آبِ ڪوثر

ڪتاب جو نالو آبِ ڪوثر
ليکڪ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي
سنڌيڪار / ترتيب غلام حسين ”مشتاق“ سچاروي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

16 October 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     192020   ڀيرا پڙهيو ويو

قصيده 2


بسمِ اللِه الَرحمٰن الرحِيم

(1)

 

اي مديني پاڪ جي راهن اُتي پانڌيئڙا،

مصطفيٰ وٽ منهنجا پهچائج سلام سنيهڙا.

 

اي مديني پاڪ دي راهان اتي پانڌيئڙي،

مصطفيٰ ڪون ميڏي پهچاوين سلام سنيهڙي.

 

لفظي معنيٰ: يَا: حرف ندا ڪنهن کي سڏ ڪرڻ، پڪارڻ وقت ڪم ايندو آهي. جهڙي طرح يا الله، يا رسول الله، اي الله، اي الله جا رسول، سَالک: واٽهڙو، پانڌي، رستي تي هلندڙ، طرقُ: رستا، راهون پيچرا، طريق جو جمع آهي، اَلمَدينة: مدينه منوره، مدينه شهرکي چئبو آهي، پرهت خاص شهر يعني مدينة النبي مراد آهي، طَيبة: پاڪ، بَلِغَ: پهچاءِ، رساءِ، امر جو صيغو آهي. تبليغ مصدر کان، تحياتُ: سلام، سنيها، محبت ڀريا پيغام، جمع آهي تحيت جو، الِيٰ: ڏانهن، طرف حرف جار آهي، سَاکِن الحَرَمِ: حرم شريف ۾ رهندڙ، هت مراد آنحضرت صلي الله عليه وسلم جن جي ذات مبارڪ آهي.

 

ترجمو: اي مديني پاڪ جي پيچرن جا پانڌي، رستن ۽ راهن جا راهي منهنجا سلام ۽ سنيها حرم پاڪ جي رهواسي حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم جن جي ذات بابرڪات تائين پهچائي ڏي. هت شاعر مدينه منوره ويندڙ محبتي مسافر کي ڳيراٽڙيون پائي التماس ڪري ٿو ته مون مسڪين جا، مديني جي مور صلي الله عليه وسلم جن جي بارگاهه ۾ پهچي، سنيها ۽ سلام عرض رکجانءِ. هي اها ئي عاشقاڻي صدا آهي، جيڪا حضرت جامي رحمة الله عليه صبح جي هير کي مخاطب ٿيندي ڪري ٿو:

 

نسيما جانب- بطحيٰ گذر کن،

ز احوالم محمد را خبرکن.

 

ترجمو: اي صبح جي هير جڏهن بطحيٰ (نبي اڪرم جي بارگاه عاليه) وٽان گذر ٿئي ته منهنجي احوال جي محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم کي ضرور خبر ڪجانءِ.

(2)

 

تون جڏهن ايندين حرم اندر فرشتن جا جَٿا،

تو کي چوندا مرحبا اهلاً وَسَهلاً مرحَبا.

 

پهچسين جيوين حرم اندر فرشتين دا جَٿا،

تيڪون آکي مرحبا اَهلاً وَسَهلاً مرحبا.

 

لفظي معنيٰ: فاذا: پوءِ جڏهن، جنهن وقت، قَدمتَ: تون پهتين، تون آئين فعل ماضي واحد مذڪر مخاطب، بِهَا: اُتي، انهي هنڌ، انهن ڏانهن مراد آهي حرم پاڪ، يَقول: هو چوندو قول کان فعل مضارع واحد غائب، ملائک: فرشتا، گهڻا فرشتا، فرشتن جا جٿا، ميڙ جمع آهي ملک جو، اهلاً: معني اَتَيتَ اَهلاً: تون پنهنجن وٽ پهچي وئين، سَهلاً: معني تَوَ طنتَ سَهلاً: تون سهولت ۽ سڪون واري هنڌ پهچي وئين. خيرَ مَقدَم: ڀلو آهي اچڻ، خير برڪت وارو آهي اچڻ، چڱو آهي قدم ڀري اچڻ.

 

ترجمو: جڏهن تون حبيب پاڪ صلي الله عليه وسلم جن جي حرم شريف ۾ پهچندين ته گهڻا ئي فرشتا (فرشتن جا جٿا، ميڙ) تنهنجي ڀليڪار ڪندا ۽ توکي چوندا ته تون پنهنجن وٽ پهچي ويو آهين. تون سڪون ۽ سلامتي واري هنڌ تي پهچي وئين. تنهنجي هت آمد ڪيتري نه بابرڪت آهي.

مرحبا صد مرحبا خوش آمديد.

(3)

 

صدق واري هنڌ پهچي پائيندين امن و امان،

در حبيب جو خلق ساري لاءِ ٿيو دارالامان.

 

ٿيسين داخل صدق دي در، پاسين اُٿ امن وامان،

در حبيب دا خلق ساري واسطي دارالامان.

 

لفظي معني: مَتَيٰ: جڏهن، جنهن وقت، دَخَلتَ: تون داخل ٿئين، تون اندر آئين، فعل ماضي مذڪر واحد مخاطب، مَدخَل صِدق: سچ واري هنڌ، سچ واري جاءِ، ظرف مڪان مضاف مضاف اِليہ، صرتَ: تون ٿي پوندين، تون ٿي ويندين، فعل ناقصه واحد مذڪر مخاطب، مؤتَمِنًا: امن وارو، امن لهندڙ، امن پائيندڙ اسم فاعل واحد مذڪر. دارالحبيب: دوست جو گهر، دوست جو مڪان، اَمَانَ: امن، سلامتي، خلق: مخلوق، خلق، ڪُلِهِم: سموري، تمام مخلوق.

