستائين چوڻ جو امڪان آهي، مئل وانگر چَپَ ذڪر کان بند نه رک!‘

کہ اے زندہ   از  حال من  پندگیر

بقولِ نبی    تانہ   مردی   بمیر۔

’اي جيئرا، منهنجي حال کان نصيحت وٺ. نبي ڪريم جو فرمان آهي ته جي مُئو نه آهين ته مر.‘*

چوں  مارا  بغفلت  بشد روزگار

تو بارے دمے چند فرصت شمار۔

’جڏهن اسان جو غفلت ۾ زمانو گذري ويو آهي، ته تون ٻه ٽي پساهه غنيمت سمجهه.‘

- ۽ شيخ ضياء الدين نخشبي فرمايو آهي:

ہیچ کس  را  ز  مرگ نیست گریز

گور  کن   ہم   شے  بگور  شود۔

’يعني ڪنهن کي به موت کان ڀڄڻ جي (واهه) نه آهي، ٻين جون قبرون پاڻ به هڪ رات قبر جي حوالي ٿيندو.‘

- ۽ جيڪڏهن تنهنجو خيال آهي ته هميشه باقي هوندس ۽ هيءَ دنيا باقي رهڻ جو ميدان آهي ته ماءُ، پيءُ، ڏاڏي ۽ ٻين جي قبرن کي ياد ڪر؛ جو اهي اڳي اسان سان ڳالهائيندا هئا ۽ هاڻي ته نهارين ئي نه ٿا ۽ ڪڏهن اسان سان گڏ ويهي کِليا ۽ ڳالهيون ٿي ڪيائون، هاڻي مٽيءَ ۾ ملي برابر ٿي ويا:

(جيئن هڪ بزرگ فرمايوآهي)

شاھانِ  شہ  سوار و  عروسانِ  مہ جبیں

بسیار  مردہ  اند  کزو شاں   نشان   نماند۔

’ڀلي بادشاهه شهسوار هجن ۽ چنڊ چهري واريون ڪنواريون هجن. ڪيترائي مري ويا، جن جو نشان ئي نه رهيو آهي.‘

هيءَ دنيا فاني ۽ شيطاني آهي ۽ هتان ڪابه دنيا جي شيءِ گڏ نه هلندي، مگر نيڪ عمل ۽ علم وڃي رهندو، جيڪو الله تعاليٰ جي واٽ ۾ خرچ ڪيو ويندو (گڏ هلندو) آهي.

شعر

آنکہ  او  با تو   فرو   ناید   بخاٍک

آں ہمہ  دنیا  بود نے  دین  پاک۔

’جيڪا شيءِ توسان مٽيءَ جي هيٺان گڏ نه هوندي، اها مڙئي دنيا آهي. پاڪ دين نه آهي.‘

دنيا بيوفا آهي، زماني جو مڪر آهي ۽ آخرت دارالقرار ۽ ڇوٽڪاري جي جاءِ آهي. دنيا پاڻيءَ تي هلندڙ ٻيڙي آهي، جو اسين ان جهان ۾ هلندڙ آهيون. ٻه ٽي گهڙيون گڏ هلڻ کان پوءِ جڏهن ڪشتي ڪناري تي پهچندي ته هرهڪ جدا ٿي ويندو. سفر جا ٻه قسم آهن: هڪ دنيا جو، ٻيو آخرت جو. دنيا جي سفر ۾ ثمر پاڻ سان گڏ کڻبو آهي ۽ آخرت جي سفر لاءِ ثمر اڳ ۾ موڪلڻو پوندو آهي. جڏهن ٻانهو عجز، زاري ۽ نياز ٿو ڪري ته الله تعاليٰ قبول ٿو فرمائي، جو اهو غفور، رحيم، قادر ۽ ستار آهي.

شعر

محال  است گرسر  برایں  در نہی

کہ باز  آردت  دست حاجت تہی۔

’محال آهي جو هن دروازي تي مٿو رکين ۽ تنهنجي حاجت جو هٿ خالي وري.‘

گناہِ  من  ازنامدی  در  شمار

ترا   نام  کے  بود  آمرزگار۔

’جيڪڏهن منهنجا گناهه ڳڻڻ ۾ نه اچن ها ته تنهنجو بخشڻهار نالو ڪيئن ٿئي ها.‘

(تنهنجو ئي فرمان آهي):

اِنَّ رَبِّيۡ قَرِيۡبٌ مُجِيۡبُ

’بيشڪ منهنجو رب ويجهو، دعا قبول ڪندڙ آهي.‘([1])

(ٻيو فرمان آهي):

لَاتَقۡنَطُوۡا مِن رَّحۡمَةِاللهِ اَنَّ اللهَ يَغۡفِرُالذُّنُوۡبَ جَمِيۡعًا“

’رب جي رحمت مان نااميد نه ٿيو. بيشڪ الله سڀئي گناهه بخشيندو آهي.‘*

خداوند!   گناہم  را  بیامرز

گناہم  شد  بلند  از  کوہ  البرز۔

’اي الله! منهنجي گناهن کي بخش ڪر، منهنجا گناهه البرز جي جبل کان وڏا ٿي ويا آهن.‘

غفوریّ و  شکوریّ  و ر حیمی

فا غِفرلی  ذَنُوبِی   یَا   کَرِیمُی۔

’بخشيندڙ، قدردان ۽ مهربان آهين، اي منهنجا ڪريم! مون کي منهنجا گناهه بخش ڪر.‘

ندارم  ہیچ  کس  جز  تو  وسیلہ

بہ بخشی  از  عطاہائے  جمیلہ۔

’توکان سواءِ ڪا واهه نٿو رکان، پنهنجي، سهڻين عطائن مان مون کي بخش فرماءِ.‘

توئی  داناء  ہر  رازِ  نہانی

توئی  خلاق  رزّاقِ   جہانی۔

’هر ڳُجهي راز جو ڄاڻندڙ تون آهين، تون ئي پيدا ڪندڙ، جهان کي رزق ڏيندڙ آهين.‘

تو  بر ایں حال مسکیں رحم فرما

نصیب بندہ  کن  فردوس اعلیٰ۔

’تون هن مسڪين جي حال تي رحم فرماءِ، ٻانهي کي فردوس اعليٰ نصيب ڪر.‘

دلم  بگرفت  از  عصیاں   سیاہی

سفید   از  لطف گرداں  یا  الہیٰ۔

’منهنجي دل گناهن جي ڪري ڪاري ٿي آهي، اها پنهنجي مهربانيءَ سان روشن ڪرڻ فرماءِ.‘

شدہ ستم غرق  در  دریائے  عصیاں

                  تو دستم  گیر اے  سبحان  و  رحماں۔

’مان گناهن جي درياهه ۾ غرق ٿيل آهيان، اي پاڪ ۽ مهربان! تون منهنجو هٿ وٺي (مون کي ٻاهر ڪر).‘

منم  تشنہ  تو   آبِ  رحمت  خویش

بہ من بخشی کہ  تا  نوشم  ز حد بیش۔

’مان اڃايل آهيان، تون پنهنجي رحمت جو پاڻي مون کي ڏي ته مان تمام گهڻو پيان.‘

روائے حاجتِ 'ھاشم' گدا کن

روا   بہر  محمد  مصطفےٰ ؐ  کن۔

’هاشم‘ مسڪين جي حاجت پوري ڪر، محمد مصطفيٰ ؐ جي واسطي حاجت پوري ڪر.‘

اي (حقيقي) بادشاهه اسين مڙئي پينو آهيون، اسان کي (پنهنجي) دروازي تان خالي نه موٽاءِ ۽ پنهنجي رحمت جي بي انتها درياهه مان اسان کي به ڪجهه عطا فرماءِ!

(شيخ فريدالدين عطارؒ  جا شعر)

بادشاہا  جرم  مارا  در گذار

ما  گنہگاریم   تو  آمرزگار۔

اي بادشاهه! اسان جي گناهن کي معاف ڪر، اسين گنهگار آهيون، تون بخشيندڙ آهين.

تو  نکو کاری  و  ما بد کردہ  ایم

جرم  بے انداز  بیحد کردہ  ایم۔

’تون ڀلائي ڪندڙ آهين ۽ اسان برائي ڪئي آهي، اسان بي انداز گناهه ڪيا آهن.‘

اسين بي فرمان ٻانها آهيون، پنهنجي عام لطف سان ڪو رحم ڪر ۽ اسين پير ڀڳل مٽيءَ ۾ ڦاٿل آهيون، جيئن پٿر مان گوهر ڪڍندو آهين (تيئن اسان کي به گناهن جي گپ مان ٻاهر ڪڍ). اي پيدا ڪندڙ رب! اسين مڙئي اڃايل ۽ بکايل آهيون. اسان تي رحمت ۽ مهربانيءَ جو مينهن وساءِ. اسين دوزخ جا لائق آهيون، پر پنهنجي رحمت سان اسان جي باهه کي بهشتي نارَ سان مٽاءِ! اي بخشيندڙ! اسين گناهن جي ڪري اگهاڙا آهيون، پنهنجي مهربانيءَ سان اسان کي ڍڪ ۽ بهشتي وڳا نصيب ڪر! اي ڍڪيندڙ! اسين ويچارا آهيون، تون پنهنجي لطف ۽ مهربانيءَ سان اسان لاءِ چارو پيدا ڪر. اي جبار! اسين پنهنجي گناهن جي شرم کان روئيندڙ آهيون، اسان کي معافيءَ وارو کلڻ عطا ڪر. اي دياوان! اسين گناهن جي کوهه ۾ ٻڏل آهيون، اسان جو هٿ وٺي ٻاهر ڪڍ. اي مغفرت وارا! اسان کي پنهنجي رحمت جي ويجهو ڪر، ايمان جي سلامتي ڏي ۽ آخرت جو ڇوٽڪارو نصيب ڪر ۽ قلب ۽ قبر جي روشني ۽ گناهن جي معافي نصيب ڪر. آمين يا رب العالمين!

ڄاڻ ته حضرت بايزيد بسطامي ؒ  کان پڇيو ويو ته، سنت ڪهڙي آهي ۽ فرض ڪهڙو آهي؟ فرمايائين دنيا جو ڇڏڻ سنت ۽ مولا جي محبت فرض آهي.

(الله تعاليٰ جو فرمان آهي):

’مون جنن ۽ انسانن کي پنهنجي عبادت لاءِ پيدا ڪيو آهي.‘*

روايت ۾ آهي ته الله تعاليٰ قيامت جي ڏينهن ٻانهي کي فرمائيندو ته، فلاڻو عارف ۽ داناءُ ٻانهو، جيڪو فلاڻي محلي ۾ رهندو آهي، سڃاڻين ٿو؟ چوندو هائو! فرمان ٿيندو ته توکي انهيءَ جي ڪري بخش ڪيم.

شنیدم  کہ    در   روز   امید   و   بیم

         بداں را بہ  نیکاں  بہ  بخشد  کریم۔عدی)

’مون ٻڌو آهي ته اميد ۽ ڊپ واري ڏينهن الله تعاليٰ نيڪن جي صدقي بڇڙن کي بخش ڪرڻ فرمائيندو.‘

دنيا جو ملڪ عدل سان آباد ٿيندو آهي ۽ دين ۽ دل جو ملڪ تابعداريءَ ۽ عبادت سان آباد ٿيندو آهي. دل جي ولايت عبادت جي نور سان روشن ٿيندي آهي ۽ سٺا اخلاق رکڻ، توبهه ۽ استغفار ڪرڻ، بردبار ٿيڻ، گناهه معاف ڪرڻ، بري کي برو ۽ نيڪ کي نيڪ سڃاڻڻ، همت وارن جوڪم آهي.

هڪ واقعو: هڪ بيڪار ماڻهوءَ کي ان وقت جي خليفي جي اڳيان آندائون. خليفي ان کي سزا ڏيڻ جو حڪم فرمايو. ان عرض ڪيو ته اي اميرالمؤمنين! گناهه جي سزا ڏيڻ عدل آهي ۽ معاف ڪرڻ فضل آهي اميرالمؤمنين جو شان مٿي آهي ۽ جيڪو مٿي هوندو آهي، هيٺئين کي معاف ڪندو آهي. خليفي کي سندس ڳالهه وڻي ۽ مٿانئس گناهه جي سزا معاف ڪري ڇڏيائين.

