مدح نامه سنڌ

ڪتاب جو نالو مدح نامه سنڌ
ليکڪ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي
سنڌيڪار / ترتيب علامه محمد ادريس ڏاهري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
قيمت 80    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

16 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     427436   ڀيرا پڙهيو ويو

بسم الله الرحمٰن الرحيم


 

سڀ ساراهه ثابت آهي الله جي لاءِ ۽ آسمان ۽ زمين ۾ شڪرانو ۽ ثنا به خاص الله عزوجل جي لاءِ آهي، جو سارو جهان اُن جي قدرت جو ذرو آهي. حمد ۽ تعريف خاص رب العالمين جي لائق آهي، جو هر شيءِ تي قادر هجڻ اُن جو شان آهي ۽ هڪ پاسي کان ٻئي پاسي تائين ظاهر ۽ لڪل، ان جي جمال واري جهان کي روشن ڪندڙ سج جي جهلڪ آهي ۽ هستيءَ ۽ موجودات هيٺاهينءَ ۽ مٿاهينءَ جي سڀني ذرن جي زبان اُن جي جلال جو ذڪر ڪندڙ آهي:

خداوندِ      زمین     و     آسمانہا

بود   روزی  رسان  جملہ  جہانہا۔

’زمين ۽ آسمانن جو مالڪ سڀني ساهه وارين شين کي روزي پهچائيندڙ آهي.‘

خلائق   را    بود   از   لطف   او  کام

ہمه  عالم   از  و    دارد   سر انجام۔

’ساري مخلوق، کي اُن جي مهربانيءَ سان مراد حاصل ٿيندي آهي، سڄو جهان ان کان ئي ڪاميابي حاصل ڪندڙ آهي.‘

ساري مخلوق شريف آهي يا ڪميڻي، سڀ ان جا فرمانبردار آهن ۽ الله تعاليٰ غني، ساراهيل ۽ هر شيءِ تي حاضر آهي ۽ الله پاڪ خالق، پيدا ڪندڙ، صورت بخشيندڙ، قوت ۽ بخش ڪرڻ جو مالڪ آهي ۽ ان جي ذات جون صفتون بي انتها آهن، جو جيڪڏهن درياهه ۽ ڪڪرن جو سمورو پاڻي مس بنائجي ۽ ننڍا ۽ وڏا وڻ قلم ڪجن ۽ مڙئي مٽيءَ مان پيدا ڪيل انسان ۽ ملائڪ لکندڙ هجن ۽ ازل کان ابد تائين ويهي لکن، ته به ان جي بي انتها درياهه مان هڪ ڦڙو به لکيل نه ٿئي ۽ ان جي صفتن مان هڪ ذرو به ڳڻيل نه ٿئي. ”چه گويم سخن برزبان آفرين“ يعني ’مان زبان پيدا ڪندڙ (مالڪ) جي ڪهڙي تعريف ڪريان‘. ان آسمانن ۽ زمينن جي پيدا ڪندڙ جي ثنا کان پوءِ ڪائنات جي سردار، موجودات جي خلاصي پسند ڪيل هدايت جي نور، اونداهيءَ کي چمڪائيندڙ چنڊ، روشنيءَ جي سج، وڏي پرهيزگار، وڌيڪ صفائيءَ واري، الله تعاليٰ جي چونڊيل، حضرت محمد مصطفى عليہ وعلى آلہٖ واصحابہٖ وازواجہٖ وذُريٰتہٖ واهل بيتہٖ واحبابہٖ افضل الصلوٰة واڪمل التحيات، تي درود آهي.

اشعار

محمّد گوہِر  درج  رِسالت

محمّد  اخترِ  برجِ  جلالت۔

’محمد (ﷺ) رسالت جي درج (بند ٿيل دٻي) جو گوهر آهي. محمد (ﷺ) جلال جي برج جو ستارو آهي.‘

محمّد سرورِ  سالارِ  دین  است

محمّد  رحمت للعالمین است۔

’ محمد (ﷺ) دين جو سردار ۽ سالار آهي. محمد (ﷺ) جهانن جي لاءِ رحمت آهي.‘

محمّد  پیشوائے  دو جھان  است

محمّد رہنمائے انس و جان است۔

’محمد (ﷺ) ٻنهي جهانن جو اڳواڻ ۽ انسانن ۽ جنن جو رهنما آهي.‘

محمّد  صدرِ    دیوانِ   قیامت

محمّد  دُرِ  دریائ    کرامت۔

’ محمد (ﷺ) قيامت جي دفتر جو صدر ۽ ڪرامت جي درياهه جو موتي آهي.‘

دلیلِ شرع برجانِ طریقت

امینِ دینِ   سُلطانِ  حقیقت۔

’شريعت جو دليل، طريقت جو برهان، دين جو امين، حقيقت جو سلطان آهي.‘

خدایش بر خلائق بر گزیدہ

ہمہ عالم  ز بہرش آفریدہ۔

’الله تعاليٰ ان کي مخلوقات ۾ چونڊيو آهي ۽ سڄو جهان اُن لاءِ پيدا ڪيو اٿس.‘

رسولِ حضرتِ  رب  الجلیل  است

بخلق و  خلقت  از نسلِ خلیل است۔

’الله جليل جو رسول آهي. اخلاق ۽ پيدا ٿيڻ ۾ خليل (عليه الصلواة والسلام) جي نسل مان آهي.‘