 

ترجمو: جڏهن تون سچائي واري هنڌ پهچي ويندين (داخل ٿيندين) ته تون امن وارو ٿي پوندين، ڇو ته خدا جي حبيب صلي الله عليه وسلم جن جو گهر ۽ در پوري مخلوق لاءِ دارالامان يعني امن ۽ پناهه جي جڳهه آهي.

 

(4)

جنهن گهڙي تنهنجون اکيون روضو محمد جو ڏسن،

عاجزي سان بيهي پوءِ صلوات جا تحفا ڏجن.

 

جيوين تيڏيان اکڙِيان روضا محمد دا پسن،

عاجزي دي نال صلواتان سلام آکڻ کپن.

 

لفظي معني: اِذامَا: جنهن وقت، جڏهن، رَئَت: ڏسن، پسن، ڏٺائين، فعل ماضي واحد مؤنث غائب. عيناکۡ: تنهنجون ٻئي اکيون، عينان: تثنيو آهي. ”ن“ اضافت جي ڪري عيناک ٿي پيو ۽ ’ن‘ هضم ٿي ويو. حجرة: ڪمرو، ڪوٺي. فَ: پوءِ، قُمۡ: اٿي بيهه فعل امر حاضر قام قيام کان، خَاشِعًا: نوڙت ۽ هيٺاهين ڪندڙ، خشوع خضوع ڪندڙ، مُتضَرِعًا: منٿون ڪندڙ، ليلهائيندڙ، عاجزي ڪندڙ، ثُم: پوءِ، صَلِ: صلوات پڙهه، درود پڙهه، وَسَلمِ: ۽ سلام پڙهه، سنيها موڪل. صَل، سَلِم ٻئي فعل امر حاضر آهن، صلوٰة ۽ سلام جو.

 

ترجمو: جڏهن تنهنجون اکڙيون حضرت احمد مجتبيٰ صلي الله عليه وسلم جن جي حجري پاڪ (روضي اطهر) کي پسن ته پوءِ تو کي بيهي نوڙت، نياز، ادب، احترام، عاجزي ۽ بيڪسي سان پاڻ ڪريمن عليه الصلوٰة والسلام تي سلام ۽ درود موڪلڻ گهرجن.

(5)

 

 

 

عرض ڪر تون قبر ۽ منبر نبي جي درميان،

پيشوا صاحب علم رب جون صلاتون تو مٿان.

 

قبر تي منبر دي وچ ڪر عرض باصد احترام،

تين اتي صاحب علم رب ديان صلوٰتان تي سلام.

 

لفظي معني: قُل: چؤ، عرض ڪر، امر حاضر قال قول کان. بَينَ: وچ ۾، درميان، قَبرَ: آخري آرامگاهه، روضهء اطهر، مِنبَرُ: مسجد نبوي ۾ اهو منبر جتي حضور عليه الصلواة والسلام جن خطبو ڏيڻ فرمائيندا هئا، عَلَيک: اوهان اتي. صلوات الله: الله جون رحمتون، صاحِبِ عَلَم: جهنڊي وارا اڳواڻ، پيشوا، جنهن جي جهنڊي هيٺ سندس امت ۽ سمورا انبياء ڪرام عليهم السلام گڏ هوندا. هت صاحب علم مان مراد حضور عليه الصلواة والسلام جي ذات بابرڪات آهي.

 

ترجمو: (اي زيارت لاءِ پهچندڙ خوشنصيب انسان) تون حضور صلي الله عليه وسلم جن جي قبر مبارڪ (روضي پاڪ) ۽ منبر شريف جي وچ ۾ بيهي ادب سان عرض  ڪر ته سمورن نبين سڳورن جا سرتاج، اڳواڻ (صاحب علم) اوهان تي الله جون رحمتون هجن:

(6)

 

توتي رب جون رحمتون اي صاحبِ رشدوهدا،

تو مٿي رب جون صلاتون اي ڀلارا ڀرجهلا.

 

تين تي رب ديان رحمتان، اي صاحبِ رُشدو هدا،

تين اتي صلوٰتان رب ديان، ميڏا سهڻا ڀرجهلا.

 

لفظي معنيٰ: عليک: اوهان تي، تو مٿي، صَلَوَات الله: الله جون رحمتون، صلاتون، سلام، يَا: حرف ندا، اي، داعِي: دعوت ڏيندڙ، سڏيندڙ، الهدى: هدايت، رهبري، سڌو رستو، سَلَام الله: الله تعالى جا سلام ۽ سلامتي، خير: ڀلارا، ڀلا، سڳورا، معتَصَمَ: پناهه جي جاءِ. ماويٰ ملجا.

 

ترجمو: اي سڌي رستي (هدايت واري راه) ڏانهن دعوت ڏيندڙ پيارا نبي صلي الله عليه وسلم اوهان تي الله جون رحمتون هجن. اي بهترين پناهه جي جڳهه تو تي الله تعالي جا سلام ۽ سلامتي هجي.

(7)

 

تو تي رب جون رحمتون ڏاهپ ۽ حڪمت جا ڌڻي،

پڻ صلاتون اي فصاحت ۽ بلاغت جا ڌڻي.

