آبِ ڪوثر

ڪتاب جو نالو آبِ ڪوثر
ليکڪ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي
سنڌيڪار / ترتيب غلام حسين ”مشتاق“ سچاروي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

16 October 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     192103   ڀيرا پڙهيو ويو

قصيده 1


 

(1)

 

يا رسول الله رس آهي ندامت جي گهڙي،

يا رسول الله رس منهنجي قيامت ٿي کڙي.

 

يا رسول الله رس هي شرمساري دي گهڙي،

يا رسول الله رس ميڏي قيامت ٿي کڙي.

 

لفظي معنيٰ:- اَغِث:- فعل امر غاث غوۡثُ اَغَاثَ اَلۡاَغَاثَةُ مصدر کان مدد ڪريو مدد ڪرڻ فرمايو، نِيۡ:- منهنجي، حَانَت:- وقت قريب ٿيو، گهڙي ويجهي اچي وئي فعل ماضي واحد مؤنث غائب، نِدَامَتِي:- منهنجي ندامت، پشيماني، شرمساري، قَامَتۡ:- قائم ٿي، کڙي ٿي فعل ماضي واحد مؤنث غائب.

ترجمو:- يا رسول الله ﷺ منهنجي مدد ڪرڻ فرمايو، منهنجي پشيماني جو وقت ڀرجي آيو آهي. اي خدا جا حبيب ﷺ منهنجي مدد ڪرڻ فرمايو جو منهنجي قيامت قائم ٿي چڪي آهي.

(2)

اي شَفيعَ اۡلمذ نَبيۡن سڀ جا، مدد منهنجي ڪيو،

ڪثرَتِ شامت جي آهيان بحر ۾ برباد ٿيو.

 

ڪر مدد ميڏي شفيع المۡذ نبين ڪُل خلق دا،

غرق شامت دي گهڻائي دي سمنڊ اندر ٿيا.

لفظي معنيٰ:-  شَفِيۡعُ: شفاعت ڪندڙ سفارش ڪندڙ، اَلۡمُذنَبِيۡن: گناهه ڪندڙ، گنهگار جمع آهي المذُنِب جو، اسم فاعل، جَمِيۡعُ: سمورا، سڀ، هُمۡ: اَهُي جمع آهي هُو واحد جو، تَفَرَّقتُ: مان هلاڪ ٿيس، برباد ٿيس، غرق ٿي ويس، فِيۡ:- ۾، اندر، دَامَاءُ:- بحر، سمنڊ کَثۡرَةُ:- گهڻائي، ڪثرت، شَامَتِي: منهنجي شامت، مصيبت.

ترجمو:- اي سڀني گنهگارن جي شفاعت ڪندڙ (نبي ﷺ) منهنجي مدد ڪرڻ فرمايو جو مان پنهنجي گهڻين شامتن واري سمنڊ ۾ (ٻڏي) برباد ٿي ويو آهيان.

(3)

 

ڪر مدد دانهين سندي،عاصي ذليل آهي ضعيف،

پنهنجي بدحالي جي ڪثرت جي ڪري ڏاڍو نحيف.

 

ڪر مدد دانهين دي هي جيڪو ذليل عاصي ضعيف،

آپڻي بدحالي دي ڪثرت ڪِتا ڏاڍا نحيف.

 

لفظي معنيٰ:- مُسۡتَغِيۡثاً:- پڪاريندڙ، دانهين، فريادي اسم فاعل اِسۡتَغَاثَ کان. مُذنِباً: گنهگار ڏوهي، خاطي. مُتَذِلِلاَ: ذليل، خوار اسم فاعل تَذَللُ کان، جنهن جي معنيٰ ذلت آهي. ضَعِيۡفاً: ضعيف ڏٻرو ڪمزور، نِحيۡفُ: هيڻو، ڏٻرو بي حال، مِنَ: کان، وُفُورِ: گهڻو، وافر هئڻ وَخامَةُ: بي حالي، بدحالي.

ترجمو: (اي نبي محترم ﷺ) مون پڪاريندڙ (دانهين، فريادي) گنهگار ذليل ضعيف ڏٻري ۽ پنهنجي بدحاليءَ جي ڪثرت ۾ نهوڙيل جي مدد ڪرڻ فرمايو.

(4)

 

هيڏي ساري عمر ضايع لذتن ۾ مون ڪئي،

عيش عشرت جي تباهي جي ڌٻَڻ اندر رهي.

 

ايڏي ساري عمر ضايع لذتان وچ ٿي ڳئي،

عيش عشرت دي ڌُٻڻ ميڏي تباهي هي ڪِتي.

 

لفظي معنيٰ:- طَالَ ڊگهو ٿيو طول ڊگهو ٿيڻ کان فعل ماضي واحد مذڪر غائب، قَدۡ: تحقيق، بيشڪ، ضَيّعۡتُ: مون ضايع ڪئي، وڃائي ڇڏي، فعل ماضي واحد متڪلم، طَربُ: لذت، خوشي، فَرۡط: بي حد گهڻي، اِحۡتسَاءُ: ڌٻڻ، دلدل، هَدَامَتُ: هلاڪت، تباهي، بربادي.

ترجمو:- هيڏي ساري ڊگهي (وڏي) عمر مون لذتن عيش عشرت ۽ تباهي جي ڌٻڻ ۾ وڃائي، ضايع ڪري ڇڏي.

(5)

ويو اڏائي عنقا راهي رات وارو زندگي،

هاءِ ان جي حال تي جنهن ڳالهه ترسڻ وقت ڪئي.

 

رات والا عنقا سيلاني اُڏا ڳيا زندگي،

هاءِ اُنهن تي جِنهن خبر اهڙي رهڻ ويلي ڪِتي.

 

لفظي معنيٰ: حَيَاتِي: منهنجي حياتي، منهنجي زندگي، طَاَرت بِهاَ: ان کي اڏائي ويو، طَاَرَت: اڏائي ويو فعل ماضي واحد مُونث غائب مَقرَبۡ: رات جو سير ڪندڙ، گهمندڙ رات جو راهي. يا اَسۡفيٰ: هاءِ افسوس، مَنۡ: ان ماڻهو، عَلَيٰ: تي، قَالَ: چيائين فعل ماضي مذڪر واحد غائب، حَالَ اِلاقامة: رهڻ جي وقت، ترسڻ واري حال ۾.

