آبِ ڪوثر

ڪتاب جو نالو آبِ ڪوثر
ليکڪ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي
سنڌيڪار / ترتيب غلام حسين ”مشتاق“ سچاروي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

16 October 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     192036   ڀيرا پڙهيو ويو

قصيدن جو مختصر تعارف


مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ﷥ جي عربي قصيدن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ڪهڙي طرح حضور پرنور حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جن جي عشق و محبت جي آگ سندس سيني اندر ڀڙڪا کائي رهي آهي ۽ ڪهڙي طرح هو روضي اطهر تي حاضري ڀرڻ لاءِ نهايت بيتاب ۽ بيچين نظر اچي ٿو. هن پنهنجي قصيدي ”اَغِثۡنِي يَا رَسُولَ الله“ ۾ خدا جي رسول ﷺ جن کي يارسول الله يا حبيب الله يا شفيع المذنبين يا غَياثَ اۡلُمسۡتغِيۡثۡ جي لفظن سان پڪاريندي دانهيندي ۽ ليلائيندي اَغِتۡنِي مُسۡتَغِيۡثاً (فريادي جي مدد فرمايو) چئي نهايت عاجزانه ۽ مودبانه طريقي سان مدد جي درخواست ڪئي آهي ته منهنجي ساري عمر دنياوي عيش عشرت ۽ لذتن جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي تباهه ٿي وئي آهي. منهنجي دل تي غفلت ۽ گمراهي اهڙا ته ڄار اڻيا آهن جو آءٌ حقيقت جي حصول بدران دل کي ڪوڙيون تسليون ڏئي تباهي جي رستي تي اهڙي دشمن جي اطاعت ۾ اڳتي وڌي رهيو آهيان، جيڪو اهو نٿو گهري ته مان سڌي رستي تي هلان. منهنجي گناهن جا بار ايترا ته ڳرا آهن جو انهن منهنجي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي ۽ مان هلاڪت واري کڏ جي ڪرندڙ ڪناري تي بيٺو آهيان. اوهان منهنجي مدد ڪرڻ فرمايو منهنجي دستگيري ڪريو ۽ مون کي تباهه ٿيڻ کان بچايو، اوهان الله جا پيارا نبي ۽ رسول آهيو اوهان کي خدا، محمد ﷺ جهڙي سهڻي ۽ پياري نالي سان پڪاريو آهي ۽ نهايت اعلى مقام عطا ڪيو آهي. پورو قرآن اوهان جي شان ۾ رطب اللسان آهي. سورت الکوثر، سورت الفتح، سورت والضحيٰ، سورت والشمس، سورت اذاجاءنصرالله ۽ ٻين سورتن ۾ اوهان کي عزت و