 

تين تي رب ديان رحمتان، ڏاهپ تي حڪمت دي ڌڻي،

تين تي صلواتان، فصاحت تي بلاغت دي ڌڻي.

 

لفظي معني: دَارَ حڪَمة: حڪمت جو گهر، ڏاهپ ۽ دانائي جو گهر يعني حڪمت ڏاهپ ۽ سياڻپ جا ڌڻي، جَامِعُ الکلَمِ: الفاظ جو جامع يعني ٿورن لفظن ۾ گهڻو ڪجهه بيان ڪرڻ وارو، جامع: جمع ڪندڙ، گڏ ڪندڙ، الکلم ڪلما: هي جمع آهي ڪلمة جو يعني الفاظ، الفاظ جو جمع ڪندڙ، دار حڪمة ۽ جامع الکلم مان مراد حضور عليه الصلواة والسلام جن آهن.

 

ترجمو: اي حڪمت ۽ ڏاهپ جا گهر (دانائي جا ڌڻي) تو تي الله جون رحمتون هجن. اي ٿورڙن لفظن مان گهڻي معنيٰ ۽ مطلب بيان ڪرڻ وارا پيارا نبي صلي الله عليه وسلم اوهان تي الله جي سلامتي ۽ سلام هجن.

(8)

راضپي رب جي نشاني تو تي صلواتون سلام،

فخر آدم رحمتون رب جون رهن دائم مدام،

 

راضپي رب دي نشاني تين تي صلواتان سلام،

فخر آدم تين تي رب ديان رحمتان دائم مدام.

 

لفظي معنيٰ: آيَت: نشاني علامت، الرضيٰ: راضپو، رضامندو، مفخر: اهڙو شخص جنهن تي فخر ڪجي، قابل فخر هستي. اَلنسمُ: ماڻهو، انسان، آدم ذات، فخرالنسم: جنهن تي انسانن کي فخر هجي، جيڪو انسانن لاءِ باعث فخر هجي.

 

ترجمو: اي الله تعاليٰ جي راضي ٿيڻ جي نشاني (علامت) تو تي الله تعاليٰ جون رحمتون هجن. اي اهڙي قابل فخر هستي جنهن تي پوري انسان ذات فخر ڪري ٿي. تو تي الله جا سلام ۽ سلامتي هجي. اوهان جي ذات ڪريم صلي الله عليه وسلم الله کي راضي رکڻ لاءِ الله جي هڪ آيت يا نشاني آهي، جنهن سان ئي رب جو رضامندو حاصل ڪري سگهجي ٿو. اوهان تي پوري انسان ذات کي فخر آهي ۽ اوهان ئي انهن لاءِ باعثِ فخر آهيو.

(9)

 

اي شفاعت جا علمبردار صلواتون سلام،

حڪمتن جي کاڻ مڻيادار صلواتون سلام.

 

اي شفاعت دي علمبردار صلواتان سلام،

حڪمتين دي کاڻ مڻيادار صلواتان سلام.

 

لفظي معنيٰ: اللِواءُ: خاص جهنڊو، شفاعت وارو جهنڊو، مَعدَن: کاڻ، اَلحِکَم: ڏاهپ، حڪمت، بردباري، علم، انصاف، جمع آهي حڪمت جو.

 

ترجمو: اي پيارا رسول جنهن جي هٿ ۾ شفاعت جو جهنڊو هوندو، تو مٿان الله جون رحمتون هجن. اي حڪمت، علم ۽ انصاف جي کاڻ تو تي الله پاڪ جا سلام ۽ سلامتي هجي. شاعر جو چوڻ آهي ته قيامت جي ڏينهن اوهان جي هٿن مبارڪن ۾ شفاعت جو جهنڊو (علم) هوندو. انهي شفاعت واري جهنڊي جا مالڪ، اوهان تي رب جون رحمتون هجن. اوهان ڏاهپ، حڪمت، علم ۽ انصاف جي کاڻ آهيو. اهي سڀ شيون اوهان وٽان ئي مليون. اوهان تي رب جا سلام هجن.

(10)

 

 

تو تي رب جون رحمتون اي خلق جا عالم پناهه،

اي سڳورا سونهن زم زم جي به تنهنجي دم سان آھه.

 

اي اجها مخلوق دا الله دي تين تي درود،

اي سڳورا سونهن زم زم دي ٿيا تيڏا وجود.

 

لفظي معنيٰ: مَلجاء: اجهو، پناهه جي جاءِ، اَلوَرَى: مخلوق، خلق، انسان ذات، زَينَ: زنيت، رونق، سونهن، سينگار، زمزم: ڪعبةالله لڳ آب زم زم وارو کوهه.

 

ترجمو: اي اڙين جا اجها (مخلوق جي پناهه جي جاءِ) تو تي الله جون رحمتون هجن. اي زم زم جي سونهن ۽ سينگار، تو تي الله تعاليٰ جا سلام هجن. اوهان جي ذات پاڪ جي طفيل ئي آب زم زم تي ميڙا متل آهن. اها ساري رونق اوهان جي دم مبارڪ سان آهي.

(11)

 

 

اي نسيم- صبح روضي جي زيارت ٿئي نصيب،

پيش ڪر منهنجا سلام ان کي جو ٻاجهارو حبيب.

 

صبح والي هير، روضي دي زيارت هو نصيب،

پيش ڪر ميڏي سلام انهان ڪون جو ٻاجهارا حبيب.