هڪ ڪاسائي، هڪ ٻانهيءَ تي عاشق ٿيو هڪ ڏينهن ان ٻانهيءَ سان ملاقات ٿيس. جڏهن ان ۾ هٿ وڌائين ته ان ٻانهيءَ چيس ته اي جوان مڙس! مان تنهنجي محبت ۾ توکان وڌيڪ ڦاٿل آهيان، پر الله تعاليٰ کان ڊڄان ٿي، اُن مڙس جواب ڏنو ته جيڪڏهن تون ڊڄين ٿي، مان ڇا لاءِ نه ڊڄان (ائين چئي) توبهه ڪري موٽي آيو. رستي ۾ اڃ گهڻي لڳيس ۽ هلاڪ ٿيڻ جو ڊپ ٿيس. کيس هڪ شخص ويجهو هو، جنهن کي ان وقت جي ڪنهن نبي سڳوري پنهنجو قاصد ڪري موڪليو هو. اُن کانئس پڇيو ته توکي ڪهڙي تڪليف پهتي آهي؟ هن چيو ته اڃ لڳي اٿم. اُن چيو ته اچ ته گڏجي دعا گهرون ته الله تعاليٰ مينهن وسائي، جيڪو تيستائين بيهي، جيستائين پاڻ شهر ۾ پهچون. ان جواب ڏنو ته مون ڪا اهڙي عبادت ڪانه ڪئي آهي، جنهن جي وسيلي سان دعا گهران، تون دعا گهر ته مان آمين چوان. ائين ڪيائون ۽ دعا گهريائون ته مينهن وسي پيو، جڏهن اهو جوان موڪلائي روانو ٿيو ته مينهن به ويندو رهيو. اهو نبي سڳوري جو قاصد اڃا بيٺو هو ته سج ظاهر ٿيو ۽ ويندڙ نوجوان کي سڏي فرمايائين ته تو چيو هو، مون ڪا عبادت نه ڪئي آهي. ڪيئن دعا گهران، پر هينئر خبر پئي ته مينهن ته تنهنجي ڪري آيل هو. تون پنهنجو حال ته مون کي ٻڌاءِ! ان نوجوان عرض ڪيو ته ٻي ڪا خبر نه اٿم، مگر هيءَ ڳالهه آهي، جو ان ٻانهيءَ جي نصيحت جي ڪري توبهه ڪئي هيم. ان قاصد فرمايو ته ڳالهه به اها آهي. الله تعاليٰ وٽ جيڪا مقبوليت توبهه ڪندڙ کي هوندي آهي، اها سڀ ڪنهن کي نه هوندي آهي. الله تعاليٰ جو خوف رکڻ ۽ زهد قبول ڪرڻ ظاهر ۾ ڳرو آهي ۽ حاتم اصمؒ  فرمايو آهي ته، رهڻ جي ڀليءَ جاءِ تي مغرور نه ٿيو، جو ڪابه جاءِ بهشت کان ڀلي نه آهي ۽ خبر اٿو ته حضرت آدمؑ  ڇا ڏٺو. بلعم (بن) باعور وڏي علم وارو هو (الله تعاليٰ جي پاڪ نالي) مبين جو ڄاڻو هو. جڏهن مٿي نگاه ڪندو هو ته عرش جي ٿنڀن کي ڏسندو هو ۽ هيٺ نظر ڪندو هو ته تحت الثرى ڏسندو هو. پر ان جي باري ۾ هيءَ آيت آئي.

فَمَثَلُہٗ کَمَثَلِ الۡکَلۡبِ اِنۡ تَحۡمِلَ عَلَيۡهِ يَلۡهَثۡ اَوتَتۡرُکۡہُ يَلۡهَثۡ

’ان جو مثال ڪتي وانگر آهي، جيڪڏهن ان تي بار کڻندين ته زبان ڪڍي سهڪندو ۽ جيڪڏهن اُن کي ڇڏيندين ته زبان ڪڍي سَهڪندو.‘*

نيڪن ۽ صالحن جي صرف زيارت ڪرڻ تي غرور نه ڪريو، جو سندن مائٽ حضور ﷺ جن کي گهڻو (ظاهري طرح) ڏٺو هو ۽ ساڻن مليا هئا، پر ان جي باوجود به مسلمان نه ٿيا.

’فَيُضِلُّ مَنۡ يَّشآءُ وَيَهۡدِي مَنۡ يَّشَآءُ‘

پوءِ جنهن کي (الله) گهُري گمراهه ڪري ۽ جنهن کي گهري هدايت ڪري+ ۽ الله سڀ شيءِ تي قادر آهي.

هڪڙي بزرگ فرمايو آهي ته ٽيهه سال نماز جي جماعت قضا نه ڪيم، هميشه پهرينءَ صف ۾ هوندو هوس. هڪ ڏينهن دير سان اچڻ ڪري پوئينءَ صف ۾ اچي ويٺس ۽ اندر ۾ پشيمان ٿيس ته ماڻهو چوندا ته دير سان آيو آهي. پر اُتي جو اتي سمجهيم ته منهنجي پشيماني ماڻهن جي ڪري آهي (الله تعاليٰ جي خوف کان ناهي) جو پوئينءَ صف ۾ ڏٺو اٿن (۽ اهو رياء آهي) پوءِ اخلاص اهو آهي، جنهن جو ڄاڻڻ به ڏکيو ۽ ڪرڻ به ڏکيو آهي، جنهن عمل ۾ شِرڪ آهي ۽ اخلاص نه آهي، اهو قبول نه آهي.

حَاسِبُوۡا اَنۡفُسَڪُمۡ قَبۡلَ اَنۡ تُحَاسَبُوۡا

الله تعاليٰ وٽ حساب ڏيڻ کان اڳ ۾ پنهنجي نفسن جو پاڻ حساب ڪريو.

امير المؤمنين  عمر ﷦ جن جو قول آهي ته انسان کي ڪي ڳالهيون عذاب ۾ وجهنديون آهن ته ڪي ڳالهيون عذاب کان ڇڏائي ثواب ۾ آڻينديون آهن (عذاب ۾ وجهڻ واريون ڳالهيون هي آهن:) بخيل هجڻ، بي حيائي ڪرڻ، سستي ڪرڻ، جاهل هجڻ، شوم هجڻ، بداخلاق هجڻ، زنا ۽ خيانت ڪرڻ، تڪڙ ڪرڻ، ظلم ڪرڻ، اگهاڙو سمهڻ ۽ اگهاڙو ٿي پيشاب ڪرڻ، هٺ ڪرڻ، بي انصافي ڪرڻ، بي دين هجڻ، بددعا ڪرڻ، بي اعتقاد هجڻ، نماز ۽ روزو ڇڏڻ، ڪوڙ هڻڻ ۽ بدن تي ڍڪيل ڪپڙي کي اُتي سبڻ ۽ مئل تي نگاهه وجهڻ.

اهي شيون جيڪي ڀليون ۽ ثواب آهن (هي آهن:) عدل ڪرڻ، سخاوت ڪرڻ، شريعت ڏي توجهه ڪرڻ، خير جي دعا گهرڻ، نماز پڙهڻ، ماءُ ۽ پيءُ کي پاڻ کان خوش رکڻ، حضور ﷺ تي صلوات شريف گهڻي پڙهڻ، دل ۾ الله تعاليٰ جي محبت گهڻي رکڻ، بردباري ڪرڻ، رحم ڪرڻ،  هرڪنهن کي پاڻ کان راضي رکڻ، ڪنهن جي غلطي معاف ڪرڻ، بري کي برو ۽ چڱي کي چڱو سمجهڻ، عمل جو ڏِيئو روشن ڪرڻ، رستا صاف ڪرڻ، ۽ ٻهارڻ، حلال کائڻ، صالح هجڻ، الله تعاليٰ جي رضا تي راضي رهڻ، سچ جو ڪلمو پڙهڻ ۽ حيا ۽ وفا رکڻ. والله اعلم بالصواب! سمجهڻ گهرجي ته قيامت ۾ ڏڪار جهڙي حالت هوندي ۽ جيڪو ثمر نه رکندو، غمناڪ هوندو. اهڙيءَ طرح قيامت ۾ به تابعداريءَ جو ثمر رکندو ته خوش هوندو ۽ جيڪو نه رکندو ته غمگين هوندو. جيڪو خوشحاليءَ جي وقت ڏڪار لاءِ سوچيندو، اهوئي آئيندي جو اونو رکندو.

از  ینجا   چراغِ  عمل  بر فروز

’هتي ئي عمل جو ڏِيئو روشن ڪر!‘

هڪ پيغمبر سڳوري عليه الصلواة والسلام پنهنجي دشمن ڏانهن ماڻهو موڪليو، جنهن ساڻس (سندس خاندان سميت) چار سؤ سال دشمني ڪئي هئي، پر نياپو ڏيندڙ ماڻهوءَ کي فرمايائين:

’ان کي دڙڪو نه ڏجان ۽ اُن سان سخت نه ڳالهائجان.‘

تون اُن مومن جي حق ۾ ڇا چوندين، جنهن ستر سال توحيد (جي عقيدي) ۾ گذاريا هجن، جڏهن الله تعاليٰ ملڪ الموت کي ڏانهنس موڪلي ٿو ته ان کي فرمائي ٿو، هن ٻانهي سان نرمي ڪجان ۽ صلح رکجانءِ.

اَنۡ لَّاتَخَافُوۡاوَلَاتَحۡزَنُوۡا

’نه ڪو خوف ڪريو ۽نه ڪو ڏک ڪريو.‘·

ان کي اعلان ٻڌاءِ. الله تعاليٰ جي رحمت ۾ عجب نه ڪر ۽ ان جي ڪرم کان نااميد نه ٿيءُ.

هڪڙيءَ قوم وارا ماڻهو گهوڙن تي سوار ٿي جنگ جي ميدان ۾ رهيا ۽ سڄي عمر سپاهي ٿي گذاريائون ۽ وڏيءَ عمر تائين ڪفر تي ثابت قدم رهيا. مگر جڏهن الله تعاليٰ جي بي انتها ڪرم جي نوازش ٿي ته اُن ئي جنگ جي ميدان ۾ انهن مڙني کي نوازيائين، گناهه بخشي، توحيد جو عقيدو ۽ شهادت ڏئي، کين بهشت نصيب ڪيائين ۽ اهي ايمان سان جان ڏئي هميشه وارين نعمتن کي پهتا.

الله تعاليٰ جي عدل کان اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي، جو هڪڙو (شخص پاڻ کي) عبادت جي جاءِ ۾ رکي ۽ ساهه ۽ دل (وصال جي) شوق ۾ ڳاري، پڇاڙيءَ ۾ هڪ گناهه جي ڪري، ان کي پنهنجي درگاهه کان پري رکي، جيڪو به هڪ ڀيرو الله تعاليٰ جي بي عيب هجڻ جي شاهدي ڏئي ٿو، الله تعاليٰ ان کي پنهنجي رحمت کان هرگز جدا نه ٿو ڪري. بيشڪ اهو بخشيندڙ مهربان آهي.

هڪ ڏينهن حضرت موسيٰ عليـﮣ السلام، الله جي بارگاهه ۾ مناجات ڪرڻ ٿي ويو. هڪ شخص کيس مليو ۽ چيائين ته: ’اي موسيٰ! ڪيڏانهن ٿو وڃين، پاڻ فرمايائون ته (الله تعاليٰ جي بارگاهه ۾) مناجات ڪرڻ ٿو وڃان. ان ماڻهوءَ چيو ته منهنجو پيغام به الله تعاليٰ کي پهچائجان ۽ چئجان ته مون کي تنهنجي خدائيءَ کان شرم ٿو اچي، جيڪڏهن تون مون کي رزق ٿو ڏين ته ٻيهر نه ڏي، جو مون کي تنهنجي روزي نه گهرجي. حضرت موسيٰ عليه السلام هن سُخن کان ڏڪي ويو. ۽ (طور جبل ڏي) ويندو رهيو. جڏهن مناجات کان فارغ ٿيو ۽ واپس ٿيڻ جو ارادو ڪيائين ته حڪم آيو: ”اي موسيٰ! ان ٻانهي جي امانت پهچاءِ. عرض ڪيائين ته ”ياالله! مون کي شرم ٿو اچي، جو مان (اهي) لفظ چوان ۽ تون پاڻ ڄاڻين ٿو ته ڇا چيو هئائين.“ فرمان ٿيو ته: پيغام ضرور پهچاءِ. موسيٰ عليـﮣ السلام جيڪي ٻڌو هو، اهو عرض ڪيائين. (الله تعاليٰ جو) حڪم ٿيو ته ان ٻانهي کي چئجان ته جيڪڏهن توکي منهنجي خدائي مان شرم ٿو اچي ته مون کي ان ڳالهه کان شرم نه آهي ته تون منهنجو ٻانهو آهين. مان توکي رزق ڏيندو رهندس، تون گهرين يا نه گهرين ۽ جيڪڏهن انهن لفظن کان رجوع ڪري توبهه ڪندين ته مان توتي رحم ڪندس ۽ تنهنجي براين کي نيڪين سان بدلائي ڇڏيندس. جڏهن حضرت موسيٰ عليه السلام واپس موٽيو ته ان شخص کانئس پڇيو ته، منهنجو پيغام پهچايئي؟ حضرت موسيٰ عليه السلام فرمايو ته مون پاڻ ڪونه پهچايو. پر رب العزة (جل شانه) پاڻ هيءُ جواب ڏنو. اهو شخص سخت پريشان ٿيو ۽ کيس عرض ڪيائين ته، مون کي ايمان جي تلقين ڪريو، ۽ پوءِ ايمان آڻي مسلمان ٿيو ۽ سجدي ۾ پئجي رهيو. جبرائيل ۽ عزرائيل عليهم السلام گڏ پهتا. ان جو ساهه ڪڍيائون ۽ ان جي براين کي چڱاين سان مٽايائون.

جڏهن الله تعاليٰ جي ڪرم ۾ جائز آهي، جو ٽن سؤ سالن جي ڪفر کي هڪ گهڙيءَ جي توبهه سان معاف ڪري ته پوءِ جيڪڏهن پنجاهه سالن جي گناهن کي پنجاهه سالن جي توحيد سان بخشي ته عجب نه آهي. بيشڪ اهو ويجهو قبول ڪندڙ آهي.