 

ترجمو:- پوءِ افسوس ان ماڻهو (جي حال) تي جنهن رهڻ واري وقت چيو ته منهنجي زندگي کي رات جو سير ڪندڙ عنقا پکي اڏائي ويو.

(6)

منهنجي دل تي آ اُڻيل ويسر جي ڪوريئڙن جو ڄار،

ان ڪري ئي نفس جي آهي تسلي آشڪار.

 

قلب ميڏي تي اُڻيل ويسر دي ڪوريئڙين دا ڄار،

تنهن ڪري ئي نفس دي دوکي دلاسي آ شڪار.

 

لفظي معنيٰ:- عَنَاڪِبُ: ڪوريئڙا جمع آهي عنڪب عنڪبوت جو. نِسۡيَان:- ويسر، نَسَجۡنَ: اُڻيائون فعل ماضي جمع مؤنث غائب، لِذالک: اهو ئي سبب آهي ان ڪري ئي، تَاسُ:- تَاسِيَة: دلاسا ڏيڻ تسلي ڏيڻ کَانَ:- آهي، عَلَامتي: منهنجي نشاني، منهنجي علامت.

ترجمو:- ويسر جي ڪوريئڙن منهنجي دل تي (غفلت جا) ڄار ٻڌي (اُڻي) ڇڏيا آهن. ان ڪري ئي نفس جا (ڪوڙا) دلاسا ۽ تسليون منهنجي علامت بڻجي ويا آهن.

(7)

 

اڻ سڌي رستي تي گمراهي سبب آهيان هليو،

پنهنجي ئي بدخواه دشمن جي پٺيان آهيان لڳو.

 

اڻ سڌي رستي تي گمراهي سبب هلدا رهيس،

آپڻي بدخواهه دشمن دي اطاعت وچ ٿيس.

 

لفظي معنيٰ:- مَرَرتُ: مان گذريس. مان هليس فعل ماضي واحد متڪلم، مَعۡوَج: اڻ سڌو، ٽيڙو، ڏنگو، ڦِڏو، الطريۡقُ: رستو، واٽ. غواية: گمراهي، اَطَعۡتُ: مون اطاعت ڪئي، تابعداري ڪئي، چوڻ مڃيو، فعل ماضي واحد متڪلم، عَدُوّاً: دشمن، لَايُريۡدُ:- ارادو نٿو ڪري، نٿو گهري، فعل مضارع واحد مذڪر غائب، اِسۡتَقَاَمَتِي: منهنجي استقامت، منهنجو سڌو هلڻ؛ منهنجو سنئين رستي تي هلڻ.

 

ترجمو: گمراهي سبب مان غلط (ڏنگي ڦڏي) رستي تي هليو آهيان. اهڙي دشمن جي پيروي ڪئي اٿم جيڪو مونکي سڌي راهه تي هلڻ نٿو گهري.

(8)

 

مون هلاڪت جي بيابانن کي ٺاهيو آ وطن،

تو سوا ناهي ڪٿي فياض منهنجي لئه امن.

 

مين هلاڪت دي بيابانان ڪون ٺاهيا هي وطن،

تين سوا فياّض ڪنهن هنڌ تي نهين ميڏا امن.

 

لفظي معنيٰ:- تَوَطنتُ: مون وطن ٺاهيو فعل ماضي واحد متڪلم، مُومَاتِ: بيابان، المهالِک: هلاڪ ڪندڙ، تباهه ڪندڙ، سِويٰ جَنَابِک: جناب اوهان کان سواءِ، لَيۡسَتۡ: ناهي فعل ماضي واحد غائب، عَصَامَة: پناهه، امن جي جڳهه.

 

ترجمو: هلاڪت ۽ تباهي وارن بيابانن کي مون پنهنجو وطن ٺاهيو، هاڻي اي فيض جا دريا (فياّض) توکانسواءِ مون لاءِ ڪابه پناهه ۽ امن جي جڳهه ناهي.

(9)

 

سڻ سگهو فرياد فريادي جو اي فرياد رس،

ڪثرت- عصيان چِٻي ڪئي چيلهه منهنجي آه بس.

 

ڪر مدد فرياد رس فريادي پيا سڏڙي ڪري،

ٿي چٻي پئي چيلهه ڏوهان دي گهڻائي دي ڪري.

 

لفظي معنيٰ: غَياَث: فريارس، مددگار، المستغيث: پڪاريندڙ، فرياد ڪندڙ، فريادي، اوزاري: منهنجا گناهه واحد وِزَرُ آهي، تکسِرُ: ٽٽي پئي، ڀڄي پئي، فعل مضارع واحد غائب، قامتي: منهنجو بيهڻ، قد بت چيلهه.

ترجمو: اي پڪاريندڙ (مدد گهرندڙ) جا مدد ڪندڙ، منهنجي مدد ڪرڻ فرمايو، جو مُنهنجن گهڻن گناهن (جي ڳوري بار) جي سبب منهنجي چيلهه چٻي ٿي پئي آهي (چيلهه ڀڄي پئي آهي).

(10)

دستگيري منهنجي ڪريو خلق جا شافع مدام،

ٿو ڏسان پنهنجو تباهي جي ڪناري تي مقام.

 

دستگيري، خلق دي شافع، ڪرو ميڏي مدام،

آپڻا ڏهدا تباهي دي ڪناري تي مقام.

 

لفظي معنيٰ: خُذ: وٺ، پڪڙ، جهل، فعل امر واحد مذڪر، بِيَدِي: منهنجي هٿ کي يعني منهنجو هٿ پڪڙ، منهنجي مدد ڪر، شِفا: ڪنارو، ڪنڌي، ڪپر، جُرف: اهڙو ڪنارو جنهن کي هيٺيان درياءَ پائي وڃي ۽ ڪرڻ وارو هجي، هار: ڪرندڙ، ڊهندڙ، رَئَيۡتُ: مون ڏٺو، فعل ماضي واحد متڪلم، مَقَامَتِي: پنهنجو مقام.

