مدح نامه سنڌ

ڪتاب جو نالو مدح نامه سنڌ
ليکڪ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي
سنڌيڪار / ترتيب علامه محمد ادريس ڏاهري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
قيمت 80    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

16 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     426832   ڀيرا پڙهيو ويو

اعتراض: 3


سنڌ ۾ دنيا ناهي، مڙئي محتاج آهن.

جواب

هيءَ به تنهنجي بيوقوفي آهي، ڇو ته دنيا جو گهڻو هجڻ برو آهي، چڱو نه آهي ۽ قناعت سڀني شين کان ڀلي آهي، نه حرص ڪرڻ، کائڻ ۽ پائڻ جي لاءِ. دولت هن ملڪ (سنڌ) ۾ گهڻي آهي ۽ دنيا، کائڻ، پائڻ ۽ الله تعاليٰ جي نالي تي ڏيڻ لاءِ آهي، رکڻ لاءِ ناهي- ۽ اها ئي ڳالهه آهي، جنهن جي شيخ مصلح الدين سعدي شيرازيؒ  * خبر ڏني آهي: ”رکڻ لاءِ جهڙو پٿر اهڙو سون.“ دنيا جي معني ئي آهي هڪ هٿ مان نڪري ٻئي هٿ ۾ اچڻ ۽ (گهڻي) دنيا ڪميڻي آهي، ڪڏهن هٿ ۾ اچي ٿي، ڪڏهن وڃي ٿي.

وحدت الاهيءَ جي بازار ۾ عطر وڪڻندڙ شيخ فريدالدين عطارؒ  · فرمايو آهي:

زال   دنیا    چوں   عروسِ   آراستہ

ہر  دو  روزے شوئے دیگر خواستہ۔

’يعني دنيا نئين سينگاريل ڪنوار وانگر آهي، جيڪا ٻن ڏينهن کان پوءِ ٻيو مڙس گهرندي آهي.‘

ڀلا جيڪڏهن هن ملڪ (سنڌ) ۾ (تنهنجي چوڻ مطابق) دنيا (بلڪل) نه آهي ته اوهان هتي (سنڌ ۾) واپار ڪرڻ لاءِ ڇو ٿا اچو؟ ۽ هتان ئي اوهان کي بچت ٿئي ٿي، نه ٻئي ملڪ مان. هن ملڪ ۾ مسڪينيءَ هوندي به هن ملڪ جا ماڻهو دنيا ڪمائڻ لاءِ ٻئي ولايت ۾ نه ٿا وڃن ۽ افغان هتي (سنڌ ۾) گهڻو پريشان، دربدر، مٿي ۾ مٽي پيل، ڦرندا ۽ مزدوري ڪندا وتندا آهن ۽ ٻين ملڪن جا ماڻهو به سنڌ ۾ گهڻا آهن. دنيا گهڻي هجڻ چڱي به نه آهي، ڇو ته جيڪڏهن گهڻي ٿئي ٿي ته برائي به گهڻي شروع ٿيندي آهي ۽ الله تعاليٰ کان منهن موڙڻ جو سبب بڻجندي آهي، جيئن شيراز جي مٺي گفتار واريءَ بلبل، حافظ شيرازيءَ فرمايو آهي:·

اگر   دنیا   نہ باشد   درد   مندم

و  گر   باشد  بمہرش   پار  بندم۔

’جيڪڏهن دنيا نه هوندي آهي ته درد وارو هوندو آهيان ۽ جيڪڏهن آهي ته اُن جي محبت ۾ قيد هوندو آهيان.‘

بلائے زین  جہاں  آشوب  تر  نیست

کہ رنجِ خاطر است از  ہست  و نیست۔

’هن جهان ۾ هن کان وڌيڪ پريشان ڪندڙ ڪابه مصيبت نه آهي، ڇو ته دل جو ڏک آهي، جيڪڏهن آهي ۽ جيڪڏهن ناهي.‘

ٻئي شاعر (هن طرح) فرمايو آهي:

حالِ    دنیا   سربسر   پُر سیدم   از   فرزانہء

گفت یا خاک است یا  باد است یا   افسانہء۔

’دنيا جو حال هڪ داناءَ کان پڇيم ته فرمايائين يا مٽي آهي يا واءُ آهي يا افسانو آهي.‘