 

لفظي معنيٰ: نسيم: ٿڌڙي هير، نرم ۽ وڻندڙ هوا، الصَبا: صبح، اِن: جيڪڏهن، زُرتَ: تو زيارت ڪئي، تو کي زيارت نصيب ٿي، فعل ماضي واحد مذڪر مخاطب، سَلِم: سلام عرض ڪجان، سلام پيش ڪجانءِ، صاحبِ النعم: بخشش، فيض، مهرباني يا نوازشن جو صاحب. مراد آهي حضور عليه الصلواة وَالسلام.

 

ترجمو: اي صبح جي وڻندڙ نرم نازڪ هير، جيڪڏهن تو کي حضور پاڪ صلي الله عليه وسلم جن جي روضي مبارڪ جي زيارت نصيب ٿئي ته تون، ان مهربانين واري صاحب کي منهنجا سلام عرض رکجانءِ.

(12)

پيش ڪر دربار ۾ بيهي مواجهه وٽ سلام،

منهنجون صلواتون درود ان تي جو صاحب احترام.

 

بارگاهه دي وچ کڙا هو ڪر مواجهه دي مقام،

صاحب عزت ڪون پهچا ميڏي صَلوات و سلام.

 

لفظي معني: قِف: بيهه، فِعل امر حاضر وقوف کان. عِندَ: وٽ، پاسي، ڀر ۾، مضجع: خواب گواه، ظرف مڪانِ. مَوَاجهه: سامهون، روبرو منهن مقابل، پاڻ ڪريمن جي روضي پاڪ سامهون. مواجهه ان هنڌ کي سڏجي ٿو. جنهن هنڌ ڄاري ۾ سندن منهن مبارڪ جي سامهون ديدار لاءِ دري (سوراخ) ٺهيل آهي. بَلِّغۡ: پهچاءِ، رسائج، فعل امر حاضر تبلغ کان، صَلَواتي: منهنجون صلاتون، درود، تَسليمي: منهنجا سلام، روحَ اَڪرَم: تمام وڏي عزت واري روح مبارڪ کي، مراد نبي اڪرم ﷺ آهي.

 

ترجمو: حضور اڪرم صلي الله عليه وسلم جن جي روضي مبارڪ (آرام گاهه، خواب گاه) ۾ مواجهه (منهن مبارڪ) سامهون بيهي منهنجا درود ۽ سلام وڏي عزت واري روح مبارڪ حضور عليه الصلواة والسلام جن تي موڪلجانءِ يا پهچائجانءِ.

(13)

 

عرض ڪر، آهي هي ٻانهو پر خطا، خيرالرسل،

جو براين جي انڌيري بحر ۾ آهي ٻڏل.

 

مصطفيٰ ڪون عرض ڪر، هي ٻانهڙا ڀٽڪيل ڀليل،

جو برايان دي انڌيري بحر اندر هي ٻڏل.

 

لفظي معنيٰ: قُل: چؤ، عرض ڪر، فعل امر حاضر قول کان، عَبُدَ: ٻانهو، نوڪر، مُقَصِرَ: ڪوتاهي ڪندڙ. تقِصير ڪندڙ، اسم فاعل تقصير کان، غَرِيقَ: ٻڏندڙ، غرق ٿيندڙ. غرق ٿيل، بحَارَ: سمنڊ جمع آهي بحر جو، السيآت: برايون، بديون، ڏوهه گناهه، جمع آهي سيِاة جو برائي، مَظلَم: اونداهي خراب، انڌيري وارو وقت.

 

ترجمو: ۽ چئجانءِ ته (عرض ڪجانءِ) اي الله جا رسول صلي الله عليه وسلم هي قصور وار (ڪوتاهيون ڪندڙ) ٻانهو براين جي اونده انڌوڪار بحر ۾ ٻڏل آهي.

(14)

 

توکي ٻاڏائيندي حضرت ٿو پني تنهنجي پناهه،

دانهين ٿو، جبلين وڏن وانگر ٿيا جنهن جا گناهه.

 

هي مدد تيڏي دا طالب، پنندا حضرت دي پناهه،

دانهيندا، جبلان مثل جنهن دي بلند بالا گناهه.

 

لفظي معنيٰ: يَلُوذ: پناهه پني ٿو، پناهه وٺڻ گهري ٿو، فعل مضارع واحد مذڪر غائب، اِليٰ: کان، جنابک: حضور جن کان، حضرت جن کان، مُستَغِيثًا: مدد گهرندڙ، ٻاڏائيندڙ، فرياد ڪندڙ، يشکوُا: شڪايت ڪري ٿو، تڪليف بيان ڪري ٿو، فعل مضارع واحد مذڪر غائب. ذُنوب: گناه، ڏوهه، جمع آهي ذنب (گناه) جو، اَلَاعاظم: وڏا، بلند ۽ بالا.

 

ترجمو: (اي نبي محترم صلي الله عليه وسلم، هي گنهگار ٻانهو) اوهان جي حضور ۾ مدد لاءِ ٻاڏائيندي (پنهنجن ڪيل) وڏن جبلن جهڙن وڏن گناهن کان بچڻ لاءِ پناه گهري ٿو ۽ دردمندانا شڪايت ڪري ٿو ته هي گناهن جا وڏا انبار مون کي تباه ڪري ڇڏيندا. ان ڪري مدد فرمايو، پنهنجي دامن جي پناهه ۾ جڳهه عطا فرمايو.