 

ترجمو: اي خلق جي شفاعت ڪندڙ منهنجو هٿ جهليو (منهنجي دستگيري ڪريو) جو مان ڊهندڙ کڏ (جهنم) جي ڪرندڙ ڪناري تي (بيٺل) آهيان.

(11)

 

 

منهنجي رب تو کي سڏيو آهي محمد مصطفيٰ،

۽ ڪيو بخشش سميت اعلي مقام آهي عطا.

 

تون سڳوري ذات جنهن دا نان محمد رب رکيا،

تيڪون بخشش نال اعليٰ مرتبا موليٰ ڏتا.

 

لفظي معنيٰ: اَنتَ: تون، اَلَّذِي: اهو، سو، سَمَّاکَ: تو کي سڏيو، تُنهنجو نانءُ رکيو، فعل ماضي واحد مذڪر غائب، اَعۡطَاکَ: تو کي عطا ڪيو، تو کي ڏنو. فعل ماضي واحد مذڪر غائب، غُفرَاناً: بخشش، دَارُالمُقامة: مقام محمود، جنت جو بهترين مقام.

 

ترجمو: ڇو ته تون اها هستي آهين، جنهن کي منهنجي رب محمّد (ساراهيل) صلي الله عليه وسلم جي (مٺي) نالي سان سڏيو آهي ۽ تو کي بخشش (شفاعت جو اذن) ۽ مقام محمود (جو اعلي مقام) عطا ڪيو آهي.

(12)

 

وَالضحي وَالشمس الکوثر عطا ٿيا باليقين،

عظمتن جو نور، نصرت ايزدي، فتح مبين.

 

وَالضحيٰ وَالشمس الکوثر عطا ٿيا باليقين،

عظمتان دا نور، نصرت ايزدي، فتح مبين.

 

لفظي معني: اُعۡطِيۡتَ: تو کي عطا  ڪيو ويو، فعل ماضي مجھول، واحد مذڪر مخاطب، کوثر: خير ڪثير (انا اعطيناک اَلۡڪَوثَر)،  وَالشَّمۡسُ: سورت والشمس، والضحيٰ: سورة والضحيٰ، الفتح: سورة اِنا فَتَحۡنَا، نَصۡرَ: مدد نصرت (سورة اذا جاءِ نصرالله)، نُورُ ڪَرَامَة: عظمت ۽ بزرگي جو نور (قدجاءَ کم من الله نور).

 

ترجمو: اوهان کي الله تعاليٰ اهي مقام ۽ مرتبا عطا ڪيا آهن، جن جي شاهدي قرآن سورت الکوثر، سورت الشمس، سورت والضحي، سورت الفتح ۽ سورت اذا جاءَ نصرالله ۾ ڏني آهي ۽ اوهان کي (قد جاءَ کم مِن الله نور) چئي وڏي عظمت وارو نور عطا ڪيو آهي.

(13)

 

تو کي قربت ۽ بلندي جو اتم درجو ميلو،

هر مقام کان مرتبو اعلي اوهان حاصل ڪيو.

 

تيڪون قربت تي بلندي دا اتم درجا مليا،

هر مقام تون مرتبا اعلي تُسان حاصل ڪتا.

 

لفظي معنيٰ: اُوۡلِيۡتَ: تو کي ڏنو ويو، تون والي مقرر ڪيو وئين، فعل ماضي مجهول واحد مذڪر مخاطب، قرباً: قرب، ويجهڙائي، رفعَت: اعلي مقام بلند درجا وڏو شان مان، نِلتَ: تو حاصل ڪيو، تو کي عطا ٿيو، فعل ماضي معلوم واحد مذڪر مخاطب، مَنالاً: ڏات، عطا، مٿانهون مقام، فوق: مٿي، وڏو، کُل مَکَانَة: هر مقام کان، سڀني مقامن کان.

 

ترجمو: تون اها هستي آهين، جنهن کي قرب، اعلي مقام ۽ درجات جي بلندي عطا ڪئي وئي آهي ۽ اوهان کي هر مقام کان مٿانهون مقام ۽ مرتبو ڏنو ويو آهي.

(14)

 

صاف حجت ۽ دليلن سان ائين آئين حبيب،

ٻاٽ اوندهه ۾ به انڌن کي ڏسڻ ٿي ويو نصيب.

 

صاف حجت تي دليلان نال آيا هي حبيب،

ٻاٽ اوندهه وچ ڀي انڌي ڪون ٿيا ڏيکڻ نصيب.

 

لفظي معنيٰ: اَتَيۡتَ: تون آئين فعل ماضي معلوم واحد مذڪر مخاطب، بُرۡهَان: دليل، حُجَّةٍ سَاطِعَةٍ: چٽي حجت، صاف روشني يا حجت، تَبۡصرُ: نظر اچي ٿي، ڏسجي ٿي، فعل مضارع واحد مؤنث غائب، عُمۡيًا: انڌو نابينا، سحَامِ: ٻاٽ اونداهي، ظِلاَمَةِ: اونداهي.

 

ترجمو: تون اهڙا ته چٽا دليل ۽ روشن حُجت پاڻ سان کڻي آئين، جن ٻاٽ اوندهه انڌوڪار ۾ انڌي کي ڏسڻ جي قوت ۽ بينائي بخشي ڇڏي.

(15)

 

هر طرف کان ٿي ويا تنهنجي ڪري روشن جهان،

ڪر منور منهنجا، اي نورِ خدا، ڪارا نشان.

 

هر طرف تيڏي ڪري روشن ٿئي ساري جهان،

اي خدا دي نور روشن ميڏي ڪر ڪالي نشان.

 

لفظي معني: اَضَاءَ بِک: تو سان روشن ٿيو، اَضاءَ: فعل ماضي واحد مذڪر غائب، اکوانُ: جهان، واحد آهي کونَ، مِن: کان، کُلِّ جانِبٍ: هر طرف، نوّرۡ: تون روشن ڪر، فعل امر واحد مذڪر، سَحامة: ڪاراڻ اونداهي ڪارا دبا داغ.

