مدح نامه سنڌ

ڪتاب جو نالو مدح نامه سنڌ
ليکڪ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي
سنڌيڪار / ترتيب علامه محمد ادريس ڏاهري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
قيمت 80    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

16 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     426743   ڀيرا پڙهيو ويو

اعتراض: 2


سنڌ ۾ علم گهٽ آهي.

جواب

اهو چوڻ به اجايو آهي، ڇو ته علم عمل ڪرڻ لاءِ گهرجي، نه زياده- ۽ عمل ڪرڻ لاءِ هتي علم گهڻو آهي. صرف هن شهر (ٺٽي) ۾ جتي اسين آهيون، علم جا ٻه (وڏا) درسگاهه آهن ۽ سنڌ ۾ ٻين جاين تي به علم گهڻو آهي. علم اهو ڀلو، جنهن تي عمل ڪجي. عمل کان سواءِ علم پڙهڻ مٽيءَ جي برابر آهي. علم پڙهڻ مان هدايت حاصل ڪرڻ گهرجي، نه گمراهي. ڪيترن هندن/ ڪافرن هندستان ۾ علم پڙهي تحصيل ڪئي آهي، پر اُنهن هدايت قبول نه ڪئي ته انهن جي علم کي علم ئي چوڻ نه گهرجي. اُتي (هندستان ۾) عمل جي مقابلي ۾ علم گهڻو آهي. چوڻي آهي ته بنا عمل جي عالم ڄڻ ته بنا ماکيءَ جي مک آهي ۽ هن ملڪ (سنڌ ۾) جيڪڏهن ڪو ماڻهو صرف قرآن ڪريم پڙهيل آهي، ته به نماز پڙهي ۽ روزو رکي ٿو ۽ بدعت (سيئه) جي واٽ کان پري ٿو رهي ۽ حق جي واٽ تي هلي ٿو. پر جيڪو پڙهي ۽ (حق) نٿو ڄاڻي ته ان کي عالم نٿو چئي سگهجي. هندستان ۾ علم معقول، منطق گهڻو ٿا پڙهن ۽ معقول گهڻي پڙهڻ جي ڪري گمراهيءَ جي واٽ ٿا وٺن ۽ گمراهه ٿا ٿين. الحمدلله، جو اهو علم سنڌ ۾ نه آهي ۽ نه ڪي جڳائي. علم اهو ڀلو، جو محمدي شريعت تي مستقيم رکي، سڌي واٽ وٺائي- ۽ اهو علم هن ملڪ (سنڌ) ۾ گهڻو آهي. هن (ٺٽي جي) شهر ۾ جتي اسين رهندا آهيون، فيضي، فاضل ۽ فضل مشهور شاعر آهن ۽ سيد رشيدالدين به آهي، جنهن عربيءَ ۽ فارسي ٻوليءَ ۾ لغت جو ڪتاب ٺاهيو آهي ۽ سعيدالدين حسينيءَ، قرآن ڪريم جو تفسير لکي موتي پويا آهن. اهو تفسير پنجويهه (25) جلد آهي، (ان جو نالو) ’دارالبحر‘ آهي ۽ محمد معين ’قاضي القضاة‘ دارالمسئلـﮣ ۽ هدايت المومنين (ڪتابن جو) مصنف آهي، ان ۾ اڪثر مجتهدن جا قول ڪم ۾ آندا اٿس. اهو  مشهور ۽ معروف آهي. شيخ محمد صالح (پنهنجي) وقت جي عالمن مان هڪ وڏو عالم ۽ وعظ ڪندڙن جو رئيس آهي. ان هڪ ڪتاب تصنيف ڪيو آهي، جيڪو نصيحت ۽ وعظ جي احوال ۾ گهڻو سهڻو ۽ دانشمندن جي نظر فيض اثر جو مقبول آهي. ان جو نالو ’انوارالوعظ‘ آهي. ستيتاليهه (47) جلد آهن- ۽ ٻيا ڀلارا بزرگ ۽ عالم به مشهور آهن، جيڪي هن شهر ۾ هئا ۽ هاڻي ساهه الله تعاليٰ جي حوالي ڪيو اٿن (وفات ڪري ويا آهن) ۽ ڪيترا ڪتاب يادگار ڇڏي ويا آهن. انهن جي پويان يقين جي صاحبن کان فيض حاصل ڪندڙ هيءُ ٻانهو (محمد هاشم) حاضر آهي، جيڪو ڏينهن ۽ رات، الله تعاليٰ کان هدايت ٿو گهري، نه گمراهي.

شعر

علم ھماں بہ کہ ھدایت کند،

علم  ھمان  کہ   ضلالت  کند۔

’علم اهو ڀلو آهي جو هدايت ڪري، اهو علم نه جو گمراهه ڪري.‘

’وَاللهُ يُحِبُّ الۡمُحۡسِنِيۡنَ.‘

’وَيُحِبُّ الۡمُتَطَهِّرِيۡنَo‘

’الله احسان ڪندڙن ۽ پاڪائي ڪندڙن سان محبت ٿو رکي.‘*

۽ جيڪڏهن هيءَ آيت آڻيو:

وَالَّذِيۡنَ اُوۡتُو الۡعِلۡمَ دَرَجٰتٍ

’يعني جن کي علم ڏنو ويو، انهن جي درجن کي الله تعاليٰ بلند ٿو ڪري.‘·

ته ان جو صحيح مفهوم مون کان ٻڌو. الله تعاليٰ جي ان فرمان مان مراد آهي ته جن کي هدايت جو علم ڏنو اٿئون، انهن جا درجا بلند ڪيا آهن- ۽ جيڪڏهن (مطلق) علم مراد وٺندؤ ته مون کان ان جي باري ۾ مثال ٻڌو. مثلاً: جيڪڏهن ڪو ڪافر صرف، نحو، منطق ۽ تفسير پڙهي ته ان جا درجا بلند چئي نه سگهبا ۽ اها آيت سڳوري ان جي شان ۾ نه آهي، ڇو ته ان جي جاءِ جهنم آهي. شيطان کي به علم گهڻو هو ۽ ٻين کان علم ۾ اڳرائي ڪري ويو هو، بلڪ ملائڪن کي به علم ٿي پڙهايائين ۽ انهن جو استاد هو. پر جڏهن هدايت جي واٽ کان ٿڙي، بي فرماني ڪيائين ته ان تي لعنت جو طوق اچي ويو. گهڻيون دانهون ڪيائين، پر ڪوبه فائدو نه ٿيو. جهڙيءَ طرح شيطان جو حال برو آهي ۽ علم ان کي ڪوبه فائدو نه ڏنو، ان جي عبادت، علم سڀ اجايو ويو (اهڙيءَ طرح بي عمل عالم جو علم به بيڪار آهي) اي الله! اسان کي سڌي واٽ ڏيکار. اي جهانن جا رب هيءَ دعا قبول ڪر!

 

* سورة آل عمران آيت 222 – 134

  • سورة المجادله آيت 11