(15)

آسمان جا نور اي فخرِ زمينِ ذوالمنن،

منهنجي دل ۽ جان تنهنجي عشق ۾ ٿي موجزن.

 

آسمان دا نور اي فخرِ زمينِ ذوالجلال،

روح توڙي قلب تيڏي عشق وچ مستان حال.

 

لفظي معنيٰ: فَخرَ اَرض الله: الله جي زمين جا فخر. جنهن تي زمين ناز ڪري ٿي، فخر ڪري ٿي، جنهن جو وجود زمين لاءِ باعث فخر آهي. نُورُ سَمَائہٖ: هن جي (الله جي) آسمانن جا نور، روشني، نفِسي: منهن جي جان، منهن جو ساهه. قلَبِي: منهن جي دل، هَواک: تنهنجي محبت، تنهنجي چاهت، مغرم: پرجوش، تابان ٿيل.

 

ترجمو: اي اها ذات گرامي صلي الله عليه وسلم جنهن تي روءِ زمين فخر ڪري ٿي (جيڪو زمين لاءِ باعث فخر آهي) ۽ آسمانن جا نور منهنجي جان منهنجي دل اوهان جي عشق ۽ چاهت ۾ پرجوش (موجزن) آهي.

 

(16)

نير جاري منهنجي اکڙين مان محبت جي ڪري،

دل جگر ٿيا ٽڪرا ٽڪرا عشق والفت جي ڪري.

 

نير هارن اکڙيان ميڏيان محبت دي ڪري،

دل جگر ڀي ٽڪري ٽڪري عشق والفت دي ڪري.

 

لفظي معنيٰ: جَرَت: جاري ٿي، لڳاتار وهي ٿي، فعل ماضي واحد مؤنث غائب، مُقَلَةُ: اک، اک جي پڇڙي، تارو اک جو، شوقًا: محبت، شوق، وَلوعَة: غم کان يا عشق جي آگ کان دل جو جلڻ، تقطعَت: ڪپجي وئي، ٽڪرا ٽڪرا ٿي پئي، فعل ماضي مؤنث غائب، ڪَبۡدُ: جگر، جيرو، جَوَيٰ: عشق يا غم سبب دل جو جلڻ، سوزش ٿيڻ، تَضَرُم: ڀڙڪڻ، باهه جو تيز ٻرڻ.

 

ترجمو: اي حبيب صلي الله عليه وسلم اوهان جي عشق و محبت ۾ منهنجي دل مان الا نڪري رهيا آهن ۽ عشق و محبت جي سوزش ۽ جلن جي ڪري منهنجو جگر ٽڪرا ٽڪرا ٿي پيو آهي.

(17)

پر وڏا ٿيا ڏوهه منهنجا، جن جو ڀاري آهي بار،

ڪثرت- عصيان رڪاوٽ ٿي ملڻ تنهنجي کان يار.

 

ڏوهه تي عصيان ميڏي ڀاري ڀرڪم بي شمار،

وصل تيڏي وچ رڪاوٽ هِن هميشه لاءِ يار.

 

لفظي معنيٰ: وَلٰکِن: وليڪن، ۽ پر، اَوزَار: بار، وزن، جمع آهي وزر جو، اوزاري: منهنجا بار، ،منهنجي براين جا بار، تَعَاظَمَت: وڏا ٿيا، ڳرا ٿيا، وزني يا ڀاري ٿيا. فعل ماضي مؤنث واحد غائب، فَ: پوءِ، صَارَت: ٿي پيا، مُمَانِعَة: منع ڪندڙ، روڪيندڙ، اسم فاعل واحد مؤنث، ڪَثرةُ: گهڻائي، ڪثرت، زيادتي، مَاثَم: ڏوهه، گناه، اثم.

 

ترجمو: ۽ پر (وليڪن) منهنجي ڏوهن ۽ بُراين جا بار ڳرا ۽ وڏا ٿي ويا آهن ۽ منهنجي گناهن جي گهڻائي (ڪثرت) محبوب جي ملڻ کان منع ڪندڙ آهي.

(18)

مان کڻڻ کان آهيان عاجز، ٿي ڳري منهنجي خطا،

نفس شرمنده ۽ اکڙيون چشما آهن رت سندا.

 

سگهه نه چاوڻ دي رکان، ڀاري گناهان دا هي بار،

رت دي چشمي اکڙيان ٿيان، نفس ڀي هي شرمسار.

 

لفظي معنيٰ: عَجزت: آءٌ عاجز ٿي پيس، لاچار ٿي پيس، بيوس ٿي پيس، فعل ماضي واحد مذڪر متڪلم، حَملها: انهن جو کڻڻ، ثقلت: ڳرو ٿي پيو، وزني يا ڀاري ٿي پيو، فعل ماضي واحد مؤنث غائب، خطياتي: منهنجون خطائون، منهنجا ڏوهه، خجل: شرمساري شرمندگي، العين: اک، عَين: چشمو، دَمَ: رت.

 

ترجمو: منهنجي ڏوهن جو بار گهڻو ڳرو ٿي چڪو آهي، جنهن جي کڻڻ کان مان لاچار (عاجز) آهيان. ان ڪري منهنجو نفس شرمنده آهي ۽ اکيون رت جا چشما بڻجي ويون آهن.

(19)

تنهنجي بخشش ۾ ڪريم، آهيم توڙي آسرو،

پر نجاست نفس جي آهي سبب افسوس جو.