 

ترجمو: اوهان جي (نورجي) ڪري هر طرف جهان روشن ٿي ويا. اي الله جا نور منهنجي (ڪٽ چڙهيل) ڪاراڻ کي به روشن ڪرڻ فرمايو.

(16)

 

جنهن جي سهڻي چهري مان رونق جهانن کي ملي،

نور واري پيشوائي جنهن منجهان پکڙي وئي.

 

حسن جنهن دي چهري دي، رونق جهانان ڪون ڏتي،

پيشوائي دي تجلي جنهن ڪڻون جرڪڻ لڳي.

 

لفظي معني: تَزَينَتۡ: زينت ورتي، رونق حاصل ڪئي، فعل ماضي واحد مونث غائب، اَقطَارۡ: اطراف، هر طرف، جهان، ملڪ، واحد آهي قطر، وجهہ: هن جو چهرو، منهن مبارڪ، تشعشعت: روشني پکڙي، روشن ٿيا، چمڪي پيا، فعل ماضي واحد مؤنث غائب، امَامَة: بزرگي، پيشوائي، اڳواڻي.

 

ترجمو: تون اها ذات مبارڪ آهين، جنهن جي سهڻي منهن مبارڪ منجهان دنيا جهان کي هر طرف رونق ملي وئي. جنهن مان پيشوائي (امامت اڳواڻي بزرگي) جا چمڪاٽ ۽ انوار جرڪڻ لڳا.

(17)

آيا اڌما عشق والفت ۾ محمد کي ڏسي،

سونهن جي سڀ خوبين سان آهي سينگاريل نبي.

 

عشق والفت کاڌي اڌمي مصطفيٰ محبوب پر،

سونهن واليان خوبيان ساريان سمايل جنهن اندر.

 

لفظي معني: تَهَيَّجَتۡ: ڀڙڪي پيا، اڌما کاڌا، جوش وهيجان ۾ آيا. فعل ماضي واحد مؤنث غائب، اشواق: واحد آهي شوق، سخت خواهش، عشق و محبت، نَحۡوَ: طرف ڏانهن، هوَالذِي: هي اها ذات گرامي آهي، حَازَ: حاصل ڪيو، گڏ ڪيو، جمع ڪيو. فعل ماضي واحد مذڪر غائب، اَقسَامَ: واحد آهي قِسم، نمونا، اقسام، القسامة: سونهن سوڀيا حسن خوبصورتي.

 

ترجمو: محمد مصطفي صلي الله عليه وسلم جن ڏانهن شوق (عشق و محبت) جا جذبا ڀڙڪي پيا (اڌما کائڻ لڳا) هي اها ذات گرامي آهي، جيڪا سونهن سوڀيا جي سمورين خوبين (نمونن) سان سينگاريل آهي.

(18)

دو جهان ۾ برگزيده مصطفيٰ خَيرُ الرّسل،

عمر تُنهنجي جو قسم اڳواڻ ناهي تو مثل.

 

برگزيده ڏون جهانان وچ نبي خير الرسل،

هي قسم تيڏا نه سمجهان پيشوا تيڏي مثل.

 

لفظي معنيٰ: الکونين: ٻئي جهان، خير مرسل: رسولن ۾ ڀلارا، لعمرک: تنهنجي عمر جو قسم، تنهنجي ذات پاڪ جو قسم، لاادري: نٿو سمجهان، نٿو ڄاڻان، فعل مضارع واحد متڪلم، سواک: تو کان سواءِ، زعامَتِي: پنهنجو سردار پنهنجو اڳواڻ، پنهنجو پيشوا.

 

ترجمو: اي ٻنهي جهانن جا برگزيده، رسولن جا ڀلارا اوهان جي عمر مبارڪ جو قسم آهي ته اوهان کانسواءِ مان پنهنجو ڪو به (ٻيو) پيشوا يا اڳواڻ نٿو ڄاڻان.

(19)

 

تنهنجي خاطر خلقيا ست جنتون ست آسمان،

ورنه ٻڌجي ها نه هت ڳيري سندي آه وفغان.

 

پيدا تيڏي لئي ٿئي ست جنتان ست آسمان،

ورنه ڳيري دي سڻي ها ڪو نه اٿ آه وفغان.

 

لفظي معنيٰ: فلولاک: جيڪڏهن اوهان نه هجو ها، مَاخلقـت: نه پيدا ڪيا وڃن ها، فعل ماضي مجهول واحد مؤنث غائب، سَبع: ست، الطباق: طبقا، زمين آسمان جا ست طبقا، الجنَانُ: جنت جو جمع جنتون، بهشت، لانَاحَت: نه تنواري ها، نه ٻولي ها، نوحا نه ڪري ها، فعل ماضي منفي واحد مؤنث غائب، حَمَامَة: ڪبوتر.

 

ترجمو: اي پيارا نبي صلي الله عليه وسلم جيڪڏهن اوهان نه هجو ها ته نه ست آسمان پيدا ٿين ها، نه وري ست جنتون ئي هجن ها ۽ نه وري ڪبوتر جي ڪوڪ هجي ها.

(20)

 

ٻهڪندڙ خوشبو وارا خير جون واڌائيون،

واس خوشبوءِ جي وٺندڙ کي سدا سرهائيون.

 

خير هو تيڏي سدا، پاڪيزه خوشبو دي ڌڻي،

تيڏي جنهن خوشبوءِ گهري، خوشبو ملي تنهن ڪون گهڻي.

 

لفظي معني: بَخ: واهه واهه. خوش ٿي تعريف ڪرڻ وقت استعمال ٿيندو آهي، الخير: خير، ڀلايون، طِيۡب: خوشبوءِ سرهاڻ، طَيِّبَة: پاڪيزه بابرڪت،  تَطَيَبَ: مهڪي ويو، خوشبوءِ ۾ ڀرجي ويو، فعل ماضي واحد مذڪر غائب، مَن: جيڪو به ماڻهو، جنهن ماڻهو به، تَهوَى: ارادو ڪري ٿو، سڌ ڪري ٿو، شَمَامة: خوشبوءِ، سرهاڻ.

