مدح نامه سنڌ

ڪتاب جو نالو مدح نامه سنڌ
ليکڪ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي
سنڌيڪار / ترتيب علامه محمد ادريس ڏاهري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
قيمت 80    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

16 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     426784   ڀيرا پڙهيو ويو

اعتراض: 4


سنڌ ۾ ولي گهٽ آهن.

جواب (1)

اهو چوڻ به بي عقلي آهي، ڇو ته (سنڌ ۾) خواجه (الله تعاليٰ جو ولي) ملڪ جو شهباز اشهب·، جبروت جو واقف، ملڪوت جو شهنشاهه، ناسوت ۽ لاهوت جو رهبر، شيخ، سيد، عثمان لعل شهباز قلندر رحه ولين (مان) يگانو موتي ۽ زماني ۾ چونڊ ٿيل مشهور ۽ معروف آهي. ڪجهه ان جي ولايت جي باري ۾ بيان ٿو ڪريان، ته جيئن توکي معلوم ٿئي. پهرين ڳالهه ته اهو قلندر آهي، ٻيو ته سيد آهي، ٽيون ته بعض (بزرگن) ان کي قطب سڏيو آهي. چوٿون ته غوث بهاءُالدين ملتانيرحه جو گهاٽو يار ۽ رفيق آهي ۽ غوث العالم ولي هجڻ ۾ مشهور، معروف ۽ رب رئوف جو پيارو آهي. پنجون ته عالم آهي، جيئن سندس تصنيف ٿيل ڪتاب مشهور ۽ ظاهر آهن ۽ سڀني ۾ وحدت الاهيءَ جا موتي پويل ۽ معنائن جا اسرار موجود آهن. پاڻ ماٺ ۾ رهڻ جي باري ۾ هيءُ غزل چيو اٿن:

گر  خدا را  دوست داری خامشی باید گزید

باہزاراں سوز  و  زاری  خامشی  باید گزید۔

’جيڪڏهن الله تعاليٰ سان دوستي ٿو رکين ته ماٺ قبول ڪرڻ جڳائي، هزارين سوز ۽ زاريءَ سان به ماٺ قبول ڪرڻ جڳائي.‘

چوں زباں بندی دلت خندہ بصد فرخندہ کے

ھم   چو  گلہائے   بہاری   خامشی   باید  گزید۔

’جڏهن زبان بند رکندين ته تنهنجي دل سؤ خوشين سان کلندي ۽ بهار جي گلن وانگر ٽڙندي، ماٺ قبول ڪرڻ  جڳائي.‘

دار  دائم  در حضورے دوست خود  را  دم بدم

جملگی   باحق   سپاری   خامشی   باید   گزید۔

’پاڻ کي هميشه ۽ هر وقت دوست جي حضور ۾ رک، سڀئي ڪم الله تعاليٰ جي حوالي ڪر، ماٺ قبول ڪرڻ جڳائي.‘

خامشی مس وجودت  را  کند  زر  را  خلاف

و  از  دو  عالم سر برآری خامشی  باید گزید۔

’ماٺ تنهنجي وجود جي ٽامي کي سون بنائيندي ۽ ٻنهي جهانن کان مٿو مٿي ڪندين. ماٺ قبول ڪرڻ جڳائي!‘

در   زمینِ  دل ہمیں تخمء محبت  را  بکار

ز  آب  دیدہ کشتکاری  خامشی باید گزید۔

’دل جي زمين ۾ محبت جو ٻج اکين جي پاڻيءَ سان پوک، ماٺ قبول ڪرڻ جڳائي.‘

گفتگو بادِ  خزاں  استِ  بہارِ  قلب  را

نیست دردِ  رُستگاری خامشی  باید گزید۔

’(گهڻو ۽ غير ضروري) ڳالهائڻ دل جي بهار لاءِ خزان جو واءُ آهي، ان ۾ ڇوٽڪارو نه آهي، ماٺ قبول ڪرڻ جڳائي.‘

دم بدم مے باش  باجاں  پاسبانِ باغِ  دل

یک زماں غفلت نیاری خامشی باید گزید۔

’هر وقت دل جي باغ جي ساهه سان نگهباني ڪندو رهه، هڪ گهڙي به غفلت نه ڪر. ماٺ قبول ڪرڻ جڳائي.‘