 

توڙي ميڪون هي ڪريم دي بخششان وچ آسرا،

پر پليتي نفس ميڏي دي سبب افسوس دا.

 

لفظي معني: اِن کَانَ: توڙي آهي. جيتوڻيڪ آهي، عَفوُ: معافي، ڪَريم: مهربان، مراد نبي ڪريم ﷺ جن جي ذات مبارڪ آهي. قَدُ: تحقيق، اَفَادَ: فائدو ڏنو، فعل ماضي واحد مذڪر غائب، رِجَاءَ: اميد، آسرو، لاکِن: ليڪن، پر، نِجاسَةُ: پليتي، نجاست، نفسي: منهنجي نفس جي، منشا: اصل، پاڙ، بنياد، اصل سبب يا وجهه.

 

ترجمو: جيتوڻيڪ، يا رسول صلي الله عليه وسلم اوهان جي ذات ڪريم ۾ معافي (ملڻ) جي (يقيني) اميد آهي، پر منهنجي پنهنجي نفس جي نجاست ۽ پليتي منهنجي پڇتاءُ ۽ شرمساريءَ جو اصل سبب آهي (اصل بنياد آهي.)

(20)

ماڻهو مسجد ۾ اچڻ ڏيندا ڪٿي آهن ڪتا،

ڪيئن حرم جي پاڪ هنڌ تي هي نجس ايندو ڀلا.

 

ماڻهو مسجد دي اندر آوڻ نهين ڏيندا ڪتا،

اي نجس آسي حرم دي پاڪ هنڌ ڪيوين ڀلا.

 

لفظي معني: الناس: ماڻهو، انسان،. لايَترکُونَ: نٿا ڇڏين، فعل مضارع، مذڪر جمع غائب، کِلابًا: ڪتا، جمع آهي ڪلب جو، مَساجِد: مسجدون، هم:- هنن جون پنهنجون، هنن جون، نجس: پليت، ناپاڪ، مَوضع: هنڌ، جاءِ، طاهِر: پاڪ، حرم: حرم پاڪ، نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جو حرم پاڪ، مدينه منوره، مراد روضو مبارڪ آهي.

 

ترجمو: جڏهن ماڻهو پنهنجن مسجدن (پاڪ جڳهن) ۾ ڪتا اچڻ نه ڏيندا آهن ته پوءِ (مون جهڙي) نجس، ناپاڪ ۽ پليت انسان جو (نبي ڪري صلي الله عليه وسلم) جن جي پاڪ حرم جي هنڌ پهچڻ ڪهڙي ريت ٿي سگهي ٿو. هت مخدوم صاحب پنهنجي انتهائي عاجزيءَ جو اظهار ڪندي چوي ٿو ته مون جهڙي گنهگار (پليت انسان) جو نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي حرم پاڪ ۾ اچڻ ڪيئن ٿيندو. جڏهن ماڻهو پنهنجي مسجدن ۾ ڪتا اچڻ نه ڏيندا آهن.

(21)

ڪيئن ملڻ ٿيندو حبيبن سان جڏهن ان جي اڳيان،

منهنجي ڏوهن جون وڏيون چوٽيون وڏن جبلن جيان.

 

يار ميڏي نال ممڪن هي ڀلا ڪيوين وصال،

ميڏي ڏوهان ديان وڏيان چوٽيان اڳون جبلان مثال.

 

لفظي معنيٰ: کيف: ڪيئن، ڪهڙي طرح، الوَصول: پهچڻ، ملڻ، ملاقات، وصال، دُونہٗ: هن جي اڳيان، هن جي سامهون، قُلَلَ: جبلن جون چوٽيون، شِوَامِخُ: بلند، وڏيون، اوچيون، واحد شامخة، جبال: جبل، جمع آهي جبل جو، اعاظم: وڏا، عظيم.

 

ترجمو: اهڙي ماڻهو جو حبيب ڪريم صلي الله عليه وسلم جن وٽ پهچڻ ڪيئن ممڪن ٿي سگهي ٿو، جنهن جي گناهن جي وڏن جبلن جون بلند بالا چوٽيون اڳيان آيل آهن. (سامهون آڙ آيل آهن.)

(22)

اي خزانا رحمتن جا اي رسول ڪبريا،

تنهنجي هٿ وس آهي منهنجي درد و غم جي هر دوا.

 

تون خزانا رحتمان دا اي رسول ڪبريا،

ميڏي هر رنج والم دي تيڏي ڪولون هي دوا.

 

لفظي معني: الا: او، اي، اڙي. هي لفظ مخاطب کي پڪارڻ وقت سندس ڌيان ڇڪائڻ لاءِ استعمال ٿيندو آهي، ڪنز رحمةِ: رحمت جا خزانا، يامَن: اي اهو شخص، لديہ: جنهن وٽ، ان وٽ، دواءً: علاج، دوا، الداءُ: بيماري، مرض، الالم: رنج، ڏک، درد.

 

ترجمو: اي الله جا رسول صلي الله عليه وسلم، اي رحمتن جا خزانا، اي اها ذات گرامي صلي الله عليه وسلم، جنهن وٽ هر مرض ۽  درد و غم جي دوا (موجود) آهي.

 

(23)

تون شفاعت جي نگاهن ساڻ عاصي ڏي نهار،

گهر خلاصي منهنجي الله کان نبي عالي وقار.