 

ترجمو: واهه واهه! سبحان الله! اوهان جي ٻهڪندڙ پاڪيزه خوشبودار ذات مبارڪ جو خير هجي. جيڪو ماڻهو به واس (خوشبوءِ) وٺڻ جي ارادي سان اوهان وٽ آيو، سو اوهان جي سرهاڻ سان مهڪجي ويو.

 

(21)

 

قربتن جو تاج تو تي صاحبِ فخر و شرف،

بادلن جي سائي، ڌُپ کان ڪئي حفاظت هر طرف.

 

تاج قربت دا ڍڪيا تين، صاحب فخر و شرف،

ڌُپ ڪڻون بادل دا سايا، ٿيا نگهبان هر طرف.

 

لفظي معنيٰ: تَوجتَ: تو تاج پاتو، فعل ماضي معلوم واحد مذڪر مخاطب، فخرِي: اي منهنجا فخر، تيجَان: تاج، ڇٽ، قربة: قرب ڀريا، قربت ۽ پيار وارا، تَقِيک: تنهنجي حفاظت ڪري ٿو. فعل مضارع، واحد مؤنث غائب، هَاجَرة: منجهند، ڌرتتي، سخت گرمي، ظلة: سايو، پاڇو، غمَامة: بادل، ڪڪر.

 

ترجمو: اي منهنجا صاحب! فخر عربي ڄام صلي الله عليه وسلم اوهان (الله تعاليٰ جا) قربن ڀريا تاج پاتا. ٽاڪ منجهند جي وقت (سخت گرميءَ ۾) ڪڪر جي پاڇي ۾ اوهان جي حفاظت ٿئي ٿي.

(22)

روشني پرنور چهري کان ستارن کي ملي،

مرڪ ۾ ظاهر تجلي ٿي ٿئي موتين سندي.

 

تيڏي روشن چهري تون پاون ستاري روشني،

تيڏي مرڪڻ وقت گويا هي چمڪ موتي سندي.

 

لفظي معنيٰ: جَبِينک: اوهان جي پيشاني مبارڪ، مِصبَاحُ: روشني، ڏيو، کَواکِبُ: کوکب جو جمع آهي، ستارا تارا، زِينَة: سينگار، سونهن سوڀيا، لَالَ: موتي، تَلَاءۡ لَاءُ: چمڪي ٿو، فعل مضارع واحد مؤنث غائب، عِند: وقت بَسَامة: مرڪ تبسُمَ.

ترجمو: اوهان جي پيشاني مبارڪ زينت ڀرئي (رونق وارن) ستارن جي روشني آهي. اوهان جي مرڪڻ وقت موتي کڙن ٿا (چمڪن ٿا).

(23)

 

دل چري محبوب تنهنجي ئي محبت ۾ رهي،

ڪاش منهنجي قبر ڀي پاڙي تهامي جي ٿئي.

 

دل چري محبوب تيڏي عشق والفت وچ رهي،

ڪاش ميڏي قبر ڀي پاڙي تهامي دي ٺهي.

 

لفظي معنيٰ: قَد شَغفتِ: بيشڪ فريفته ڪيو، يقينن چريو ڪيو. فعل ماضي واحد مؤنث غائب، قَلَبي: منهنجي دل کي، يَاليتَ: هاءِ جيڪر، جَوارُ: پاڙي، تِهَام: مڪه معظمه يا حجاز جا ڏاکڻا حصا. تهامي مان مراد نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي ذات مبارڪ آهي.

ترجمو:- اي پيارا محبوب اوهان جي محبت منهنجي من کي موهي وڌو آهي. هاءِ جيڪر منهنجي قبر تهامي (نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن) جي پاڙي ۾ ٿئي.

(24)

 

اي جدائي مصطفيٰ جي، ڏي ڇڏي منهنجي پچر،

دائمي ڳوڙهن سبب، چشمن مثل ٿيون چشم تر.

 

اي جدائي مصطفيٰ دي ڇوڙ ڏي ميڏي پچر،

چشمي وانگر ڳوڙهي ڳاڙن پيان هميشه چشم تر.

 

لفظي معنيٰ: فِراقُ: جدائي، وڇوڙو، فَارِقنِي: مونکي ڇڏي ڏي، منهنجي پچر ڇڏ، اَلۡعُيُوۡنُ: اکڙيون، عُيُوۡنُ: چشما، مَدَامِع: ڳوڙها، دَامة: هميشه وارا. مدامي، لڳاتار.

 

ترجمو: اي رسول الله صلي الله عليه وسلم جن جي جدائي (وڇوڙا) مون کان جدا ٿي وڃ. منهنجون اکڙيون (جدائي سبب) لڳاتار ڳوڙها ڳاڙي چشما بڻجي ويون آهن.

(25)

آسرو تو ۾ بشارت جو رکي آيس حبيب،

ٿي سلامتي سوڀ جي خوشخبري آ تو کي نصيب.

 

تيڏي ڪولون رک اميد آيا بشارت دي حبيب،

ٿي سلامتي سوڀ والي تيڪون خوشخبري نصيب.

 

لفظي معنيٰ: اتَيتک: مان تو وٽ آيو آهيان، فعل ماضي معلوم واحد متڪلم، ارجو: مان اميد رکان ٿو. فعل مضارع واحد متڪلم، بشارة: بشارت خوشخبري، البشرى: بشارت، خوشخبري، فوز: ڪاميابي، سوڀ، سلامة: سلامتي.

 

ترجمو: اي بشارت (خوشخبري) ڏيڻ وارا دوست، اي اها ذات مبارڪ جنهن کي سوڀ ۽ سلامتي جي بشارت مليل آهي، آءٌ اوهان وٽ بشارت جي اميد کڻي آيو آهيان (ته مونکي خوشخبري ڏيڻ فرمايو).

(26)

 

عام عالم لئي سخي سردار ٿي تنهنجي سخا،

تو وٽان بيمار، بيماري کان پائن ٿا شفا.

 

عام عالم واسطي سردار ٿي تيڏي سخا،

تيڏي در بيمار بيماري ڪڻون پاون شفا.