احترام جي لقبن ۽ بشارتن سان نوازيو ويو آهي. اوهان کي الله تعاليٰ پاران نهايت قربت ۽ رفعت وارو سڀ کان اعليٰ مقام عطا ٿيو آهي. اوهان جي پيش ڪيل دليلن ۽ حجتن جي نور سان ٻاٽ اوندهه اندر انڌن کي بينائي ۽ بصارت نصيب ٿي آهي. اوهان جي نور مبارڪ سان جهانن کي روشني ملي. اوهان جي ڪري ئي ست آسمان ۽ ست جنتون بنايون ويون آهن. اوهان جي ڪري ئي هي ڪائنات وجود ۾ آئي آهي. اوهان جنهن طرف به تشريف فرما ٿيا ته سخت گرمي ۾ بادل اوهان جي سرمبارڪ تي سايه ڪندو رهيو. اوهان خدا جا خاص محبوب ۽ پيارا رسول آهيو، اوهان جي محبت ۾ منهنجي دل چري ٿي پئي آهي ۽ اکيون رت روئي روئي رت جا چشما بڻجي پيون آهن. هاڻي مهرباني فرمائي مونکي پنهنجي روضي پاڪ جي زيارت ڪرايو. پنهنجي پاڙي ۾ مونکي قبر جي جڳهه نصيب فرمايو. اوهان تي الله تعاليٰ جون بي شمار رحمتون ۽ سلام هجن. اوهان تي اوهان جي آل پاڪ ۽ اصحاب سڳورن تي سلام هجن. حضرت ابوبڪر صديق، حضرت عمر فاروق، حضرت عثمان غني، حضرت علي شير خدا، حضرت امام حسن، حضرت امام حسين عليہم السلام تي به سلام ۽ سلامتي هجي. جيڪي اوهان جا صدق و صفا وارا ساٿي، دين جا معمار، هدايت جا روشن ستارا ۽ سهڻي صورت ۽ سيرت جا مالڪ هئا. آخر ۾ شاعر ڪم مائگي جو اقرار ڪندي چوي ٿو ته ڪنهن به ثنا گر لاءِ اهو ممڪن ئي ناهي  جو اهو پاڻ ڪريمن صلي الله عليه وآله وسلم جن جي ثنا بيان ڪري سگهي. اگرچه اهو ڪَمَاحَقَّہٗ ثنا بيان نه ڪري سگهڻ ملامت جوڳو عمل ضرور آهي، پر عاشق اها ملامت رڳو ان ڪري قبول ڪرڻ لاءِ تيار آهن جو سندن خواهش آهي ته سندن زبان تي ثناءِ مصطفيٰ جو ذڪر هميشه هميشه جاري رهي. مخدوم صاحب جي هن قصيدي ۽ ٻين قصيدن مان پياري نبي ڪريم ﷺ سان محبت ۽ عشق بابت سندس اعتقاد ۽ عقيدي جو اظهار به ٿئي ٿو ته سندس عشق و محبت جو بي پايان بحر موجون هڻندو به نظر اچي ٿو، جيڪو سڀني مسلمانن خاص طور سنڌ جي ماڻهن لاءِ هدايت ۽ رهبري جو روشن مثال آهي ته هو پنهنجن بزرگن جي عقيدي ۽ اعتقاد موجب سندن ڏسيل رستي تي هلي دنيا ۽ آخرت جون ڪاميابيون ۽ ڪامرانيون حاصل ڪري سگهن.

