آبِ ڪوثر

ڪتاب جو نالو آبِ ڪوثر
ليکڪ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي
سنڌيڪار / ترتيب غلام حسين ”مشتاق“ سچاروي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

16 October 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     192033   ڀيرا پڙهيو ويو

تعارف


 

الَصّلواةُ وَالَسَّلامُ عَلَيۡکَ يَا رَسُولَ اللهِ

 

مخدوم محمد هاشم ٺٽوي (1104 هجري 1174هجري) ﷥ سنڌ جو سدا بهار عالم مصنف ۽ عاشق رسول شاعر آهي. سندس شاعري عربي فارسي ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ موجود آهي. مخدوم ٺٽوي ٻنهي جهانن جي سردار، اڙين جي آڌار محمد رسول الله ﷺ  جي شان ۽ ساراهه ۾ اٺ عربي قصيدا لکيا، اهي ”ثمانيه قصائد صغار“ جي نالي مشهور آهن.

انهن کان علاوه مخدوم ٺٽويءَ نبي ﷺ جي شان مبارڪ ۽ معجزن بابت قُوۡتۡ العاشقين نالي الف اشباع جي قافيي تي سنڌي بيتن ۾ بهترين ڪتاب لکيو. ان ڪتاب ۾ 186 معجزا بيان ٿيل آهن. معجزن کان اڳ ۾ مخدوم ٺٽويءَ، نبي ﷺ  جي شان ۽ ساراهه ۾ 44 عربي شعرن جو قصيدو لکيو آهي ۽ انهن عربي شعرن جو ان دور جي سنڌي ٻوليءَ ۾ منظوم، مفهوم ۽ ترجماني وارو ترجمو به ڪيو هو. اهو ڪتاب قديم ۽ جديد صورتخطي ۾ شايع ٿيندو رهيو آهي ۽ علمي دنيا ۾ اهو عربي قصيدو ”اَغِثني يَا رسُوۡلَ اللهِ“ نالي سان مشهور آهي. مخدوم ٺٽوي گناهن ۽ زماني جي گردش کان پناهه گهرندي هن عربي قصيدي ۾ رسول الله ﷺ کي سڪ ۽ سوز مان سڏڙا ۽ پرت مان پڪارون ڪيون آهن.

زير نظر ڪتاب ”آب ڪوثر“ مخدوم ٺٽوي جي انهيءَ ڪتاب قوت العاشقين ۾ آيل مشهور عربي قصيدي اَغِثۡنِي يَا رَسُولَ اللهِ حَاَنۡت نِدَامَتِي“ ۽ سندس ٻئي مشهور قصيدي اَلۡقَصِيۡدَةُ الۡهَاشِمِيَّہۡ ”ياسَاِلکاً طُرَقَ الۡمَدِيۡنَةۡ طيَبة“ جو جديد نظم جي صورت ۾ سنڌي ۽ سرائڪي زبانن ۾ ترجمو ۽ سليس نثر ۾ سمجھاڻي جي ڪامياب ڪوشش آهي. هي ڪتاب ”آب ڪوثر“ موجوده دور ۾ عربي فارسي جي ڄاڻو اديب عاشق رسول (ﷺ) شاعر غلام حسين ”مشتاق“ سچاروي جو قلمي پورهيو آهي. سندس قلم عشق رسول ﷺ سان ٽمٽار آهي. مشتاق سچاروي اڳ ۾ قصيده برده جو ترجمو وڏي سڪ سان لکيو ۽ شايع ڪيو آهي. سندس دل ۾ عشق رسول ﷺ جو جلوو سمايل آهي. ان ڪري پاڻ مخدوم ٺٽويءَ جي هنن بهترين ٻن عربي قصيدن جو نظم ۽ نثر ۾ ترجمو لکيو اٿس. مشتاق سچاروي جي هن ترجمي ۾ هي خوبيون سمايل آهن.:

1-    پهريان عربي شعر اعرابن سان لکيل آهن.

2-    عربي شعر جو سنڌي ۽ سرائڪي شعر ۾ سهڻو ترجمو ڏنو ويو آهي.

3-    عربي شعر ۾ آيل نون ڏکين لفظن جي معنيٰ صرف ونحو جي قانون مطابق ماضي، مضارع ۽ امر جي صيغن ۾ سمجهائي وئي آهي.

4-    عربي شعر جو عام فهم ۽ سليس نثر ۾ ترجمو ڏنو ويو آهي.

اهڙي طرح هي ڪتاب حضور پرنور ﷺ جن جي شان ۾ ڪيل محنت ۽ سڪ سان سانڍيل سهڻن گلن جو گلدستو بنجي پيو آهي. جنهن جي سڳنڌ ۽ سرهاڻ سان اکيون روشن ۽ دليون هٻڪار ڀريون ٿي پونديون. مثال هن عربي قصيدي جي نظم ۽ نثر ۾ معنيٰ  ۽ لفظن جي سمجھاڻي هن ريت آيل آهي.

 

 

منظوم ترجمو:-

يا رسول الله رس، آهي ندامت جي گهڙي،

يا حبيب الله رس، منهنجي قيامت ٿي کڙي.

 

يا رسول الله رس، هي شرمساري دي گهڙي،

يا رسول الله رس، ميڏي قيامت ٿي کڙي.

لفظي معنيٰ:- اَغِثۡ:- فعل امر غاث غَوۡثۡ کان، مدد ڪريو نِي: منهنجي حَانَتۡ:- وقت قريب ٿيو فعل ماضي واحد مؤنث غائب، ندامتي:- منهنجي ندامت، پشيماني، شرمساري قَامَتۡ: قائم ٿي وئي: فعل ماضي واحد مؤنث غائب.

نثر ۾ ترجمو:- يا رسول ﷺ منهنجي مدد فرمايو منهنجي پشيماني جو وقت ڀرجي آيو آهي، يا رسول ﷺ منهنجي مدد فرمايو جو منهنجي قيامت قائم ٿي چڪي آهي.

مقصد ته ”مشتاق“ سچاروي جي محنت، محبت سان ڀرپور آهي. دعا آهي ته انشاءَالله هن ڪتاب جا قصيدا ۽ انهن جو ترجمو پڙهي حضور پرنور نبي ﷺ جن جي صدقي مترجم ۽ پڙهندڙ دنيا ۽ آخرت ۾ ڪاميابي ۽ ڪامراني ماڻيندا (آمين).

 

دستگيري منهنجي ڪريو خلق جا شافع مدام،

ٿو ڏسان پنهنجو تباهي جي ڪناري تي مقام.

مترجم ”مشتاق“ سچاروي ڪتاب جي مهاڳ ۾ قصيدي جي ترجمي ڪرڻ جو سبب، سنڌي عالمن جون علمي خدمتون ۽ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ﷥ جي زندگي جو مختصر احوال ۽ قصيدن ۾ آيل مضمون جو مختصر تعارف ڪرائي ڪتاب کي جامع ۽ جاندار بنايو آهي.اَللّٰهُمَّ زِدۡ فَزِدۡ!ٰ

 

 

      نبي ﷺ جن جي شفاعت ۾ اميدوار

 

                                عبدالرسول قادري

تاريخ 11 صفرالمظفر 1431هه                 ڳوٺ دڙي مگسي، سڪرنڊ

مطابق 27 جنوري 2010ع                                     ضلعو شهيد بينظيرآباد (نوابشاهه)، سنڌ