 

لفظي معنيٰ: جُودُک: تنهنجي سخا، قمقامُ: فياض سردار، اڳواڻ، گهرو سمنڊ، عَمَ: عام ٿي، فعل، ماضي معلوم واحد مذڪر غائب، بَرِية: خلق، مخلوق، تشفِي: شفا حاصل ڪري ٿي، فعل مضارع واحد مؤنث غائب، ضرِيرُ: ڪمزور مريض، سَقامَة: بيماري.

 

ترجمو: اي سخاوت جا گهرا سمنڊ يا اي فياض سردار تنهنجي سخا سڄي خلق لئي عام آهي. اوهان جي ذات مبارڪ ئي آهي جو مون جهڙي بيماري جي ڪمزور، مريض کي شفا ڏيندين.

 

(27)

ظلم مون ڏاڍا ڪيا، ظالم ۽ جاهل آهيان،

بي خبر پنهنجي امانت کان ۽ غافل آهيان.

 

ظلم مين ڏاڍي ڪتي، ظالم تي مين جاهل وڏا،

مين امانت آپڻي تون، بي خبر غافل وڏا.

 

لفظي معنيٰ: ظَلَمتُ: مون ظلم ڪيو، فعل ماضي معلوم واحد متڪلم، کنتُ: مان آهيان، فعل ماضي واحد متڪلم، ظلومًا: ظالم جهولًا: جاهل، ذهُولًا: غافل، لَادَرَيتُ: مون نه ڄاتو، مون نه سمجهيو، فعل ماضي، واحد متڪلم، امانِتِي: مون پنهنجي اَمانت (اها امانت جيڪا انسان الله کان قبول ڪئي آهي.)

 

ترجمو: مون ڏاڍا ظلم ڪيا آهن ۽ آءٌ ظالم جاهل ۽ غافل آهيان، مون کي پنهنجي (خدا کان مليل) امانت جي ڄاڻ ئي ڪانهي.

(28)

ڪر شفاعت اي نبي الهاشمي هاشم سندي،

جو تباهي جي سمنڊن ۾ ويو آهي ٻڏي.

 

ڪر شفاعت اي نبي الهاشمي هاشم سندي،

جو تباهي دي سمونڊان وچ ڳياهي غرق ٿي.

 

لفظي معنيٰ: نبي الهاشمي: مراد نبي صلي الله عليه وسلم جن جي ذات مبارڪ آهي. هاشم: مراد مخدوم محمد هاشم ٺٽوي آهي، غَرِيق: غرق ٿيل، ٻڏل، بِحَارُ جمع آهي بحر جو، سمنڊ، غَرَامَةُ: تباهي نقصان.

 

ترجمو: اي هاشمي نبي صلي الله عليه وسلم هلاڪت ۽ تباهي وارن سمنڊن ۾ ٻڏل هن هاشم (مصنف قصيده) جي شفاعت ڪرڻ فرمايو.

(29)

تنهنجي حڪمن ۾ ڪيم افسوس ڪوتاهي گهڻي،

مان گناهن سان گڏوگڏ بيٺو آهيان ورکڻي.

 

تيڏي حڪمان وچ وڏي افسوس ڪوتاهي ڪتم،

ول مٿي ڪر، مين گناهان نال گڏ گويا ٿيم.

 

لفظي معني: فَوا حَسَرتَا: پوءِ هاءِ افسوس، هاءِ حسرت: فَرطت: مون ڪوتاهي ڪئي. گهٽتائي ڪئي، فعل ماضي واحد متڪلم. اَمَرتنِي: تو مون کي حڪم ڏنو. فعل ماضي واحد مذڪر، حاضر، شمَرت: مون سميٽيو، فعل ماضي واحد متڪلم، ذيلا: ڊگهو ڪپڙو، شمرت ذيلاً: ور مٿي کنيم، ڪپڙو مٿي سميٽيم، يعني وڌ ۾ وڌ پاڻ پتوڙيم، ڪوشش ڪيم. اِقتران: گڏ هجڻ متصل ٿيڻ، وَثامة: گناهه، ڪمي گهٽتائي.

 

ترجمو: هاءِ افسوس جو جنهن (ڪم ڪرڻ) جو اوهان حڪم ڏنو، ان جي بجا آوري ۾ مون ڪوتاهي ڪئي ۽ گناهه ڪرڻ ۾ (نفس سان) گڏ ورکڻي بيٺس.

(30)

اي هدايت جا ستارا تو تي رب جون رحمتون،

معرفت جا چنڊ ۽ ساڃاهه جا سج برڪتون.

 

اي هدايت دي ستاري تين تي رب ديان رحمتان.

معرفت دي چنڊ دانائي دي سج تي برڪتان.

 

لفظي معني: اَلۡهُديٰ: هدايت، رهنمائي، رهبري، عِرفان: معرفت، ڄاڻ، شهامة: فراست، سوچ سمجهه، دانائي، ساڃاهه.

 

ترجمو: اي هدايت جا ستارا، معرفت جا چنڊ، فراست، فهم ۽ ساڃاهه جا سج، تو تي شال الله تعاليٰ جون رحمتون ۽ برڪتون هجن.

(31)

تو تي الله جي سلامتي جا سلام ايندا رهن،

جيسين اهل- خير جنت جي فضائن ۾ هجن.

 

تين اتي رب دي سلامتي دي سلام آندي رهن،

جيسين اهلِ خير جنت دي اندر موجان ڪرن.

 

لفظي معني: مَادَامَ: جيستائين، دارالسلامة: سلامتي وارو گهر، جنت.

ترجمو: شال تيستائين سلامتي واري الله جا تو تي سلام هجن جيستائين اهل خير (نيڪ ماڻهو) سلامتي واري هنڌ (جنت) ۾ هجن.

(32)

جو سفر جو ساٿي، باصدق وصفا تنهن تي سلام،

هو خليفو حق جو، امداد ڪندڙن جو امام.

 

همسفر صدق و صفا والي صحابي تي سلام،

جو خليفا حق دا، امداد ڪندڙين دا امام.

