آبِ ڪوثر

ڪتاب جو نالو آبِ ڪوثر
ليکڪ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي
سنڌيڪار / ترتيب غلام حسين ”مشتاق“ سچاروي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

16 October 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     192108   ڀيرا پڙهيو ويو

سڪڻ سعادت


انساني نفسيات جي تقاضا آهي ته انسان پنهنجي آدرشي يا محبوب شخصيت جي تعريف ڪرڻ کان سواءِ نٿو رهي سگهي، بلڪ هن جو متاثر ٿيڻ ئي ان ڳالهه کي لازمي ڪري ٿو ته هو ان شخصيت بابت پنهنجي جذبات ۽ عقيدت جو اظهار ڪري. تاريخ ۾ هن سلسلي ۾ سڀ کان وڌيڪ محبت ۽ عقيدت جو اظهار مذهبي شخصيتن بابت ملي ٿو. وڏي ڳالهه ته اها عقيدت آخر ۾ هڪ اهڙي انتها تي پهچي ٿي جتي اهڙن انسانن کي ديوتا يا خدا جو درجو ڏنو وڃي ٿو، جيڪا هڪ لحاظ کان انساني تصور جي آخري حد آهي. اسلام ئي هڪ اهڙو مذهب آهي جنهن ۾ خدا ۽ انسان جي ان تعريف کي هر صورت ۾ برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. اهو ان ڪري ته جيئن خلقڻهار ۽ ٻانهي جي وچ ۾ بنيادي فرق قائم رهي سگهي. جنهن کي اسلام جو بنيادي رڪن توحيد چئجي ٿو.

اسلام ۾ توحيد کان پوءِ رسالت جي اهميت آهي، جنهن جو مطلب آهي ته انسانن ۾ ڪي اهڙا خاص انسان ٿي گذريا آهن جن کي ڪائنات جي خلقڻهار طرفان انسانن جي هدايت (Guidance) واسطي اهو مقام عطا ٿيو آهي. انساني تاريخ ۾ ان جا ثبوت ۽ شاهديون ملن ٿيون، انهي پس منظر ۾ انساني تاريخ جي آخري پيغمبر حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جن جي باري ۾ مغرب جي وڏي مفڪر ۽ ڏاهي شخص ٿامس ڪارلائل (Thomas Carlyle) هنن لفظن ۾ مخاطب ٿيندي دنيا وارن کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

”بيشڪ هو صحرا ڄاول انسان وڏي دل وارو هو. سندس ڪارين اکين ۾ عجيب چمڪ هئي ۽ ذاتي خواهشن جي مقابلي ۾ هو روح جي گهراين تائين وسيع سماجي سوچ ۽ فڪر رکندڙ هو. اهو عظيم خاموش انسان پنهنجي ارادي ۾ هر طرح سچو ۽ کرو هو. بلڪه فطرت ئي هن کي اهڙو سچو ۽ صحيح انسان ڪري پيدا ڪيو هو. جتي ٻيا ماڻهو صرف ڪنهن مخصوص روش ۽ ٻڌل ڳالهين تي هلڻ لاءِ پاڻ کي وقف ڪري ڇڏيندا آهن. اتي هن شخص پاڻ کي ڪنهن خاص ٻنڌڻ ۾ ٻڌي نه رکيو هو. پنهنجي ليکي ۽ اڪيلي سر شين جي اصليت ڏانهن متوجه هو. ڪائنات جو عظيم ڳجهه مٿس پاڻ ظاهر ٿيو، جنهن ۾ سڀ خوف خطرا هئا ته شاندار انڪشاف پڻ شامل هئا. هن لاءِ ڪنهن به قسم جي ٻڌل ڳالهه يا روايت ان اصل حقيقت کي لڪائي نه سگهي ته آءُ هتي آهيان (ذات خداوندي) اها سچائي جنهن جي اسان ڳالهه ڪئي، سون ورني سچ هئي، جيڪا فطرت ۽ قدرت طرفان هئي.

اهڙي انسان جو هر لفظ فطرت جي قلب مان سڌو سنئون نڪتل آواز ٿئي ٿو. انهيءَ ڪري ٻين ماڻهن لاءِ ضروري ٿي پوي ٿو ته اهي انهيءَ شخص جو سڏ ٻڌن يا ٻوڙا ٿي ويهي رهن، ڇو ته باقي سڀ ڪجهه هوا جي جهوٽي وانگر آهي. هزارين سوچن جا وهڪرا ۽ ريتون رسمون انهيءَ شخص جي چوگرد هيون. آءُ ڪير آهيان؟ هي اڻ کٽ ڪائنات جنهن ۾ آءٌ آهيان ڇا آهي؟ زندگي ڇا آهي؟ موت ڇا آهي؟ مونکي ڇا تي ويساهه رکڻو آهي؟ مون کي هتي ڇا ڪرڻو آهي؟ هنن سوالن جا جواب مڪي جا ڪارا جبل توڙي طورسينا جا پهاڙ ۽ برپٽ بيابان نٿي ڏئي سگهيا. ائين خاموش وشال آڪاش پنهنجي چمڪندڙ ستارن سان پڻ ڪو جواب نٿي ڏئي سگهيو. مطلب ته ڪنهن وٽ ڪوبه جواب نه هو. اهڙي صورتحال ۾ انهيءَ انسان جو اهو روحاني ڪارنامو ۽ ذات خداوندي طرفان الهام هو جيڪي ان سوال جو جواب ڏئي سگهيا ٿي.“