مخدوم صاحب پنهنجي ٻئي قصيدي شريف يَاسَالِکًا طُرَقُ اۡلَمدِينَة طَيۡبّة-بَلِّغۡ تحَيَاتِي اِلى سَاکِن الۡحَرم (اي مديني پاڪ ويندڙ مسافر، محبوب مَدني ﷺ جن کي منهنجا سنيها ۽ سلام پهچائجان) ۾ مديني پاڪ ويندڙ زيارتي سڳوري کي مخاطب ٿيندي عرض ڪري ٿو ته اي مديني پاڪ جي راهن جا مسافر پاڻ ڪريمن ﷺ تائين هن مسڪين عاشق جا سلام ۽ سنيها ضرور عرض رکجان. اي حاجي سڳورا تون نهايت خوش نصيب آهين جو توکي اهڙي مبارڪ سفر جي سعادت نصيب ٿي آهي جو جڏهن تون مديني پاڪ ۾ پنهنجا قدم رکندين ته فرشتا اَهۡلًا وّ سَهۡلاً وَ مَرحَبَا چئي تنهنجي ڀليڪار ڪندا. تون اهڙي امن ۽ سلامتي واري هنڌ تي پهچي ويو آهين جيڪو پوري عالم لاءِ دارالامان يعني امن جي جاءِ آهي. اي خوش نصيب حاجي جڏهن تنهنجون اکڙيون روضيۡ رسول ﷺ کي ڏسن ته تون نهايت ادب ۽ احترام سان بيهي عاجزي ۽ انڪساري وارا سلام ۽ درود پيش ڪجانءِ، روضي پاڪ ۽ منبر جي درميان بيهي سلامن ۽ صلواتن جا تحفا عرض ڪجان ته اي هدايت جي راهه ڏيکاريندڙ، اي عالمين جي جاءِ پناهه، اي حڪمت ڏاهپ، فصاحت بلاغت، عدل ۽انصاف جا سرچشما، اي انسان ذات لاءِ باعث فخر، اي آب زم زم جي رونق، اي شفاعت جي جهنڊي جا علمبردار اوهان تي بي شمار صلواتون ۽ سلام. ان بعد شاعر صبح جي ٿڌڙي هير باد - صبا يا نسيم السحر کي مخاطب ٿيندي عرض گذار آهي ته اي خوش بخت، خوش نصيب هوا جڏهن توکي روضي پاڪ جي زيارت نصيب ٿئي ته منهنجا سلام ۽ سنيها تاجدار مدينه ﷺ تائين ضرور پهچائجان ۽ کيس عرض ڪجان ته اوهان جو گنهگار ٻانهڙو (هاشم) گناهن جي اونداهي سمنڊ ۾ غرق ٿي چڪو آهي. اوهان جي مدد لاءِ ٻاڏائي ۽ دانهون ڪري رهيو آهي. هن جا گناهه وڏن جبلن جي بلند بالا چوٽين کان به بلند ٿي ويا آهن. ان جو ساهه اوهان جي سڪ سان سلهاڙيل ۽ دل اوهان جي محبت ۾ موجزن آهي. هن جون اکيون رت جا ڳوڙها هاري رهيون آهن. هن جو جگر اوهان جي عشق ۾ ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويو آهي. هن جا گناهه ايترا ته گهڻا ٿي ويا آهن جو اهي اوهان جي ديدار واري راهه ۾ رڪاوٽ بڻيل آهن. هو انهن گناهن جو بار کڻڻ کان عاجز آهي ان ڪري هميشه شرمساري ۽ اشڪباري ۾ مبتلا آهي. کيس اوهان جي ڪرم ۽ رحم واري عفو ۽ بخشش ۾ وڏي اميد آهي، پر سندس نفس جي پليتي سندس پشيماني ۽ شرمساري جي راهه ۾ رڪاوٽ بڻيل آهي. مخدوم صاحب هت پنهنجي ڪسرنفسي، عجز ۽ انڪساري جو اظهار ڪندي چوي ٿو ته... کيس اها به خبر آهي ته ماڻهو پنهنجن مسجدن (پاڪ جاين) تي ڪتن کي اچڻ نه ڏيندا آهن ته پوءِ گناهن جي پليتي ۾ گرفتار مون نجس ۽ ناپاڪ کي اوهان جي حرم پاڪ ۾ اچڻ جي اجازت ڪيئن ملي سگهندي. مگر اي الله جا رسول ﷺ اوهان جي ذات پاڪ ۾ رحمت ۽ بخشش جا خزانا موجود آهن. مون ڏانهن رحمت ۽ بخشش جي نظر فرمايو. مونکي منهنجي الله کان منهنجي گناهن ۽ ڏوهن کان معافي ۽ خلاصي وٺي ڏياريو. اوهان ئي منهنجو وسيلو ۽ واهرو آهيو، اوهان رحمت ۽ بخشش جا اهڙا ڪڪر آهيو جيڪو هميشه پوري عالم تي وڏ ڦڙي مينهن وانگر وسندو رهي ٿو. اي سهڻي مبارڪ مکڙي وارا پنهنجي پيشاني پاڪ تان ذرا نقاب هٽايو ۽ پنهنجي بي تاب عاشق هاشم کي زيارت جو شرف بخشو ته اچي اوهان جي روضي پاڪ جي مٽي مبارڪ کي چمي ۽ منهن تي ملي. اوهان ئي منهنجي جان جي جان ۽ زندگي جي زندگي آهيو. اوهان ئي اکين جا ٺار ۽ هر بيمار جي بيماري جي دوا آهيو. اوهان تي ان خدا وند ڪريم جون هزارين هزار صلواتون ۽ سلام هميشه هميشه هجن جنهن جي ذات حيّ قيوم ۽ دائم قائم آهي.