حضرت سفيان ثوريرحه فرمايو آهي ته، هڪ ڀيري سفر ۾ اهڙيءَ جاءِ تي پهتس، جتي گهڻا ماڻهو گڏ ٿيل هئا ۽ هڪڙو تخت رکي ان تي ڪپڙا رکيا هئائون. مون انهن کان پڇيو ته: هتي ڇو گڏ ٿياآهيو ۽ هيءُ تخت ڪنهن جو آهي؟ چيائون ته اسان جو هڪ زاهد آهي، جيڪو هن جبل ۾ رهندو آهي. سال ۾ هڪ ڀيرو هن جبل مان هيٺ اچي تخت تي ويهي ٻه نصيحتون ڪري واپس هليو ويندو آهي ۽ اسان لاءِ اهي ٻه نصيحتون سڄي سال لاءِ ڪافي هونديون آهن. حضرت سفيان ثوري رحه فرمايو ته مان به اتي ويهي رهيس. هڪ پوڙهو وڏن وارن وارو نيڪ ۽ صالح آيو ۽ ان تخت تي ويهي ماڻهن ڏانهن منهن ڪري فرمايائين ته، اي انسانؤ! اوهان مان ڪو به اهڙو ناهي، جنهن ۾ بيماري ناهي. هڪ مِهر جي بيماري، ٻي مُهر جي. مِهر جي بيماري دنيا جي محبت آهي ۽ مُهر جي بيماري کيسي تي مِهر رکڻ آهي. دنيا تان محبت کڻو ۽ دين سان محبت رکو ۽ کيسي تان مِهر کڻو ۽ زبان تي مُهر رکو ته ٻنهي بيمارين کان ڇوٽڪارو حاصل ٿيندو. اهي ٻه نصيحتون ڪري بزرگ هيٺ لهي هليو ويو.

هاڻي اسان ۾ اهڙا ماڻهو آهن، جو جيڪڏهن انهن کان 100 نمازون ضايع ٿي وڃن ته کين انهن جو افسوس نه ٿيندو، پر کانئن جيڪڏهن هڪ دينار انهن کان گم ٿي ويندو ته هزارين قسمن جو ماتم ڪندا. ضياءُ الدين نخشبي رحه فرمايو آهي ته، هن کان اڳ ۾ اهڙا ماڻهو هوندا هئا، جو ٻين جي گناهن جي ڪري کين تڪليف محسوس ٿيندي هئي (هاڻي پاڻ ٿا گناهه ڪن ته به فڪر نه اٿن).

پراڻي رسم آهي ته بهار جي موسم ۾ ماڻهو راندين ۽ خوشين ۾ مشغول ٿيندا آهن. جڏهن موسم ايندي هئي ته حضرت معروف ڪرخي رحه، (جيڪو طريقت جي جهان جو بهار هو) بيمار ٿي پوندو هو ۽ فرمائيندو هو ته وري بهار جي موسم آئي آهي ۽ ماڻهو راندين ۽ خوشين ۾ مشغول ٿيندا.

روايتن ۾ آيل آهي ته مومن ٻانهو جڏهن دنيا کان ٻاهر ويندو ۽ ٻه ٽي ماڻهو ويهي ان جي تعريف ڪندا ته حڪم ايندو ته هيءُ ٻانهو ايترو نيڪ نه هو ۽ گهڻا ڀيرا مون کي ايذايو هئائين ۽ گناهه ۽ بي فرمانيون به ڪيون هئائين، پر جيئن ته ٻن ٽن مؤمنن سندس تعريف ڪئي آهي ۽ مون مؤمنن کي پنهنجو شاهد سڏيو آهي ته منهنجي ڪرم جي لائق نه آهي، جو پنهنجي شاهدن جي شاهدي رد ڪريان. اي ملائڪو! شاهد ٿجو ته مون ان کي بخشي ڇڏيو.

اِنَّ اَللهَ يَغۡفِرُ الذُّنُوۡبَ جَمِيۡعًا-اِنَّہٗ هُوَالۡغَفُوۡرُالرَّحِيۡمُ (قرآن)

’بيشڪ الله سڀئي گناهه بخشيندو آهي، بيشڪ اهو بخشيندڙ مهربان آهي.‘·

ارشادالسالڪين ۾ لکيل آهي ته، جڏهن ملڪ الموت مومن جي روح کي قبض ڪرڻ لاءِ ايندو آهي ته الله تعاليٰ جي بارگاهه مان ستر (70) ڀيرا فرمان ايندو آهي ته، منهنجي ٻانهي جو ساهه آسانيءَ سان ڪڍجان.

چار شيون چئن شين سان گڏ نه هونديون آهن: (1) دنيا سان گڏ دين نه هوندو،  (2) نفس جي خواهشن سان گڏ خدا نه ملندو، (3) خلق جي (ناجائز طريقي واري) ديدار سان گڏ حق جو ديدار نه ٿيندو، (4) خلق جي (ناجائز راضي ڪرڻ سان) الله تعاليٰ راضي نه ٿيندو.

جڏهن سڪندر کي تابوت ۾ رکيائون ته ان جي چوڌاري ڪيترا (حڪيم) گڏ ٿيا. هڪڙي حڪيم چيو ته اي بادشاهه! اڄ ڏينهن تائين سڄي جهان تو ۾ اميدون رکيون هيون ته تون انهن تي (مهربانيءَ جي) نگاهه ڪرين. اڄ تون مؤمنن جي دعا ۾ اميد رکيو پيوآهين. ٻئي حڪيم چيو اي بادشاهه! (اڄوڪي ڏينهن تائين) ملڪ جا ڪاريگر درزي تنهنجا ڪپڙا (سهڻي نموني) نٿي سبي سگهيا، اڄ هڪ ٻڍڙيءَ عورت تنهنجي ڪفن کي سبيو آهي ۽ تون ان جي روڪڻ کان عاجز آهين. ٽئين حڪيم چيو اي بادشاهه! اڄ تنهنجو نالو خطبي مان ڪڍي ڇڏيائون ۽ تنهنجي خزانن کي لٽيو ويو آهي ۽ تنهنجي حڪومت ٻين ورتي آهي، پر توکي کين دفع ڪرڻ ۽ کانئن حڪومت کسڻ جي طاقت نه آهي. چوٿين حڪيم چيو اي بادشاهه! اڄ ڏينهن تائين ننڍن ملڪن جا بادشاهه به تنهنجا وزير لڳا پيا هئا، هينئر زمين جي هيٺان تو وٽ ڪيڙا هوندا. پنجين حڪيم چيو اي بادشاهه!(اڄ ڏينهن تائين) تون گهڻي روشنائي رکندو هئين، قناعت نه ڪندو هئين، هاڻي قبر جي اونداهيءَ ۾ خوش ٿيندين. ڇهين حڪيم چيو اي بادشاهه! (اڄ ڏينهن تائين) جنگ ڪرڻ لاءِ ساري زمين تي گهمندو هئين، هاڻي زمين جي هيٺان توسان جنگ ٿيندي. ستين حڪيم چيو، اي بادشاهه! (اڄوڪي ڏينهن تائين) تو لاءِ سڄي زمين جي بادشاهي به ڪافي نه هئي، هاڻي زمين جي چئن گزن جي بادشاهيءَ تي ڪفايت ڪئي اٿئي.

هن ڪتاب جو مصنف (محمد هاشم) چوي ٿو ته: جيڪڏهن مان اتي حاضر هجان ها ته چوان ها. مال اُن لاءِ هوندو آهي ته عاجزيءَ وقت ڪم اچي، هاڻي تون پاڻ عاجز آهين، مال ڇا ڪري؟ لشڪر بلائن ۽ دشمنن کي دفع ڪرڻ لاءِ هوندو آهي، هاڻي اهو ڇا ڪري؟ امير ۽ وزير ملڪ جي نظام کي صحيح هلائڻ لاءِ هوندا آهن، هاڻي اهي ڇا ڪن؟ دوست ڊپ ۽ مصيبت وقت ڪم ايندا آهن، هاڻي اهي ڇا ٿا ڪري سگهن؟

شعر

امیرے را  کہ بر قصرش  ہزاراں پاسباں بینی

کنوں  برقبہّء  گورش  کلاغاں  پاسباں  بینی۔

’جنهن امير جي محلات تي هزارين چوڪيدار ڏسندو هئين، هاڻي ان جي قبر جي قبي تي ڪانوَ چوڪيدار ڏسندين.‘

(هڪ روايت) ۽ روايت جو ذمو راويءَ تي آهي ته اي درويش! قيامت ۾ هيءُ سج ائين نه هوندو، جيئن هن جهان ۾ آهي. هن وقت پٺي اسان ڏي اٿس ۽ قيامت ۾ منهن اسان ڏي ڪندو. رب ڪريم جي رحم تي اميد رکڻ فرض آهي، جو اهو مومنن کي بهشت نصيب ڪندو ۽ ڪافرن کي جهنم ۾ وجهندو.

”اِنَّ اللهَ يُدۡخِلُ الَّذِيۡنَ آمَنُوۡاوَعَمِلُوالصَّالِحَاتِ جَنّٰتِ تَجۡرِيۡ مِنۡ تَحۡتِهَاالۡاَنۡهٰرُ“ (قرآن)

’بيشڪ الله تعاليٰ داخل ڪندو انهن کي جن ايمان آندو ۽ صالح عمل ڪيائون. بهشتن ۾، جن جي هيٺان نهرون ٿيون وهن.‘+

جنهن کي باهه ۾ ٻارڻ لاءِ ٻيون ڪاٺيون هونديون، اهو عود (خوشبوءِ دار ڪاٺي) کي نه ساڙيندو. الله تعاليٰ کي جهنم ۾ ساڙڻ لاءِ ايترا ڪافر آهن، اهو مؤمنن کي دوزخ ۾ نه ساڙيندو.

”وَجَعَلۡنَا جَهَنَّمَ لِلۡکَافِرِيۡنَ حَصِيۡراً“ (قرآن)

’۽ اسان جهنم کي ڪافرن جي لاءِ جيل خانو بنايو آهي.‘*

اي مؤمنو! ڄاڻو ۽ سمجهو ته بهشت ۽ دوزخ برحق آهن ۽ انهن جو اقرار ڪرڻو آهي، ان جي ڪري ڪجهه دوزخ جو عذاب ۽ ان جي هيئت بيان ٿا ڪريون ته، جيئن ڪوبه ماڻهو الله تعالى جي فضل کان سواءِ عبادت تي مغرور نه ٿئي.

”اِنَّ جَهَنَّمَ لَمَوۡعِدُهُمۡ اَجۡمَعِيۡنَ“ (قرآن)

’۽ بيشڪ جهنم انهن سڀني جي وعدي واري جاءِ آهي.‘·

جڏهن هيءَآيت نازل ٿي ته (حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ) روئندي، حضرت فاطمه رضي الله تعاليٰ عنها جي گهر ۾ آيا. حضرت بيبي فاطمه رضي الله تعاليٰ عنها عرض ڪيو ته، (اي سڀني جا) سردار! ڇا ٿيو آهي؟ فرمايائون اي (پياري) فاطمه (رضي الله تعاليٰ عنها) الله تعاليٰ فرمايو آهي ته، دوزخ کي ست دروازا آهن، انهن مان گهٽ ۾ گهٽ هڪ دروازي ۾ باهه جا ستر هزار ميدان هوندا. هڪ هڪ ميدان ۾ باهه جا ستر هزار جبل هوندا. هڪ هڪ جبل ۾ باهه جون ستر هزار واديون هونديون، هڪ هڪ واديءَ ۾ باهه جا ستر هزار دڙا، هڪ هڪ دڙي ۾ ستر هزار شهر، هر هڪ شهر ۾ ستر هزار گهٽيون، هر هڪ گهٽيءَ ۾ ستر حويليون، هر هڪ حويليءَ ۾ ستر هزار گهر، هر هڪ گهر۾ ستر هزار صندوقون، هر هڪ صندوق ۾ ستر هزار مختلف نمونا عذاب جا هوندا. اهو ٻڌي حضرت فاطمه رضي الله تعاليٰ عنها  منهن مبارڪ زمين تي رکي بيهوش ٿي وئي.

الله تعاليٰ دوزخ ۾ اهڙا نانگ ۽ بلائون پيدا ڪيا آهن، جو هرهڪ نانگ وڏيءَ کجيءَ جيڏو هوندو ۽ هر هڪ وڇون وڏي اٺ جيڏو، ان جي پڇ ۾ ستر ڏنگ هوندا. هر هڪ ڏنگ ۾ ستر مڻ زهر جا هوندا. جو جيڪڏهن ان زهر مان هڪ ڦڙو دنيا جي سڀني سمنڊن ۾ پوي ته سڀئي سمنڊ زهر ٿي وڃن ۽ جنهن کي به اهي نانگ ۽ وڇون ڏنگ هڻندا ته ستر هزار سالن تائين ان جو درد رهندو. (نعوذ بالله من ذالک) دوزخ ۾ گرم پاڻي ۽ ٿوهر هوندو، جو جيڪڏهن هڪ پيالو ان مان زمين تي هارجي ته سڄي زمين زهر ٿي وڃي ۽ جڏهن اهو پيالو هٿ ۾ وٺندا ۽ پنهنجي منهن جي سامهون آڻيندا ته سڄي منهن جو گوشت ۽ کل لهي ويندي ۽ جڏهن پيئندا ته آنڊا ذرا ذرا ٿي ويندا. جڏهن ٿوهر کائيندا ته گرم هوندو ۽ جڏهن اندر ۾ ويندو ته رڳون ۽ آنڊا کائي پيٽ کان ٻاهر ايندو ۽ ان گرم پاڻيءَ جي ڪري انهن جا مٿا ۽ کلون ۽ رڳون سڙي ڪري پونديون ۽ اڇا هڏا وڃي رهندا. پوءِ آواز ايندو ته انهن جا بدن نوان ٺاهيا ويندا ۽ انهن کي نئون عذاب ٿيندو ۽ دوزخ ۾ ڪِني رت ۽ پونءِ جون نهرون وهنديون. دوزخي انهن جي گندگيءَ جي عذاب کان دانهون ڪندا ۽ انهن نهرن ۾ مڇيءَ جي بجاءِ نانگ ۽ وڇون هوندا، جيڪي دوزخيءَ کي هر هڪ ڏينهن ۾ ستر ڀيرا ڏنگ هڻندا. (نعوذبالله ياالله!) اسان کي باهه کان ۽ پنهنجي قهر ۽ عذاب کان نيڪين جي سردار (ﷺ) جي صدقي بچاءِ.

