مدح نامه سنڌ

ڪتاب جو نالو مدح نامه سنڌ
ليکڪ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي
سنڌيڪار / ترتيب علامه محمد ادريس ڏاهري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
قيمت 80    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

16 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     426807   ڀيرا پڙهيو ويو

اعتراض: 5


سنڌ ۾ رافضي ۽ شيعا گهڻا آهن.

جواب: 1

اها ڳالهه به گنجائش نٿي رکي، ڇو ته هر هڪ ملڪ ۾ گهڻا ئي نيڪ ۽ برا آهن، خالق مطلق سڄو جهان هڪ جهڙو نه ڪيو آهي.

نہ  ہر زن  زن است  و  نہ  ہر مرد  مرد

خدا   پنج    انگشت   یکساں     نہ   کرد۔

’نه مڙئي عورتون (صحيح معنيٰ ۾) عورتون آهن، نه سڀئي مڙس (حقيقت ۾) مڙس آهن. الله تعاليٰ پنج ئي آڱريون برابر نه ڪيون آهن.‘

جواب: 2

بيشڪ سنڌ ۾ رافضي آهن، پر تفضيلي آهن، گارين ڏيڻ وارا نه آهن. حضرت علي رضي الله عنه سان محبت (جي دعوى ٿا) رکن ۽ (ان کي) ٻين کان ڀلو ٿا ڄاڻن ۽ سُنين سان زيادتي نٿا ڪن، ............. ۽ اوهان جي ملڪ (افغانستان) جي پاسي ايران ۾ رافضي گارين ڏيڻ وارا آهن.............·

”اِنَّک لَاتَهۡدِيۡ مَنۡ اَحۡبَبۡت وَلٰکِنَّ اللهَ يَهۡدِيۡ مَنۡ يَّشَآءُ“

’بيشڪ تون نٿو هدايت ڪرين، جنهن کي محبت رکين ٿو، پر الله هدايت ٿو ڪري جنهن کي گهري‘o

”لا“ نهيءَ جي آهي، ”تهدي“ فعل مخاطب آهي. ”احببت“ فعل فاعل آهي. هي سڀ حضرت رسول مقبول ﷺ سان خطاب آهي. توريت ۾ به اهڙيءَ طرح لکيل آهي ۽ الله هر شيءِ تي قادر آهي. رافضي، خارجي ۽ بيڪي· ٽئي ملامت ڪيل ٽولا آهن ۽ ٽنهي جي جاءِ جهنم جي هيٺئين طبقي ۾ آهي. يا الله! اسان کي چئني خليفن (رضي الله عنهم) جي محبت تي (هميشه مضبوط ۽) سلامت رک......................·

 

  • نوٽ: هتان ڪجهه جملا تڪراري سمجهندي حذف ڪيا ويا آهن. (ادارو)

o اصل ۾ به اهولفظ آهي. ان مان مراد ڪير آهي الله تعاليٰ ٿو ڄاڻي.

  • سورة القصص آيت 56
  • هتان به ڪجهه جملا تڪراري سمجهندي حذف ڪيا ويا آهن. (ادارو)