پيغمبر اسلام جي انهيءَ تاريخ ساز ڪردار کي قرآن جي زبان ۾ ”رَحْمَّةً لِلْعَالَمِيْنَ“ چيو ويو آهي. هن حقيقت کي سمجھڻ سمجھائڻ جو ٻيو وڏو سبب يا توجيهه سندن اعليٰ اخلاق آهي. ٻين لفظن ۾ دنيا جي ٻي ڪا شخصيت اهڙو مثال پيش ڪرڻ کان قاصر آهي جنهن ۾ اهي سڀ اعليٰ انساني اخلاق موجود هجن جن جي باري ۾ اڄ ڏينهن تائين ايترو اتفاق ٿي سگهيو هجي، انهيءَ پس منظر ۾ اهو سمجھڻ ڏکيو نه آهي ته ڇو پاڻ فرمايائون ته ”بُعِثتُ لّاُتمِمَ مَڪَاّرمَ الاخلاق“ يعني آءُ انهي ڪري موڪليو ويو آهيان ته جيئن بهترين انساني اخلاق جي تشڪيل ٿي سگهي. انهيءَ ڪري ڏسبو ته حضور ڪريم ﷺ بابت سندن زندگي کان وٺي شعر و شاعري ۾ جيتري به تعريف يا ساراهه ڪئي وئي آهي ان ۾ انساني اخلاق، ڪردار ۽ ٻين اعليٰ انساني قدرن بابت ئي وڌ ۾ وڌ ذڪر ملندو ۽ ان ۾ الوهيت وارو پهلو نظر نه ايندو، ڇو ته اها ئي ڳالهه اسلامي تعليمات جي روح مطابق آهي.

هاڻي انهيءَ لحاظ کان ڏسجي ته ارڙهين صدي عيسوي يا ٻارهين صدي هجري ۾ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جا عربي ۾ لکيل قصيدا انهيءَ اعليٰ معيار تي پورا بيهن ٿا. سڀ کان پهريائين ان ۾ عشق ۽ محبت جي سچي جذبي جي ڀرپور جهلڪ نظر اچي ٿي جنهن جو اظهار هر محبوب شخصيت لاءِ فطري آهي ۽ اهو مؤثر شاعريءَ جو اهم جز آهي. ان کان پوءِ هنن قصيدن ۾ ڪن بنيادي حقيقتن يعني هدايت ۽ رهنمائي واري پهلو کي واضح ڪيوويو آهي جيئن هڪ بند ۾ چوي ٿو:

اڻ سڌي رستي تي گمراهي سبب آهيان هليو،

پنهنجي ئي بدخواهه دشمن جي پٺيان آهيان لڳو.

 

اڳتي هلي جناب رسولﷺ جي تاريخي ڪردار يعني هدايت جي روشني ڦهلائڻ بابت نهايت موثر ڪندڙ لفظن ۾ هيئن چيو اٿس.

هر طرف کان ٿي ويا تُنهنجي ڪري روشن جهان،

ڪر منور منهنجا اي نور خدا ڪارا نشان.

 

هڪ ٻئي شعر ۾ مجاز جو رنگ ڀريندي حقيقت جي ترجماني هيئن ڪري ٿو:

جنهن جي سهڻي چهري مان رونق جهانن کي ملي،

نور واري پيشوا ئي جنهن منجهان پکڙي وئي۔

 

هن ساڳئي رنگ ۾ مهر علي شاهه گولڙهه واري جي نعت جو هي بند ملاحظه ڪيو ته عاشقن جي زبان ڪيتري قدر ساڳي آهي ۽ ساڳيا جذبات آهن.

کيا چاند بدر مک شعشاني هے،

متھے چمکے لاٹ نوراني هے۔

عشق ۽ محبت جو انجام محبوب سان ويجهڙائي حاصل ڪرڻ هوندو آهي. مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جي هن قصيدن جي ڪيترن بندن مان اها پرينءَ جي پچار جيڪا عاشق صادق جو سرمايو آهي چڱي ريت محسوس ڪري سگهجي ٿي ۽ ان ڪري پڙهندڙ پاڻ انهيءَ ڪيفيت مان گذرڻ لڳي ٿو ۽ مٿس اها واردات جاري ٿي وڃي ٿي.

اسان جي دوست محترم غلام حسين سچاروي کي انهيءَ عشق جي چڻنگ مان ڪجهه حصو مليو آهي جو هي عظيم ڪم سندس هٿان سرانجام ٿيو آهي. جيتوڻيڪ عربي نظم جو منظوم سنڌي يا سرائڪي ٻولين ۾ ترجمو ڪرڻ ڪو سَولو ڪم ناهي، پر اهو سڀ ڪجهه عشق ۽ محبت جي توفيق سبب ئي ممڪن آهي ۽ اها ”سڪ جي سعادت“ غلام حسين سچاروي جي نصيب ۾ آئي آهي. بقول شاهه عبداللطيف ڀٽائي:

مل مهانگو قطرو، سڪڻ سعادت،

اسان عبادت، نظر ناز پرينءَ جو.

 

يا جيئن فارسي واري چيو آهي:

اين سعادت بزور بازونيست

تانه بخشد خدائي بخشنده

خداوند ڪريم ڀاءُ سچاروي کي هي سعادت نصيب ڪئي آهي ۽ مونکي به ان سعادت ۾ شامل ڪيائين. فجزاک الله خيراً.

 

 

 

ڪَان الله لَہٰ

24 ربيع الاول، 1431 هه                            ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو

مطابق 11- مارچ 2010ع                                                            20- سنڌ هائوس، اسلام آباد