حضرت علي رضي الله عنه فرمايو آهي:

رَضِيۡنَا قِسۡمَةَ الۡجَبَّارِ فِيۡنَا

لَنَاعِلۡمُ وَّلِلۡجُهَال مَالٌ

’جيڪا تقسيم اسان جي حق ۾ الله تعاليٰ ڪئي آهي، اسين ان تي راضي آهيون، جو اسان جي لاءِ علم آهي ۽ جاهلن جي لاءِ مال آهي.‘

فَاِنَّ الۡمَالَ يَفۡنِيۡ عَنۡ قَرِيۡبِ

وَاِنَّ الۡعِلۡمَ، لَيۡسَ لَہٗ زَوَالٌ

’بيشڪ مال جلد فنا ٿي ويندو ۽ علم لاءِ فنائيت نه آهي.‘

حضرت سيد المرسلين، خاتم النبين، محبوب رب العالمين ﷺ فرمايو آهي:

مَنۡ اَرَادَ الدُّنۡيَا فَلَہُ الدُّنۡيَا وَمَنۡ اَرَادَ الۡعُقۡبى فَلَہُ الۡعُقۡبى

وَمَنۡ ارَادَ الۡمَوۡلى فَلَہُ الۡمَوۡلى

’جنهن دنيا جو ارادو ڪيو، ان لاءِ دنيا آهي ۽جنهن آخرت جو ارادو ڪيو، ان لاءِ آخرت آهي ۽ جنهن الله جو ارادو ڪيو، ان لاءِ الله آهي.‘

دنيا جو طالب عورت، آخرت جو طالب کدڙو ۽ الله تعاليٰ جو طالب مرد آهي. حديث ۾ آيو آهي ته دنيا ڍونڍ آهي ۽ اُن جي طلب ڪندڙ ڪتا آهن. ڪنهن شاعر به هن روايت جي معنى هن طرح بيان ڪئي آهي:

کہ دنیا  است مردار طالب سگ است

’دنيا ڍونڍ آهي، ان جي طلب ڪندڙ ڪتو آهي.‘

مسڪيني ڀلي آهي (ان ۾ جيتوڻيڪ سوال ڪرڻو ٿو پوي)، پر اهو سوال ڪرڻ ضرورت جي وقت حلال آهي، حرام نه آهي ۽ حلال شيءِ ۾ عيب نه آهي. سوال ڪرڻ جي باري ۾ شيخ سعديرحه هن طرح فرمايو آهي ۽ حقيقت جا موتي پويا آهن:

چو  رخت از مملکت بر بستہ خواہی،

گدائی  بہتر   است   از  باد شاہی۔

’يعني جڏهن بادشاهيءَ تان به سامان ٻڌي هلندين (مرندين) ته بادشاهيءَ ڪرڻ کان گدائي ڀلي آهي.‘

ٻيءَ جاءِ تي هن طرح فرمايو اٿس:

گدا بادشاھست نامش گدا

’پينو بادشاهه آهي، ان جو نالو پينو (گدا) آهي.‘

الله تعاليٰ قرآن ڪريم ۾ سڀني کي فقير ڪري سڏيو آهي.

وَاللهُ هُوَ الۡغَنِيُّ وَاَنۡتُمۡ الۡفُقَرَآءُ

’الله غني آهي ۽ اوهان محتاج آهيو.‘+

- ۽ جيڪڏهن سوال ڪرڻ برو هجي ها ته حضرت (حبيب ڪريم ﷺ) کان ڪوبه سوال نه ڪري ها ۽ حضور ﷺ (ضرورت ۾ به) سوال ڪرڻ جي مذمت بيان ڪن ها. پر الله تعاليٰ سائلن جي باري ۾ هن طرح ارشاد فرمايو آهي:

”وَامَّاالسَّائِلِ فَلَاتَنۡهَرۡo“

’۽ سائل کي نه جهڻڪ‘*

  علامه جلال الدين روميرحه¨ ’مثنوي مولانا روم‘ ۾ ان جو بيان هن طرح آندو آهي:

روئے خوباں ز آئینہ زیبا شود،

روئے احساں از گدا پیدا شود۔

’حسينن جو منهن آئيني ڏسڻ سان سهڻو ٿيندو آهي. احسان جو منهن وري سوال ڪرڻ واري جي صدقي سهڻو ٿيندو آهي.‘ (جيڪڏهن سوال ڪندڙ نه اچي ته سخاوت جو اظهار ڪيئن ٿئي)

زیں سبب فرمود حق در  و الضحیٰ

اے  محمّد   بانگ کم   زن   بر گدا۔

’ان ڪري الله تعاليٰ (سورة) والضحى ۾ فرمايو آهي، ته اي محمد (ﷺ) سوال ڪندڙ تي آواز ڏاڍيان نه هڻ، يعني ان کي ڇڙٻ نه ڏي.‘

چوں گدا     آئینہء جود     است ہاں

دم  بود   بر  روئے   آئینہ   زیاں۔

’جڏهن سوال ڪندڙ سخاوت جو آئينو آهي ته آئيني جي منهن تي اُف هڻڻ نقصان آهي.‘

دنيا ايتري قدر هجي، جو قوت ۽ گذران ٿئي. دنيا (سنڌ ۾) ايتريقدر گهڻي آهي، جو ماڻهو جوئر جي ماني ۽ مڇي کائي سٺو گذر ٿا ڪن. ڪنهن جي محتاجي نه اٿن ۽ جيڪي هي چوندا آهن، ته مڇيءَ جي کائڻ سان عقل گهٽجي ٿو، اهو به ڪوڙ آهي، ڇو ته جيتري مڇي بنگال ۾ ٿا کائين، ڪٿي به ڪونه ٿا کائين ۽ انهن کي ايترو عقل آهي، جو (هرو ڀرو) جتي ڪٿي نه هوندو ۽ اهي قناعت ڪن ٿا. (جيئن هن شعر ۾ آهي)

قناعت   تونگر    کند   مرد   را

خبر دہ حریصِ جہاں گرد   را۔

 (دنيا جي محبت ۾) جهان گهمندڙ کي ٻڌاءِ ته مڙس کي قناعت شاهوڪار ڪندي آهي، ۽ اهي صبر ٿا ڪن (جيئن الله تعاليٰ فرمايو آهي)

”وَاللهُ يُحِبُّ الصَّابِرِيۡنَ“

’۽ الله تعالي صبر ڪندڙن سان محبت ٿو رکي‘·

۽ اهي (سنڌ جا ماڻهو) ڪوشش ڪري ڪمائين ٿا ۽ گهڻا نوڪري ٿا ڪن، صبر ٿا ڪن ۽ جيڪي الله تعاليٰ انهن کي ڏئي ٿو. انهيءَ تي راضي آهن. ڄاڻ ته جيڪڏهن دنيا جو (گهڻو) هجڻ ڀلو هجي ها ته اسان جي پيغمبر (صلي الله عليه وسلم) کي جڏهن دنيا ڏني ٿي وئي ته پاڻ قبول ڪن ها. الله تعاليٰ جي پيارن ته دنيا کي طلاق ڏئي ڇڏي آهي. حضرت (حبيب ڪريم ﷺ) جن مسڪينيءَ جي حق ۾ فرمايو آهي، ’الفقر فخري‘ (مسڪيني منهنجو فخر آهي.)* هي سخن (سوچيو ته) حد ئي نه ٿو رکي. وڌيڪ مان ڇا چوان؟ الله توفيق ڏيندڙ ۽ مدد ڪندڙ آهي.

 

* الله تعاليٰ جي هن پياري ٻانهي جو نالو شرف الدين، لقب مصلح ۽ تخلص سعدي آهي. شيراز سندس اصلي وطن آهي. سندس والد بزرگوار جو نالو عبدالله آهي، جيڪو وڏو پرهيزگار ۽ متقي ٿي گذريو آهي. حضرت شيخ سعدي رحه جي ولادت تقريباً 589 هه مطابق 1192ع ۾ ٿي. پاڻ بغداد شريف جي مدرسه نظاميه ۾ پڙهيا. ان وقت هن مدرسي کي هڪ عظيم يونيورسٽيءَ جي حيثيت حاصل هئي. پاڻ حضرت شيخ محدث عبدالرحمٰن بن الجوزيءَ جا شاگرد آهن. شيخ سعدي علم جي تحصيل کان پوءِ سير ۽ سياحت سان گهڻي دلچسپي رکي. سندس ٽي ڪتاب ڪريما، گلستان ۽ بوستان ديني مدرسن ۾ گهڻو پڙهايا ويندا آهن ۽ بي انتها مقبول آهن. حضرت سعديرحه هڪ سؤ سالن کان مٿي عمر گذاري سن 691هه مطابق 1292ع ۾ وفات ڪئي. سندس وفات جي تاريخ ”خاص“ لفظ مان نڪري ٿي:

ز   خاصان بود زان تاريخ شد خاص 691هه

(ماخوذ  از شعرالعجم، جلد 2، ص 40، اسلامي انسائيڪلوپيڊيا ص 939)

  • هيءُ الله تعالي جو پيارو ٻانهو ۽ مشهور صوفي بزرگ ٿي گذريو آهي. سندس ڪتاب ’پند نامه‘ ديني مدرسن ۾ پڙهايو ويندو آهي. هي ڀلارو ٻانهو نيشاپور جي ويجهو ڪدڪن نالي ڳوٺ اندر شعبان مهيني ۾ سن 513هه مطابق 1119ع ۾ ڄائو هو. سندس اصل نالو محمد بن ابراهيم هو. فريدالدين هڪ تعظيمي لقب هوس. پنهنجي ساري ڄمار عبادت، غور ۽ فڪر ۾ صرف ڪيائين. هڪ مڪمل صوفي بزرگ هو ۽ صوفين جون نصيحتون شعرَ ۽ اخلاقي گفتا گڏ ڪيا هئائين. انهيءَ ڪم ۾ سندس عمر جا اوڻيتاليهه سال گذريا. پاڻ مصر، شام، هندستان ۽ ترڪستان جا سفر به ڪيائين. آخر سن 627هه مطابق 1230ع ۾ 114 سالن جي عمر ۾ شادياخ نالي هڪ ڳوٺ ۾ تاتارين جي هٿان شهيد ٿيو.                         از: مقدمه منطق الطير)
  • هن صوفي ۽ سالڪ بزرگ جو نالو بهاءُالدين اصفهاني آهي. هي اصل ۾ اصفهان جو هو. اتابڪن جي حڪومت ۾ اصفهان کان نڪري شيراز ۾ پهتو. حافظ صاحب جي والده گاذرون جي هئي. حافظ صاحب جي ولادت 726هه ۾ ۽ وفات 791هه ۾ ٿي هئي. سندس عمر 65 سال هئي.

پاڻ پنهنجي ڀائرن ۾ ننڍو هو. محنت ڪري قرآن ڪريم ياد ڪري فارسي ۽ عربي علم ۾ عبور  حاصل ڪيائين. ويهن سالن جي عمر ۾ شعر گوئيءَ ۾ به ڪمال حاصل ڪيائين. سندس شعرن جو مجموعو ’ديوان حافظ‘ جي نالي سان مشهور ۽ معروف آهي.                 (مقدمه ديوان حافظ: مترجم)

+ سورة محمد، آيت 38

* سورة الضحى، آيت 9

¨ هي مشهور بزرگ ٿي گذريو آهي سندس نالو محمد لقب جلال الدين آهي. سندس والد صاحب جو نالو شيخ بهاءُالدين الولد محمد بن حسين بن احمد البلفي هو، جيڪو شيخ نجم الدين ڪبرى جو خاص مريد هو. علامه روميءَ جي ولادت 6 ربيع الاول جمعي جي ڏينهن سن 602هه مطابق 1207 عيسوي تي ٿي هئي. پاڻ حضرت شمس الدين تبريزيءَ رحه کان فيض ورتائون، سندن مثنوي شريف مشهور ۽ مقبول ڪتاب آهي. سندس وفات جي تاريخ ۾ اختلاف آهي تاريخدانن 666هه مطابق 1267 لکيو آهي ته ڪن مؤرخن 672هه مطابق 1273 لکيو آهي. والله اعلم. (از مقدمه مثنوي فارسي)

  • سورة آل عمران آيت 146

* البحر المديد: ج 2، ص 151.