در  طلب کاری  وصلش  بندہء  عثمان  ھمے

مے کند شب  و  روز  زاری خامشی باید گزید۔

’ان جي وصال جي طلب ۾ ٻانهو ’عثمان‘ (مروندي) رات ڏينهن زاري ٿو ڪري. ماٺ قبول ڪرڻ جڳائي.‘

نہالِ حیدری   و   بلند   پرواز

سخن سرور قلندر لعل شہباز۔

’ (حضرت علي) حيدررحه جو اولاد ۽ مٿاهين پرواز وارو، سخن جو سردار قلندر لعل شهباز آهي.‘

جواب: 2

روهڙي شريف ۾ سرورِ ڪائنات خلاصه موجودات ﷺ جن جو وار مبارڪ آهي، جيڪو سڀني ولين، قطبن ۽ غوثن کان وڌيڪ آهي، اُن جي زيارت سان هر گنهگار جو ڇوٽڪارو آهي. حضرت قطب الاقطاب محبوب الوهاب ولي ڀلاري جناب قطب زباني حضرت سيد شاه شيخ عبدالقادر جيلاني قدس الله سره العزيز جي پڳ (مبارڪ) موجود آهي ۽ شاه معصوم جنهن جو (پنهنجي) وقت جي ولين ۾ آسمان سان مٿو ٿي لڳو ۽ وحدت الاهيء جي باغ جو گل آهي ۽ شاهه خيرالدين بخاري، جو وڏي طاقت وارو، الله جو مقرب ۽ رب العالمين جي حضور جو پسند ڪيل آهي ۽ مولوي محمد اسماعيل طريقت جي جهان جو بهار ۽ حقيقت جي گلزار جو گل آهي. ايترا اولياءَ (جيترا سنڌ ۾ آهن) اوهان جي ملڪ ۾ نه آهن، بلڪ ملتان کان سواءِ ٻين علائقن ۾ به نه آهن، جو اتي (ملتان ۾) هڪ لک پنجويهه هزار (1،25000) ولي آهن ۽ اهو (ملتان) به (ان وقت) سنڌ ۾ داخل هو، ڇو ته هي سڀ ملڪ دهليءَ جي بادشاه جي هٿ ۾ آهن ۽ پنجاب ۽ سنڌ سڀ هندستان سان تعلق رکن ٿا ۽ نواب جي بادشاهي به ملتان ۾ دارالامان ۽ سنڌ ۾ آهي ۽ سنڌ دهليءَ سان آهي، ڄڻ ته هڪ ولايت آهن ۽ اوهان جي ملڪ (افغانستان ۾) هڪ

ملا بابا جِي آهي، جيڪو قنڌار کان ٻاهر آهي ۽ اهو به (اصل ۾) فرخ آباد هندستان جو رهاڪو آهي ۽ باقي خير۽ عافيت. سنڌ ۾ ولي گهڻا آهن ۽ اهو عيب سنڌ سان نٿو لڳي. جيڪي اسين چئون ٿا، ان جو الله وڪيل آهي ۽ اهو ئي سڌي واٽ ڏي رهنمائي ڪري ٿو. اي داناءَ! گلا سڀني شين کان بري آهي؛ گلا ڪندڙ تي لعنت آهي. اول زبان گلا کان روڪ؛ ڪنهن به مسلمان جي گلا ڪرڻ پسند نه ڪر. ماڻهن کي گلا خراب ڪندي آهي ۽ سينو ساڙي دل کي ڪباب ڪندي آهي. جيڪڏهن مڙس آهين ته گِلا ڪرڻ لائق نه آهي. گلا ڪرڻ مڙسي نه آهي، پنهنجو ڪم ڪر، ڪنهن جي گلا نه ڪر. داناءَ جي اها ئي نصيحت ڪافي اٿئي ۽ بس! باقي رهيل اعتراضن جا جواب به ڏيون ٿا.

 

  • هر شيءِ ڪاري رنگ جي، جنهن ۾ اڇاڻ غالب هجي. (غياث اللغات ص: 28)