شفاعت جو بيان

رب العزة جل شانھٗ جي محبوب ﷺ جي شفاعت به بيان ڪريان، جو سندس شفاعت حد ۽ نهايت کان وڌيڪ آهي. ڪتابن ۾ آندو اٿن ته هڪ ڏينهن حضرت امام حسين﷦ حضور جن کي عرض ڪيو ته، ماڻهو اٺن تي سوار ٿين ٿا، مان به اٺ تي سوار ٿيان. پاڻ فرمايائون ته ”تون منهنجي پٺيءَ (مبارڪ) تي سوار ٿي، مان تنهنجو اٺ آهيان. امام حسين ﷦ حضور ﷺ جي پٺيءَ تي سوار ٿيو ۽ پاڻ اٺن وانگر هلڻ لڳا. حضرت امام حسين ﷦ چيو ته، اٺن کي مهار هوندي آهي. (اوهان ۾ مهار ڪٿي آهي) حضور ﷺ مهار جي جاءِ تي پنهنجا وار مبارڪ سندس هٿ ۾ ڏنا. وري امام حسين فرمايو ته، اٺ آواز ڪندا آهن. حضور ﷺ آواز ڪرڻ فرمايو، (اهو آواز ٻڌي) جبرائيل عليه السلام نازل ٿيو (۽ عرض ڪيائين ته) الله تعاليٰ اوهان کي درود ۽ سلام موڪلي فرمايو آهي ته، ٻئي ڀيري آواز نه ڪر، جو اسان جي رحمت جو درياهه جوش ۾ ٿو اچي ته ڪافرن کي به بهشت ۾ نه موڪلي ڇڏيان ۽ دوزخ خالي نه ٿي وڃي (۽ انهن جو) دوزخ وارو واعدو ڪوڙو نه ٿي پوي.

روايت آهي ته احد جي جنگ واري ڏينهن حضور ﷺ جا ڏند (مبارڪ) شهيد ٿي پيا ۽ حضور ﷺ ڏندن  کي هٿ ۾ جهليو بيٺا هئا ته جبرائيل عه نازل ٿيو ۽ عرض ڪيائين ته اي ڪائنات جا سردار ۽ اي موجودات جا فخر! (اهي) ڏند مبارڪ مون کي عنايت فرماءِ، جيئن انهن جي برڪت سان الله مهربان جي بارگاهه ۾ بي فرمانيءَ جي شر کان امن ۾ رهان. حضور ﷺ فرمايو ته، توکي نه ڏيندس. هي پنهنجي امت لاءِ رکيا اٿم. ۽ قيامت ۾ امت جي شفاعت ڪندس. والله اعلم!

ٻيءَ روايت ۾ آهي ته جڏهن حضور ﷺ جن رحلت فرمائي ۽ سندن جسم مبارڪ جي سندن مزار پر انوار ۾ الله تعاليٰ جي رحمت ۾ منزل ٿي ۽ سڀئي اصحابي ٻاهر آيا. هڪ اصحابي شڪران نالي فرمايو ته مون سوچيو ته آخري موقعو آهي حضور ﷺ جو منهن مبارڪ ڏسان. منهن پٽي کولي جو ڏٺم ته سندس چپ مبارڪ چُري رهيا هئا ۽ پاڻ فرمائي رهيا هئا: اُمتي اُمتي. (ياالله) منهنجي امت کي بخش ڪر. منهنجي امت کي بخش ڪر. پوءِ مان ٻاهر نڪري آيس. (روايت جو ذميوار راوي آهي) هڪ روايت ۾ آهي ته حضور محمد مصطفيٰ ﷺ جن جي رحلت کان پوءِ هڪ ڏينهن ابوبڪر ﷦ گهر ۾ ستل هو ۽ ننڊ ۾ وڏي آواز سان چئي رهيو هو ته، ما هٰذا البڪاءُ. هيءُ روئڻ ڇا جو آهي؟ حضرت عمر ﷦ سجاڳ ٿي اُن وقت گهرجي دروازي تي پهتو ته اهو آواز ٻڌائين ۽ ان جي دل اُن ڳالهائڻ ڏي خيال ڪيو (ته ڇا ٿو چوي) پاڻ دروازو کڙڪايائين. عمر ﷦ فرمايو! اي صديق ڇا ٿي چيئه؟ ابوبڪر ﷦ فرمايو! خواب ۾ ڏٺو اٿم ته قيامت قائم ٿي آهي ۽ ماڻهن کي (قبرن مان) اٿاريو پيو وڃي ۽ اوچتو باهه ڏٺم، جو ماڻهن کي چوڌاري گهيرو ڪري آئي ۽ انهن کي جهنم ڏانهن تڙي رهي هئي، تان جو (ڏسندي ڏسندي) حساب واري جاءِ تي پهتس ته، اتي خالص نور جون ڪرسيون ڏٺم ۽ انهن تي ماڻهو ويٺل هئا. (اتي موجود) ملائڪن سڳورن کان پڇا ڪيم ته هي ڪير آهن؟ ملائڪن چيو ته نبي سڳورا آهن. مون پڇيو ته ڪنهن ڏي ٿا نهارين؟ فرمايائين: محمد مصطفيٰ ﷺ ڏي ٿا نهارين، جو عرش ڏي ويو آهي ۽ امتين جي شفاعت ٿو ڪري. مون چيو ته اي ملائڪو! مان محمد مصطفيٰ ﷺ! جو خادم ابوبڪر آهيان، مون کي حضور ﷺ ڏيکاريو. انهن ملائڪن مون کي کڻي عرش وٽ پهچايو. حضور ﷺ کي ڏٺم ته پڳ مٿي تان لاهي، چادر چيلهه سان ٻڌي، هڪ هٿ عرش جي ڪنگري تي رکي ۽ هڪ هٿ سان دوزخ جي ڪڙي کي وٺيو فرمائن پيا. ياالله! منهنجي اُمتين کي بخش ڪر ۽ اُمتي اُمتي فرمائي رهيا هئا. اي الله! منهنجا اُمتي عالم، زاهد، روزا رکندڙ، نمازي آهن! فرمان آيو ته، اي (محبوب) محمد! مڙئي ڳالهه انهن جي فائدي جي ٿا ڪريو. اها ڳالهه ڇو نه ٿا ڪريو ته (منهنجا امتي) عاصي، فاجر، بدڪار، گنهگار آهن. حضور مصطفيٰ ﷺ عرض ڪيو. ياالله! جيڪڏهن گنهگار آهن، ته به مشرڪ نه آهن. ياالله! جيڪڏهن گنهگار آهن، ته به تنهنجا سڃاڻندڙ آهن. (ائين عرض ڪري) پوءِ حضور ﷺ روئي ڏنو ۽ مون کين روئندي ڏسي عرض ڪيو ته ماهذا البکاءُ؟ (هيءَ روئڻ ڇا لاءِ آهي) پوءِ مون ڏٺو ته حضور ﷺ دوزخ جي دروازي کي بند ڪري مون ڏي نهاريو ۽ فرمايو ته، اي ابوبڪر! مبارڪ اٿئي جو الله تعاليٰ (منهنجي اُمت کي) بخش فرمايو. ارادو ڪيم ته حضور ﷺ کي عرض ڪري پڇان ته اُمت جي اڌ کي بخش فرمايائين يا سموريءَ امت کي ته (اي عمر فاروق) تو دروازو کڙڪايو ۽ مان سجاڳ ٿي پيس. هاڻي خبر نه آهي ته سڀني کي بخش ڪيائين يا ٿورن کي. (حضرت ابوبڪر صديق ﷦ ۽ حضرت عمر فاروق ﷦، اها ڳالهه ڪري بس ڪئي ته) ان وقت دروازي تان آواز آيو ته اي ابوبڪر! سڀني کي بخش فرمايائين. حضرت عمر ﷦ فرمايو ته، مان ٻاهر ڊوڙيس ته ڏسان ڪير ٿو ڳالهائي؟ حضرت ابوبڪر ﷦ فرمايو! اي عمر موٽي آءُ، اهو خضرؑ  هو.

دنيا ۽ آخرت ۾ ڇوٽڪارو حضرت محمد ﷺ جي هڪ لفظ تي موقوف آهي. ڪتاب ۾ آندو اٿن ته قيامت جي ڏينهن ماڻهو جڏهن حشر جي ميدان کان فارغ ٿي پلصراط تي ايندا ته ٻيا نبي سڳورا عرض ڪندا ته ياالله! اسان کي هن پلصراط تان پار پهچاءِ. اسان جي امتن سان جيڪو حساب ڪرڻو اٿئي ڪر. پر اسان جو نبي ﷺ، جيڪو جهانن جو سردار آهي، پنهنجي امت لاءِ قرباني ڏيندو. الله تعاليٰ فرمائيندو ته، مون بخشي ڇڏيو، ڇو ته منهنجو مقصود تون آهين. جيڪڏهن چوين ته ڪافرن کي به بهشت ۾ داخل ڪريان.

جيئن هڪ روايت ۾ آهي.

”لَوۡلَاکَ لَمَا خَلَقۡتُ الۡاَفۡلَاکَ“

’(اي محبوب) جيڪڏهن اوهان نه هجو ها ته آسمان کي پيدا نه ڪريان ها.‘·

روايت ۾ آهي ته رسول الله ﷺ گهڻو روئندا هئا (اصحابن سڳورنؓ) عرض ڪيو ته يا رسول الله! (ﷺ) ايترو ڇو ٿا روئو؟ فرمايائون ته پنهنجي امت جي گناهن تي روئي رهيو آهيان. ايءُ عجب آهي، جو هڪ هڪ گلاب جي عرق جي ڦڙي جي ايتري قيمت آهي، جو هر هڪ مان ”عرق گلاب“ پيدا ٿو فرمائي ۽ (حضور ﷺ جي اکين مبارڪن مان وهيل) هيترن هزارن ڳوڙهن مان جيڪي گناهگار امت لاءِ وهايائون، جيڪڏهن الله تعاليٰ انهن ڳوڙهن جي مهابي گنهگارن کي بخشي ته عجب نه آهي، ۽ رب مهربان جي معافي به حد کان گهڻي آهي.

هڪ ڏينهن حضرت عائشه صديقه رضي الله تعاليٰ عنها سيدنا محمد مصطفيٰ ﷺ کي عرض ڪري پڇيو ته، يا رسول الله! (ﷺ) ڪڏهن ملائڪن به مومنن لاءِ رنو؟ فرمايائون هائو! ان وقت جو (مومن پنهنجن) پٽن کان موڪلاڻي ڪري هڪ اک سان پٽن ڏي نهاريندو آهي ۽ ٻيءَ اک سان ملڪ الموت ڏي. ان وقت ملائڪ ان لاءِ روئن ٿا. جڏهن ان جو ساهه چپن تي پهچندو آهي ته ان جي نگهباني ڪندڙ ملائڪ ان تي روئن ٿا. جڏهن جنازو ٻاهر آڻيندا آهن ته ان لاءِ ان جون جايون به روئنديون آهن. آسمان، عرش ۽ ڪرسي به ان تي روئن ٿا. جڏهن ان کي مٽيءَ ۾ دفن ڪري موٽن ٿا ته رب العالمين اعلان ٿو ڪري ته، اي ملائڪو! هن غريب ويچاري کي ڏسو، جو مڙئي موٽي ان کي اڪيلو ڇڏي،منهنجي حوالي ڪري ويا. اوهان شاهد ٿيو ته مون ان کي بخش فرمايو. الله تعاليٰ جي رحمت جيتوڻيڪ حد ۽ نهايت کان گهڻي آهي، پر (انسان کي سهڻا) عمل ڪرڻ به ضروري آهن، جو الله تعاليٰ پاڻ فرمايو آهي:

”وَاَن لَّيۡسَ لِلۡاِنۡسَانَ اِلَّآمَاسَعى“

’۽ ناهي انسان جي لاءِ، مگر جيڪي ڪمايائين.‘·

عبدالرحمان جامي رحه فرمايو آهي:

اے  غُرّہء  برحمت  خداوند

درِ  رحمت  او  کسے چہ گوید۔

’اي الله تعاليٰ جي رحمت تي غرو ر ڪندڙ، ان جي رحمت جي باري ۾ ڪير ڇا ٿو چئي سگهي؟‘

ہرچند کہ مؤثر  است باراں

تا دانہ نے فگنی   نروید۔

’يعني جيتوڻيڪ مينهن اثر ڪندڙ آهي، پر جيستائين ٻج نه ڇٽيندين ته ڪجهه نه ڄمندو.‘

(ٻئي شاعر جو شعر) هن طرح آهي:

در  زمینِ  دل  ہمیں تخم محبت  را  بکار

تا ازاں  اعمال نیکی  ثمرہ یا بی  اے فتا۔

’دل جي زمين ۾ محبت جو ٻج پوک، ته جيئن اي نوجوان انهن عملن مان نيڪيءَ جو ميوو حاصل ڪرين.‘

ٻيو ان جناب، الله تعاليٰ جي محبوب (ﷺ) جي حد کان وڌيڪ سهڻي اخلاق جو ڪجهه بيان ڪريان. (حضرت) علي ڪرم الله وجهـﮣ کان پڇيائون ته، ڪائنات جي سرور، موجودات جي برگزيدي (ﷺ) جو اخلاق ٻڌاءِ. فرمايائين ته، الله تعاليٰ فرمايو آهي.