 

لفظي معني: مَن: جيڪو شخص، سار: سفر ڪيو، هليو، سير ڪيو، خير: ڀلو، اَهلُ الِاعَانَة: مدد ڪرڻ وارا اعانت ڪرڻ وارا.

 

ترجمو: ان (عظيم) شخصيت (حضرت ابوبڪر رضي الله عنه) مٿان سلام هجن. جيڪو سچائي ۽ صفائي سان گڏ سفر ۾ هليو. اهو حق وارو خليفو ۽ ڀلو مددگار ۽ اعانت ڪندڙ آهي.

(33)

غار ۾ ساٿي رسول الله جو جيڪو هيو،

جنهن بزرگي جو مٿاهون مرتبو حاصل ڪيو.

 

غار وچ ساٿي رسول الله دا جيڪو رهيا.

جو بزرگي دي وڏي رتبي ڪون حاصل ڪرڳيا،

 

لفظي معنيٰ: اِنما: بيشڪ، تحقيق، لَہٗ: هن لاءِ، غَايةُ القُصوى: وڏو درجو وڏو مرتبو، وڏو مقام، نيل: حاصل ڪرڻ، فَخَامَة: بزرگي، وڏو درجو، مرتبو.

ترجمو: جيڪو رسول الله صلي الله عليه وسلم جن جو غار ۾ رفيق هيو، بيشڪ کيس بزرگي ۽ وڏي مرتبي ماڻڻ ۾ وڏو مقام آهي.

(34)

سا زبان ناهي اسان کي جا ڪري عظمت بيان،

هو رسول الله جي رازن جو جيڪو رازدان.

 

سا زبان آڻان ڪٿون جيڪا ڪري عظمت بيان،

جو رسول الله دي هرراز دا هي رازدان.

 

لفظي معنيٰ: لَسانَ: زبان، لَنا: اسان کي، نحصِي: اسان ڳڻي سگهون، شمار ڪري سگهون، سِرُ: راز، البطانةُ: ڳجها راز رازدان.

 

ترجمو: اسان وٽ اهڙي زبان ئي ڪانهي جنهن سان سندن فضيلتون شمار ڪري سگهون (سندس شان ۾ اهو ڪافي آهي ته) کيس رسول الله صلي الله عليه وسلم جن سان همراز هجڻ جو شرف حاصل آهي.

(35)

ان کان پوءِ بخشش جو دريا چوڏهين جو چنڊ جو،

عدل جو معمار ۽ رهبر ديانت جو هيو،

 

تنهن پڄاڻان بحر بخشش، چوڏهين دا چنڊ جو،

عدل دا معمار، رهبر دينداري دا اهو.

 

لفظي معني: بَدر: چوڏهين جو چنڊ، البحر: سمنڊ، بحر، دريا، العَطَا: بخشش، عطا، عِمَارَة: بنياد، معمار، عمارت، اِهتَداءِ: هدايت، رهبري.

 

ترجمو: ۽ ان کان بعد چوڏهين جي چنڊ (حضرت عمر رضي الله عنه) مٿان سلام هجن، جيڪو بخشش جو بحر هيو، جنهن سان عدل جي عمارت قائم ٿي ۽ جنهن کان ديانتداري جي هدايت ۽ رهنمائي ملي ٿي.

(36)

مملڪت جو مان ۽ مانائتو معمار هو،

هو خدا جي دين جو گويا ستون آڌار هو.

 

مانوارا مملڪت دا بهترين معمار هي،

اوخدا دي دين دا گويا ستون آڌار هي.

 

لفظي معنيٰ: اَڪرِم بِہٖ: ڪهڙو نه سڳورو آهي، مانوارو آهي، عزت ڀريو آهي، دِعَامَةُ: ستون، ٿنڀو.

 

ترجمو: ڪهڙو نه سڳورو (مانوارو) آهي، اهو جيڪو مملڪت (اسلامي رياست) جو معمار آهي ۽ اهو الله جي دين جو ٿنڀو ۽ ستون آهي.

(37)

ان جي اخلاقن ڪريمن جو نه آهي ڪو شمار،

مرتبا، عزت، خزانا خير جا، جنهن جو وقار.

 

سهڻين اخلاقين دا ڪوئي ڪر نهين سگهدا شمار،

مرتبي عزت، خزاني خير دي، جنهن دا وقار.

 

لفظي معنيٰ: مَڪَاِمُ اَخلَاق: سهڻا اخلاق، لَيۡسَ تحصَرُ: شمار ٿي نٿا سگهن، ڳڻي نٿا سگهجن. ليس: نه، تحصر: فعل مضارع واحد مؤنث غائب، خيرُ الخَزَانَةِ: بهترين خزانا، خير وارا خزانا.

 

ترجمو: سندس سهڻا اخلاق شمار ڪري نٿا سگهجن. ڇو ته کيس فضيلت ۽ خير جا خزانا مليل آهن.

(38)

ان طرح عثمان علي صاحب فضيلت با ڪمال،

جن جو اعلي مرتبو قدر و شرف جاه و جلال.

 

پڻ علي عثمان تي اهڙي طرح هوون سلام،

صاحب- عزو شرف جاه و جلال اعليٰ مقام.

 

لفظي معنيٰ: ڪَذالکَ: اهڙي طرح، لَهُمُ: هنن لاءِ، جَلالَةُ القَدر: وڏو قدر وڏو رتبو، وڏو مرتبو، مان، اِعتلاءَ: بلند مٿاهون، مَڪانة: مقام مرتبو، رتبو.

 

ترجمو: اهڙي طرح حضرت عثمان رضي الله عنه ان بعد حضرت علي ڪرم الله وجهه مٿان سلام هجن، جن جو تمام وڏو مرتبو ۽ مٿانهون مان (اعليٰ مقام) آهي.

(39)

نور جن جي سان کلي اسرار حڪمت جا ويا،

قهر تن جي سان اهانت وارا وانجهيل ٿي رهيا.

 

راز حڪمت دي ٿئي ظاهر انهان دي نور نال،

قهر انهان دي نال ٿيان بدخواه ديان وايان بطال.