بقومِ مرسلاں سالار   و  سرور

شفیع    روزِ     محشر    نزد    داور۔

’مرسلن جي جماعت جو سالار ۽ سردار آهي. قيامت جي ڏينهن الله وٽ شفاعت ڪندڙ آهي.‘

خداوندش کہ باشد خاص و عامش

نہادہ        احمدِ        مِختار        نامش۔

’عام ۽ خاص (خُلق) ۾ جيڪي به آهي، الله تعاليٰ ان جو نالو احمد مختار رکيو آهي.‘

                      بجان   و   دل  مطیعِ  چار   یارم

بوصف و  نام شاں ہر یک شمارم۔

’دل ۽ ساهه سان چئن يارن جي تابعداري ڪندڙ آهيان، هر هڪ کي نالي ۽ وصف سان بيان ٿو ڪريان.‘

امیر المؤمنین    ابّوبکر    صدیق

کہ علمِ دین  و  دانش کرد تحقیق۔

’مومنن جو امير ابوبڪر صديقؓ   آهي، جنهن دين جي علم ۽ ڄاڻ جي تحقيق ڪيائين.‘

عمر  آن   بادشاہِ   عدل   و   انصاف

کہ از   عدلش غبارِ ظلم  شد  صاف۔

’عمر ؓ عدل ۽ انصاف وارو بادشاهه آهي، ان جي عدل سان ظلم جوغبار صاف ٿيو.‘

بود  عثمان   حیاء    و  حلم   را کان

نہادہ حق   حیا   درشانِ   عثمان۔

’عثمان ؓ   حياءَ ۽ بردباريءَ جي کاڻ هو، الله تعاليٰ حياءَ عثمان﷦ جي شان ۾ رکيو آهي.‘

شهِ مرداں کہ تیغ  ذوالفقارش

علی  المرتضیٰ   دلدل   سوارش۔

’مردن جو بادشاهه، جنهن جي تلوار ذوالفقار هئي، علي مرتضيٰؓ  آهي، جيڪو دلدل تي سوار هوندو هو.‘

صلي الله تعاليٰ عليٰ خير خلقہٖ سيّدنا محّمد وآلہٖ واصحابه اجمعين.

امابعد

الله جي ٻانهن ۾ گهڻو ضعيف، الله جي رحمت ۾ اميد رکندڙ، جنهن جا صالح عمل ٿورا ۽ گناهه گهڻا آهن، جيڪو سڄي جهان کان گهٽ آهي يعني محمد هاشم ٺٽوي چوان  ٿو ته، ”مان جڏهن حج شريف کان موٽي آيس ته سنڌ جي گهٽتائيءَ ۽ توهين جي موضوع تي هڪڙو ڪتاب لکيل ڏٺم. جڏهن مطالعو ڪيم ته، هڪ افغانيءَ جو لکيل هو. ان لکندڙ جو نالو عبدالرؤف خان هو، جنهن سنڌ جي توهين ۽ مذمت ڪئي هئي ۽ بنا فائدي جي مغز هنيو ۽ اجايو وقت وڃايو هو. مون جڏهن پڙهي ڏٺو ته حيران ٿيس. حيرت ۾ رهندي دل ۾ خيال ڪيم ته، جيڪڏهن ماٺ ڪري رهندس (۽ اُن جو جواب نه ڏيندس) ته سنڌ جي گهٽتائي ثابت ٿيندي ۽ جڏهن ثابت ٿي ته مان به ان ۾ داخل آهيان. جنهن سنڌ جي برائي بيان ڪئي، تنهن ڄڻ ته منهنجي برائي ۽ توهين ڪئي. هيءُ مون ان جو جواب لکيو آهي، جيڪو هر داناءَ جي دل کي پسند ايندو ۽ بزرگن جي نظر ۾ مقبول ٿيندو.“

”اي افغاني! ٻار، بيوقوف، اچ! ڇا چيو اٿئي ۽ پنهنجو وقت سنڌ جي گلا ڪرڻ ۾ وڃايو اٿئي، هينئر جواب ٻڌ! تون پڻ عقل ۽ فصاحت جي ميدان ۾ علم جي گوءِ ظاهر ڪر ۽ دانائيءَ جي ميدان ۾ علم، عقل ۽ سمجهه جو تنبو ظاهر ڪري هڻ ۽ هن مسڪين سان جهيڙو نه، پر (علمي) مقابلو ڪر، ته تنهنجي علم جي ڄاڻ ۽ عقل جي خبر پوي. ۽ هيءُ ڪهڙو ڪتاب لکيو اٿئي ۽ بنا فائدي جي عمر وڃائي اٿئي. (هاڻي) هر هڪ اعتراض جو جواب ٻڌ.