قُلۡ مَتَاعُ الدُّنۡيَا قَلِيۡلُ

’چؤ (اي حبيب (ﷺ) ته دنيا جو سامان ٿورو آهي.‘o

۽ ٻيءَ جاءِ تي فرمايائين:

وَاِنۡ تَعُدُّوۡانِعۡمَةَاللهِ لَاتُحۡصُوۡهَا

’۽ جيڪڏهن الله جي نعمت کي ڳڻيندؤ ته ڳڻي نه سگهندؤ.‘+

جڏهن (دنيا جي نعمت) ٿوريءَ کي ڳڻي نه ٿو سگهجي ته حضور ﷺ جي اخلاق کي ته الله تعاليٰ وڏو سڏيو آهي.

اِنَّکَ لَعَلى خُلُقِ عَظِيمِ

’۽ بيشڪ اوهان وڏي اخلاق وارا آهيو.‘*

هڪ ڏينهن حضور ﷺ جن گهٽيءَ مان لنگهيا ٿي ويا. ٻارن راند ٿي ڪئي ۽ هڪ ٻئي تي مٽي ٿي اڇلايائون. اصحابن سڳورن ٻارن کي ان ڪري منع ڪئي ته حضور ﷺ تي مٽي نه پوي. پاڻ ڪريم ﷺ جن اصحابن کي منع ڪئي ته ٻارن کي نه روڪيو، اها انهن جي خوشي ۽ سُرور آهي. (ائين چئي) پاڻ اتان لنگهي ويا.

اے رحیمے  نیک خوئے  مہر جوئے  باوفا

باحیا و با  سخا  اے  دوستِ رب العلیٰ۔·

’اي مهربان، سهڻي اخلاق وارا، محبت ڳوليندڙ وفادار، حياء ۽ سخاوت وارا، اي مٿاهين رب جا دوست!‘

خُلق نیکوئے ترا  خواندہ  خدا بے انتہا

رحم  از خُلقِ  نما  برھاشمِ مسکیں گدا۔

’اوهان جي سهڻي اخلاق کي الله تعاليٰ بي انتها بلند سڏيو آهي. پنهنجي سهڻي اخلاق سان هاشم مسڪين تي رحم ڪر.‘

یار سول اللہ فریادم  بہ  رس

من نمے دانم وسیلہ جز تو کس۔

’اي الله تعاليٰ جا رسول! (ﷺ) منهنجي دانهن ٻڌي پهچ. مان توکان سواءِ ڪوبه وسيلو نه ٿو ڄاڻان.‘

اے بلبلِ  گلزار معانی کہ توئی

وے محرم اسرارِ نہانی کہ توئی۔

’اي (محبوب ﷺ) معنائن جي گلزار جي بلبل اوهان آهيو. ڳجهن رازن جا رازدار به اوهان آهيو.‘

ہر کس کہ نشان دوست می جست نیافت

ہم از  تو  بیابد  آں   نشان   کہ   توئی۔

’جنهن ماڻهوءَ به پنهنجي دوست جو نشان ٿي ڳوليو، ته نه ٿي لڌائين. پڻ اوهان کان ئي اهو نشان لڀندو، اوهان ئي آهيو.‘

الله تعاليٰ جو هڪ داناءُ ٻانهو، ڪنهن سخي ٻانهي جي دسترخوان تي حاضر ٿيو. جڏهن دستر خوان کوليائين ته گهڻا طعام ۽ نعمتون ان بزرگوار جي اڳيان آندائين، پر هن انهن طعامن ڏي هٿ ڊگهو نه ٿي ڪيو. مهماني ڪندڙ عرض ڪيو ته سائين! هي ته حلال مان آندل آهي. ڇاجي ڪري. (استعمال نه ٿا ڪريو) ان داناء فرمايو! ڪئين انسان بنا کاڌي جي ڪنڊ ۾ ويٺا آهن ۽ مان هتي نعمتن ۾ مشغول هجان، اهو ماڻهپو نه آهي سڀاڻي (قيامت جي ڏينهن) حضرت محمد ﷺ کي، جو اڻ کٽ نعمتن جي دسترخوان تي ويهاريندا ته پاڻ عرض ڪندا اي الله! تنهنجو فرمان آهي۔

”وَاَزۡوَاجُہٗ اُمَّهَاتُهُمۡ“

’۽ ان (نبي ﷺ) جون گهر واريون انهن (مومنن) جون مائرون آهن.‘ ·

’مؤمن منهنجي جگر جا ٽڪرا آهن، مان محمد (ﷺ) نعمتن ۾ ۽ مون محمد (ﷺ) جي جگر جا ٽڪرا تڪليف ۾، اهو ڪيئن ٿو جائز ٿي سگهي. يا ته مون کي به انهن سان گڏ دوزخ ۾ موڪل يا انهن کي مون سان گڏ جنت ۾ داخل ڪرڻ فرماءِ. خطاب ايندو ته اي محمد! (ﷺ) اسين بهشت وارن کي دوزخ ۾ نه موڪلينداسين، پر (تنهنجي صدقي) دوزخ وارن کي بهشت ۾ ٿا موڪليون، جو اسان جي ڪرم کي ڄاڻندا ۽ اسان جي عزت سڃاڻندا.

هندستان* ۾ حضرت آدم عليه السلام جي روضي مبارڪ· جي مٿن کان هڪ وڻ آهي، جيڪو سال ۾ ٻه گل جهليندو آهي ۽ هر هڪ گل ۾ ست پتيون هونديون آهن ۽ هر هڪ پتيءَ تي لااِلٰـہ الاالله محمد رسول الله لکيل هوندو آهي. اتي جي بادشاهه اتي ماڻهو مقرر ڪري ڇڏيا آهن، ته جيئن انهن گلن کي مضبوطيءَ سان سنڀالي رکن ۽ بادشاهي خزاني ۾ آڻين ۽ اهي انهن سان مريضن جو علاج ٿا ڪن. روايت آهي ته جڏهن انهن گلن مان هڪ پتي ڪٽي انڌي جي اکين ۾ وجهندا آهن ته الله تعاليٰ جي فرمان سان ۽ حضرت رسالت پناهه عليه الصلواة والسلام جي نالي جي برڪت سان اهو انڌو سڄو ٿي پوندو آهي. اي عجب! جنهن پن تي ڪلمو شريف لکيل آهي. اهو انڌي کي سڄو ٿو ڪري ته جنهن دل تي قدرتي قلم سان ڪلمو لکيل ۽ ان جو ساهه الله تعاليٰ جي محبت ۾ سڙيل ۽ حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ سان ڳنڍيل آهي. ته اها دل بصيرت جي نور سان روشن ٿيل آهي. جيڪڏهن ٻانهو دل جي روشن اک کي ڪفر جي انڌيري سان انڌو نه ڪري ۽ رب کي سڃاڻندڙ ماڻهو پاڻ؛ سڃاڻ نه ڪري ۽ الله تعاليٰ جي ڪرم کان پاڻ کي محروم نه سمجهي. هن کان به وڌيڪ عجب اهو آهي ته ان وڻ مان جيڪو پن هيٺ ڪري ٿو، اُن ئي ساعت ۾ زمين اُن کي ڳهي ٿي وڃي يا ڪو ملائڪ اچي ان کي کڻي ٿو ۽ الله تعاليٰ ۽ حضرت رسالت پناه ﷺ جي نالن جي احترام خاطر ڪنهن جانور کي طاقت نه آهي، جو ان پن کي کائي ۽ باهه کي به طاقت نه آهي، جو ان کي ساڙي سگهي. جنهن پن تي دوست جو نالو لکيل آهي، دنيا جي باهه کي ان جي ساڙڻ جي طاقت نه آهي ته جيڪا مومن جي دل ايمان واري ۽ عرفان جي نور سان روشن ۽ الله جل جلالـﮣٗ جي عشق سان سينگاريل ۽ حضرت محمد (ﷺ) جي محبت سان ڳنڍيل آهي، اها دوزخ جي باهه ۾ ڪيئن سڙندي.

شعر

در باغ  دِل و زمیں  جا نہائے

جز  مہرِ    محمدی   نہ کشتیم۔

’دل جي باغ ۽ ساهه، جي زمين ۾ محمد (ﷺ) جي محبت کان سواءِ اسان ڪجهه نه پوکيو آهي.‘

اسرارِ      محبت       محمد

بر صفحہء جان  و  دل نوشتیم۔

'محمد ﷺ جي محبت جا راز اسان جي دل جي صفحي تي لکيل آهن.'

با نورِ    محمّد    شکے   نیست

کز  اہل  باشندہء  بہشتیم۔ ·

'يعني اسان کي حضرت محمد ﷺ جي نور ۾ ڪو شڪ نه آهي، اسين بهشت جا رهاڪو آهيون.'

اي جهانن جا رب! لکين صلواتون ۽ سلام مهينن ۽ ڏينهن ۾ وهڻ ۽ بيهڻ ۾ حضرت محمد ﷺ ۽ ان جي اولاد، اڳواڻ مڙني تي.

شعر

المنتہ  ا  للہ    کہ    محمّد   نور   است

و از   نورِ محمدی  دلم  مسرور  است۔

’الله تعاليٰ جو احسان آهي محمد ﷺ نور آهي ۽ محمدي نور سان منهنجي دل خوش آهي.‘

فردا  بہ  ہزار سالہ  راہِ   امّت

از  شعلہ آتشِ جہنم  دور  است۔

’سڀاڻي (قيامت ڏينهن) امت جهنم جي باهه کان هزار ورهن جي واٽ تي پري هوندي.‘

حبيب اڪرم (ﷺ) جي درٻار ۾ عرض:

من درد مندم حضرتا،  فریاد  رس یا مصطفے

پارہ  شدہ   بہرِ   خدا،  فریاد  رس  یا  مصطفےٰ۔

’اي حضرت مان درد وارو آهيان. اي مصطفيٰ (ﷺ) منهنجي دانهن ٻُڌ. ٽڪرا ٽڪرا ٿيل آهيان. اي مصطفيٰ ﷺ خدا واسطي منهنجي دانهن ٻڌ.‘

بیشک  توئی محبوبِ حق فرمان  برت  جملہ طبق

در  حکم تو  ارض  و   سما، فریاد   رس   یا  مصطفےٰ۔

’اوهان بنا شڪ جي الله تعاليٰ جا محبوب آهيو، سڀئي طبقا اوهان جا فرمانبردار آهن. زمين ۽ آسمان اوهان جي حڪم ۾ آهن. اي مصطفيٰ (ﷺ) منهنجي دانهن ٻڌ!‘

ہستی تو  شاہِ  دو جہاں ہم شافع  ایں  اُمتاں

اے دوستِ رب العلیٰ، فریاد رس یا مصطفےٰ۔

’اوهان ٻنهي جهانن جا بادشاهه آهيو، هنن اُمتين جي شفاعت ڪندڙ به آهيو. اي مٿاهينءَ جي رب جا دوست! اي مصطفيٰ (ﷺ) منهنجي دانهن ٻڌ.‘

جملہ جہاں جنّ و بشر ایں و آں زیرو زبر

از  بہرِ  تو  آھو گواہ، فریاد رس یا مصطفےٰ۔

سڀئي جهان انسان ۽ جن. هي ۽ اهي، هيٺ ۽ مٿي اوهان لاءِ هرڻيون به شاهد آهن. اي مصطفيٰ (ﷺ) منهنجي دانهن ٻڌ!

از عرش تا  زیر زمین، ہر چیز ہم روح الامین

بہرِ تو  شد  اے  اصفیا،  درس یا  مصطفےٰ۔

’عرش کان وٺي زمين جي هيٺئين حصي تائين سڀ شيون، روح الامين· به اوهان جي لاءِ اي ڀلارا (پيدا ٿيون)! اي مصطفيٰ (ﷺ) منهنجي دانهن ٻڌ!‘

ہم   تو  شفیع   المذنبیں،  ہم  رحمتہ  للعالمیں

اے مرتضیٰ اے مجتبیٰ، فریاد رس یا مصطفےٰ۔

’اوهان گنهگارن جي شفاعت ڪندڙ، جهانن لاءِ رحمت آهيو. اي برگزيد! ۽ اي ڀلارا! اي مصطفيٰ (ﷺ) منهنجي دانهن ٻڌ!‘

جز تو وسیلہ نیست کس بھرِ خدا فریاد رس

سلطان تخت  اجتھا، فریاد  رس یا مصطفےٰ۔

’اوهان کان سواءِ ڪو وسيلو نه آهي. خدا جي واسطي دانهن ٻڌ. اي ڀلائيءَ جي تخت جا بادشاهه، اي مصطفيٰ (ﷺ) منهنجي دانهن ٻڌ.‘

اے گوہر درجِ  حیا   و  اے اختر برجِ  وفا

برہان تختِ اصطفا، فریاد  رس  یا مصطفےٰ۔

’اي حياء جي صندوق جا گوهر ۽ وفاداريءَ جي برج جا ستارا ڀلائيءَ جي تخت جا دليل، اي مصطفيٰ (ﷺ) منهنجي دانهن ٻڌ.‘

اے رہنمائے مؤمناں،  حاجت روائے مسلمان

مکرم،   معظم،   مہتدیٰ،    فریاد   رس   یا   مصطفےٰ۔

’اي مومنن کي واٽ ڏيکاريندڙ، مسلمانن جي حاجت پوري ڪندڙ عزت وارا، تعظيم وارا، هدايت جا صاحب. اي مصطفيٰ (ﷺ) منهنجي دانهن ٻڌ.‘

اے بہتر از بہتراں، و اے مہتر از مہتراں

اے اتقیاء   مرتجیٰ، فریاد   رس   یا  مصطفےٰ۔

’اي ڀلن کان ڀلارا ۽ اي سٺن کان سٺا، اي پرهيزگارن ۾ اميد رکيل، اي مصطفيٰ (ﷺ) منهنجي دانهن ٻڌ.‘

اے دستگیر افتادگاں، اے چارہِء بیچار گاں

بدر الدّجیٰ شمس الضحیٰ، فریاد رس یا مصطفےٰ۔

’اي ڪريلن جو هٿ وٺندڙ ۽ ويچارن جا سهارا، اونداهيءَ ۾ چمڪندڙ چوڏهينءَ جا چنڊ، ڪچڙيءَ منجهند جا سج، اي مصطفيٰ (ﷺ) منهنجي دانهن ٻڌ!‘

اے میوہء باغِ  اماں،  اے طوطیء سبع  مثاں

اے صاحبِ نورالہدیٰ، فریاد رس یا مصطفےٰ!