 

ڪر شفاعت دي نظر عاصي اتي عالي وقار،

شل خلاصي تيڏي آکڻ تي ڪري پروردگار.

 

لفظي معني: انظر: نظر ڪر، نهار، ڏس، فعل امر حاضر، عين الشفاعة: شفاعت جي نظر، سفارش جي نگاهه، نحو: طرف، ڏانهن، مذنِب: گنهگار، گناهه ڪندڙ، اسم فاعل، وَاسئَل: ۽ سوال ڪر، عرض ڪر، گهُر ڪر، خلاصي:- منهنجو ڇوٽڪارو، نَبِي الکَرَمِ: اي ڪريم نبي صلي الله عليه وسلم، اي احسان ڪندڙ، سخي نبي صلي الله عليه وسلم۔

 

ترجمو: اي الله جا رسول هن گنهگار ڏانهن شفاعت جي نظر سان نهاريو. اي مهربان ڪرم ۽ سخاوت وارا نبي صلي الله عليه وسلم منهنجي ڇوٽڪاري جو الله تعالى کان سوال ڪر (منهنجي نجات جي گهر ڪر).

(24)

آهين بيشڪ تون وسيلو تون ئي اميد آسرو،

تو کي شافع امتن جو تنهنجي رب آهي سڏيو.

 

تون اميد تي آسرا، تون ئي وسيلا ڀرجهلا،

امتان دا تيڪون شافع تيڏي مولا هي سڏيا.

 

لفظي معني: فَانکَ: پوءِ بيشڪ تون، مَرجُو: اميد ڪيل، جنهن ۾ اميد يا آسرو هجي، وسيلة: وسيلو، ذريعو، فقد: پوءِ تحقيق، سَماک: تو کي سڏيو، تنهنجو نالو رکيو. فعل ماضي واحد مذڪر غائب، شافِع الامُمِ: امتن جي شفاعت ڪندڙ، سفارش ڪندڙ.

 

ترجمو: پوءِ بيشڪ اوهان جي ذات مبارڪ ۾ ئي (شفاعت) جي اميد آهي ۽ اوهان جي ذات پاڪ ئي واهر وسيلو آهي. بيشڪ منهنجي پروردگار اوهان کي شافع الامم يعني امتن جو شفاعت ڪندڙ سڏيو آهي. (اوهان کي شافع الامم جو نالو ڏنو آهي.)

(25)

تنهنجا ٻئي هٿ گويا بادل، عام ٿيو جن جو نفعو،

خير خواهي خلق جي ۾ ڄڻ وسي ٿو وڏ ڦڙو.

 

هٿ تسا ڏي گويا بادل، فيض جنهن دا عام جام،

خلق تي ٿي مهرباني، وڏ ڦڙي وانگر تمام.

 

لفظي معني: کلتا: ٻئي، يديک:- تنهنجا هٿ، يدان: يدين ٻه هٿ. هت ’نون‘ مضاف هجڻ سبب ڪري پيو، غياث:- ججهو مينهن وسائيندڙ ڪڪر، بادل، عم: عام ٿيو، فعل ماضي مذڪر واحد غائب، نفعهما: انهن ٻنهي (هٿن) جو فائدو، حزتَ: تو حاصل ڪيو. فعل ماضي واحد مذڪر مخاطب، الخلائق: مخلوق، خلقَ، الاحِسَانُ: احسان، سهڻو سلوڪ، مهرباني، الدِيَمُ: لڳاتار وسندڙ وڏ ڦڙو مينهن، بارش، برسات.

 

ترجمو: اوهان جا ٻئي هٿ مبارڪ ججهو مينهن وسائيندڙ ڪڪر وانگر آهن، جن جو نفعو (فائدو) عام آهي. اوهان (پوري) مخلوق کي پنهنجن احسانن ۽ مهربانين سان ائين حاصل ڪيو آهي (گهيري ورتو آهي) جئين سانوڻ جو لڳاتار وسندڙ وڏ ڦڙو مينهن هجي. يعني اوهان جي شفاعت ۽ احسان مخلوق تي سانوڻ جي لڳارتار وسندڙ وڏ ڦڙي مينهن وانگر عام آهي.

(26)

خوبصورت چهري ۽ پيشاني وارا دلربا،

پنهنجي پيشاني مبارڪ تان کڻو پردو ذرا.

 

خوبصورت چهري تي پيشاني والي دلربا،

پاڪ پيشاني تون پيارا پرين پردا هٽا.

 

لفظي معنيٰ: الوَجہ المِلحُ: خوبصورت چهرو، وڻندڙ چهرو، جَبين: پيشاني، ارفَع: مٿي ڪر، مٿي کڻ، لاهي ڇڏ، نِقابا: پردو، نقاب، عَنَ: کان، مڪرمُ: عزت وارو، مان وارو.

 

ترجمو: اي خوبصورت چهري  پيشاني وارا نوراني نبي صلي الله عليه وسلم پنهنجي مانائتي منهن مبارڪ تان ذرا نقاب (پردو) هٽايو (ته عاشق بيتاب کي ديدار نصيب ٿي وڃي).

(27)

ڏي اجازت محبتي ”هاشم“ کي روضي تي اچي،

خاڪ اکڙين جو ڪري سرمو، چمي منهن تي ملي.

 

ڏي اجازت محبتي ”هاشم“ ڪون آوي روضي تي،

خاڪ اکڙيان دي ڪري سرما، چمي، منهن تي ملي.

