مدح نامه سنڌ

ڪتاب جو نالو مدح نامه سنڌ
ليکڪ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي
سنڌيڪار / ترتيب علامه محمد ادريس ڏاهري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
قيمت 80    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

16 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     426806   ڀيرا پڙهيو ويو

ناشر پاران


سنڌي ٻوليءَ جي قديم اسلامي ادب کي جديد ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪرڻ يا جديد صورتخطيءَ ۾ آڻڻ واري رٿا هيٺ هيءُ ڪتاب ”مدح نامه سنڌ“ شايع ڪري رهيا آهيون، جيڪو ڪلهوڙن جي دؤر جي مشهور عالم ۽ استاد مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ فارسيءَ ۾ لکيو هو، جنهن کي سنڌيءَ ۾ ترجمو مولانا محمد ادريس ڏاهريءَ ڪيو آهي.

هن ڪتاب جي اهميت نه صرف قديم هئڻ ڪري آهي، بلڪه هن ۾ سنڌ جي هڪ عالم جو پنهنجي محبوب وطن ۽ ان جي رهواسين جي لاءِ عميق احساس نمايان آهي. ڏٺو وڃي ته هونئن عام ماڻهوءَ کي عام حالتن ۾ پنهنجي ديس واسين سان محبت هئڻ جو ايترو احساس ڪونه هوندو آهي، پر جڏهن هو انهن کان پري هوندو آهي يا ڪا آفت ۽ مصيبت ايندي ڏسندو آهي يا وري ڪنهن غير کي انهن جي گلا ڪندي ڏسندو/ ٻڌندو آهي ته سندس حب الوطنيءَ جو جذبو جاڳي پوندو آهي ۽ سندس وطن جي وڻ وڻ سان واڳجي، وطن واسين جي ورونهن سان ٽمٽار ٿي، ان جي واکاڻ ۾ جهڙو ڪر اٿلي پوندو آهي. اهڙو ئي جذبو اسان کي هن ڪتاب ۾ محسوس ٿئي ٿو.

سنڌ ملڪ ۽ سنڌ واسين جي ساراهه ۾ چيل هيءُ بيان، ڪنهن عام شاعر جو بيان ڪونهي، بلڪه هڪ عالمِ دين جو آهي، ان ڪري هن ۾ هو پنهنجي علم ۽ دانش کي مذهبي عقيدي کانسواءِ نظرياتي ۽ مسلڪ واري وابستگيءَ کي به شامل ڪري ٿو. ممڪن آهي ته ان سان ڪن کي اختلاف هجي، پر وطن جي واکاڻ ۾ لکيل هي ڪتاب بهرحال هڪ عالم جي جذبن ۽ احساسن جي ڀرپور عڪاسيءَ سبب وڏي اهميت رکي ٿو. شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي همعصر هن بزرگ جي تحرير جو انداز  ۽  متن ڀٽائيءَ کان يقيناً مختلف آهي، سندن مسلڪ به ڌار هئا، سوچ ۽ لوچ جو دائرو به بنهه الڳ هو، پر سنڌ ساڻيهه لاءِ جذبو جدا ڪونهي. ڀٽائيءَ، مارئيءَ جي زباني شاعريءَ ۾ پنهنجو اندر اوتي رکيو آهي ۽ ڪيترين ڳالهين ۾ سندس مخالفت ڪندڙ مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ کان وري پنهنجي وطن ۽ وطن وارن خلاف ڪيل ڳالهه برداشت نه ٿي آهي، ۽ هن انهيءَ جو عالمانه انداز ۾ فارسي نثر ۾ جواب ڏنو آهي. اهو سنڌ جي ساراهه جو هڪ قديم انداز آهي، جيڪو اڄ جي پڙهندڙن کي ڏيکارڻ مقصود هو. اميد ته پڙهندڙن کي هيءُ ڪتاب پسند ايندو.

 

 

 

 

ڊاڪٽر فهميده حسين

چيئرپرسن

سنڌي لئنگئيج اٿارٽي