’اي امن جي باغ جا ميوا، اي قرآن ڪريم جا طوطا، اي هدايت جي نُور جا صاحب، اي مصطفيٰ (ﷺ) منهنجي دانهن ٻڌ.‘

نورِ  نہال   دولتی،    نورِ   بہارِ   ملتی

اے حرمتِ باغِ صفا، فریاد رس یا مصطفےٰ۔

’اوهان دولت جي وجود جا ۽ ملت جي بهار جا نور آهيو ۽ اي صفائيءَ جي باغ جي عزت. اي مصطفيٰ (ﷺ) منهنجي دانهن ٻڌ.‘

منصور، ممدوح بدرِ،  صادق خبر  نیکو   سیرَ

خورشیدِ حق احسن لقا، فریاد رس یا مصطفےٰ۔

’بدر (جي جنگ)۾ مدد ڪيل، ساراهيل، ڳالهه جا سچا، سهڻي سيرت وارا، حق جا سج، سهڻي ديدار وارا، اي مصطفيٰ (ﷺ) منهنجي دانهن ٻڌ.‘

اے مقصدِ اقصیٰ ھم،  عالی مقامِ  ذی  الکرم

اے درد منداں  را  دوا، فریاد رس یا مصطفےٰ۔

’اي همتن جي نهايت جا مقصد، مٿاهين مقام وارا ڪرم جا صاحب، اي درد وارن جي دردن جي دوا. اي مصطفيٰ (ﷺ) منهنجي دانهن ٻڌ.‘

اے شاہ   اسرارِ قدم، اے ماہِ  انوارِ حکم

برعاصیاں لطفِ خدا، فریاد رس یا مصطفےٰ۔

اي قديم اسرارن جا بادشاهه ۽ اي حڪمتن جي نور جا چنڊ، گنهگارن تي الله جا لطف. اي مصطفيٰ (ﷺ) منهنجي دانهن ٻڌ!

اے نور صدق جان   و   دل، نورِ حدیقہ آب و گل

اے صاحبِ   جو د  و   سخا، فریاد  رس  یا  مصطفےٰ!

’اي ساهه ۽ دل جي سچائيءَ جا نور، پاڻيءَ ۽ مٽيءَ جي باغ جا نور، ڪرم ۽ سخاوت جا صاحب. اي مصطفيٰ (ﷺ) منهنجي دانهن ٻڌ!‘

اے روشنیء عاصیاں، نورِ  خدا بر  توعیاں

اے نصّ ختم الانبیاء فریاد رس یا مصطفےٰ۔

’اي گنهگارن جي لاءِ روشني! تنهنجي اڳيان الله جو نور ظاهر آهي، اي دنيا تي نبين جي اچڻ جي ختم ٿيڻ جا دليل (نِص). اي مصطفيٰ (ﷺ) منهنجي دانهن ٻڌ!‘

بہرِ   ابوبکر  تقی،   بہرِ   عمر   شاہِ    نقی

از بہرِ عثمان ذوالحیا، فریاد رس یا مصطفےٰ!

’(حضرت) ابوبڪر﷦ پرهيزگار جي واسطي، (حضرت) عمر ﷦ شاه صفائيءَ واري، (حضرت) عثمان ﷦ حياء واري جي واسطي. اي مصطفيٰ (ﷺ) منهنجي دانهن ٻڌ.‘

بہرِ علی   المرتضیٰ،   بہرِ حسن   ذوالمجتبیٰ

بہر حسین شہِ کربلا، فریاد رس یا مصطفےٰ!·

(حضرت) ’علي المرتضيٰ ﷦ جي واسطي، (حضرت) امام حسن ﷦ ڀلاين جي صاحب جي واسطي، ڪربلا جي (حضرت) شاهه، حسين ﷦ جي واسطي. اي مصطفيٰ (ﷺ) منهنجي دانهن ٻڌ.‘

حرمتِ ھمہ اصحابہا،  حرمتِ ھمہ اَحبابہا

لطفے  بحال  زار ما، فریاد   رس  یا  مصطفےٰ!

’سڀني اصحابن سڳورن (رضه) ۽ سڀني پيارن جي مهابي. اسان جي ڏکويل حال تي ڪو لطف فرماءِ، اي مصطفيٰ (ﷺ) منهنجي دانهن ٻڌ.‘

اے حضرت سید رُسل، و  اے مہدی و ہادی سُبل

و اے ختم  سورہ  اصفیا،  فریاد  رس  یا  مصطفےٰ!

’اي رسولن سڳورن جا سردار ۽ اي هدايت وارا. (حق جي) واٽ ڏي هدايت ڪندڙ ۽ اي ڀلارن جي شان ۽ شرف جا نِڌان (پڄاڻي). اي مصطفيٰ (ﷺ) منهنجي دانهن ٻڌ.‘

ملک و فلک  از  نور  او  صافین شد مسرور اد

و اے آفرنیش رازھا، فریاد  رس یا  مصطفےٰ!

’ملائڪ ۽ آسمان اوهان جي نور مان آهن سڀيئي مسرور آهن ۽ اي پيدا ٿيڻ جا سبب. اي مصطفيٰ (ﷺ) منهنجي دانهن ٻڌ.‘

اے نورِ حق پیدا  ز تو، اے دیدہ  دل  بینا  ز تو

اے  مالکِ  ہر دوسرےٰ، فریاد  رس یا  مصطفےٰ!

’اي (اها ذات جو) حق جو نور اوهان مان ظاهر آهي ۽ دل جي نگاهه اوهان جي صدقي روشن آهي. اي ٻنهي جهانن جامالڪ. اي مصطفيٰ (ﷺ) منهنجي دانهن ٻڌ.‘

باغِ فصاحت را کلی، اے مرشدِ پیر وولی

بہرِ تو شد ارض و سما، فریاد رس یا مصطفےٰ!

’اي فصاحت جي باغ جا گل ۽ پيرن ۽ ولين جا مرشد، اوهان لاءِ زمين ۽ آسمان پيدا ٿيا. اي مصطفيٰ (ﷺ) منهنجي دانهن ٻڌ.‘

ایں ھاشم ِمسکیں گدا،  تفتہ ثنا  بے انتہا

یا   مرحبا  یا   مرحبا، فریاد  رس یا مصطفےٰ!

’هن ’هاشم‘ مسڪين گداگر ثنا چوڻ ۾ (پنهنجي طرفان) انتها ڪئي آهي. اي مرحبا، اي مصطفيٰ (ﷺ) منهنجي دانهن ٻڌ.‘

عمل چڱا ڀلي گهڻا هجن، پر حضور ﷺ جي شفاعت کان سواءِ ڪو به بهشت ۾ نه ٿو وڃي سگهي ۽ حضور ﷺ جي شفاعت ۽ رحمت ۽ امت تي شفقت حد کان گهڻي آهي. بعضي ماڻهو چون ٿا ته حضور ﷺ جي شفاعت کان سواءِ عملن جي اميد تي به جنت ۾ ويندا ۽ اهي ئي چون ٿا ته حضور جن وفات ڪرڻ سان (معاذ الله) ٻين مئلن وانگر ٿي ويا ۽ جيئرا ناهن. هيءُ خالص ڪفر آهي، ڇو ته الله تعاليٰ شهيدن جي حق ۾ فرمايو آهي:

”وَلَاتَحۡسَبَنَّ الَّذِيۡنَ قُتِلُوۡافِيۡ سَبِيۡلِ اللهِ اَمۡوَاتًا بَلۡ اَحۡيَاءُ

عِنۡدَ رَبِّهِمۡ يُرۡزَقُونَ“

’۽ انهن کي مئل اصل نه ڀانءِ. جيڪي الله جي واٽ ۾ ڪٺا ٿا وڃن، بلڪ (اهي) پنهنجي رب وٽ جيئرا آهن، کين رزق ڏنا ويندا آهن.‘*

شهيد، حضور ﷺ جي قدمن مبارڪن جي مٽي ۽ گهٽين جا چوڪيدار ۽ غلامن جا غلام آهن ۽ جڏهن ان جا غلام ايتري قدر وارا آهن ته حضور ﷺ جن پاڻ ڪيڏي نه اعليٰ مقام ۽ زندگيءَ وارا هوندا. صحيح حديث ۾ آيو آهي، حضور ﷺ فرمايو ته: ”مان موسيٰ (عليه السلام) جي مزار کان لنگهيس ته اهو پنهنجي قبر ۾ بيهي نماز پڙهي رهيو هو. ته اهو جيئرو آهي مئل ناهي، پر جڏهن حضرت موسيٰ عليه السلام کان اسان جو نبي ﷺ ڀلو آهي ته ان جي زندهه هجڻ ۾ ڪهڙو شڪ آهي.............·

آنرا  کہ اطاعتِ محمّد باشد

گنجش ز قناعتِ محمّد باشد۔

’جنهن وٽ محمد (ﷺ) جي تابعداري هوندي، ان وٽ محمد (ﷺ) جي قناعت جو خزانو هوندو.‘

گرھست امید رحمتِ عاصی را

آں ھم  بشفاعتِ   محمّد  باشد۔

’جيڪڏهن گنهگار کي رحمت جي اميد آهي ته اها به (حضرت حبيب) محمد (ﷺ) جي شفاعت سان هوندي.‘

الله تعاليٰ ملڪ جو مالڪ، وحده لاشريڪ لـﮣَ، پنهنجي رحمت جا دروازا کولي، عاصين ۽ گنهگارن کي حضرت حبيب محمد ﷺ جي برڪت سان بخشيندو.

اللّٰهُمَّ صَلِّ عَلى سَيِّدِنَا مُحَمَّدٍ وَّعَلى آلِ سَيِّدِنَا مُحَمَّدٍ وَاَصۡحَابِہٖ وَاَزۡوَاجِہٖ وَذُرِّيَّاتِہٖ وَاَهۡلِ بَيۡتِہٖ وَعِتۡرَتِہٖ وَاَحِبَّائِہٖ وَسَلِّمۡ.

(اي الله) ويچاري ’هاشم‘ گناهن ۾ ڦاٿل، زماني ۾ تباهه، گهر ۽ مال جي پريشانَ، سڄي جهان کان گهٽ، گناهن جي درياهه ۾ ٻڏل، شريعت جي حڪمن کي بجا نه آڻيندڙ کي ڀلاين جي ڪڪر مان وصال جي صاف پاڻيءَ جا ڦڙا نڙيءَ (ساهه) جي تارونءَ ۾ پهچاءِ. جيڪڏهن پنهنجي بي انتها (رحمت جي) درياهه مان جهرڪيءَ کي پاڻي عطا ڪندين ته ڇا گهٽ ٿيندو. جيڪڏهن پنهنجي احسان جي دسترخوان مان هڪ لقمو ڪِوِل جي وات ۾ وجهندين ته ڇا ٿيندو!

اے فضل و کرم تو  ز  اندازہ بیش  است

اگر  رحمت کنی برجائے خویش  است۔

’اي (اها پاڪ ذات جو) تنهنجو فضل ۽ ڪرم اندازي کان گهڻو آهي. جيڪڏهن رحمت ڪرين ته پنهنجي جاءِ تي (صحيح) آهي.‘

خداوندا  غفوری  و  کریمی

ھمیشہ  بر گنہگاراں  رحیمی۔

’اي الله! بخشيندڙ ڪريم آهين، هميشه گنهگارن تي رحم ڪندڙ آهين.‘

ويچاري جدائيءَ جي ڏکويل، گهر ۽ مال کان پري ٿيل کي لڪل وصال کليو نصيب ڪر. غيب جي ڏوليءَ ۾ لڪل محبوب جو جمال، جيڪو حقيقت وارن جي دلين جي باغن جي حضور جي زينت سان سينگاريل آهي ۽ سنهين ڳالهين جي کولڻ جي ڏينهن ۾ ان تي ايمان آڻڻ ۽ ان جي معرفت جي تازگي ڏکين ڳالهين جي کولڻ لاءِ بهار آهي، نصيب فرماءِ.