 

لفظي معنيٰ: واذن: ۽ موڪل ڏيو، اجازت ڏيو، فعل امر حاضر، مُحِبًا: محبت رکندڙ، محبتي، هاشما: هاشم (يعني حضرت مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رحمة الله عليه کي)، شاق: شوق رکيو، شوق ڪيو، فعل ماضي مذڪر واحد غائب، روضتکم: اوهان جي روضي مبارڪ جي، ليڪحُلَ: جيئن ته سرمون ڪري پائي فعل مضارع واحد غائب، عَينًا: اک، تراب: مٽي، خاڪ، يَلثَمُ: چمي، مکي، چميون ڏئي پنهنجي منهن تي مکي.

 

ترجمو: محبتي هاشم جيڪو اوهان جي روضي (جي ديدار) جو شوق رکي ٿو. ان کي اجازت ڏيو ته هو (روضي مبارڪ جي خاڪ کي) چمي منهن تي ملي.

(28)

جان منهنجي جان جي تون، جان ڀي تو تان فدا،

منهنجا اکڙين ٺار ۽ بيماري کان ڏيندڙ شفا.

 

جان ميڏي جان دي تون، جان ڀي تين تي فدا،

ميڏي اکڙين ٺار بيماري ڪڻون ڏيوين شفا.

 

لفظي معنيٰ: روحي: منهنجو روح، منهنجي جان، منهنجو ساهه، فداک: تو تي فدا، تو تي قربان، حَياةُ روحي: منهنجي جان جي زندگي، منهنجي جان جي جان، قرة: ٺار ٿڌاڻ، ٿڌڪار، عيني: منهنجي اک، الشِفا: تندرستي، چڱ ڀلائي، السقَمُ: بيماري مرض.

 

ترجمو: اي نبي نرمل صلي الله عليه وسلم اوهان تان منهنجي جان به قربان آهي. اوهان منهنجي جان جي جان (حياتي، زندگي) آهيو. اوهان ئي منهنجي اکين جو ٺار ۽ بيماري کان تندرستي ۽ صحت سلامتي آهيو.

(29)

موڪليندو رحمتون تو تي خدا هر دم رهي،

جي هزارن ۾ هزارين، حد نه جن جي ڪا هجي.

 

رحمتان رب تين تي هر دم موڪليندا ئي رهي.

سي هزارين تي هزارين، حد نه ڪا جنهن دي رهي.

 

لفظي معنيٰ: صليٰ عَلَيکَ: تو تي رحمت موڪلي، صَليٰ فعل ماضي واحد مذڪر غائب، رحمت موڪلي، في: ۾، ڪل: سموريون، سڀ، ساَعة: گهڙي، ساعت، الوف: هزارين واحد الف، لَاتتناهي: جنهن جي انتها نه هجي، جنهن جو ڇيڙو نه ٿئي، فعل مضارع واحد مونث غائب.

 

ترجمو: الله تعاليٰ اوهان تي هر گهڙي هزارين هزار پنهنجون رحمتون موڪليندو رهي. جن جو ڪو به ڇيڙو انتها ۽ اختتام نه هجي پر هميشه هميشه هجن.

 

 

(30)

تو تي تنهنجي آل ۽ اصحاب تي تيسين سلام،

خلق جو رب جيسين باقي آهي دائم ۽ مدام.

 

تين اتي تيڏي آل تي اصحاب تي تيسين سلام،

جيسين رب مخلوق دا موجود هي دائم مدام.

 

لفظي معنيٰ: وَسَلَّم عَلَيک: ۽ اوهان تي سلام ۽ سلامتي موڪلي، فعل ماضي واحد مذڪر غائب، وآلکَ: اوهان جي آل تي، صَحابَة: اصحاب، ساٿي، يار، مادام: جيستائين، رب الخَلِق: مخلوق جو پالڻهار خداوند تعالي، رب العالمين، يَبقيٰ: باقي رهندو، هميشه رهندو فعل مضارع واحد مذڪر غائب، الدوام: هميشه لاءِ، دائم رهڻ وارو.

 

ترجمو: اوهان تي اوهان جي آل پاڪ ۽ اصحاب سڳورن تي الله تعاليٰ تيستائين پنهنجا سلام ۽ رحمتون موڪليندو رهي، جيستائين مخلوق جي پالڻهار (الله تعالي) کي هميشه هميشه بقا آهي، يعني جهڙي طرح خداوند ڪريم جي ذات هميشه هميشه رهڻ واري آهي. اهڙي طرح ان جون رحمتون به اوهان تي ۽ اوهان جي آل تي ۽ اصحابن تي هميشه هميشه هجن. (آمين)

 

عرض آهن هي سٽون ”مشتاق“ پاران دوستو،

ياد مونکي هر گهڙي پنهنجي دعائن ۾ ڪجو.

 

زندگي ساري ثناگر مصطفي جو ٿي رهان،

موت ويلي ڀي هجي صَلوا عَليٰ ورد- زبان.

 

دم ڏيان مان دوست جي در شل مديني پاڪ ۾،

جسم منهنجو دفن ٿئي جنت بقيع جي خاڪ ۾.

 

مان هجان پاڙي پرينءَ جي ۾ هميشه واسطي،

زندگي ۽ عاقبت منهنجي ڀلاري ٿي پوي.

 

هي اجابت جي گهڙي آهي خدا وٽ باليقين،

سڀ چئو ”آمين ثم آمين رب العالمين“.

 

***