 

لفظي معنيٰ: قد بَانَ: تحقيق ظاهر ٿيو، پڌرو ٿيو. فعل ماضي واحد مذڪر غائب، بُنيَانُ: بنياد، پيڙهه، خذلَانَ: وانجهيل ناڪام بي يارو مددگار، اهل الاهانة: اهانت ڪرڻ وارا، گستاخي ڪرڻ وارا.

 

ترجمو: جن جي نور سان حڪمت جا بنياد ظاهر ٿيا. جن جي ڏمر سبب ذليل ۽ گستاخ (اِهانت ڪرڻ وارا) ماڻهو وانجهيل ۽ بي يارو مددگار ٿي ويا.

(40)

رب وٽان مڃتا ملي عِزو شرف ڪردار ۾،

نور جا موتي وڌا ور ور اندر دستار ۾.

 

رب ڪڻون مڃتا ملي عز و شرف ڪردار وچ،

نور دي موتي رکئي ول ول اندر دستار وچ.

 

لفظي معنيٰ: فَحسبُهُم: پوءِ انهن لاءِ ڪافي آهي. انهن جي مان مطابق آهي. شرفًا: عزت، مان مرتبو، اِعطاءِ: عطا ڪرڻ، ڏيڻ. جَوَاهر: موتي واحد آهي جوهر، عُقُود: وروڪڙ واحد آهي، عَقد: ور، ڳنڍ، اَلعَمَامة: پڳ، دستار.

 

ترجمو: انهن جي شان ۽ مان مرتبي جي (ثبوت لاءِ) اها حقيقت ڪافي آهي ته سندن خالق (الله تعاليٰ) سندن دستار مبارڪ جي ور ور ۾ نور وارا موتي رکيا آهن.

(41)

پڻ سلامن جي سُکا نورين جلويدار تي،

سونهن سوڀيا نيڪين جي مرڪزي ڪردار تي.

 

پڻ سلامان دي سکا نورين جلويدار تي،

سونهن سوڀيا نيڪيان دي مرڪزي ڪردار تي.

 

لفظي معنيٰ: نُورَين: ٻه نور (امام حسن ۽ امام حسين عَلَيۡهِمَا السلام)، مَجَامِعُ: جمع ٿيڻ يا گڏ ٿيڻ جي جڳهه، وَسامة: سونهن سوڀيا، حسن، خوبصورتي.

ترجمو: انهن ٻنهي نورن (امام حسن ۽ امام حسين عليهما السلام) مٿان سلام، جيڪي ڀلائي حسن ۽ سونهن سوڀيا جا مرڪز آهن۔

(42)

ان کان پوءِ باقي سمورا يار اصحابي ڪرام،

جيسين باقي ٿا هجن هي عين غين ۽ قاف لام.

 

بعد تنهن دي باقي ساري يار اصحابي ڪرام،

جيستائين باقي هوسن عين غين ۽ قاف لام.

 

لفظي معني: ڪُلِّهم: اهي سمورا، دَوَامُ: هميشه رهڻ، جيستائين.

 

ترجمو: ان بعد انهن سمورن اصحابن سڳورن تي تيستائين سلام هجن، جيستائين (دنيا اندر) عين غين قاف ۽ لام موجود آهي، يعني جيستائي هِن دنيا جو وجود قائم آهي تيستائين مٿن سلام ۽ سلامتيون هجن.

(43)

ڪير آهي جو ڪري مِدحت نبي ۽ آل جي،

عاشقن کي پر، ملامت هوندي، سڪ احوال جي.

 

ڪير هي جو ڪر سگهي مدحت نبي دي آل دي،

عاشقان ڪون هي ملامت هوندي سڪ احوال دي.

 

لفظي معنيٰ: فَمَن: پوءِ اهو ڪير آهي (ڪو به نه آهي)، ذَاالذي: جيڪو مَدَحَ: مدحت ڪري، ثنا ڪري، فعل ماضي مذڪر واحد غائب، لٰکن: ليڪن، پر، مگر، ميل المَلَامَةِ: ملامت ڏانهن لاڙو، ميلان، شوق، رجحان.

 

ترجمو: پوءِ ڀلا اهو ڪير آهي، جو نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم ۽ سندن آل پاڪ جي (پوري پوري) واکاڻ ڪري سگهي. (اهڙو ڪو به ناهي. پر انهي ناممڪن هجڻ جي باوجود به) عاشقن جو ملامت ڏانهن لاڙو آهي. يعني اهڙو ڪم جيڪو هو ڪري به نه ٿا سگهن ۽ ان جو ڪرڻ ناممڪن آهي. پر ان هوندي به هو ثنا ڪرڻ لاءِ آتا آهن ۽ عشق و محبت جا پانڌيئڙا ساراهه ڪرڻ کان رهي به نٿا سگهن ۽ پنهنجي ڪوتاهي ۽ ڪم مائگي جي ملامت سهڻ لاءِ تيار آهن، پر ان هوندي سندن زبان تان ثنا جا جملا ظاهر آهن، لَايُمۡکِنُ الثناء کما کان حَقُّہٗ.

(44)

 

 

ناهه ممڪن جو فضيلت مصطفيٰ جي ٿئي بيان،

هر فَصِيح جي، موت جهڙي، قيد ۾ آهي زبان.

 

ڪر نهين سگهدا فضيلت مصطفيٰ دي ڪو بيان،

هر فصيح دي، موت والي قيد وچ، گويا زبان.

 

لفظي معنيٰ: لَيس: نه آهي، لَہَ: هن کي، حَصَر: ڳاڻاٽو، ڪاٿو، شمار ڪرڻ، فصيح: فصاحت بلاغت وارو، لِسان: زبان. سامة: موت.

 

ترجمو: حضور صلي الله عليه وسلم جن جي فضيلت جو ته ڪاٿو ئي ڪونهي، (ان ڪري سندس ثنا ڪرڻ وقت) هر فصاحت ۽ بلاغت واري ثناگر انسان جي زبان ڄڻ موت واري قيد ۾ آهي. ”ڪٿ مهر علي ڪٿ تيڏي ثنا، گستاخ اکيان ڪٿ جا اڙيان، وارو معاملو آهي.