یاد  تو کنم  دل   بپرواز  آید

نامِ تو برم عمر شدہ  باز آید۔

’تنهنجي يادگيري ٿو ڪريان ته منهنجي دل اڏامڻ ۾ ٿي اچي ۽ تنهنجو نالو ٿو وٺان ته گذريل عمر موٽي ٿي اچي.‘

روزے کہ حدیثِ عشق آغاز کنم

بامن  در  دیوار...  با  آواز  آید۔

’جنهن ڏينهن عشق جي ڳالهه شروع ٿو ڪريان ته مون سان دروازا ۽ ڀتيون به آواز ۾ ٿا اچن (ڳالهائين ٿا).‘

اي هڪ، ڪرم ڪندڙ، اي حمد جا لائق، جنهن جي تعظيم واجب آهي. اي (اهاپاڪ ذات جو تنهنجو) لطف هر ڦٽيل دل کي شفا بخشيندڙ آهي ۽ تنهنجو ڪرم سڀ ڪنهن ڏکويل دل جو ڏک ميٽيندڙ آهي. تنهنجي عنايت هر فقير مسڪين جو هٿ وٺندڙ آهي ۽ تنهنجي رحمت هر غم ۾ سڙيل دل جو مرهم آهي.

اے  آنکہ  نداریم  بجز  تو  دِگرے

در حال خرابِ  بندگاں کن نظرے۔

’اي (اها پاڪ ذات) جو اسين تو کان سواءِ ٻيو (خدا) نٿا رکون، اسان ٻانهن جي خراب حال تي (مهربانيءَ جي) نگاهه فرماءِ!‘

نے روز بروزہ  ایم  ونے شب بہ نماز

بخشاءِ    گناھِ    ما بہ    آہِ   سحرے۔

’نه ڏينهن جو روزا ٿا رکون، نه رات جو نماز ٿا پڙهون، اسان کي پوئينءَ رات واريءَ آهه جي (صدقي) بخش فرماءِ!‘

اي هر شيءِ جا پيدا ڪندڙ. اي الله (جل جلالـﮣ) حضور ﷺ جي صدقي اسان جي دل جي زمين ۾ پنهنجي محبت جو وڌندڙ وڻ پيدا ڪر ۽ ان کي معرفت جي تازي پاڻيءَ سان تازو رک. اسان جي سڀني ڪمن کي پنهنجي عنايت سان ٺاهه. اي الله! پنهنجي ڪرم سان اسان جي حاجتن کي پورو ڪرڻ جي عنايت فرماءِ. عام حالتن ۾ صبح ۽ شام ۾ اسان قول ڀڳا آهن. آخري پساهن ۾ اسان جي حال تي رحم ڪري، اسان کي بخش فرماءِ.

ياالله! جيڪڏهن سڀاڻي مون کان منهنجي گناهن جي باري ۾ پڇندين ته مان عرض ڪندس ياالله! تنهنجي رحمت جا خزانا ڪٿي آهن، جو مون کي انهن مان ڀاڱو ملي ۽ جيڪڏهن مون کي ڌارين سان گڏ دوزخ ۾ موڪليندين ته دوزخ وارن کي تنهنجي محبت جي ڳالهه ٻڌائيندس.

بدآں کرم کہ تو داری امید واری ہست۔

’جيڪو ڪرم تون رکين ٿو، اُن ۾ اميد آهي.‘

اي (اها پاڪ ذات) جو هڪ بيمثال، بي نياز، بنا حرڪت ۽ سُڪون جي آهي. پنهنجي انهن مست ٻانهن جي مهابي، جو اسرار وجود جي ڪچهريءَ ۾ شهود جي انوار جو پيالو پيتو آهي. اُن رات جي مسافرن جي مهابي، جن طلب جي انڌيري ۾ زحل (ستاري) کان مٿي وڃي عرش تي عمل جو جهنڊو هنيو آهي. عالم ارواح جي درياهه ۾ جسمن جي ٻيڙيءَ تي سوار ٿي هستيءَ جي منزلن ۽ حق پرستيءَ جي مرحلن کي عبور ڪيو آهي ۽ جن وصال جي ڪعبي جي حرم جو احرام ٻڌي، دنيا جي مرادن حاصل نه ڪرڻ واريءَ واديءَ ۾ عشق جي لبيڪ پڙهي آهي ۽ پاڻ تي ۽ ساري مخلوقات تي قناعت جون چار تڪبيرون پڙهيون آهن، ۽ ناز جي چوٽيءَ تان لهي نياز جي ڪعبي جي چانئٺ تي پهتا آهن. ياالله! پڇاڙيءَ زماني ۾ رت هاريندڙ ڪنڊ ۾ شهوت جا ڌاڙيل طريقت ۽ خدمت جو رستو وٺندڙ کي ڦرين ٿا. پنهنجي خاص عنايت. اسان سان گڏ رک ۽ گمراهيءَ جي انڌيري ۽ جهالت جي اونداهيءَ ۾ هدايت جو ڏيئو اسان جي واٽ ۾ رک. سيد الابرار ﷺ جي مهابي.آمين! رحمتڪ يا ارحم الراحمين.

یا  الاہی  جرمِ  ما را  در گذر

ما   گُنہگاریم  تو   آمرز گار۔

اي الله اسان جا ڏوهه بخش ڪر، اسين گنهگار آهيون، تون بخشيندڙ آهين.

تونکو کاری  و  ما بد کردہ  ایم

جرم بے اندازہ  بیحد کردہ ایم۔

’تون چڱائي ڪندڙ آهين ۽ اسان برائي ڪئي آهي. اسان گهڻا ۽ بي حساب گناهه ڪيا آهن.‘

اي دلين کي روشن ڪندڙ، اي ڏکن ۾ خوشيون بخشيندڙ، اسان اُڃايلن کي هدايت جو پاڻي پيار. اي نور ۽ نار (باهه) جا خالق. اي ڪِوِلين ۽ نانگن کي رزق ڏيندڙ، اي رحمت جي دروازن جا کوليندڙ، اي مغفرت جا سبب پيدا ڪندڙ، اي جسمن کي صورت بخشيندڙ، اي ارواح کي روشن ڪندڙ (اسان) ويچارن کي پنهنجي فضل ۽ احسان جي ونڊ ڏي ۽ اسان جي ڪارين دلين کي معرفت جي نور سان روشن ڪر. حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جي مهابي.

یا رب بجناب  ذوالجلالم برساں

لبِ تشنہ بدریائے زلالم برساں۔

’اي منهنجا پالڻهار! مون کي پنهنجي جلال واري بارگاهه ۾ پهچاءِ، اڃايل آهيان (محبت جي) صاف پاڻيءَ جي درياهه تي مون کي پهچاءِ.‘

و  از  بہرِ وصال می کشم محنِت ہجر

زیں  ہجر بدولت و صالم برساں۔

’ملڻ جي اميد لاءِ جدائيءَ جي محنت ٿو ڪريان، ان جدائيءَ مان مون کي وصال جي دولت پهچاءِ.‘

مرادِ  ہمہ  دوستانم  بر آر

مکن نزد ایشاں مرا شرمسار۔

’منهنجي سڀني دوستن جي مراد پوري ڪر، مون کي انهن وٽ شرمسار نه ڪر.‘

بود  ہرکس را بہ  چیزے ہوس

تمنا من از تو  ہمیں  است و بس۔

’هر ڪنهن ماڻهوءَ کي ڪنهن شيءِ جي خواهش هوندي آهي، منهنجي تمنا اها ئي آهي ۽ بس.‘

اي الله (جل جلاله) پنهنجي رحمت جي سج سان اسان جي گناهن جي اوندهه روشن ڪر. اي اها (پاڪ ذات) جنهن جو ذڪر وڏو ۽ احسان عام آهي. مشتاقن جي ساهه کي ميثاق جي صبح سان ايمان جي نور جي سمنڊن تائين پهچاءِ. نبين (سڳورن) جي سردار جي مهابي (اسان کي) معرفت جي خوشبوئن سان خوشبودار بناءِ. اي اها پاڪ ذات، جو هن جهان ۾ گناهه ڏسي ٿو، ته به پردو نٿو لاهي.

گنہہبیند و پردہ پوشد بحلم

’يعني گناهه ڏسي ۽ بردباريءَ سان پردو ڍڪي.‘

۽ ان جهان (قيامت ۾) جيڪڏهن رحمت ۽ احسان سان اسان فقيرن جا گناهه بخشي ۽ اسان جي عملن واري دفتر مان ڪٽي ۽ ختم ڪري ۽ پنهنجي ڪرم، لطف ۽ رحم سان سڌيءَ واٽ تي هلائي ته ڪهڙو عجب آهي!

بزرگن فرمايو آهي ته جيڪڏهن ٻانهو آهين ته بار کڻ ۽ جيڪڏهن عارف آهين ته هڪ بار جي بجاءِ هزار بار کڻ ۽ جيڪڏهن محب آهين ته حضرت محبوب جا ناز برداشت ڪر ۽ جيڪڏهن موحد آهين ته ٻين تان هٿ کڻ ۽ مڙني کان پير ڪڍي وڃ. تون پروانو آهين ۽ محبوب جو جمال شمع آهي. تون عاشق آهين، ان جا محبت رکندڙ عاقل آهن ۽ ٻيا ديوانا. مان نه عارف، نه عابد ۽ نه زاهد ۽ نه صالح آهيان. گنهگار ۽ زماني ۾ ڪاري دفتر وارو آهيان. پر حضور ﷺ جو سچو محب ۽ انهيءَ سرور خيرالبشر ﷺ جو عاشق آهيان. الله تعاليٰ جيڪڏهن انهيءَ جناب، الله جي محبوب ﷺ جي برڪت سان منهنجا مڙئي گناهه بخشي ۽ پنهنجي بي انتها عطا سان منهنجي مُنهن کي روشن ڪرڻ فرمائي ته ان جي لطف ۽ ڪرم کان پري ناهي.

لَاتَقۡنَطُوۡامِن رَّحۡمَتِ اللهِ اِنَّ اللهَ يَغۡفِرُالذُّنُوۡبَ جَمِيۡعًاط

اِنَّہٗ هُوَالۡغَفُوۡرُ الرَّحِيۡمُ (قرآن)

’الله جي رحمت مان نااميد نه ٿيو، بيشڪ الله سڀئي گناهه بخشي ٿو، بيشڪ اهو بخشيندڙ مهربان آهي.‘*

اي محترم! ڄاڻ ته گنهگار ٻانهن لاءِ به الله تعاليٰ جون بي انتها عطائون آهن ۽ الله سڌي واٽ ڏسيندو آهي. اي جهانن جا رب! (اسان جي دعا) قبول ڪرڻ فرماءِ.

مون هي نسخو مختصر لکيو آهي ته جيئن پڙهندڙ کي ڀڄڻ (جو بهانو) نه ملي ۽ ملول نه ٿئي ۽ اعتراضن جو جواب با صواب (صحيح) ڏنو اٿم، جيڪڏهن ڪا غلطي ڪئي هجيم ته مهربانيءَ سان معاف ڪرڻ فرمائيندا.

تو   نیزار بد  بینی   اندر سخن

بخلق  جہاں  آفریں  کار کن۔

’يعني جيڪڏهن تون ڳالهه ۾ ڪا برائي ڏسين ته جهان جي پيدا ڪندڙ (الله تعالي) جي اخلاق (پردي ڍڪڻ) ڏانهن ڏس!‘

اي عبدالرؤف خان! مون تو کي نصيحت ڪئي آهي ۽ شيطان کي خوار ڪيو آهي. باقي لفظن جي سختيءَ ۽ نرميءَ کي معاف ڪرڻ فرمائيندا، جو ننڍن کان خطا ۽ وڏن کان عطا ٿيندي آهي.

بپوش گربخطائے رسی و طعنہ مزن

کہ ہیچ نفس بشر خالی  از  خطا نبود۔

’يعني جيڪڏهن ڪا غلطي ڏسين ته ڍڪي ڇڏ ۽ طعنو نه هڻ. جو ڪوبه انسان خطا کان خالي نه هوندو آهي.‘

مون هن نسخي جو نالو ”مدحنامه سنڌ“ رکيو آهي، جيڪو تاريخ 16، مهيني ربيع الاول ۽ سن 1146هه ۾، ظل الله (الله تعاليٰ جي (رحمت جي) پاڇي) محمد شاه بادشاهه جي بادشاهيءَ جي وقت لکيو ويو. هن نسخي جي پڙهندڙ کي عرض آهي ته مصنف کي خير جي دعا سان ياد ڪري. ·

 

 

باري تعاليٰ جي بارگاهه ۾ مناجات

(1)

 

اے خالقِ  ارض  و  سما  لطفِ  بحالِ  زار ما

اے گمرہاں را  رھنما، ھستی تو  بیشک  رھنما۔

’اي زمين ۽ آسمان جا پيدا ڪندڙ! اسان جي ڏکن واري حال تي مهرباني فرماءِ! اي گمراهن کي واٽ ڏيکاريندڙ، بيشڪ تون عطا جو صاحب آهين.‘

من بندہء بیچارہ  ام، از خان  و  مان  آوارہ  ام

بیچارہ  ام  بد کارہ  ام، بخشائے  از  جوُد  و  سخا۔

’مان ويچارو ٻانهو، گهر ۽ مال کان جدا آهيان، ويچارو ۽ بدڪار آهيان. (پنهنجي) ڪرم ۽ سخاوت سان (مون کي) بخش فرماءِ.‘

اے خالقِ جنّ و بشر، عرش و فلک زیر  و  زبر

از لطفِ خود برمن نگر، اے رازق و رب العلیٰ۔

’اي جنن ۽ انسانن عرش ۽ آسمان، هيٺ ۽ مٿي جا پيدا ڪندڙ. پنهنجي مهربانيءَ سان مون تي نگاهه ڪرڻ فرماءِ. اي رزق ڏيندڙ ۽ بلنديءَ جا رب!‘

بد کردہ  ام در  روز و شب، زاں یافتم رنج و تعب

عمرم شدہ  لہو  و  لعب،  درماندہ  ام مشکل کشا۔

’رات ۽ ڏينهن برائي ڪئي اٿم، ان جي ڪري ڏک ۽ تڪليف ڏٺي اٿم منهنجي عمر اجاين ڪمن ۽ راند ۾ وئي آهي، عاجز ٿي پيو آهيان (منهنجي) مشڪل حل ڪرڻ فرماءِ.‘

برھاشمِ مسکیں گدا، لطفے نما  اے  مالکا

کن درد  دل  او را  دوا،  بہرِ محمّد مصطفیٰ۔

’اي مالڪ هاشم مسڪين، پنڻ واري تي، مهرباني ڪر (حضرت) محمد مصطفيٰ ﷺ جي صدقي ان جي دل جي درد جي دوا ڪر.‘

مناجات (2)

خدایا  تو دانی  کہ درماندہ  ام

شب و  روز  اندر گنہہ را ندہ  ام۔

’اي الله! تون ڄاڻين ٿو ته مان عاجز آهيان رات ۽ ڏينهن گناهن ۾ هليو آهيان.‘

نداریم جز  تو  کہ   درِجہاں

توئی  چارہءِ  کار  بیچارہ گاں۔

’توکان سواءِ جهان ۾ ڪوبه (سهارو) ڪو نه ٿا رکون، تون ئي ويچارن جو چارو آهين.‘

خدایا  بحرُ  مت   محمّد  رسول

ہمیں عذر بیچارہ  را کن قبول۔

’اي الله! محمد رسول الله ﷺ جي صدقي، مون ويچاري جو عذر قبول ڪرڻ فرماءِ.‘

توئی   خالقِ  آسمان   و   زمیں

توئی  رازقِ  کافر  و  مؤمنیں۔

’تون ئي آسمان ۽ زمين جو پيدا ڪندڙ آهين، تون ئي ڪافرن ۽ مومنن کي رزق ڏيندڙ آهين.‘

توئی قاہر و مالک وبے نیاز

بدرگاہِ  تو  آمدہ  بندہ  باز۔

’تون ئي غالب ۽ مالڪ ۽ بي نياز آهين، تنهنجي درگاهه تي ٻانهو موٽي آيو آهي.‘

خَطِیاتِ  او  را بہ بخش اے کریم

کہ  نامِ   تو   ظاہر   غفورِ  رحیم۔

’اي ڪريم! ان جي گناهن کي بخش ڪرڻ فرماءِ، جو تنهنجو نالو غفور ۽ رحيم ظاهر آهي.‘

                   اگرچہ گنہگارم و  پُر  خطا

بدیہائے  ماگشتہ  بے انتہا۔

’جيتوڻيڪ مان گنهگار ۽ خطائن ۾ ڀريل آهيان. اسان جون برايون گهڻيون ٿي ويون آهن.‘

شب  و   روز   در حکمِ شیطان شدم

ہمہ   غافل    از  کارِ    رحماں   شدم۔

’رات ۽ ڏينهن شيطان جي حڪم ۾ رهيو آهيان. مهربان جي فرمايل ڪم کان غافل رهيو آهيان.‘

نہ گشتم  دمے سوئے  تو  مشتغل

بدم سوئے شیطاں خوار   و  خجل۔

’تنهنجي طرف هڪ پساهه به مشغول نه ٿيس، شيطان خوار ۽ ذليل جي طرف رهيس.‘

نہ   کشتم   یکے   دانہء   نیکوئی

زمیں جملہ پرشد ز چندیں بدی۔

’نيڪيءَ جو هڪ داڻو به نه پوکيو اٿم (منهنجي) گهڻين براين جي ڪري سڄي زمين ڀرجي وئي آهي.‘

ہمہ غیبتِ مرد ماں کردہ  ام

ہم روئی اندر جہاں کردہ  ام۔

’مڙئي گلا ماڻهن جي ڪئي اٿم، مڙئي پنهنجو مُنهن جهان طرف ڪيو اٿم.‘

نہ کردیم نیکی،  نہ  دادم زکواۃ

نہ روزہ  نہ حج و  طہارۃ صلواۃ۔

’نه نيڪي ڪئي اٿم، نه زڪواة ڏني اٿم، نه روزا (رکيا اٿم)، نه حج ۽ پاڪائي، نماز (ادا ڪيا اٿم).‘

ولے بہر پیغمبر و مرسلاں

ولیاّنِ خود نیک بختِ جہاں۔

’پر پيغمبرن ۽ مرسلن جي صدقي، پنهنجي ولين، جهان جي نيڪ بختن جي صدقي.‘

بیا    مرز    جملہ   خطیّا  تہا

امان خویش  دہ   از   بلیّا تہا۔

’سڀئي گناهه بخش ڪرڻ فرماءِ. سڀني مصيبتن کان پنهنجو امن ڏي.‘

مرا دار   محکم    براہِ    صواب

کہ ہستی تو بیشک غنی  و  وہاب۔

’مون کي سڌي واٽ تي مضبوط رک، جو تون بنا شڪ جي غني ۽ وهاب (عطا ڪندڙ) آهين!‘

تو دہ  گوہر   ایمان  مارا   فروز

شبِ تیرہ  مارا  تو گرداں  فروز۔

’تون اسان جي ايمان جي موتيءَ کي چمڪ عطا ڪر، اسان جي اونداهيءَ رات کي ڏينهن بناءِ!‘

دگر  حبِّ   اصحا بہا  را  ست  دار

ابوبکر،       عثمان،      علیٌّ      کرار۔

’ٻيو (عرض هيءَ آهي ته اسان ۾) اصحابن سڳورن جي محبت پوري پيدا ڪر، ابوبڪر ﷦، عثمان ﷦، علي ﷦ ڪرار جي.‘

چہارم عمر شاہِ  عدل و سخا

مقدم مؤخر نگر  اے  فتا۔

’چوٿون عمر ﷦ عدل ۽ سخاوت جو بادشاهه (هن کان) اڳ ۾ لکيل کي پوئتي ڄاڻ! اي جوان.‘ (يعني عمر جو نالو شعر ۾ پوئتي آندل آهي، پر ترتيب اهائي سمجهو جيڪا مشهور آهي.)

خدایا    تو    بر    دینِ    سُنی   بدار

بہ کن رافضی را خراب  و  خوار۔

’اي الله تعاليٰ! تون (مون کي) دين ۾ سُني (عقيدي) رک ۽ رافضيءَ کي خوار ۽ خراب ڪر.‘

خدایا   مرا   روز طاعت  بہ بخش

عبادت سخاوت شجاعت بہ بخش۔

’اي الله! مون کي روزانو تابعداري نصيب ڪر. عبادت، سخاوت ۽ بهادري نصيب ڪر.‘

وگر  تندرستی  و  چستی  بدہ

اقامت   براہِ  درستی   بدہ۔

’(مون کي) ٻي تندرستي ۽ چستي ڏي. سڌي واٽ تي قائم رهڻ نصيب فرماءِ.‘

دگر  در جہاں عزو شانم بدہ

ز  آفات   دوراں   امانم بدہ۔

’ٻيو ته مون کي جهان ۾ عزت ۽ شان ڏي، وقت جي مصيبتن کان مون کي امن ڏي.‘

عدُوّ   ان    مارا     بلا    بر   رساں

خراب و خجل کن بروئے جہاں۔

’اسان جي دشمنن کي مصيبت ۾ وجهه، سڄي جهان ۾ خوار ۽ خراب ڪر.‘

مرا ا ز  عدوّ ان سلامت  بدار

کہ ہستی تو  بیشک جبار   و   قہار۔

’مون کي دشمنن کان سلامت رک، جو تون بنا شڪ جي جبار ۽ قهار آهين.‘

فزوں عزو اقبال کن اے خدا

توانائی،    دانائی    ھر    چیز   را۔

’اي الله! اسان جي عزت ۽ اقبال وڌاءِ. طاقت وارو ۽ سڀني شين جو ڄاڻڻ وارو آهين.‘

تو  بر   راہِ   دینی  مسلم   بدار

خطیّات  جملہ مرا  در گذار۔

’تون مون کي دين جي واٽ تي سلامت رک. منهنجي مڙني خطائن کي معاف ڪرڻ فرماءِ.‘

بہ بخشائے بر من کہ ہستی کریم

رحم کن بمن زانکہ  ہستی  رحیم۔

’مون کي بخش ڪر، جو ڪريم آهين، مون تي رحم ڪر، جو رحيم آهين.‘

نداریم     اعمال     نیکی     یکے

بر ایں حالِ من بخش کن بیشکے۔

’نيڪ عمل هڪ به نه ٿا رکون، منهنجي هن حال تي بنا شڪ جي بخشش ڪر.‘

گناہم  اگر  بیش  شد  از  حساب

ہمہ در  گذاری  رحیم  و  وہاب۔

’جيڪڏهن منهنجا گناهه حساب کان گهڻا آهن، ته به اي مهربان عطائون ڪندڙ، مڙئي معاف ڪر.‘

بضاعت نیا وردہ  ام جز  نیاز

نیازِ  قبولم  کن  اے  دلنواز۔

’نياز کان سواءِ ڪا موڙي نه آندي اٿم، اي دليون نوازيندڙ، منهنجو نياز قبول ڪر.‘

بجز تو   نداریم من  ہیچ کس

امیدم بدرگاہِ تو ہست بس۔

’توکان سواءِ ڪوبه نه ٿو رکان، بس تنهنجي ئي درگاهه ۾ اميد اٿم!‘

خدا یا  وجودم بروزِ  قیام

در آری بسایہ علیہ السّلام۔

’اي الله!ٰ قيامت جي ڏينهن منهنجي وجود کي (حضور) ﷺ جي پاڇي ۾ آڻ.‘

گنا ہگار  ’  ھاشمبدارد   امید

زعفوش تو  اُو را  مکن  نا امید۔

’(هي) هاشم گنهگار، اميد ٿو رکي. پنهنجي معافيءَ کان انهيءَ کي نااُميد نه ڪر!‘

 

 

* سورہ ص آيت 77

  • سورہ بني اسرائيل آيت 61

+ تبريز آذربائيجان جي پاسي هڪ شهر آهي، جنهن ۾ اهو بزرگ شمس تبريزي رهندو هو، هيءُ بزرگ علامه روميءَ جو مرشد هو.

* ڪيميائي سعادت: حضرت امام غزاليءَ جو فارسيءَ ۾ لکيل ڪتاب آهي، جيڪو تمام ڀلو ۽ نصيحت سان ڀرپور آهي.

  • تفسير الرازي: ج 5، ص 200.

o سورة القلم، آيت 4

  • سورة مزمل، آيت 20
  • مترجم هن شعر جي معنيٰ نه لکي هئي، جيڪا ڏني وئي آهي. (ادارو)
  • هتان مخدوم صاحب وري فارسي شعر ڪم آندا آهن.

*  مخدوم محمد هاشم ٺٽوي

  • نوٽ: هتان مترجم جا ڏنگين ۾ ڏنل لفظ حذف ڪيا ويا آهن ۽ فوٽ نوٽ به ڪاٽيو ويو آهي. (ادارو)
  • سورہ بقره آيت نمبر 186

o ابو القاسم: حضور پُر نُور صه جي ڪُنيت آهي.

+ سورة حديد آيت 20

* سورة حديد آيت 20

  • سورة الانبيا آيت 35
  • ڪنعان جو چنڊ= حضرت يوسف ؑ.

* هن جاءِ تي قلمي نسخي ۾ حاشيو نمبر (1) ڏئي لکيو ويو آهي ته ان مان مراد حضور عليه السلام جو هي فرمان آهي، مو تواقبل ان تموتوا. ’مرڻ کان اڳي مرو.‘

[1] سورة هود آيت 61

* سورة زمر آيت 54

* سورة الذاريت آيت 56

* سورة الاعراف آيت 176

+ سورة ابراهيم آيت 4

  • سورة حم سجده آيت 30
  • سورة الزمر آيت 54

+ سورة محمد آيت 12

* سورة بني اسرائيل آيت 8

  • سورة الحجر آيت 43
  • تفسير آلوسي، جلد 22، ص 115.
  • سورة النجم آيت 38

o سورة النساء آيت 78

+ سورة ابراهيم آيت 33

* سورة ن والقلم آيت 4

  • هي سڄو شعر مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جو پنهنجو آهي.
  • سورة الاحزاب آيت 6

* اصل سيلان، سيلون (Cylon)، جتان لاءِ روايت آهي ته حضرت آدم زمين تي پهرين هتان جي سرزمين تي لٿو هو. (ادارو)

  • روايت آهي، پر روضي جي موجودگي مشڪوڪ آهي (ادارو)
  • سٽ ٻي ۾ اصل لفظ سمجهه ۾ نه ٿو اچي، ممڪنه لفظ (باشندہ) ۾ ڏنو ويو آهي.
  • روح الامين: جبرائيل عليه السلام
  • اصل مسودي ۾ ’بہرِ حسن ذو المجتبیٰکان پوءِ ڪي لفظ حذف ٿيل آهن، مون ان ۾ مناسبت سان (وزن موجب) ’بہرِ حسين شہہ کربلاجو اضافو ڪيو آهي. (مترجم)

* سورة آلعمران آيت 169

  • هتان هڪ سٽ حذف ٿيل آهي (ادارو)

* سورت الزمر آيت 54

  • اُن وقت هندستان تي حڪومت محمد شاهه جي هئي، ۽ سنڌ مغلن جي اثر هيٺ هئي. (ادارو)